7
امير خان پنهنجي سوارن سان اچي آخوند صالح جي دارالعلوم اڳيان لٿو. هن سان چار پنج قنڌاري مولوي گڏ هئا، جن کي مرزا باقيءَ قنڌار کان سنڌين کي فارسي ۽ صحيح اسلام پڙهائڻ لاءِ گھرايو هو. دروازي اڳيان ننڍيءَ منجيءَ تي هڪ ٻڍڙو ماڻهو چلم جو نڙ وات ۾ وجھي، ڄڻ دنيا کان بي خبر پنهنجي ئي خيالن ۾ غرق هو. گھوڙن جي ٽاپ ٽاپ تي به هن ڪنڌ ورائي ڪونه نهاريو. جڏهن امير خان بلڪل سندس ڀرسان اچي گھوڙو جھيو، تڏهن به هو پنهنجي چلم مان گرڙاٽ ڪڍندو رهيو. امير خان بِر ٿي ويو، ۽ نيزو ڪي، هُن ٻڍڙي کي چوڪ ڏني ته ٻڍڙو ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو، ۽ ترخانن کي حيرت مان ڏسڻ لڳو.
”بي ادب گڏھه، توکي اها مجال جو اسان جي اچڻ جو ٻڌي، پنهنجي چلم ۾ لڳو پيو آهين؟“ اميرخان ڪڙڪو ڪندي چيو.
ٻڍڙي ڏند ڪڍندي، پنهنجي ڪنن ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”ڏاڍيان ڳالهاءِ، آءٌ ڪنن کان بنھه ٻوڙو آهيان. ڪير مڙس آهين؟“
ترخان کلڻ لڳا. هنن کي کلندو ڏسي، امير خان جي ڪاوڙ هيڪاري تيز ٿي ويئي، ۽ هن واڪو ڪري چيو: ”خاموش! آءٌ آهيان، امير خان، ٺٽي جو نئون عامل!“
”هوندين، پر هت ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ ٻڍڙي لاپرواهيءَ مان چيو.
امير خان کي پرئي مڙس تي ايڏي ڪاوڙ آئي، جو هن نيزي سان کيس زور سان ڌڪو ڏنو، ته پيرسن ٿيڙ کائيندي وڃي منجيءَ جي پويان ڪريو. پر هو ڪپڙا ڇنڊيندي وري اٿي بيٺو. ”ابا، مڙس ٿو مارين! پاڻ وڏن سان ائين هلبو آهي. واه جو پڻهين سيکاريو اٿئي!“ ٻڍڙي ڄڻ رنج ٿيندي چيو.
امير خان هن کي بنھه مارڻ وارو هو، پر هڪ قنڌاري مولويءَ کيس فارسيءَ ۾ چيو: ”هينئر ئي سختي ڪبي ته شاگرد ۽ استاد اسان سان ٺهي ڪين هلندا. سياست کان ڪم وٺ، سڄو ڪم خراب نه ڪر!“
ٻڍڙي ڄڻ ڪجھه ٻڌوئي ڪونه. وري پنهنجيءَ کٽ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجي چلم جي نڙ ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳو. امير خان ڀڻ ڀڻ ڪندي، ٻڍڙي کي سزا ڏيڻ جو اِرادو ترڪ ڪري ڇڏيو، ۽ نرمي سان چيائين: ”پوڙها، در کول، اسان کي آخوند صالح سان ملڻو آهي. هي عالم سڳورا قنڌار کان هلي ساڻس ملڻ آيا آهن.“
”جي، ڇا چيئي؟ ٿورو ڏاڍيان ڳالهاءِ، مون ڪونه ٻڌو“ هن وري پنهنجي ڪنن ڏانهن اشارو ڪري پنهنجي ٻوڙاڻ ظاهر ڪئي.
امير خان پنهنجي ڪاوڙ کي روڪيندي، ڏاڍيان پنهنجي ڳالھه ورجائي چئي.
”پوءِ ائين چئو نه؛“ ائين چئي، ٻڍڙو اٿيو، ۽ اچي مولوين کي هٿ ڏنائين، ۽ سنڌيءَ ۾ ساڻن خوش خيروعافيت ڪرڻ لڳو. هاڻ ته امير خان کي به کل اچي ويئي، ۽ چيائين: ”پريا مڙس، هي اڃا ڪالھه قنڌار کان آيا آهن. سي تنهنجي سنڌيءَ ڪيئن سمجھندا!“
”ابا، قنڌار کان آيا آهن، ڀلي ڪري آيا، جيءُ ڪري آيا!“ ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو!“
امير خان رڙ ڪري چيو: ” پوڙها، ڇا چيئي؟“
”ابا، چيم ته دين جا عالم سڳورا آهن. سنڌ جي قسمت، جو قنڌارئون هلي آيا آهن!“
”چڱو، هاڻ در کول!“ امير خان وري خفي ٿيندي چيو.
”هي مدرسو آهي علم جو گھر. هن ۾ هٿيار پهري لنگھڻ ڪبيرو گناھ آهي، ۽ هنن سپاهين جو وري علم سان ڪهڙو واسطو؟ هي دروازو دين جي عالمن سڳورن لاءِ بيشڪ کلندو، پر هنن سپاهين لاءِ هرگز نه کلندو!“ پوڙهي ۾ الائي ڪٿان جان اچي ويئي. هن جو سينو اڳيان وڌي آيو، ۽ سندس اکين ۾ هڪ نئين جوت جاڳي آئي.
امير خان قنڌاري مولوين سان هري هري مشورو ڪرڻ لڳو. هو فقط پنهنجون ڏاڙهيون لوڏيندا رهيا. آخر ڪنهن ڳالھه تي هو پاڻ ۾ يڪراءِ ٿيا، تڏهن امير خان ڏاڍيان چيو: ”تون دروازو کول. فقط آءٌ هنن عالمن سڳورن سان آخوند صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيندس. سپاهيو، اوهين چاليھه قدم پوئتي هٽي بيهو، ۽ اسان جو انتظار ڪريو!“
سپاهي هڪدم گھوڙا موڙي پوئتي هٽي ويا. امير خان دروازي ڏانهن وڌيو. ٻڍڙي تي ڄڻ ڪو اثر نه ٿيو، چيائين ”چُه چُه چُه، هٿيار لاهي هت رکو، دروازو پوءِ کلندو!“
امير خان لاچار ٿي ترار مياڻ مان ڪڍي، پوڙهي جي کٽ تي رکي، ۽ نيزو هيٺ زمين تي رکي ڇڏيائين. ٻڍڙو پاڻ اڳتي وڌي آيو، ۽ ڇڪ ڏيئي امير خان جي ڪمر بند مان خنجر ڇڪي ورتائين. پوءِ ڏاڍي نئڙت سان قنڌاري مولوين ڏانهن وڌي آيو، ۽ هڪ هڪ ڪري مولوين جي ڪمربندن مان خنجر ڪڍي ورتائين. مولوي حيرانيءَ مان هن پيرسن جي چستيءَ ۽ ڦڙتيءَ کي ڏسندا رهيا. خنجر پاڻ وٽ قابو ڪري، پوڙهو دروازي تائين آيو، ۽ دروازي تي هٿ سان ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران ڪو هلڪو آواز آيو. ٻڍڙي چيو: ”دين جا عالم سڳورا قنڌار کان پنڌ پيا آهن. هنن جي آجيان لاءِ دروازو کوليو!“
ٻڍڙي جا لفظ پورا ٿيا ته وڏي دروازي ۾ هڪڙو ننڍڙو دَرُ کلي پيو. اهو دروازو اهڙو هو جنهن مان هڪ ئي وقت فقط هڪڙو ماڻهو لنگھي ٿي سگھيو، ۽ ان کي به هيٺ جھڪڻو ٿي پيو. ٻڍڙي چيو: ”هيءُ علم جو در آهي. هت جھڪڻ قسمت وارن کي نصيب ٿيندو آهي!“
امير خان دل ئي دل ۾ خار کائيندو، مولوين جي پويان اندر داخل ٿيو. اندرئين پاسي ننڍي قد جو هڪ همراھه کين وٺي، آخوند صالح جي حجري ڏانهن هلڻ لڳو. اتي پهچي، هن سڀني کي جتيون لاهڻ جو اشارو ڪيو. جتيون لاهي هو اندر داخل ٿيا ته هڪ تڏي تي هڪڙي ڪرڙوڍ ماڻهوءَ کي ويٺل ڏٺائون، جنهن جي چهچ ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اڇا وار به ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. سندس منهن ۾ عجيب ڇڪ ۽ ڏيا هئي. هو ڪنهن ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هو. هنن کي ايندو ڏسي هو اُٿي بيٺو، ۽ سندن آجيان ڪندي، کين ويهڻ لاءِ چيائين. امير خان کي پٽ تي تڏي تي ويهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. زمين سندس دڏن ۾ چڀڻ لڳي، ۽ هو ذري ذري پاسا بدلائي سڌو ٿي ويهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
قنڌارين مان هڪ مولويءَ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪندي چيو: ”حضور مرزا باقي بيگ جن جي راءِ آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو خاطر خواه بندوبست ڪرڻ لاءِ، ملڪ جي سمورن مدرسن ۾ فارسي ۽ دينيات پڙهائي وڃي. ان ڪري هن قنڌار کان دين جا عالم گھرايا آهن. جن کي درس تدريس جو ڊگھو تجربو آهي. هن دارالعلوم ۾ اسان پنجن ڄڻن کي پڙهائڻ جو حڪم مليو آهي.“
آخوند صالح ڪنهن ڳوڙهي خيال ۾ ٻڏي ويو؛ ۽ پوءِ ڪجھه سوچيندي چيائين: ”گھڻو تڻو سڀ مدرسا ۽ دارالعلوم آهن ئي ديني تعليم لاءِ، اسان جي مدرسن ۾ ڪي شاگرد هونئن ئي فارسي پڙهن پيا.“
”سرڪار چاهي ٿي ته فارسيءَ جي تعليم عام ڪئي وڃي. هر شاگرد ضرور فارسي پڙهي، علم جي دنيا سان روشناس ٿئي!“ مولوين مان هڪڙي چيو.
”فارسي هتان جي ماڻهن جي ٻولي ڪانهي. انهيءَ ڪري ان کي فقط ڪي ڪي اهڙا شاگرد پڙهڻ گھرندا جن کي ان جي سکڻ جو شوق هوندو. تنهن کان سواءِ سرڪاري طرح فارسي پڙهائڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، جڏهن اسان وٽ فارسي سيکارڻ جا استاد اڳي ئي موجود آهن.“ آخوند صالح نهايت آهستي ۽ ڌيرج سان ڳالهائي رهيو هو.
هڪ مولويءَ کي شايد جوش اچڻ لڳو هو: ”فارسيءَ هتان جي حاڪمن جي زبان آهي، اسلامي حڪومت جي زبان آهي. اسلامي زبان آهي. ايران، افغانستان ۽ هندوستان جي مسلمانن جي واحد سڌريل زبان آهي. قنڌار کان دهليءَ تائين فارسيءَ جو چرچو آهي. فارسي سکڻ سان سنڌي پنهنجي حاڪمن جي قريب ايندا، منجھن اسلام جو درد پيدا ٿيندو. ترخانن ۽ سنڌين جي وچ ۾ هن وقت جيڪي غلط فهميون آهن، سي دور ٿي وينديون.“
آخوند صالح فورن ڪوبه جواب نه ڏنو. پوءِ چئن ئي مولوين تي هڪ نظر وجھندي، امير خان جي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي، کيس گھوريندي چيائين: ”سنڌين جي مٿان سرڪاري طرح سان زور زبردستيءَ سان ڪابه زبان مڙي ويندي ته هو هرگز هرگز ڪونه پڙهندا. هنن کي پنهنجي زبان سان بيپناھه محبت آهي. هنن جي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان آهي ـــــ فارسيءَ وانگر هزارين سال پراڻي، ۽ فارسيءَ جھڙي ئي مائيدار ۽ مٺي ٻولي آهي. اڄ تائين هنن ڪابه ٻاهرين زبان قبول نه ڪئي آهي. برهمڻن کين پنهنجي ڌرم سان گڏ سنسڪرت پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو نه پڙهيا. عربن اسلام آندو، پر هو سنڌين تي عربي مڙهي نه سگھيا. تاريخ شاهد آهي ته هِنن کي ڪڏهن به هنن جي زبان سان ڪابه نفرت نه آهي؛ فارسيءَ کي هو هڪ سٺي زبان سمجھن ٿا، فارسيءَ جي علم، شاعريءَ ۽ ادب کي هو ڏاڍي چاھه سان پڙهن ٿا، پر جيڪڏهن فارسيءَ هنن تي زوريءَ مڙهي ويئي، ته هنن ۾ ان جي خلاف نفرت پيدا ٿي پوندي!“
”هي سرڪاري حڪم آهي، ان جي تعميل سنڌين کي ڪرڻي پوندي. سرڪاري ڪاروبار لاءِ به ضروري آهي ته سنڌي فارسي سکن، جيئن هو حڪومت جو ساٿ ڏيئي سگھن. جيڪي فارسي سکيا آهن، سي فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا آهن. سرڪار طرفان اهڙن ماڻهن کي وظيفا ملي رهيا آهن. هنن تي عام بخششون ڪيون ويون آهن؛“ امير خان ڳالھه کي ختم ڪرڻ لاءِ چيو.
”اهڙن ماڻهن کي ڪوبه سنڌي عزت جي نگاھه سان نٿو ڏسي، جيڪي محض سرڪاري خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ فارسيءَ ۾ تڪبندي ڪرڻ لڳا آهن. اوهان کي خود خبر آهي، ۽ آءٌ به چڱيءَ پر ڄاڻان ٿو ته ايراني، مغل ۽ خود اسان جا حاڪم پرپٺ سندن فارسيءَ تي ڪيئن کلندا ٿا رهن. ان ڪري جيڪڏهن فارسيءَ خلاف نفرت پيدا ڪرڻ نٿا گھرو، ته اِن هوڏ تان لهي وڃو!“ آخوند صالح نهايت نرم لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، مگر سندس اٽل ارادي ۽ اڏول شخصيت مولوين تي رعب طاري ڪري ڇڏيو هو.
”پر سرڪار جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي مجال ڪنهن کي ٿيندي؟ جيڪو فارسي سکڻ کان انڪار ڪندو، ان جي زبان ڪپي ڇڏي ويندي.“ امير خان ڪاوڙجندي چيو.
”ته پوءِ سرڪار کي هر سنڌيءَ جي زبان ڪپڻي پوندي؛ فارسي ٻولڻ کان هو گونگا رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا!“ آخوند صالح ساڳئي ڌيرج سان چيو.
”پر اوهين کين صحيح صلاح ڏيندا ته شاگرد اوهان جو چوڻ ضرور مڃيندا.“ هڪڙي مولوي مرعوب ٿيندي چيو.
”اوهان شايد وساري ڇڏيو آهي ته آءٌ به سنڌي آهيان. تنهن کان سواءِ آءٌ ڪڏهن به پنهنجي شاگردن کي غلط صلاح نه ڏيندس،“ آخوند جواب ڏنو.
امير خان اٿي بيهي رهيو. هو ڪجھه وقت غور سان آخوند صالح ڏانهن نهاريندو رهيو، ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”آءٌ ٺٽي جو عامل آهيان. يا ٺٽي ۾ هر شاگرد فارسي پڙهندو يا سمورا مدرسا بند ڪيا ويندا.“ ائين چئي هو حجري کان ٻاهر نڪري آيو. قنڌاري مولوي به چپ چاپ امير خان جي پويان نڪري آيا.
امير خان جنهن به مدرسي ۾ ويو، اتي اهڙو ئي کُتو جواب مليس. هر ملاقات کان پوءِ هن جي ڪاوڙ جو مچ ڀنڀٽ بڻجندو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر هو وري سئو کن سپاهي ساڻ ڪري آخوند صالح جي دارالعلوم ڏانهن ويو. قنڌاري مولوي هن سان گڏ هئا. ٻڍڙي وري دروازي کولڻ کان انڪار ڪيو؛ پر امير خان مولوين جي صلاح تي نه هليو، ۽ هن پنهنجو ڀالو ٻڍڙي جي نڙگھٽ ۾ ٽنبي ڇڏيو. سپاهين کي حڪم ڏنائين ته دروازي کي ڀڃي کولين. سپاهي ڪامون کڻي دروازي کي ڀڃڻ بيهي رهيا. پراڻو دروازو اٺن ڏهن ڌڪن کان پوءِ چيرجي پيو. دروازي چيرجڻ سان ننڍو در هڪدم چوڙن کان نڪري ويو. سپاهي اگھاڙين ترارين سان مدرسي ۾ گھڙي پيا. امير خان مولوين سان گڏجي پڙهڻ جي ڪوٺين ڏانهن وڌيو. پهرينءَ ئي ڪوٺي ۾ آخوند صالح درس ڏيئي رهيو هو. امير خان جي اشاري تي هڪڙو مولوي اچي آخوند جي ڀر ۾ بيهي رهيو.
آخوند صالح ڄڻ هن کي ڏٺوئي ڪونه، ۽ هو شاگردن کي چئي رهيو هو: ”اڄ شايد آءٌ اوهان کي آخري درس ڏيئي رهيو آهيان. هي قنڌاري مولوي، اوهان کي ترارين جي زور تي فارسي پڙهائڻ آيا آهن. منهنجي اوهان کي رڳو اها صلاح آهي ته . . . . . . “
هن اڃا جملو ختم ئي نه ڪيو ته امير خان جي اشاري تي ٻه سپاهي هن کي ڪمري مان گھلي ٻاهر ڪڍي ويا. هيءُ درس ننڍن ڇوڪرن جو هو، ۽ ڪنهن جي به عمر پنڌرهن سورهن ورهين کان مٿي نه هئي. قنڌاري مولويءَ امير خان ڏانهن ڏٺو، ۽ منبر تي چڙهي چيائين: ”طفلانِ من . . . .“
اڃا هن ايترو چيو ته ٻه ڇوڪرا اٿي بيٺا، ۽ ٻنهي گڏجي چيو: ”اسين فارسي ڪونه پڙهنداسون!“
امير خان وري ٻيو اشارو ڏنو، ۽ ٻن سپاهين اڳتي وڌي ڇوڪرن کي گھِلي ٻاهر ڪڍيو، ۽ گھلڻ وقت کين ٿڦڙن سان ڪُٽيندا ويا. ٻارڙا هيسجي ويا. ڪمري ۾ موت جھڙي خاموشي ڇانئجي ويئي. ڇوڪرا هراس ۽ ڊپ کان سپاهين ۽ قنڌاري مولوين کي ڏسندا رهيا. امير خان کين سنڌيءَ ۾ چيو: ”ڇوڪرا، هي عالم اوهان کي پڙهائڻ لاءِ قنڌار کان آيو آهي. جيڪو ڇوڪرو فارسي نه پڙهندو، ان کي اگھاڙو ڪري، هن نيٽ سان ڪُٽيندس . . . . . ٻڌايو اوهين فارسي پڙهندئو يا نه؟“
ٻار اڳيئي هيسيل هئا، ان ڪري ڪنهن به جواب نه ڏنو. امير خان ڪجھه سوچي، قنڌاري مولويءَ کي اتي ئي ڇڏي ٻاهر نڪري آيو. سپاهين کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري، هن گھوڙي کي جامع مسجد واري چونڪ ڏانهن موڙيو. سپاهين کي چيائين ته ڦاهيءَ جو ڦندو تيار ڪن. ڦاهيءَ جو ٽياس ٺهندو ڏسي، آسپاس کان ماڻهو اتي گڏ ٿيڻ لڳا. امير خان جا سپاهي ٽياس جي چوڌاري هڪ وڏو گھيرو ٺاهي بيهي رهيا. ڳالھه شهر ۾ باھه جيئن ڦهلجندي ويئي ته ترخان آخوند صالح کي ڦاهيءَ تي ٿا چاڙهين. ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي، اگھاڙين پيرين، مٿي اگھاڙي جامع مسجد ڏانهن ڀڳا.
جڏهن ڦاهي تيار ٿي ويئي، تڏهن امير خان آخوند صالح جي اڳيان اچي بيهي رهيو، ۽ چيائين: ”آخوند، توکي ماريندي مون کي خوشي ڪانه ٿي ٿئي. اڃا به مڙي وڃ: پنهنجي مدرسي ۾ قنڌاري مولوين هٿان فارسي پڙهائڻ جو رضانامو لکي ڏي ته توکي ڇڏي ڏيندس، نه ته. . . . .“
آخوند صالح جي منهن تي عجيب نُور ٻهڪي رهيو هو، ۽ هن چيو: ”تو جھڙا هزارين جاهل مون ڏٺا آهن. جيڪڏهن مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهيندين ته سنڌ فارسي ٻولڻ سکندي ڇا؟ اوهين هڪڙي هڪڙي سنڌي استاد کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو، تڏهن به سنڌي مدرسن ۾ فارسي زوريءَ پڙهائي نه سگھندئو!“
امير خان هڪ سپاهيءَ کي اشارو ڏنو، جنهن وڌي ڦاهيءَ جي سرڪ ساهي آخوند صالح جي ڳچيءَ ۾ وڌي. ميڙ ۾ چرپر ٿيڻ لڳي، ۽ ماڻهن جي دلين ۾ وَڍَ پوڻ لڳا. پر سپاهين جي ڀالن هنن کي اڳيان وڌڻ نه ڏنو. امير خان وري ٽياس واري سپاهيءَ کي اشارو ڏنو؛ هن هڪ ئي ڌڪ سان ڦاهيءَ وارو تختو آخوند جي پيرن هيٺان ڪڍي ڇڏيو. آخوند جي وات مان ذرو به آواز نه نڪتو. الائي ڪيئن هن جي لڙڪندڙ جسم جي منهن تي اهائي نوراني مُرڪ اڃا تائين قائم هئي. امير خان حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو. هن سوچيو ته ڦاهيءَ جي تختي تي هنن سنڌين مرڪڻ ڪٿان سکيو آهي؟
هن وري ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو، ۽ هڪ ڀيرو وري هنن کان پڇائين: ”اڙي ڇورا ٻڌايو، فارسي پڙهندئو يا نه؟“
ڇوڪرن جواب نه ڏنو. هو ته پنهنجي استاد جي لڙڪندڙ جسم کي ڏسي روئندا رهيا. امير خان وري سپاهين کي اشارو ڪيو. سپاهين ڇوڪرن کي چوکنڀو ٻڌي، پهرين هڪ ڇوڪري جي، ۽ پوءِ ٻئي جي ڄِڀَ پاڙؤن وڍي ڇڏي، ڇوڪرا ٻڪرن جيان رانڀاٽ ڪرڻ لڳا. رت سندن واڇن مان وهڻ لڳو. ڪجھه رت نڙيءَ ۾ وڃڻ ڪري، هو اٽوڙجڻ ۽ کنگھڻ لڳا؛ کنگھي وري ٻاڪارڻ ٿي لڳا. ميڙ ٿيل ماڻهن کي ڄڻ ڪو نانگ ڏنگي ويو هو، ۽ هو پنڊ پهڻ ٿي هن ڪِيس کي نه ڏسندڙ اکين سان ڏسندا رهيا.
امير خان ڏهاڪو کن سپاهي اتي ڇڏي، اتان هليو ويو؛ ۽ شهر ۾ پڙهو ڏياريائين ته جيڪو آخوند پنهنجي مدرسي ۾ فارسي نه پڙهائيندو، ان جو حشر آخوند صالح جھڙو ٿيندو؛ جيڪو شاگرد فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪندو، ان جي زبان ڪپي ويندي، ۽ جيڪو مائٽ فارسي پڙهائڻ ڪري ٻارن کي مدرسن مان اٿاريندو، ان جو سمورو مال متاع ضبط ڪيو ويندو.
شام تائين آخوند صالح ۽ ٻنهي شاگردن کي ڏسڻ لاءِ هشام سنڌين جا اچي گڏ ٿيا. ههڙو ڪيس نه ٿيو نه ٿيندو. ماڻهن جي آنڊن ۾ وڍ پوڻ لڳا. هزارين ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا، ۽ ڪي خاموش هنن ٽن قربان ٿيندڙن کي ڏسندا، اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندا، ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. ٻڍڙا ۽ پيرسن پنهنجن آنڊن کي مهٽيندا مسجدن ۾ وڃي پنهنجي رب سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. چونڪ ۾ ڄڀ وڍيل شاگردن جا منهن سڄندا ويا. سندن ڪنڌ هڪڙي پاسي لٽڪي پيا، ۽ مکيون مڙي سندن رت ڀريل واڇن تي گڏ ٿيڻ لڳيون!