ٻاراڻو ادب

ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سرمد عباسي اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪي ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. سرمد نه رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح به ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي ته ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا)  آهن.

Title Cover of book ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

بھادر جيري

اڄ ٽام جا ارادا ٺيڪ نہ ھئا.
ھُو پاڙي واري گهرَ جي ڀِت تي بيٺل ھو.ھن جو پُڇُ ۽ ٻئي ڪنَ اُڀا ھئا.ھُو ھرَ ھرَ پنھنجن چپن تي زبان ڦيرائي رھيو ھو.
پاڙي جي انَ گهرَ ۾ اسپائيڪ نالي ڪتو رھندو ھو.
جيڪو ڏاڍو ڀوائتو ڪتو ھو.سندس ڀؤنڪڻ جو آواز ٻڌي ٽام جو ساھُہ سُڪي ويندو ھو.اسپائيڪ جيري جو دوست ھو پرَ ٽام تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ ھوندي ھئي.ڇو جو ٽام جيري کي ڏاڍو تنگ ڪندو ھو.ان ڪري اسپائيڪ کي جڏھن بہ ٽام ھٿ ايندو ھو تہ پوءِ ٽام جون دانھون سڄو شھر ٻڌندو ھو.
اڄ ٽام جڏھن پنھنجي گهر جي ڇِت تي چڪر ڏيڻ ويو تہ سندس نھارَ (نظرَ) سامھون واري گهرَ ۾ ستل اسپائيڪ تي پئي ھئي.اسپائيڪ پنھنجي ڊاگ ھائوس (ڪتي جي رھڻ وارو ڪاٽ جو ننڍو گهر) ۾ ستل ھو ۽ سندس آڏو پليٽ ۾ ڪڪڙ جي ٽنگَ رکيل ھئي.اھا ٽنگَ ڏسي ٽام جي گِگَ ڳڙڻَ لڳي ۽ ھن اھا چورائڻ جو فيصلو ڪيو.توڙي جو کيس ڄاڻَ ھئي تہ ڪنھن ٻُئي جي ڪا شئي کڻڻ خراب ڳالهہ آھي پر پوءِ بہ ھو نہ مڙيو ۽ ھاڻي اسپائيڪ جي گهر جي ڀت تي بيٺو ھو.
اسپائيڪ جا کُونگهرا ٻُڌي ٽام کي پڪَ ٿي وئي تہ اسپائيڪ گهري نِنڍَ ۾ آھي.اھا پڪَ ٿيندي ئي ٽام ھوريان ھوريان ھيٺ لٿو ۽ بنا ڪو آواز ڪرڻ جي اسپائيڪ جي ڀرسان پھچي ويو.سامھون ئي ڪڪڙِ جي ٽنگَ،پليٽ ۾ پئي ھئي.ٽام وري پنھنجن چپن تي زبان ڦيرائي ۽ پنھنجو پيٽ صفا فرش سان لڳائي پليٽ ڏانھن رِڙھڻَ لڳو.
گهر جي اڱڻ ۾ ان مھلَ ٻيو ڪو بہ نہ ھو.گهر جا مالڪ اندر ڪمرن ۾ ھئا.
"اسپائيڪ کي ڪڏھن بہ خبر نہ پوندي تہ سندس ٻُوٽي مون کنئي آھي."ٽام دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي سوچيو.
ٽام پليٽ جي ڀرسان پھچي پھرين ڪڪڙ جي ٽنگ کي سِنگهيو ۽ پوءِ پنھنجو وات ڦاڙي ٽنگَ کي کڻڻَ لاءِ اڳتي ٿيو.
انھيءَ مھلَ ئي تيز سيٽيءَ جي آواز ٽام کي ڇرڪائي وڌو.ھنَ تڪڙ ۾ منھن مٿي ڪري ڏٺو تہ سندس نھارَ ڊاگ ھائوس جي ٽِڪُنڊي نموني ٺھيل ڇت تي پئي.ڇت تي جيري ويٺل ھو ۽ ڪاوڙ ۾ ٽام ڏانھن نھاري رھيو ھو.
ٽام ڳڻتيءَ مان اسپائيڪ ڏانھن ڏٺو پر تيز سيٽيءَ جو آواز بہ اسپائيڪ کي جاڳائي نہ سگهيو ھو.ھو ستل ئي رھيو.اھو ڏسي ٽام جيري کي ڊيڄارڻ لاءِ کيس پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ڏيکاريا.پرَ جيري ڊِڄڻَ بدران ٽڪنڊي ڇت تي بيھي رھيو ۽ مَٿو لوڏي ٽام کي ٽنگَ کڻڻ کان جهلڻَ لڳو.کيس اشارو ڪندو ڏسي ٽام پنھنجو چَنبو مٿي ڪيو ۽ ڊگها چُھنبدار نَنھن ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين.
جيري سمجهي ويو تہ ٽام غلط ڪم ڪرڻ کان ڪو نہ مڙندو.سو ھو ڇت تان ٽپُ ڏئي ھيٺ لھي آيو ۽ ڪڪڙ جي ٽنگ واري پليٽ وٽ بيھي رھيو.
جيريءَ جي بھادري ڏسي ٽام اچرجَ (حيرت) ۾ وٺجي ويو.ھن کي جيري مان اھڙي ڳالهہ جي اميد نہ ھئي.
ٽام وات کوليو ۽ جيري کي ڌَڪُ ھڻڻَ لاءِ پنھنجو چَنبو مٿي ڪيو.ان کان اڳ جو ھو جيري کي چنبو ھڻي ھا جيري ڪڪڙ جي ٽنگ کڻي ھن جي ڏندن ۾ ڦاسائِي ڇڏي ۽ خالي پليٽ اسپائيڪ کي وھائي ڪڍي.
"ڀَئُووووووو...."اسپائيڪ وڏي دانھن ڪئي ۽ ڇرڪ ڀري اُٿي بيھي رھيو.
کيس اٿندو ڏسي ٽام جون ڄنگهون ڏڪڻَ لڳيون. جيريءَ جي چالاڪيءَ ھن کي ڦاسائي وڌو ھو.
اسپائيڪ پنھنجو کاڌو ٽام جي وات ۾ ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو.ھن کي ھونءَ ئي ٽام ڪو نہ وڻندو ھو.ھاڻي جو کيس پنھنجو کاڌو کائيندي ڏٺائين تہ سندس حالت خراب ٿي وئي.
"ڀَئو...ڀَئو..."اسپائيڪ ڀوائتي نموني ڀؤنڪيو ۽ ٽام ڏانھن وڌڻ لڳو.
اسپائيڪ کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي ٽام وات مان ڪڪڙ جي ٽنگ ڪڍي ۽ اسپائيڪ ڏانھن اڇلائي، پوئتي در ڏانھن ڀَڳو.
ٽام کي ڀڄندو ڏسي اسپائيڪ بہ ان جي ڪڍَ ڊڪڻَ لڳو.ٽام جيئن ئي در وٽ پھتو اسپائيڪ وڏو ٽپُ ڏنو ۽ ٽام کي پڪڙڻَ جي ڪيائين.پرَ ٽام جا ڀاڳ ڀلا ھئا.ھُو دروازي مان ٻاھر نڪري ويو ۽ اسپائيڪ درَ ۾ لڳڻ کان پوءِ درَ جي تاڪَ ۾ لڳل ڪَڙي ۾ ڦاسي پيو ۽ لڙڪڻَ لڳو.اصل ۾ ھنَ کي ڳچيءَ ۾ پَٽو ٻڌل ھو.اھو پَٽو ڪڙي ۾ ڦاسي پيو ھو.اسپائيڪ کي گُهٽو پئي آيو ۽ ھو ڦٿڪڻَ لڳو.
اسپائيڪ کي لڙڪندو ڏسي،جيري پريشان ٿي ويو.
"جيڪڏھن اسپائيڪ کي ڪڙي مان نہ ڪڍبو تہ ھُو مري ويندو."جيري پريشانيءَ مان سوچيو ۽ پوءِ ڊڪندو درَ جي تاڪَ تي چڙھي ويو. ھن پَٽي کي ڇِڪي ڇِنڻَ جي ڪوشش ڪئي پر چمڙي جو پٽو ڏاڍو مظبوط ھو.جيري ان کي ڇِني نہ سگهيو. اسپائيڪ تڪليف ۾ ھو.ھن جي ڄِڀَ (زبان) ھن جي واڇَ مان لڙڪي رھي ھئي ۽ سندس ساھُہ مُنجهي رھيو ھو.
اوچتو ھِڪ خيال جيري جي دماغ ۾ آيو.
"يا ھُو..."جيري سرھائيءَ (خوشيءَ) مان رڙ ڪئي ۽ اڳتي وڌي پَٽي کي پنھنجن تيز ڏندن سان ڪَتِرڻُ شروع ڪيو. ڪجهہ ئي دير ۾ پٽو ڪترجي ڇِڄِي پيو ۽ اسپائيڪ ھيٺ ڪِرِي وڏا وڏا ساھَہ کڻڻ لڳو.
ھن جي حياتي بچي وئي ھئي.
ٽام ھڪ ٿَنڀي جي پٺيان لڪي اھو سڀ ڏسي رھيو ھو.اسپائيڪ کي ھيٺ ليٽيل ڏسي ھُو سمجهي ويو تہ ھاڻي سندس خير ناھي.اسپائيڪ کيس سزا ڏيڻ کان سواءِ نہ ڇڏيندو.
"ھاڻي مون کي گهر ڀَڄي وڃڻ کپي. نہ تہ اسپائيڪ بدلو وٺندو."ٽام سوچيو ۽ تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو.
انھيءَ مھلَ ھڪ گاڏي گهٽيءَ مان نڪتي ۽ روڊ تي ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي.ان گاڏيءَ جي پوئين حصي ۾ لوھہ جي وڏي پِڃري ۾ ڪيترائي ڪتا واڙيل ھئا.ان پڃري جي مٿان ھڪ ماڻهو ويٺل ھو جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ وڏي لٺِ ھئي.ان لٺ جي ھڪ پاسي ڄارَ نموني جي ڳوٿري ھئي.
اھا گاڏي ڏسي ٽام سمجهي ويو تہ اھا رولو ڪتا پڪڙڻ واري گاڏي آھي.
ٽام سيٽي وڃائي ۽ پِڃري تي ويٺل ماڻهوءَ کي، اسپائيڪ ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳو.
"آھا...ٻيو ڪتو بہ ھٿ اچي ويو. ھن کي تہ پالتو ڪتن وانگر پَٽو بہ پاتل ڪونهي.ھي پڪَ سان رولو آھي." ان ماڻهوءَ ڏاڍيان چيو ۽ ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيائين.
"ھھھھھہ..."ٽام ٽپَ ڏيندي ٽھڪ ڏنو. ھو ڏاڍو سرھو پئي ٿيو تہ ھاڻي اسپائيڪ کان سدائين لاءِ جِندُ ڇُٽي ويندي.
گاڏي بيھندي ئي پڃري تي ويٺل ماڻهو تڪڙ ۾ ھيٺ لٿو ۽ ڳوٿريءَ واري لٺ کڻي اسپائيڪ ڏانھن ڊوڙيو. اسپائيڪ وٽ پھچي ھن لٺ اڳتي وڌائي ۽ ھڪ جهٽڪو ڏئي اسپائيڪ کي ڳوٿريءَ ۾ کڻي ورتو. ساڻو ٿي ويل اسپائيڪ چُريو بہ نہ.
"چِچ...چِچ...چِچ..."جيريءَ سنهڙي دانھن ڪئي ۽ اڳتي وڌي گاڏيءَ ڏانھن ويندڙ ماڻهوءَ جي اڳيان بيھي رھيو.
ماڻهوءَ،جيريءَ ڏانھن ڏٺو بہ نہ ۽ اڳتي وڌي گاڏيءَ جي پويان رکيل پڃري جو ڪڙو لاھي اسپائيڪ کي ڳوٿريءَ مان ڪڍي ٻين ڪتن سان گڏ واڙي ڇڏيو. پوءِ ھو تڪڙ ۾ پڃري جي مٿان وڃي ويٺو ۽ ڊرائيور کي اڳتي ھلڻ لاءِ چيائين.
ٽام تاڙيون وڄائيندي نچڻَ لڳو.
جيري ڪاوڙ ۾ ٽام ڏانھن ڏٺو ۽ ھلندي گاڏيءَ جي ڪڍَ ڊڪڻ لڳو.جيري کي ڊُڪندو ڏسي ٽام پريشان ٿي ويو.
"جي جيري اسپائيڪ کي ڇڏائي ورتو تہ پوءِ منھنجو خير ناھي."ٽام سوچيو ۽ پوءِ پاڻ بہ جيري جي پويان ڊُڪڻَ لڳو.
ان کان اڳ جو گاڏي تيز ٿي وڃي ھا.جيريءَ ڊڪندي ڊڪندي ٽپ ڏنو ۽ پڃري جي درَ کي چَهٽي (چُنبڙي) پيو.ھن اندر نھاريو تہ کيس ٻين ڪتن سان گڏ اسپائيڪ بہ ڏسڻَ ۾ آيو.اسپائيڪ ھاڻي ٺيڪ ھو ۽ جيري کي ڏسي ھن ڏانھن ھليو آيو.
ٽام بہ جيري جي ڪڍَ ڊڪي رھيو ھو.جيري کي پڃري سان چهٽندي ڏسي ھن بہ ٽَپُ ڏنو ۽ جيريءَ جي لڙڪندڙ پوئين ڄنگهن کي پنھنجن چَنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيائين.
جيري پنھنجون ڄنگهون ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ٽام نہ ڇڏيس.
جيري پوءِ بہ ھمٿ ڪئي ۽ نيٺ ڪڙو کولي پڃري جي درَ جا ٻئي تاڪَ کولي ڇڏيا.
ٻئي تاڪَ پاسي تي کُلي ويا ۽ اسپائيڪ سوڌو سڀني ڪتن لاءِ ڀَڄڻَ جو رستو ٺَھي ويو.
اسپائيڪ درَ وٽ آيو ۽ ان پاسي جهاتي پاتائين، جنھن پاسي تاڪَ تي ٽام ۽ جيري لڙڪي رھيا ھئا.
"ڀَئُو...ڀَئو..."اسپائيڪ جيري ڏانھن ڏسندي ڀؤنڪ ڪئي.
جيري بہ اسپائيڪ ڏانھن نھاريو ۽ کيس اکين سان اشارا ڪيا.اسپائيڪ سمجهي ويو تہ جيري ڇا ٿو چئي.
ھن پنھنجو پڇ اُڀو ڪيو ۽ ٽپ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
جيريءَ ھيٺ ٽام ڏانھن نھاريو.ٽام ڊپَ وچان اسپائيڪ کي ڏسي رھيو ھو.
گاڏي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي ھئي.
جيري پاڻ کي ٻہ ٽي لوڏا ڏنا.پڃري جي درَ جو لوھي تاڪُ،پھرين اسپائيڪ ڏانھن ويو ۽ وري کُلي واپس، پاسي تي اچي ويو.
ھاڻي جيري پوري سگهہ سان پاڻَ کي ٻِيھرَ لوڏيو تہ در جو تاڪ تيزيءَ سان اسپائيڪ ڏانھن ويو.جيئن تاڪُ اسپائيڪ جي ويجهو پھتو تہ اسپائيڪ گاڏيءَ کان ٻاھر ٽپ ڏنو.ان سان گڏ ئي جيريءَ بہ پاڻ کي ھڪ جهٽڪو ڏنو ۽ تاڪَ کي ڇڏي ڏنائين.ڏاڍيان جهٽڪو اچڻَ سان جيريءَ جون ڄنگهون ٽام جي چَنبن مان ڇڏائجي ويون ۽ ٽام لوڏو اچڻَ ڪري، دانھون ڪندو پڃري ۾ اندر ٻين ڪتن جي وچ ۾ وڃي ڪريو. جڏھن تہ جيري بولاٽيون کائيندو ھيٺ روڊَ تي ڪرڻ لڳو. اھو ڏسي ٽَپُ ڏيندڙ اسپائيڪ، جيري کي پنھنجي وات ۾ جَهٽيندي ھيٺ روڊ تي لھي ويو ۽ ڊُڪندو وِچَ روڊ تان ڪجهہ پاسي تي ٿي ويو.
اسپائيڪ جيري کي وات مان ڪڍي کيس مٿي تي چُمي ڏني ۽ پوءِ ھُو ويندڙ گاڏيءَ ڏانھن نھارڻ لڳا. پڃري تي ويٺل ماڻهوء تڪڙ ۾ در ٻيھر بند ڪري ڇڏيو ھو.اسپائيڪ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ڪتو ڀڄِي نہ سگهيو ھو.جڏھن تہ رولو ڪتن ۾ ڦاٿل ٽام جي رڙين جا آوازَ صاف ٻُڌڻَ ۾ اچي رھيا ھئا.