11
ليلى به ڄڻ هن ۾ ڪجھه ڳوليندي ٿي رهي: هن جي اکين ۾، هن جي ٻانهن ۾، هن جي منهن جي هيٺانهينءَ مٿانهينءَ ۾، هن جي ڇاتيءَ جي وارن ۾ ــــــــ الائي ڇو هن کان هڪ هلڪي اَڻ لکي آه نڪري ويندي هئي. ڪجھه به نه پائيندي به، هن ان ڳولا، ان تجسس کي ڇڏڻ نٿي گھريو. هوءَ وري وري هن جي اکين ۾ نهارڻ لڳندي هئي؛ من اهو سڀڪجھه کيس ملي وڃي، جنهن جي هن کي ڳولا هئي. اهو سڀڪجھه نه ملندي به هن اهو ڪجھه وڃائڻ نٿي گھريو، جيڪو هن کي حاصل هو. ان ڪري هوءَ گھڙيءَ لاءِ به سنگھار کي پاڻ کان جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. الائي ڇو هن کي اهو خيال ستائيندو هو ته جيڪڏهن سنگھار ماڙيءَ مان نڪتو ته وري موٽي نه ايندو. هوءَ هزار بهانا بنائي هن کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيندي هئي. سرهيو جڏهن اچي سڏ ڪندو هو، تڏهن هن جي هنئين ۾ هدڪ پئجي ويندو هو، ۽ هوءَ ڪو نه ڪو انگل ڪري سنگھار کي روڪي ڇڏيندي هئي. هن کي اهو خيال بار بار ايندو هو ته سرهئي سان ملڻ سان هن کي وري نه سنڌ ياد اچي وڃي، هن کي وري نه آخوند صالح ياد اچي وڃي ــــــ ۽ اهي ڳالهيون هن جي ذهن تان ميسارڻ لاءِ هن ڇا ڇا نه جتن ڪيا هئا!
هن کي هڪ ٻيو به اُڊڪو ستائيندو هو، سو امير خان جي جاسوسن جو. آسپاس ترخانن جون ننڍيون ننڍيون ڇانوڻيون هيون. خود ڪينجھر تي ميربحرن ۽ مهاڻن کان محصول اڳاڙڻ لاءِ روزانو ترخانن جو هڪ جٿو ايندو هو. هنن جي گھوڙن جي سنبن جو آواز ٻڌندي ئي، هن جي دل دهلجي ڌڙڪڻ لڳندي هئي. ست راتيون ۽ ست ڏينهن ته هن اکين ئي ۾ ڪاٽي ڇڏيا هئا. ان جي ابتڙ سنگھار، جئن پوءِ تئن هڪ عجيب ڳهر ۾ ڳهرجندو ٿي ويو، ۽ هوءَ هن جي ننڊاکرين اکين ۾ ڪنهن عجيب پيڙا جا پاڇولا ڏسندي رهندي هئي. هوءَ چاهيندي هئي ته پنهنجي نرم نرم آڱرين سان هن جي منهن تي ٿڌڙا ڪڍي، اها پيڙا لاهي ڇڏي. هن جي اکين تي آڱريون ڌريندي، هوءَ سوچيندي هئي ته هِنن اکين ۽ هُنن اکين ۾ ڪيترو نه فرق هو: هِنن اکين ۾ پيڙا سان گڏ ٿڪ جو احساس آهي، هُنن اکين ۾ پيڙا سان گڏ نٺرتا جي باھه هئي. الائي ڇو تڏهن به هوءَ ان نٺرتا جي باھه کي ڇهي ڏسڻ جي آرزو روڪي نه سگھندي هئي. هن پنهنجي آڱرين جي چهنبڙين ۾ ان نٺرتا جي باھه جو سيڪ محسوس ڪرڻ ٿي گھريو. پر نٺرتا بدران هِنن اکين مان هن جي آڱرين ۾ هڪ اهڙي جلن جي ڀاونا ٿيندي هئي، جنهن ۾ سياري جو ساڙ هوندو هو؛ ۽ پوءِ هن کي پنهنجي وطن جون برف پوش چوٽيون ياد اچي وينديون هيون. هن جو سڄو بدن ڪانڊارجي ويندو هو، هوءَ ڏڪندي ڏڪندي، ان نئين سيءَ لاهڻ لاءِ، سنگھار جي ڀاڪر ۾، ڪنهن هيسيل ٻار وانگر ڪرونڊڙي ٿي سمهي رهندي هئي.
صبح جي پهر، ڪينجھر جي ڇاتيءَ تي لڏندا لمندا، جڏهن واهوندا ورندا هئا تڏهن ليلى کي ڪنهن جي اچڻ جو گمان ٿيندو هو، ۽ هوءَ هر آهٽ، هر کُڙڪي تي سنگھار کي اڃان ئي زور سان چنبڙي پوندي هئي. هنن کي آئي اَٺ ڏينهن ٿي ويا هئا، ۽ هري هري ٿي ليلى جي دل مان امير خان جي اچڻ جو ڀؤ لهندو ٿي ويو، ۽ هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته اڄ جڏهن سرهيو کين ڪينجھر جي سير جي دعوت ڏيڻ ايندو تڏهن هوءَ انگل ڪري سنگھار کي هلڻ لاءِ زور ڀريندي، ۽ ڪينجھر جي پيٽ تي هندوري جا لوڏا کائيندي، هوءَ پنهنجي وارن کي آزاد ڇڏي ڏيندي. پر ان ڏينهن سرهئي جي آواز بدران گھوڙن جي هڻڪارن ۽ سنبن جي پڙاڏن هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ لائي ڏني. پهرين ته هن ننڊ پيل سنگھار جي ڀاڪر ۾ سمائجي، انهن آوازن کان نٽائي سمهي رهڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن اهي آواز بنھه ويجھا پوندا ويا، تڏهن هن سنگھار کي جاڳائڻ ئي مناسب سمجھيو. سنگھار الوٽ ننڊ ۾ هو، جنهن مان هن جاڳڻ نٿي گھريو. جڏهن ليلى هن کي جاڳائڻ لڳي، تڏهن هن عادت موجب ليلى کي ڇڪي ويجھي آڻڻ لاءِ ٻانهن کي سيرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ليلى سندس ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”جان، ڀانيان ٿي ته ٻاهر امير خان اچي پهتو آهي!“
هو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. عين ان وقت ماڙيءَ جي در تي کڙڪو ٿيو. الائي ڇو سنگھار جي ننڊاکرين اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي ويئي، جنهن مان ليلى ائين ڀانيو ڄڻ هن کي سڀڪجھه وري ياد اچي ويو هو، ۽ هو پنهنجي پاڻ تي مرڪي رهيو هو. در تي ٻيو ڀيرو کڙڪو ٿيو، ۽ سنگھار آرس ڀڃي اٿي بيٺو. ڪنڊ ۾ رکيل ڀالو کڻندي، هن ليلى جي کاڏيءَ کي هٿ سان مٿي کڻندي، سندس اکين ۾ گھوريندي چيو: ”جيئرو هوندس ته امير خان ته ڇا، سمورن ارغونن ترخانن جي لاشن کي لتاڙي وري توکي کڻي هليو ويندس. پر جي مري ويس ته مئن تي ميار نه ڪج!“ ليلى هن جا لفظ ٻڌي، هن کي چنبڙي پيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سنگھار ڀالو سنڀالي دروازي تائين آيو. گھوڙن جي هڻڪارن مان ئي سمجھي ويو ته امير خان هيل وڏو لشڪر سانباهي آيو آهي. هن چوطرف نهاري اندازو لڳايو ته ترخانن کي دروازي ڀڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھه ڪانه هئي. ماڙيءَ جون ڀتيون ايتريون اوچيون هيون جو ڪو ترخان ان تي چڙهڻ جي همت ڪانه ڪندو. پٺيان ته ڪينجھر هئي، سو اتان به ڪنهن ترخان کي همت ڪانه ٿيندي. هن لاءِ به هڪڙي راھه کليل هئي ته هو ماڙيءَ جي کڏ تي چڙهي، پٺئين پاسي ڪينجھر ۾ ٽپو ڏئي، ۽ جي بخت ساٿ ڏنس ته مير بحرن مان ڪو ساٿي هن جي واهر ڪندو. پر اهو خيال ايندي ئي هن سوچيو ته ليلى ڇا سوچيندي ته کيس امير خان جي حوالي ڪري، پاڻ پنهنجي کل بچائي ڀڄي ويو. اهو خيال اچڻ سان ئي ڀڄڻ جي راهن تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. هن کي امير خان جي خيالن جي به ڄڻ سڌ هئي، ۽ هن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هو امير خان سان ليلى جي عيوض پنهنجي جان جو سودو ڪري تي امير خان خوشيءَ سان اهو سودو قبول ڪندو. پر اهو خيال به هن لاءِ ايترو ڪُڌو ۽ ڪجسو هو جو ان تي سوچڻ به نٿي گھريائين. فقط هڪڙو ئي طريقو هو ته ترخانن سان وڙهندي، ڪو گھوڙو هٿ اچي وڃي، ۽ هو ترخانن جي نرغي مان نڪري وڃي.
دروازي جي ڀر ۾ بيهي هو دروازي ٽٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. دروازو ڪافي مضبوط هو. ترخانن هڪ بنڊ کڻي دروازي تي ڦهڪائڻ شروع ڪيو. پنجن ـــ اٺن ڌڪن کان پوءِ دروازي جو هڪڙو تاڪ ٽي ٽڪر ٿي ويو، ۽ پوءِ هڪ ئي ڌڪ سان سمورو دروازو چوڙن کان نڪري ويو. جڏهن دروازو ڪِريو، تڏهن دروازي سان گڏ پنج ـــ ڇھه ترخان بنڊ سوڌا اچي ٻوٿ ڀر ڪِريا. هنن جي پويان ترخان اگھاڙين ترارين سان اندر ڌوڪيندا آيا. سنگھار جو ڀالو، هڪڙي ترخان جو پيٽ چيري، وٽ کائي ٻئي ترخان جي ران ۾ چڙهي پيو. ٻيئي ڄڻا رڙ ڪري اتي ئي ڪِري پيا. سنگھار جو ڀالو هنن جي جسم ۾ ئي رهجي ويو. هن جھٽ ڏيئي ڪرندڙ ترخان جي هٿ مان ترار ڦري ورتي، ۽ ايندڙ ترخانن سان وڙهندي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ترخانن جو هڪ سيلاب اندر ڌوڪيندو ٿي آيو ڄڻ هنن کي ڪنهن وڏي لشڪر سان مقابلو ڪرڻو هو. هن سيلاب کي روڪڻ سنگھار لاءِ ناممڪن هو. هو فقط اها ڪوشش ڪرڻ لڳو ته سوڙهي ڏيڍيءَ مان نڪري کليل ميدان ۾ پهچي وڃي.
سنگھار جي ترار ترخانن تي ائين ٿي ڪڙڪي ڄڻ ترار ۾ ساھه پئجي ويو هو. ترخان ڪِرندا، نت نئين ڪوششن سان اندر اچڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. سنگھار دروازي جي هڪ پاسي کان ايندڙ ترخانن ڏانهن اهڙي لُوهه وڌي جو هڪ ترخان ڪلهي وٽان ڪپجي پورا ٻه اڌ ٿي ويو. ٻيا ترخان سراپجي هن جي اڳيان هٽي ويا، ۽ سنگھار ميدان ۾ نڪري آيو. پر ميدان ۾ پهچي هن محسوس ڪيو ته اهائي هن جي غلطي هئي. سامهون گھوڙيسوارن جو هڪ جٿو گھيرو ٺاهي، ڀالا اُڀا ڪري هن ڏانهن وڌڻ لڳو هو. جيسين هو سوچي، تنهن کان اڳ هڪ ٿلهي نوڙ جي سرڪ ساهي هن جي مٿان ڪِري ۽ ڪلهن جي ڏورن وٽ پهچي، هن کي پنجوڙ وانگر جڪڙي ويئي. ڇڪ اچڻ تي هو پاڻ سنڀالي نه سگھيو، ترار هن جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي، ۽ هو پٺن ڀر وڃي ڪِريو. نوڙَ، هن کي ٺونٺين مٿان، اهڙو قابو ڪري ڇڏيو، جو ڇڪ اچڻ تي ٺونٺين کان هيٺ جون ٻانهون کيريون ٿيڻ لڳيون. هن پاڻ سنڀالي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سرڪ ساهيءَ واري ترخان پريان ئي نوڙ کي ڇڪ ڏني، ۽ هو وري پاسي ڀر ڪِري پيو. ترخانن کي هاڻ تماشو ٿي آيو، ۽ هو هڪ وڏو گھيرو ٺاهي بيهي رهيا. نوڙ واري ترخان وري پنهنجي هٿ کي جھٽڪو ڏنو؛ سنگھار جون ٽنگون ريتيءَ تان ٿِڙي اڳتي گھلجي ويون، ۽ هو اونڌو ٿي ڪِري پيو. ترخانن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. نوڙ واري ترخان کي ڄڻ رونشو سُجھي آيو، ۽ امير خان ڏانهن نهاريندو، آهستي آهستي نوڙ کي ڇڪڻ لڳو. سنگھار جا گوڏا، ٻانهون، ڇاتي ۽ منهن گھلجڻ سان، ريتيلن پٿرن سان گسندا، گھڪندا رهڙجڻ ۽ ڇلجڻ لڳا. هن کي پڪ ٿي ويئي ته امير خان هن کي ائين گھلائي، يا گھوڙي جي پُڇ سان ٻڌي مارائڻ ٿو گھري. ترخان وري گھوڙي کي پوئتي هٽائيندي، ٿوري ڇڪ ڏني؛ سنگھار کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ڇاتيءَ جا وار ڪنهن ڇڪ ڏيئي پٽي ورتا، هن جو هيٺيون چپ هڪ چهبندار پٿر ۾ لڳي اڌ وڍجي ويو. هن کي پنهنجي ئي رت جو کارو کارو سواد زبان تي محسوس ٿيو. گھڙيءَ لاءِ هن جو سمورو بدن ڄاهي وانگر سيٽجي ڪانڊارجي ويو. جيسين ترخان ٻي ڇڪ ڏئي، ان کان اڳ هن ڪوشش ڪري ٻيئي هٿ رسي ۾ کُپائي ڇڏيا. هڪڙي گوڏي کي ڌرتيءَ ۾ کُپائيندي، ٻئي گوڏي کي ٿورو ٻيڻو ڪندي، هن هڪ اونهو ساھه کنيو، ۽ ٻانهن کي هيٺ جنبش ڏني. رسي وارو ترخان ان ڇڪ لاءِ بلڪل تيار نه هو ۽ گھوڙي جي ڳچيءَ مٿان بولاٽي کائيندي اچي ٻوٿ ڀر ڪِريو. رسو هن جي هٿ مان ڇڏائجي ويو. جيسين ترخان اٿي سڌو ٿئي ۽ وري رسي کي کڻي، تيسين سنگھار گوڏن ڀر سڌو ٿي، رسي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. پيٽ وٽان رسي کي ڍرو ڪندي، هن سرڪ ساهي کولي وڌي. ترخانن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، ۽ هنن جي ڏسندي سنگھار اها ئي سرڪ ساهي پنهنجي مٿان ورائيندي هٿ کي هلڪو اشارو ڏنو. سرڪ ساهي امير خان جي مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي، سندس چيلھه وٽ کُپي ويئي. سنگھار جي هٿ وري جنبش کاڌي، ۽ امير خان گھوڙي تان پٽجي، گھوڙي جي هڪ پاسي، مٿي ڀر اونڌو لٽڪي پيو، ۽ سندس هڪڙي ٽنگ، جنهن جو پير ٻئي پاسي رڪيب ۾ پيل هو، رڪيب سوڌو مٿي کڄي ويئي. عين ان وقت هڪ ڀالو سنگھار جي ڪلهي جي ڦڻ ۾ کُپي ويو، ۽ هو ٻوٿ ڀر وڃي ڪِريو. ترخان تراريون ڪڍي هن کي ڦري آيا. هڪڙي ترخان امير خان کي اٿاري، رسي کان آزاد ڪرايو. امير خان چپ چاپ هلندو، سنگھار جي مٿان اچي بيهي رهيو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ ڄڀيون ڪڍڻ لڳي هئي ــــ ۽ پوءِ هن هٿ وڌائي، ڪريل سنگھار جي پٺ مان ڀالو ڪڍي ورتو. پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪري، هو وري پنهنجي گھوڙي ڏانهن موٽي آيو. ترخان سنگھار کي چوکنڀو ٻڌي، کيس اڳيان ڌڪيندا، ماڙيءَ ۾ داخل ٿيا.
ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
امير خان ليلى جي چائنٺ لنگھي، دروازي کي ڪُنڊو هڻي ڇڏيو، ۽ هڪ ٽڪ ليلى کي ڏسندو رهيو. ليلى دروازي کي پٺيري، وهاڻي کي ڀاڪر پائي، ليٽي پيئي هئي. سڏڪن جي ڪري هن جو سڄو بدن لڏي رهيو هو. امير خان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ليلى سان گڏ هن جي دل جي سموري ڪائنات لڏي رهي هئي. ليلى جا وار، ڳچيءَ تان وري وهاڻي تي ويڙهجي ويا هئا، ۽ سندس ڪلها سنهي ململ جي پهراڻ مان ائين جھلڪي رهيا هئا، ڄڻ رنگ جي ڪا وير لهي چڙهي رهي هئي. امير خان ڪيترو وقت ان مرمرين سڏڪندڙ جسم مان ڦٽندڙ حُسن کي ڏسندو رهيو. هن کان رهيو نه ٿيو، ۽ هن هري هري چيو: ”جان . . . . .!“
ان لفظ جي ڳوراڻ ۾ امير خان جي سموري هستي سميٽجي آئي. ان ڳوراڻ ليلى جي سڏڪن تي ڄڻ باھه تي تيل وارو ڪم ڪيو، هن جو ڀاڪر وهاڻي ۾ وڌيڪ سوڙهو ٿي ويو. امير خان پنهنجو ڪمربند کولي، ترار سوڌو در جي ڪنڍي ۾ ٽنگي ڇڏيو، ۽ وڌي ليلى جي مٿان بيهي رهيو. خداوند! تو هي حسن ڇو خلقيو؟ پهراڻ جي گھيري ۽ وارن جي سرحد تي ليلى جو جسم هن کي ايترو حسين معلوم ٿيو، جو هن کان وڌيڪ ضبط نه ٿي سگھيو، ۽ هن پنهنجا چپ ان کپ ۾ کپائي ڇڏيا. ليلى جي جسم جو ڌڌڪو اوچتو بند ٿي ويو، ۽ هن سٽ ڏيئي جيئن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. تيئن امير خان جو ڀاڪر سندس جسم کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهجي ويو. امير خان جون ٻانهون هن جي ڇاتيءَ تي منڌيئڙو ٺاهي ويون، ۽ هن جا هٿ هن جي ڪُڇن ۾ ڦٻي ويا. هن جا چپ سندس ڳچيءَ ۽ ڪلهي جي لاهيءَ تي ٿڙڪڻ لڳا ۽ هن جي جسم جي اجھل آڳ ۾ جلڻ لڳا. پر ليلى نانگ وانگر پنهنجي بدن کي ڪوئيندي، هن جي ڀاڪر مان نڪري، هن جي سامهون بيهي رهي. هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جو ڌنڌ هو، ۽ ان ڌنڌ جي پويان هن جون اکيون ڄڻ ٻه مشعلون ٻري رهيون هيون. انهن اکين کي امير خان ڪڏهن به روئندو نه ڏٺو هو؛ هن انهن ۾ محبت ڏٺي هئي، ارڏائيون ۽ البيلائيون ڏٺيون هيون، دليريءَ جا سنيها ۽ ويڻ ڏٺا هئا، پر هن لڙڪن جي طوفان ۾ ٻرندڙ سرخ مشعلون نه ڏٺيون هيون. امير خان انهن شعلن ۾ وڌيڪ نهاري نه سگھيو. هن جي اندر ئي اندر ڪنهن شيءِ جي ڀڄي پوڻ جو پڙلاءُ، سندس جسم ۾ هڪ سرد لهر بنجي داخل ٿيو ۽ هن کي پنهنجو سمورو وجود سن ٿيندو، کيرو ٿيندو محسوس ٿيو. ان کيرائيءَ کان بچڻ لاءِ هن وري ڳالهائڻ جو سهارو ورتو.
”جان اسين اچي ويا آهيون!“
ليلى ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ لڳاتار هن کي گھوريندي رهي. لڙڪن جي ڌنڌ مان هاڻ نفرت جو ڇوهو اٿي ليڪا پائڻ لڳو هو.
”جان، اسين هن سنڌيءَ کي اهڙي سزا ڏينداسون جو زمانو اسان جي انتقام کان ڪنبڻ لڳندو . . . . . جان، اسان جو آغوش تنهنجي لاءِ بيقرار آهي . . . . !“
ليلى جي اکين جو ڌنڌ صاف ٿيڻ لڳو، ۽ ٻيءَ گھڙيءَ هن پنهنجي ڪمربند مان سنهو خنجر ڇڪي ڪڍيو، ۽ امير خان تي اُلر ڪري آئي. سندس لفظ باھه جا اُلا بنجي اميرخان کي ساڙڻ لڳا! ”بزدل، نامرد، خوني . . . .، منهنجي ويجھو آيو آهين ته هي خنجر تنهنجي سيني جي پار هوندو . . . . آءٌ تو جھڙن سوين ترخان سردارن تي هڪ سنڌي پورهيت کي ترجيح ڏيان ٿي، جن ۾ سچائي آهي، سڪ آهي ۽ دليري آهي . . . . تون ته ڪتو آهين . . .. ڪتو . . !“
هن الائي ڇا ڇا چوڻ ٿي گھريو، پر اوچتو امير خان سندس خنجر واري ٻانهن ۾ کڻي هٿ وڌو، ۽ سندس ٻانهن موڙي پويان ورائي ڇڏي. سور کان ليلى کان ڪيڪ نڪري ويئي، ۽ خنجر سندس هٿ مان ڪِري پيو. امير خان جي تن بدن ۾ باھه لڳي ويئي هئي، ۽ هن ڏند ڪرٽيندي چيو: ”ليلى، اسين تنهنجي حُسن جي خيال کان توکي ايذائڻ نٿا چاهيون. تون هڪ ڀيرو هڪ سنڌيءَ اڳيان اسان جي بيعزتي ڪري چڪي آهين. پر هن سنڌيءَ کي اسين تنهنجي اکين اڳيان اهڙي سزا ڏينداسون جو وري تو کي ڪنهن سنڌيءَ جي نالي وٺڻ جي جراَت نه ٿيندي . . . . تنهنجي هن جوانيءَ ۽ هن حسن جو قسم، اسين اهوئي خنجر تنهنجي سيني جي پار پهچائي ڇڏيون ها، جيڪڏهن اسان کي اهي ڏينهن ياد نه هجن ها، جڏهن اسان تنهنجي حسن کي ڏسي پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺا هئاسون! ياد ڪر ليلى، اهو ڏينهن، جڏهن تو غلامن جي قطار ۾ ٻاڏائيندڙ اکين سان اسان کي اهڙو نياپو ڏنو، جنهن کي اسين نظرانداز نه ڪري سگھياسون؛ ۽ ياد ڪر اهي ڏينهن جڏهن اسان تنهنجي هر خواهش جو احترام ڪيو . . . . تنهنجي ڀاءُ کي خريد ڪري، آزاد ڪري، ترڪستان واپس موڪليو؛ تنهنجي پيرسن پيءُ کي قنڌار جي قيدخاني مان آزادي وٺائي ڏني . . . . ۽ اڄ تون . . . ليلى. . . .تون. . . .!“
امير خان کي به الائي ڇا ٿيو؛ هن جو گلو ڀرجي آيو، ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ لاءِ آتا ٿيڻ لڳا. هن کي اهي ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن امير خان بهادر سردار هوندي به جنگ جھيڙي، ظلم ۽ غارتگريءَ کان نفرت ڪندو هو، ۽ هن سموري زندگي ليلى ۽ ادراڪيءَ جي محبت ۾ گذارڻ جو پڪو پھه ڪيو هو. جڏهن سنڌين جون بغاوتون زور وٺنديون ويون، ۽ سنڌين خلاف ڪاروائيون ڪندي، جڏهن ٿڪجي پوندو هو، تڏهن ليلى جي هنج ۾ هن کي دنيا جون سموريون برايون، لڙائيون ۽ جنگيون وسري وينديون هيون. هو کلي ليلى کي چوندو هو ته هونئن ته جھاد الله سائين طرفان فرض آهي، پر حق تي مسلمان جھاد في سبيل الله ۾ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا جو هنن کي جنت ۾ ليلى کان به سهڻيون حورون ۽ انگوريءَ کان بهتر شراب ملڻ جي پڪ هئي. ليلى شوخيءَ مان چوندي هئي: ”ڇا مون کان به ڪا حور وڌيڪ سهڻي ٿي سگھي ٿي؟“ ۽ هوءَ رُسي ويهي رهندي هئي. امير خان هن کي پرچائڻ لاءِ هزار جتن ڪندو هو. ان وقت ۽ هن وقت جي وچ ۾ رت جا درياءَ، هن جي سمورن نازڪ ۽ لطيف احساسن کي لوڙهي ويا ها. سنڌين جو ميرانجھڙو ڳاڙهو رت، جنهن جي رنگ تي سنڌوءَ جي پرئين ڪناري تي ٻڏندڙ سج مان ڦٽندڙ شفق جو گمان ٿيندو هو، هاڻ هن جي خوابن تي سوار ٿي چڪو هو. پر انهن خوابن ۾ هن کي پنهنجو رت به گڏجندو، مسجندو، وهندو نظر ايندو هو . . . . . ۽ خوابن جي ان ڌنڌ ۾ ٻه اڏول هستيون هن کي بار بار نظر اينديون هيون ـــــــــــ سنگھار هن جي پيءُ جو قاتل، ۽ سوڍو، هن جي محبت جو قاتل! انهن ٻن شخصن جي خواب ۾ اچڻ سان هن کي ٽياس تي ٽنگيل پنهنجي پيءُ جو لاش نظر ايندو هو ۽ سليمان جون ڊپ ۽ بي اعتباري کان ڦاٽل اکيون هن کي گھورڻ لڳنديون هيون، ۽ هو ان اوٿاري مان، پگھر ۾ شم ٿي ڇرڪ ڀري اُٿي ويهندو هو.
اهي خيال ايندي ئي، هن ليلى جي ٻانهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ کيس ٻاهر هلڻ جو اشارو ڪيو. اميرخان جي اکين ۾ جيڪي ڇايائون هيون، ليلى انهن ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪنڌ نِوڙائي، هن جي اڳيان هلندي، دروازي کان ٻاهر هلي آئي. ماڙيءَ جي آڳنڌ ۾، زخمن کان چُور سنگھار چوکنڀو ٻڌل هو. ڏهاڪو کن ترخان ترارين ۽ ڀالن سان مٿس پهرو ڏيئي رهيا هئا. سنگھار جا ڪپڙا سندس ئي رت ۾ رڱجي، بدن سان چنبڙي پيا هئا. سندس ساڄي ڪلهي ۾ لڳل ڀالي جي ڦاٽ مان رت اڃا تائين سيڙهون ڪري وهي رهيو هو. سندس شبيھه ايتري ڇرڪائيندڙ هئي، جو ليلى هن کي ڏسندي هڪ هنڌ ڄمي ويئي ۽ پوءِ اتي ئي مولهوٽو ٿي ڪِري پيئي.
امير خان کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ورتو، ۽ هڪ ترخان کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيائين. هڪ ٻئي ماڻهو کي هُن هڪ ٿلهي سيخ تپائي آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن ليلى کي هوش آيو، تڏهن هن پاڻ کي هڪ موڙِي تي ويٺل ڏٺو: امير خان جي ٻانهن سندس ڪلهن آڏو هئي، ۽ سوين ترخانن جون اکيون حيرت مان هن جي حُسن جا ڍُڪ ڀري رهيون هيون. اميرخان ڄڻ ته هن جي حسن کي عام بڻائي، هڪ عجيب اطمينان محسوس ڪري رهيو هو. سامهون سنگھار چوکنڀو ٻڌل هو. سندس اکين ۾ ڪا مرڪ موٽي آئي هئي: رت جي ڳاڙهاڻ ۾، هن جي اکين جي لال لال مرڪ ليلى جي اندر ۾ وڍ وجھڻ لڳي. هن جي دل اُن مرڪ کي پي وڃڻ لاءِ اُڇلون ڏيڻ لڳي؛ هن جي جسم ۾ اهڙي ٿڙڪڻي اچي ويئي، جو ان کي امير خان جو ڀاڪر به روڪي نه سگھيو. پوءِ هن جيڪي ڏٺو، ان تي هن کي اعتبار نٿي آيو: هڪ ترخان ٿلهي تتل سيخ کي ڪاٺ جي ڳن کان جھليندي، سنگھار جي سامهون اچي بيهي رهيو. امير خان ليلى کي ڀاڪر ۾ سوڙهو ڪندي چيو: ”سنگھار، تو منهنجي پيءُ کي ٽياس تي ٽنگايو هو، ۽ مون ان وقت ئي توکان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو. مون سوڍي جي بغاوت جي خيال کان، ان جي پوئواريءَ ۾ پئي دير مدار ڪئي؛ ۽ هاڻ آءٌ توکي ٽياس تي ابتو ٽنگائي سگھان ٿو، توکي گھوڙن جي پڇن ۾ ٻڌائي، چيرائي مارائي سگھان ٿو، هاٿيءَ جي پيرن ۾ لتاڙائي مارائي سگھان ٿو. ائين به ڪري ٿو سگھان ته تنهنجو سَنڌ سَنڌ، انگ انگ ڪري ڪپيان ۽ ڪتن جي حوالي ڪريان. پر تنهنجو ڏوھه انهن سزائن کان به وڌيڪ سنگين آهي؛ تو اسان کان ليلى کي جدا ڪيو. ان جي سزا توکي اهڙي ملڻ گھرجي، جو موت اُن اڳيان ڪائي سزا نه هجي، چؤ، تون پنهنجي لاءِ ڪهڙي ٿو سزا مقرر ڪرين؟
سنگھار ڪوبه جواب نه ڏنو. هڪ ٽِڪ ليلى ۾ نهاريندو رهيو. هاڻ هن جي اکين ۾ اهڙي ڪيفيت هئي، جو ليلى هن سان نظر ملائڻ کان ڪيٻائڻ لڳي. انهن اکين کان پاڻ بچائڻ لاءِ، پنهنجا ٻيئي هٿ منهن آڏو ڏيئي ڇڏيا. پوءِ هن سنگھار جو جواب ٻڌو.
”امير خان، پڻهين کي ٽياس تي مون ڪونه ٽنگيو هو؛ سندس ظلمن پاڻ کيس ٽنگايو هو. سنڌين تي ظلم ڪرڻ واري هر ظالم جو اڄ نه ته سڀاڻي اهو حشر ضرور ٿيڻو آهي. سنڌ ۾ رڳو آءٌ سنگھار ڪونه آهيان: سوين هزارين سوڍا ۽ سنگھار آهن، جي ظالمن کي ٽياس تي ٽنگيندا رهندا! رهي ليلى، سو تو هن کي لُٽ جو مال سمجھيو آهي؛ منهنجي لاءِ ته هوءَ فقط هڪ وينگس آهي، جنهن جي اکين ۾ الماس آهي، جنهن جي چپن ۾ ماکيءَ جھڙو مڌ آهي، جنهن جي بدن ۾ هرڻن واري اُڇل آهي، جنهن جي هنئين ۾ اهڙي ھورا کورا آهي، جنهن کي فقط منهنجي دل ٿي سمجھي، تون ڇا سمجھندين؟ ۽ سزا ـــــ سا تون پنهنجي دل کان پڇ ته هڪ بزدل، گيدي ۽ ڪانئر هڪ سورهيه سرويچ کي ڪهڙي سزا ڏيڻ چاهيندو!“
”بس ڪر بدزبان . . . . اوهان سنڌين کي اهڙو سبق سيکاريندس جو وري صدين تائين اوهان سنڌين کي زبان کولڻ جي جرات نه ٿيندي!“ ائين چئي هن پنهنجي ماڻهوءَ کي اشارو ڏنو. ترخان هڪ پل به نه سوچيو، ۽ هن سيخ سنگھار جي اکين ۾، سرمي جي ڪانيءَ وانگر ڦيرائي، هٽائي ڇڏي. وايو منڊل ۾ سڙندڙ کل جي بوءِ ڦهلجي ويئي. سنگھار جي وات مان آواز به نه نڪتو. هن جي اکين جي جاءِ تي ٻه ڪارا گھرا ٽمندڙ چُگھه بنجي ويا. ليلى جي نڙيءَ مان اهڙي ڪِيڪ نڪتي، جو ٻين ترخانن سان گڏ امير خان به ڏڪي ويو. ليلى هن جي ڀاڪر مان جھرڪيءَ وانگر ڀڙڪو کائي اڏمي نڪتي، ۽ سنگھار جي پوئتي لڙيل سر ۾ ڀاڪر وجھي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.