ھوم ورڪ
اُنَ ڏينھن آچر ھو.سوٽ خان روز جيان پنھنجي پيءُ سان گڏ نماز پڙھي ۽ قرآن شريف جو سبق پڻ ورتو.موٽَ تي چاچي علي بخش جي دوڪان تان پاپا ۽ بسڪوٽ وٺي ھُو ٻئي گهر موٽي آيا،جتي سوٽ خان جي امڙ چانھہ ڪاڙھي ڇڏي ھئي. چانھہ سان گڏ پاپو کائيندي سوٽ خان ڪنھن سوچ ۾ گم ھو.اھو ڏسي سوٽ خان جي پيءُ ھن کان پڇيو..."پٽَ ڇا پيو سوچين.ڪُجهہ کپئي ڇا؟
"نہ بابا مون کي ڪجهہ نہ کپي. منھنجي استاد مون کي گهرو ڪم (ھوم ورڪ) ڏنو آھي انَ لاءِ پيو سوچيان."سوٽ خان پاپو چانھہ ۾ ٻوڙيندي چيو.
"صُفحا لکڻَ ۽ سبقُ ياد ڪرڻ جو ڪم ڏنو ھوندائين؟"امڙ پڇيو.
"ھا امان،سائينءَ اِھو سڀ تہ ڏنو آھي. سليٽ بہ لکڻي آھي.پرَ ڪجهہ ٻِيو بہ چيو آھي سائينءَ“.
سوٽ خان چيو
"ٻيو ڪھڙو ڪم؟"سوٽ خان جي پيءُ پڇيو
"بابا سائينءَ چيو آهي تہ آچر تي موڪلَ ھوندي آھي. سو سڀني ٻارن کي اھو بہ ھوم ورڪ ڏيان ٿو تہ توھان ڪو بہ سٺو ڪم ڪري اچجو.جنھن جو ٻُڌايل ڪم سڀني کان سٺو ھوندو ان کي نيري ۽ ڳاڙھي رنگَ جون بال پينون انعام ۾ ملنديون."سوٽ خان ٻڌايو.
"پٽَ اِھو تہ ڏاڍو سؤلو ھوم ورڪ آھي. تون تہ آھي ئي سٺو ٻار.سو مون کي پڪَ آھي تہ انعام تون ئي کٽيندين."سوٽ خان جي امڙ ھنَ جو نِرڙ چمندي چيو.
سوٽ خان ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چانھہ پيئڻ لڳو.
چانھہ کان واندو ٿي سوٽ خان رليءَ تي ڪِريل پاپن ۽ بسڪوٽن جي ڀورِ،بَسيء(ساسر)َ ۾ رکي ۽ اھا اڱڻَ ۾ نِم جي وڻ وٽ ڪِوِلين جي ٻِرَ وٽ ھاري آيو. تہ جيئن ڪِوِليون اھا ڀورِ کائي ڇڏين.ان کان پوءِ ھنَ چانھہ جا ٿانوَ کڻائڻَ ۾ امڙ جي مدد ڪئي ۽ واندو ٿِي پنھنجا ڪتابَ ڪاپيون کڻي استاد جو ڏنل،لکڻ وارو ھوم ورڪ پورو ڪرڻَ لڳو.اھو پورو ڪري ھو ڪجهہ دير لاءِ اتي ئي ليٽي پيو تہ کيس ننڊَ وٺي وئي.
گهڻي دير کان پوءِ جڏھن ھن جي ڀاءُ طاھرَ کيس جاڳايو تہ رڌڻي مان اوڦراٽن جي خوشبوءِ پئي آئي.ھُو سمجهي ويو تہ امڙ،نيرن تيار ڪري ورتي آھي.
سوٽ خان رڌڻي ۾ آيو جتي طاھر ۽ اديون سسئي، ثنا ۽ صبا امڙ کان نيرن وٺي رھيا ھئا.
"امان مونکي رات جي بچيل ڀاڄي ۽ اوڦراٽو کپي. مان بيدو نہ کائيندس."سوٽ خان اکيون مھٽيندي چيو.
"پٽ مان تنھنجي لاءِ بيدو تَري ڇڏيو آھي. اھو ئي کاءُ.ھونءَ بہ رات واري بچيل ڀاڄي فرج ۾ رکڻ وسري وئي ھئي سو خراب ٿي وئي آھي.گرمي آھي نہ پٽَ."امڙ،سوٽ خان کي ٻُڌايو.
."ٺيڪ آھي امان."سوٽ خان چيو
سوٽ خان جي امڙ ننڍڙي اوڦراٽي تي بيدو رکي کيس ڏنو.نيرن ڏسي سوٽ خان جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.اوڦراٽي جي خوشبوءَ ھن جي بکَ وڌائي ڇڏي.ھُو پنھنجي نيرن واري پليٽَ کڻي اڱڻَ ۾ رکيل کٽَ تي اچي ويٺو ۽ بسم الله ڪري کائڻَ لڳو.اڱڻ ۾ اُسَ تِکي ٿيڻ لڳي ھئي پرَ ٿڌڙي ھيرَ ۽ وڻَ تي ويٺل پکين جون ٻوليون سوٽ خان کي سڪون ڏئي رھيون ھيون.ھنن جي گهرَ جو اڱڻ ڏاڍو ويڪرو ھو.نم جي گهاٽي وڻَ جي ڪري اتي سٺي ڇانوَ ھوندي ھئي ۽ اُتي ويھڻ ۾ سوٽ خان کي مزو ايندو ھو.
سوٽ خان مزي مزي سان نيرن پوري ڪئي.بيدو تہ ھنَ سمورو کائي ڇڏيو ھو پر اوڦراٽي جو ننڍڙو ٽُڪرو بچي پيو ھو.ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو تہ کيس وڻَ جي ٽارين ۽ ڀت تي ويٺل ڪيترائي پکي نظر آيا.جيڪي پنھنجي پنھنجي ٻولي ٻوليندا ٺينگ ٽپا ڏئي رھيا ھئا.سوٽ خان مرڪي پيو.ھن کي پنھنجو وڻُ ۽ انَ جي ٽارين تي آکيرن ۾ رھندڙ پکي ڏاڍا پيارا ھئا.سوٽ خان پنھنجي بچيل اوڦراٽي جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪيا ۽ وڻَ جي پاڙَ وٽ زمين تي رکي ڇڏيا.ٿانوَ رکڻَ لاءِ رڌڻي ڏانھن ويندي ھنَ جڏھن مُڙي وڻَ ڏانھن نھاريو تہ سندس دل خوش ٿي وئي.ٽارين ۽ ڀت تي ويٺل سمورا پکي،وڻَ جي پاڙَ وٽ گڏ ٿي ويا ھئا ۽ مانيءَ جا ٽڪر چُڳي(کائِي) رھيا ھئا.
انھيءَ مھلَ ئي سوٽ خان جي نظر وڻَ جي ٿُڙَ ۾ سوراخَ تي پئي.جنھن مان ڳاڙھي چُھنبَ وارو چَتون سوٽ خان ڏانھن نھاري رھيو ھو.
."اَڙي مِٺو تہ رھجي ويو."سوٽ خان ڏاڍيان چيو
."ڇا ٿيو ادڙا؟"سوٽ خان جي وڏي ڀيڻ سسئي پڇيو
"ادي،مان اوڦراٽي جو بچيل حصو ٽڪرا ڪري پکين کي ڏنو پرَ مٺو رھجي ويو."سوٽ خان رڌڻي ۾ اچي چيو.
"اچي ھي وٺ ادڙا مان بہ ٽڪرو بچايو آھي."سوٽ خان جي ٻي ڀيڻ ثنا چيو.ايئن صبا بہ کيس پنھنجي اوڦراٽي مان ٽڪرو ڏنو.
سوٽ خان ٻَئي ٽڪرا ورتا ۽ خوشيءَ وچان وڻَ ڏانھن وڌيو.
چتون کيس پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي سوراخ ۾ اندر لھي ويو.
"مِٺو ڊِڄ نہ،مان تو کي ڪجهہ بہ نہ ڪندس. مان تہ تنھنجي حصي جو اوڦراٽو کڻي آيو آھيان."سوٽ خان چيو ۽ وڻَ جي ٿُڙَ وٽ ڪرسي رکي ان تي چڙھيو ۽ اوڦراٽي جا ٽڪرا چَتُونءَ جي گهرَ (ٿُڙَ جي سوراخَ) ۾ وِجهي ڇڏيا.
چَتُونءَ کي کاڌو ڏئي سوٽ خان کٽَ تي ويھي پنھنجي ھوم ورڪ بابت سوچڻَ لڳو.ڪيتري ئي دير تائين سوچڻ کان پوءِ بہ کيس سٺي ڪم ڪرڻَ وارو ھوم ورڪ سمجهہ ۾ نہ آيو.
"ڇو نہ مريد،مدثر ۽ شھزاد وارن ڏي وڃان. متان اھي ان ھوم ورڪ ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪن." پنھنجي سوچيلَ اِھا صلاح کيس ڏاڍي وڻي.توڙي جو سوٽ خان جا دوست ٻئين ڪلاس جا شاگرد ھئا ۽ سوٽ خان ٽئين ڪلاس ۾ ھو پر کيس يقين ھو تہ اُھي سندس ڪم ضرور ايندا.
ھُو رڌڻي ۾ آيو ۽ امڙ کان دوستن ڏانھن وڃڻَ جي اجازت گهريائين.
"ٺيڪ آھي پٽَ ڀلي وڃ پرَ پھريان ھي راتوڪي خراب ٿي ويل ڀاڄي ٻاھر ڪٿي پاسي تي ھاري اچُ."امڙ چيو.
"جي امان."سوٽ خان چيو ۽ ٻوڙَ واري پليٽَ کڻي ٻاھر نڪري آيو.
گهٽيءَ ۾ اچي سوٽ خان ڪا اھڙي جاءِ ڳولڻ لڳو جتي ھو ٻوڙ ھاري سگهي ۽ اُنَ جي بي ادبي بہ نہ ٿئي.تڏھن ئي سندس نظرَ اُنَ ڪتي تي پئي جيڪو گهڻي ڀاڱي سندن پاڙي ۾ ئي گهمندو رھندو ھو. ڪتو ان مھل ھڪ گهر جي ڀت جي ڇانوَ ۾ پنھنجو مُنھن اڳين ٻن ٽنگن تي رکيون ليٽيو پيو ھو.ڪتي جي نظرَ جيئن ئي سوٽ خان تي پئي ھن پنھنجو منھن مٿي کنيو ۽ پُڇُ لوڏڻَ لڳو.سوٽ خان ھٿَ ۾ جهليل پليٽ ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ اڳتي وڌي ڪتي کان ڪجهہ پاسي تي ٻوڙ ھيٺ زمين تي ھاري ڇڏيو.ڪتو،سوٽ خان جي پرتي ويندي ئي اُٿي اڳتي وڌيو ۽ ٻوڙ کائڻ شروع ڪري ڏنائين.
سوٽ خان خوشي خوشي گهر موٽي آيو ۽ پليٽ امڙ کي ڏئي موڪلائي وري گهر مان نڪري آيو.
سندس ٽئي دوست ٻہ گهٽيون ڇڏي رھندا ھئا. پنھنجي دوستن واري گهٽيءَ کان اڳ ۾ سوٽ خان جي نظر پنھنجي پاڙيسري چاچا حاڪم عليءَ تي پئي جيڪو لَٺِ ھٿ ۾ جهلي وڏي روڊَ ڏانھن ويندڙ گهٽيءَ وٽ بيٺو ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو. سوٽ خانَ جي ذھنَ ۾ آيو تہ جي مان چاچا حاڪم عليءَ کي روڊ پار ڪرايان تہ اھو بہ سٺو ڪم چئبو ۽ مان پنھنجي استاد کي بہ ٻڌائي سگهان ٿو.اھا ڳالھہ سوٽ خان کي وڻي ۽ ھو چاچي حاڪم عليءَ ڏانھن وڌي ويو.
"السلام عليڪم چاچا سائين."سوٽ خان چاچي وٽ پھچي چيو
."وعليڪم السلام پٽَ"چاچي حاڪم عليءَ چيو
"چاچا ڇا مان توھان کي روڊ پار ڪرايان. مان توھان کي خيال سان روڊ پار ڪرائيندس."سوٽ خان ادب مان پڇيو.
"نہ پٽ. مون کي روڊ پار ناھي ڪرڻو.مان تہ ھتي بيھي ھوا جو مزو پيو وٺان.تنھنجي مھرباني پٽ." چاچي حاڪم عليءَ جو جواب ٻڌي سوٽ خان ماٺ ڪري پنھنجي واٽ تي هلڻ لڳو.ھنَ کي سٺو ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ ملي سگهيو ھو.
سوٽ خان وري دوستن جي گهرن ڏانھن وڃڻ لڳو تہ جيئن سندن مدد سان پنھنجو ھوم ورڪ پورو ڪري سگهي.
جنھن وقت ھو چاچي علي بخش جي دوڪان وٽان لنگهيو تہ سندس نظر دوڪان جي دِڪي وٽ بيٺل ماسي آمنت تي پئي.جنھن جي پيرن وٽ ٽي سامان سان ڀريل ٿيلهيون پيل ھيون.ماسي آمنت ڏاڍي ضعيف ھئي ۽ سوٽ خان جي پاڙي ۾ ئي رھندي ھئي.
اھو ڏسي سوٽ خان سوچيو تہ جي مان ماسي آمنت جو سودو کڻي سندس گهر پھچايان تہ اھو بہ سٺو ڪم سڏبو ۽ استاد ضرور شاباس ڏيندو.
"ماسي ماسي ڇا مان توھان کي سودو گهر تائين کڻائي ھلان؟مان خيال سان کڻي ھلندس تہ جيئن ٿيلهيون ڦاٽن نہ."سوٽ خان،ماسيءَ کي سلام ڪرڻ کان پوءِ پڇيو.
اڃان ماسي آمنت ڪو جواب بہ نہ ڏنو ھو جو دوڪان مان اندران ھڪ ماڻهو نڪتو ۽ ھڪ وڏي ٿيلهيءَ ۾ ھيٺ رکيل سڀ ٿيلهيون وجهي اڳتي وڌي ويو.
"پٽَ سوٽ خان اھو منھنجو سودو نہ ھو. مان تہ ڏھين واري لوڻ جي ٿيلهي وٺڻ آئي آھيان ۽ اھا مان پاڻ کڻي سگهان ٿي.تون ڀلي وڃ ٻچا."ماسي آمنت جو جواب ٻڌي سوٽ خان ھڪ ڀيرو وري پنھنجن دوستن ڏانھن وڃڻَ لڳو.
"لڳي ٿو تہ مان انعام نہ کَٽي سگهندس."سوٽ خان ھلندي ھلندي سوچيو.
ھُو مريد وارن جي گهٽيءَ وٽ مسَ پھتو جو ھڪَ ماڻهوءَ کيس سڏ ڪيو ۽ غلام فريد جي گهر جو ڏَسُ پڇيو.غلام فريد،مريد جي پيءُ جو نالو ھو.
"ھا چاچا مان بہ اوڏانھن ئي وڃان پيو.اچو تہ توهان کي بہ وٺي ھلان."سوٽ خان پنھنجي سوچ ۾ چيو ۽ انَ ماڻهوءَ کي وٺي مريد وارن جي درَ تي اچي پهتو.ھنَ اندر وڃي مريد جي پيءُ چاچي غلام فريد کي ٻاھر بيٺل ماڻهوءَ لاءِ ٻڌايو ۽ پاڻ بہ مريد کي ساڻُ وٺي شھزاد ۽ مدثر وارن ڏي ھليو ويو.
چار ئي دوست گهڻو وقت سوٽ خان وارن جي اوطاق تي کيڏندا رھيا.منجهند جي ماني بہ اتي ئي گڏ کاڌائون.
راند روند جي ڪري سوٽ خان کان پنھنجو ھوم ورڪ بہ ڄڻ تہ وسري ويو.
ايئن سڄو ڏينھن گذري ويو ۽ شامَ جو پنھنجي وڏي ڀاءُ طاھر سان گڏ پنھنجن دوستن کي انھن جي گهرن وٽ ڇڏي سوٽ خان موٽي آيو.
رات جو جڏھن سڀ گهرَ ڀاتي سمھڻَ لاءِ اڱڻ ۾ کَٽُن تي اچي ليٽيا تہ سوٽ خانَ کي پنھنجو ھوم ورڪ ياد آيو ۽ ھُو ذري گهٽ روئڻ جھڙو ٿي ويو.ھنَ کي ڏک ھو تہ سڄي ڏينھن ۾ ھنَ ڪو بہ سٺو ڪم نہ ڪيو ھو ۽ ھاڻ ھُو انعام حاصل نہ ڪري سگهندو.
."پٽَ ھاڻي سُمھي پَئہ."ھنَ جي امڙ،کيس ويٺل ڏسي چيو
"سوٽ خان ڪنھن ڳڻتيءَ ۾ ٿو لڳي."طاھر پنھنجي کٽَ تان اُٿي،سوٽ خان جي ڀرسان ويھندي چيو.
."ڇو ڀلا ڇا ٿيو آھي ادڙا؟"صبا پڇيو
سوٽ خان کين پنھنجي استاد جي ڏنل ھوم ورڪ بابت ٻڌايو.
"منھنجا سھڻا ڀاءُ تون اسان کي پنھنجي اڄوڪي ڏينھن جي باري ۾ ٻڌاءِ تہ اھو تون ڪيئن گذاريو آهي. متان اسان تنھنجي ڪا مدد ڪري سگهون." سسئي بہ اُٿي اچي سوٽ خان جي ڀرسان ويھندي چيو.
سوٽ خان خوش ٿي ويو.ھي پنجَ ئي ڀائر ڀينر ھڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا ۽ ھر تڪليف ۾ گڏ گڏ ھوندا ھئا.
سوٽ خان صبح کان وٺي شام تائين جيئن بہ وقت گذاريو ھو پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن کي ٻڌايو ۽ انھن ڏانھن ڏسڻ لڳو تہ ھاڻ اھي ڇا ٿا چون.
ھن جي ڳالھہ ٻڌي سڀ مرڪڻ لڳا.
"سوٽ خان تنھنجو ھوم ورڪ تہ ٿي ويو آھي. پوءِ بہ ڳڻتي ٿو ڪرين!"ثنا چيو.
."اھو ڪيئن ادي! ؟"سوٽ خان حيران ٿيندي پڇيو
"تون پنھنجي ھوم ورڪ جي ڳڻتيءَ ۾ ڌيان ئي ناھي ڏنو تہ تون پنھنجو ھوم ورڪ ڪري ڇڏيو آھي ادڙا."صبا جي ڳالھہ ٻڌي سوٽ خان وائڙو ٿي ويو.
"ڏس سوٽ خان تون نماز پڙھي ۽ قرآن شريف جو سبق ورتو اھي بہ تہ سٺا ڪم آھن ۽ تون پاپن ۽ بسڪوٽن جي ڀور اتي ئي ڇڏڻَ بدران ڪِوِلين کي ڏني. بچيل مانيءَ جا ٽڪرا اُڇلايا نہ پرَ پکين کي ڏنا ۽ خراب ٿي ويل ٻوڙ ھارڻ بدران ڪتي کي ڏنو.چاچي حاڪم عليءَ ۽ ماسي آمنت کان مدد لاءِ پڇيو.ھڪ ماڻهوءَ کي صحيح ڏَسُ ڏنو.اھي بہ تہ سٺا ڪم آھن نہ.تون تہ پنھنجو ھوم ورڪ ڏاڍي سٺي نموني پورو ڪري ڇڏيو آھي.مون کي پڪ آھيَ تہ تنھنجو استاد تو کي ئي انعام ڏيندو. "طاھر،سوٽ خان کي ڀاڪر پائيندي چيو.
."سچ ادا؟" سوٽ خان طاھر کي ڳلَ تي چمي ڏئي چيو
."ھا سچ سوٽ خان."طاھر چيو
"اڙي واھہ مون ھوم ورڪ ڪري ڇڏيو ۽ مون کي خبر ئي نہ پئي."سوٽ خان خوشيءَ ۾ ٽَھڪ ڏئي چيو.
"ادڙا سٺن ٻارن کي سٺا ڪم ڪرڻ جي عادت ھوندي آھي،انھيءَ ڪري کين خبر ئي ناھي پوندي تہ ھنن ڪيترا سٺا ڪم ڪيا آھن."صبا چيو.
سوٽ خان جي منھن تي مرڪ ھئي ۽ اکين ۾ روشني.ڇو جو پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن جون ڳالهيون ٻُڌي کيس پڪَ ٿي وئي ھئي تہ ھنَ کي پنھنجي ھوم ورڪ تي انعام ضرور ملندو.