12
ڏينهن گذري ويا، پر سوڍل جي حالت ۾ ڪو فرق نه آيو: سندس نرڙ تي سيءَ هوندي به پگھر جا ڦڙا موتين وانگر چمڪندا رهيا. پر هڪ ڏينهن چاچو علو ڊڄندو، هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ داخل ٿيو، هلڪي کنگھڪار ڪيائين، پر سوڍل پنهنجي دنيا ۾ گم هو. ٻڍڙو علو تڏهن به نه مڙيو ۽ چيائين: ”سوڍل، شاھه قاسم ارغون مرزا باقيءَ تي راتاهو ڏنو آهي. مرزا باقي محل جي دري مان ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو آهي!“
ان خبر جو به سوڍل تي خير ڪو اثر نه ٿيو. علوءَ وري چيو: ”ان وقت سنگھار به مرزا باقيءَ جي محل ۾ گھڙي پيو هو. اوندھه ۾ هو مرزا باقيءَ تي وار نه ڪري سگھيو، ۽ مرزا باقي دريءَ مان درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي نه ڀڄي ها ته . . . “
سوڍل ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ”سنگھار . . . . سنگھار؟ ڪٿي آهي سنگھار؟“
چاچو علو چپ ٿي ويو. هو سوڍل جي اکين کان ڊڄي ويو. هن جي ڀورين اکين ۾ رت اوچتو مڙي آيو هو، ۽ انهن ۾ جيڪو مچ مچڻ لڳو هو، سو ڏاڍو ڀوائتو هو.
” مون توکان سوال ڪيو، چاچا علو! ڪٿي آهي سنگھار؟“
”امير خان جي ليلى کي کڻي ويو آهي، ۽ امير خان ڪڍ ويو اٿس . . . .“
سوڍل تي ڄڻ ڇت ڪري پيئي. هن جو هٿ ٽامي جي وٽيءَ تي سوگھو ٿي ويو، ۽ هن جو سمورو بدن سيٽجي تڻڪجي ويو. ٽامي جي وٽي ٽڙڪاٽ ڪري ڀڄي پيئي. ٽامي جو هڪ ٽڪرو هن جي هٿ جي تريءَ ۾ چڙهي پيو. اڇي دارونءَ سان گڏجي هن جي هٿ مان وهندڙ رت هن جي سٿڻ کي ڳاڙهو ڪرڻ لڳو. چاچو علو ڊڄندي اڳيان وڌيو ۽ چيائين: ”سوڍل، تنهنجو هٿ ڦٽجي پيو آهي!“
سوڍل اوچتو اٿي بيهي رهيو. هن جي انگ انگ کي ڪي اڄاتيون ڄرون ساڙڻ لڳيون. هن جي بدن ۾ هلڪي ٿڙڪڻي پئجي ويئي، ۽ هن ڏند ڀيڙيندي چيو: ”منهنجي گھوڙي سنبراءِ!“
”شهر جا ڪجھه جوان مڙس توسان ملڻ آيا آهن، سوڍل! هو چون ٿا ته تون جيڪڏهن سندن مهنداري ڪرين ته هو سنڌ تان سر گھورڻ آيا آهن!“
سوڍي ڄڻ ورچندي چيو: ”چاچا، مون چيو ته گھوڙي سنڀراءِ!“
ٻڍڙو علو دل ئي دل ۾ سوڍل سان خفا ٿيندي، ٻاهر نڪتو. هن جي پويان سوڍل به ٻاهر هليو آيو. ٻاهر ويهارو مڙس ڄڻ هن جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ بيٺا هئا. سڀني گڏجي چيو: ”جيئي سنڌ!“
اهو آواز ايترو ڳورو هو، ايترو معصوم هو، ايترو چيچلائيندڙ هو، جو سوڍل جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا، ۽ لڙڪن جي اُن ڌنڌ مان، جوانن کي ڏسندي هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”جيئي سنڌ . . . . جيئي سنڌ !“
”سوڍا، اسين توسان آهيون. سنڌ توسان آهي، سنڌ تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهي!“ هنن مان هڪڙي جوان چيو، جو ڪنهن دارالعلوم جو شاگرد ٿي ڏٺو.
”سنڌ . . . . ! سنڌ ؟ سنڌ؟ !“ سوڍل تقريبن روئندي چيو.
”ڪٿي آهي سنڌ؟ هيءَ چچريل چيريل، وڍيل ڪپيل سنڌ، جنهن تي ڳجھون لامارا ڏيئي رهيون آهن ـــــــــــ اها آهي سنڌ ؟ اها آهي دودي جي سنڌ؟ اها آهي تماچيءَ جي سنڌ؟ اها آهي دولھه دريا خان جي سنڌ ؟ . . . . . هو ڏس! سنڌ جو لاش سڙي رهيو آهي، هو ڏسو ٺٽو جلي رهيو آهي!“
هو الائي ڇا ڇا چوندو رهيو. هن جي ذهن ۾ سنڌ وري ڪَرَ موڙيا هئا، پر ان سان گڏ ٻه ڳاڙها چپ، ٻه اگھاڙيون ٻانهون ۽ ڇوليون هڻندڙ ارھه به ڪَرَ موڙي جاڳي پيا هئا.
”مون کي معاف ڪجو يارو، آءٌ سنڌ لاءِ نه، آءٌ پنهنجي جنگ وڙهڻ نڪتو آهيان. آءٌ کوکلو آهيان. مون کي ڇڏي ڏيو. آءٌ پنهنجي اندر جو جھيڙو نبيرڻ پيو وڃان. اوهين مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو!“ سوڍل ڄڻ پاڻ کي اندران ئي اندر وڍيندو ٿي ويو، ۽ اکر سندس وات مان ڄڻ ڦٽجي زخمي ٿي ٿي نڪتا.
”اسين به توسان آهيون، سوڍا !“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو. گھڙيءَ لاءِ هنن جوانن کي گھوريندو رهيو. اوچتو الائي ڪيئن هن کي پنهنجو ڀائيٽو سانول ياد اچي ويو، ۽ هن ڄڻ زوريءَ مرڪندي چيو: ”جيڪا اوهان جي مرضي: منهنجو ڪو ٺڪاڻو ڪونهي، منهنجو ڪو ماڳ ڪونهي، مون سان گڏجي جي اوهين به ڀٽڪڻ ٿا گھرو ته پوءِ بسم الله !“
ٻڍڙو علو سوڍل جي گھوڙيءَ سان گڏ هڪ ٻيو گھوڙو به ڪاهيندو آيو. سوڍل کيس ڏسي چيو: ”چاچا، هي ٻيو گھوڙو ڪنهن جي لاءِ آندو اٿئي؟“
”پنهنجي لاءِ! ماني ٽِڪي ڪري ڄاڻان، فارسي ڳالهائي ڄاڻان ـــــ من آءٌ به ڪنهن ڪم اچي وڃان !“
”۽ هيءَ سراءِ ؟ “ هڪ جوانڙي پڇيو.
”سنڌ سامت جو ساھه کنيو ته سرائون گھڻيون. گھڻو ئي سنڌ جو ليمڪ کاتو اٿم. من هي پوڙو هڏ به ڪم اچي وڃي!“
سوڍي سوار ٿيڻ کان اڳ پڇڻ ٿي گھريو ته سنگھار ڪهڙي پاسي ويو. پر ان جي بدران هن سوال ڪيو: ”امير خان ڪهڙي طرف ويو؟“
”ڪينجھر ڏانهن!“ هڪڙي همراھه جواب ڏنو.
سوڍو وڌي پنهنجي ڪميت تائين آيو، ۽ سندس منهن ۽ ڪنن تي هٿ ڦيرائڻ لڳو. گھوڙيءَ پنهنجي مالڪ کي ڪي ڏينهن ڪونه ڏٺو هو، سا منهن مٿي کڻي سندس منهن سان منهن ملائڻ لڳي. سوڍي چيو: ”چري، آءٌ مئو ٿورو ئي آهيان!“ ڪميت خوشيءَ کان پنهنجي کل ڦڙڪائڻ لڳي، ڄڻ هن وري سوڍل جي سوار ٿيڻ جي آس ٿي ظاهر ڪئي. سوڍي لانگ ورائي ته سڀني همراهن پنهنجن گھوڙن کي ڪميت جي پٺيان ڇڏي ڏنو.
ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
سانجھين جو سج هنن کي سامائيءَ جي هُڙين ۾ لٿو. گھوڙن جي سهڪ جو هانبارو لڳل هو. مٽيءَ ۽ ڌڌڙ کان هنن جا منهن ڀورا ٿي ويا هئا. سج جا آخري ڪرڻا، هڙيءَ جي وڻن تان کڙي، پکين کي پنهنجا آکيرا ياد ڏياري رهيا هئا. علوءَ گھوڙو اڳتي وڌائيندي چيو: ”سوڍل گھوڙا ٿڪجي پيا آهن: وڌيڪ هلياسون ته وهٽ مري پوندا. رات اتي ئي ڊاٻو ڪجي ته ڪيئن!“
سوڍل جا خيال هن جي ڪميت کان به تيز سنگھار، ليلى ۽ امير خان کان به اڳتي نڪري ويا هئا. علوءَ جو آواز ٻڌي، هن رڳو ايترو چيو: ”جيڪا سنگت جي صلاح!“
علو ڄڻ ته هڙيءَ جي وڻ وڻ کان واقف هو: هن کي اها خبر هئي ته اڇو پٽ ڪٿي آهي، پاڻي ڪٿي آهي يا شڪار ڪٿي آهي. هو همراهن کي وٺي اچي هڪ تلاءَ وٽ بيٺو. سڀ اتي ئي لهي پيا. گھوڙن کي ٿورو پنڌ ڪرائي، کين پاڻيءَ تي ڇڏي ڏنائون. علو ٽن چئن ساٿين سان هُڙيءَ اندر هليو ويو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ ٻن همراهن جي ڪلهن تي هڪ وڏو ڦاڙهو هو. هڪڙي ٻئي ساٿيءَ جي ڀاڪر ۾ هڪ ننڍڙو هرڻ هو. همراھه باھه ٻاري هرڻن کي پچائڻ ويهي رهيا. چئن همراهن کي هنن آسپاس جي نظرداري لاءِ موڪليو ـــــــ باقي ساٿي ٽوليون ٺاهي اوڀاريون لهواريون ڪرڻ ويهي رهيا.
سوڍو هنن کان الڳ، هڪڙي ڊٻ تي ويهي ڪجھه سوچيندي رهيو. هن جي من ۾ جيڪو انڌڪار متل هو، ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي ڪٽاري سان زمين تي آڏا ابتا ليڪا ڪڍڻ لڳو. ليڪا هن کي نظر نٿي آيا، پر هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انهن ليڪن مان ليلى جو سمورو بدن جاڳي هن ڏانهن جھڪڻ لڳو هو. اهو خيال ئي هن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، ۽ هو وري اٿي بيهي رهيو. ڪٽارو ڪمربند ۾ هڻي، پير سان ليڪا ڊاهڻ لڳو. مچ جي سوجھري ۾ هن جا ساٿي هن جي حرڪتن کي ڏسي اچرج کائيندا رهيا. سوڍي بابت هنن جيڪي ٻڌو هو، هي سوڍو ان کان بلڪل مختلف هو. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ علو کي هئي. هن ڄڻ دل ئي دل ۾ چيو: ”اَٺ راتيون ڪونه ستو آهي ــــــ ڌڻي منهنجا تون خير ڪجانس!“
پڪل هرڻ جي هڪڙي ران کڻي جڏهن علو سوڍل وٽ آيو، تڏهن سوڍو وري پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو، ۽ هن شڪر گذاريءَ سان علوءَ ڏانهن ڏٺو. علو سندس منهن تي سرهائي ڏسي پاڻ به مرڪڻ لڳو. سوڍو اڃا کائڻ ۾ ئي هو ته هڪڙو همراھه ڊڪندو هن تائين پهتو ۽ سهڪندي چيائين: ”سوڍل، ڏهاڪو کن ترخان هڪ ڏولي کڻايو ٺٽي پيا وڃن!“ سوڍل گوشت جو ٽڪر علوءَ جي هٿ ۾ ڏيندي اٿي بيٺو. ”ڪير آهي ڏوليءَ ۾؟ پڇيئي؟“ ”امير خان جي ٻانهي آهي ــــــــــــ ليلى ٿا چونس!“ همراھه سهڪندي جواب ڏنو.
سوڍل کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هُڙي لاٽونءَ وانگر ڦرڻ لڳي هئي. هن جا ساٿي، مچ تي پچندڙ ڦاڙهو، سامهون توٻرن مان داڻو چرندڙ گھوڙا به هڙيءَ سان گڏ ڦرڻ لڳا هئا. هو پنهنجو هٿ مٿي تي آڻي، پنهنجي هڪڙي ڳل کي مهٽڻ لڳو، ۽ پوءِ هو تيزيءَ سان هڪڙو ڀالو کڻندي پنهنجي ڪميت تائين پهتو. هن جا ساٿي به اٿي بيهي رهيا، ۽ پنهنجن گھوڙن ڏانهن وڌيا. سوڍي هنن ڏانهن نهارڻ بنان چيو: ”مون اوهان کي چيو هو ته منهنجي پنهنجي جنگ آهي. ڀلائي ڪري اوهين اتي ئي ترسو!“
هن جي لفظن ۾ ڪو دڙڪو ڪونه هو، پر هن جي آواز ۾ اهڙي ڪيفيت هئي. جو همراھه اتي ئي ڄمي ويا. سوڍل ڪميت تي سنج به نه وڌا؛ توبرو سندس ڪنن مان ڪڍي، هيٺ ڇڏيندي، آهستي چيائين: ”هل مِٺي!“
ڪميت به ڄڻ پنهنجي مالڪ جي ڪيفيت کي سمجھي ويئي هئي. بنان لغام جي پنهنجي سوڍل جي ٺلهي اشاري تي، هن هڙيءَ کي چيرڻ شروع ڪيو. هن جي چال ۾ عجيب لوڏ اچي ويئي، ڄڻ هن کي اهو احساس هو ته سوڍل بنان سنجن جي چڙهيو آهي، متان ڏکيو ٿئي. پر ان لوڏ جي باوجود هن جي رفتار ۾ فرق نه آيو. ڪميت اڃا هڙيءَ کان منهن ڪڍيو ته پريان ئي ٻرندڙ مشعلون نظر آيس. اوندھه مان اچڻ ڪري، مشعلن جي تکي روشنيءَ ۾ ترخانن جا لڏندڙ خاڪا هو چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگھيو. ڀالو سڌو ڪندي، ترخانن جي وچ ۾ ڇٽل تير وانگر اچي ٽُٽو. پهرئين ئي وار سان ٻه ترخان دل ڏاريندڙ رڙيون ڪندا گھوڙن کان هيٺ اچي ڊٺا. گھوڙن به هن اوچتي مصيبت کان ٽهڻ شروع ڪيو، ۽ نرا کڻي پنهنجن ئي سوارن کي لتاڙيندا هڪ پاسي نڪري ويا. سوڍل جو ڀالو ائين ڪڙڪي رهيو هو، ڄڻ ڀالي ۾ عقاب جو روح سمائجي ويو هو ۽ هو ڳولي ڳولي ترخانن جا سينا پرڻ ڪندو ٿي ويو. ڪميت جي هڻڪار ترخانن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ وجھي ڇڏيو. هڪڙي ترخان جي ترار جي چهنب سوڍي جي ڳل کي بنھه اک هيٺان چهڪ ڏيئي ويئي. اتان وهندڙ رت هن جي مڇن مان ٿيندو هن جي چپن تي ڳڙڻ لڳو. پنهنجي ئي رت جو سواد محسوس ڪري سوڍي مان ڄڻ ڏھه سوڍا ٿي پيا. هن ڪمربند مان ڪٽارو ڪڍي، ٻنهي هٿن سان وار ڪرڻ شروع ڪيو. ڀالو هڪ ترخان جي نڙيءَ کي ڇيهون ڇيهون ڪندي، کاڏيءَ جي پار هليو ويو. سوڍي ڇڪ سان ڀالو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ترخان لڙڪي گھوڙي تان ڪِري ڀالو پاڻ سان گھليندو ويو. هن ترخان جي ڪِرڻ سان باقي بچيل ترخانن گھوڙن کي اڙيون هڻي کڻي هڪ پاسي منهن ڪيو. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هنن ڪو جن ڀوت ڏٺو هو، ۽ لڳاتار گھوڙن کي اڙيون هڻندا ٿي ويا. گھڙي کن ۾ هو غائب ٿي ويا.
سوڍو ٽپ ڏيئي گھوڙي تان لهي پيو. سامهون ڏوليءَ جا ڪمهار ڏولي اتي ئي ڇڏي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اوندھه ۾ ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا. سوڍل پٽ تي ڪريل مشعلن مان هڪڙي کڻندي ٿڪل قدمن سان ڏوليءَ تائين آيو، ۽ پردو هٽائي ڇڏيائين.
ليلى هڪڙي ٻانهن جي سهاري تي ليٽيل هئي: هڪڙي هٿ جي تريءَ تي سندس مٿو جھليل هو. هن جا ڇڙواڳ وار ڪلهن تان وري هن جي ڇاتيءَ تي پکڙي ويا هئا. مشعل جي ڀڙڪندڙ روشنيءَ ۾ سوڍل هن ڏانهن نهاريو. سوڍل کي ڏسي ليلى جي منهن جي ڪيفيت ئي بدلجي ويئي. هن جي چپن تي هڪ عجيب مرڪ ڇانئجي ويئي. هن جي اکين ۾ هڪ نئين شوخي ڀرجي آئي. سوڍل هن جي اگھاڙين ٻانهن ڏانهن نهاريندي ائين محسوس ڪيو ڄڻ هن جي ڏورن جو ماس ڪنهن عجيب اڇل کان ٿڙڪڻ لڳو هو ــــــــــ ۽ پوءِ هن جي نظر هن جي اڌ اگھاڙي ارھه جي محراب تي پيئي. هن جي نظر اتي ٽڪي نه سگھي، ۽ اتان لهندي هن جي دُن تي جھلجي پيئي: دُن جي هيٺان، پاسي تي، اڇي ڳن سان هڪ خوبصورت خنجر هيرن سان جڙيل مياڻ ۾ کُتل هو. سوڍل مشعل ڏوليءَ جي تختي آڏو بيهاري ڇڏي.
ليلى گھڙي کن هن کي ڏسندي رهي. مرڪ سندس چپن تان سڄي منهن تي ڦهلجي ويئي، ۽ جڏهن ان مرڪ جي جوت هن جي اکين ۾ پهتي، تڏهن سڌي ٿي ويهي رهي. سندس ڇاتي زور سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، ۽ سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ زمين هن جي پيرن هيٺان ڌٻڻ لڳي هئي. ليلى هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو: ”جانِ من، مون کي پڪ هئي ته تون مون کي ڳولي لهندين! . . . . . پر ايتري دير ڪبي آهي! اچ . . . . . . اوري آءُ ته آءٌ توکان سنڌ وسارائي ڇڏيان!“
سوڍل هٿ وڌائي، سندس نرڙ جي وچ تي ڏسڻي آڱر رکي ڇڏي. نرڙ تان سندس وار هٽائيندي، آڱر سان ڄڻ رستو نهاريندي، هن جو هٿ لهندو ويو. هن جي آڱر هن جي نڪ تان لهي هن جي چپن تائين پهتي ته ليلى چپن کي سوڙهو ڪندي هن جي آڱر کي چُمي ڏني، پر آڱر هيٺ لهندي ويئي. هن جي کاڏيءَ جي خال تان گسڪندي، هن جي خوبصورت ڳچيءَ تان مڙي، هن جي ارھه جي محراب ۾ اٽڪي پيئي. پر جلد ئي اتان ٿڙي هن جي چولي مٿان هلندي، هن جي دُن تان ڦرندي، خنجر جي ڳن تي اچي بيهي رهي، ۽ هن ليلى جي اکين ۾ نهاريندي خنجر مياڻ مان ڪڍي ورتو.
ليلى اُميد ڀرين اکين سان هن کي ڏسندي رهي. هن جي ٻانهن ۾ اڇل ايندي ويئي، ۽ هن وحشي گھوڙي کي پنهنجي سيني ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ، هوءَ ٻانهون کولي گوڏن ڀر اٿڻ لڳي. سوڍي اوچتو پنهنجي هٿ کي هلڪو اشارو ڏنو، ۽ خنجر جو ڦر ڳن تائين هن جي ارھه جي محراب ۾ داخل ٿي ويو. ليلى هڪ ڳيت ڏيئي هڏڪي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي منهن تي مرڪ قائم رکڻ لاءِ چئن ئي ننهن جو زور لائي، ٻيئي هٿ کڻي هن جي پهراڻ ۾ وڌا، ۽ پنهنجو منهن هن جي ڇاتيءَ جي وارن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، هوءَ ڍرڪندي هن جي قدمن ۾ ڪِري پيئي.
سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ گھمندڙ، چڪر کائيندڙ دنيا بيهي رهي هئي. هن جي ذهن ۾ متل سمورا طوفان ۽ واچوڙا بيهي رهيا. هن جي اندر جو مچ اُجھامڻ لڳو هو: فقط هن جي دل جي جاءِ تي هڪ وڏو گھرو خال بڻجندو ٿي ويو، ۽ الائي ڇو هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجڻ لڳا هئا. هن پنهنجي پويان ڪنهن جي زور سان ساھه کڻڻ جو آواز ٻڌي پويان نهاريو. ڪميت سندس پٺيان ڪنڌ جھڪايو بيٺي هئي. هن جا ايندڙ لڙڪ واپس موٽي ويا، ۽ هن پيار مان ڪميت جي بشڪن تي هٿ ڦيريندي ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”آءُ مٺي ته هلون. منهنجي جنگ پوري ٿي: هاڻ اچ ته سنڌ جي جنگ ڇيڙيون!“
ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
ماٺيڻي، مهر ڀرئي، سنڌوءَ ۾ جڏهن اُٿل ايندي آهي، تڏهن ائين ڀانئبو آهي ته هن ۾ نوح جي ٻيڙي به ڪانه بچندي. واهڻ وستيون، کيت کرا، نديون نارا، هيٺاهيون مٿاهيون پاڻيءَ جي اڇ ۾ ڍڪبيون، سنڌوءَ جي هنج ۾ گم ٿي وينديون آهن، ۽ پريان ائين ڀانئبو آهي ڄڻ اُڀ ۽ ڌرتي پاڻ ۾ ملي، هڪ ساگر جي صورت ۾ وهڻ لڳا آهن. اُڀ پاڻ بچائڻ لاءِ پوئتي هٽندو رهندو آهي، ۽ ڌرتي پنهنجي پاڻ ۾ سمائجندي، پاڻ بچائيندي، نيون حدون، نوان ڪنارا، نوان ساحل ڳوليندي رهندي آهي ــــــــــــــ ۽ هر طرف پاڻيءَ جون ڳالهيون ڳڻبيون آهن، هاهوڪار مچندي آهي. ماڻهو ته ماڻهو، پکي پکڻ ۽ جيت جناور ٻاڏائيندڙ اکين سان ڪو نئون اجھو، ڪا نئين پناھه ڳولڻ لڳندا آهن.
چون ٿا ته اهڙين مُندن ۾، جڏهن سنڌي سيلاني، غوراب ڀري، مڪڙا سنڀالي، سڙه سنوان ڪندا هئا، تڏهن سندن اکن وجھڻ، جَرَ ڏيا ٻارڻ کان پوءِ به سيلاني نه ورندا هئا، تڏهن اهي پاڻ ــ وهيڻيون چريون سُر سامونديءَ جا آلاپ ورلاپ ڪنديون، گھر موٽي اينديون هيون، ۽ ساگر جي سيني ۾، هنن جي موٽڻ تي، اهڙي اُٿل ايندي هئي، پاڻيءَ تي اَڇ ئي اَڇ آڪاس ۾ اهڙا رنگ ڀرڻ لڳندي هئي، جو ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن ساگر جي هيءَ اَڇ به اڇل کائي وجھي ته . . . . . . . ؟ !
پر هيل ونين جي ورلاپن بدران هڪ نئون راڳ، نئون سنگيت ساگر جي ويرن مان ٿيندو، سنڌوءَ جي لهرن ۾ پڙاڏا پيدا ڪندي، ماڻهن جي سينن ۾ ٻرڻ لڳو هو. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وات ۾ اهائي وائي هئي : تو ٻڌو، مون ٻڌو، هِن ٻڌو، هُن ٻڌو ـــــــــــ آخر ۾ ترخانن ٻڌو ته سوڍو ڪاهيندو ٿو اَچي. جتان جتان اهو آلاپ اٿيو ٿي، اتان ترخان اڳواٽ ئي ٽپڙ ٻڌي ٺٽي پهچڻ لڳا.
سوڍو هڪ سمنڊ هو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، وڳر واهڻ مان، شهرن وستين مان، ساگر ڦٽي، تيز ڌارائن جي روپ ۾ سمائجندا ٿي ويا. ڦڙي ڦڙي تلاءُ، تلاءُ تلاءُ ندي، ندي ندي ساگر ۽ ساگر ساگر سمنڊ بنجي ڇوليون هڻڻ، اُڀ ۾ راهون پيدا ڪرڻ لڳو. ماڻهن ۾ عجيب غريب ڳالهيون، آکاڻيون ۽ قصا ڪهاڻيون پکڙجي ويون: پوڙهيون پڪيون ۽ وڏڙا جڏهن مچ جي چوڌاري ويهي اوڀاريون لهواريون ڪندا هئا، تڏهن روز نت نئين ڪهاڻي جنم وٺندي هئي.
سوڍو ۽ سندس ساٿي جتان ٿي لنگھيا، اتي ڄڻ ته منڊل لڳي ٿي ويا. ڳوٺاڻا هنن جي آجيان لاءِ اکيون وجھيو ويٺا هوندا هئا. ڦنڊرون ڪسنديون هيون، دنبا ۽ ٻڪر پچندا هئا، دهل دمام وڄندا هئا، ڏونڪن تي نچون ٿينديون هيون، ماڻهو ڇيريون ٻڌي مورا ڳائيندا، جھمر وجھندا، هنن جي مرحبا ڪندا هئا، ۽ سڄو وايو منڊل ”جيئي سنڌ“ جي پڙاڏن سان گونجڻ لڳندو هو. اهي پڙاڏا ٻڌي آسپاس جي ڳوٺن مان ترخان پنهنجا گھوڙا پلاڻڻ لڳندا هئا.
پر سوڍو ۽ سندس ساٿي ته ڪي عجيب انسان هئا: سڄا بت ڀڀوت، چاپئون ڏاڙهيون لَٽ ۾ اڇيون، ڪپڙن تي رت جا ڇنڊا ڄڻ هولي کيڏي آيا هئا، اکين ۾ مچ ڄڻ هر گھڙيءَ ڪنهن ڳولا، ڪنهن تلاش ۾ هئا. ماڻهن سان اهڙي قرب سان ملندا هئا ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هئا. سوڍي کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو ائين ڳاهٽ ٿيندا هئا، ڄڻ ته هنن نه ڏٺو ته سندن قيام ئي ڪانه ٿيندي. سنڌي سٻاجھڙا اٻوجھن جيان، هن جي ڪا نشاني هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ ٿي لڳا. جي هن جا ساٿي نه سنڀالين ته ماڻهو هن جي ڪپڙن کي ڦاڙي، ليڙون کڻي وڃڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ جھڙڻ ٿي لڳا. جتان جتان ٿي لنگھيا، انهن هنڌن تان ٻيو ڪجھه نٿي ملين ته ماڻهن مٽيءَ جون ننڍڙيون هڙون ٻڌڻ ٿي شروع ڪيون، ۽ سوڍو هنن سٻاجھڙن جون اهي اٻوجھائيون ڏسي الائي ڇو، ڪنڌ جھڪائي پنهنجي سنڌ جي ان ڌرتيءَ کي گھورڻ لڳندو هو، جا ماڻهن کي ايتري پياري هئي.
جنهن جنهن ڳوٺ ۾ سوڍل پنهنجي سِينا سان داخل ٿي ٿيو، اتي وڏڙا گھرائي، سندن پنچائت چونڊائي، ڳوٺ جي ڪرڙوڍ ماڻهن ۽ جوانن کي حفاظت لاءِ هٿيار پنوهار ڏيئي، اڳتي وڌندو هو. هر ڳوٺ مان ڪيترائي جوان مڙس هن سان شامل ٿيندا هئا. سوڍي جي سِينا چوماسي جي درياءَ وانگر ويران وير وڌندي ويئي. سوڍل کي ڄڻ ته اکين ۾ ننڊ ئي ڪانه هئي: جتي به رات پوندي هين، اتي چونڪي ڏيندڙ جوان اڪثر هن کي پنهنجي منهن ستل همراهن جي قطارن مان لنگھندو، سندن منهن ۾ گھوريندو، چئن پاسن پاڻ پهرو ڏيندي ڏسندا هئا. هن جي ساٿين هن کي آرام ۽ سک ڏيڻ لاءِ هزار جتن ڪيا، پر سوڍل ڄڻ سک سمهڻ سکيو ئي نه هو.
سوڍل جي زندگي شفق جي ڳاڙهي ڪڪر واري زندگي بنجي ويئي، جنهن ۾ روشنيءَ ۽ اجالي کان سواءِ رَت جون ڌارائون شامل هيون. هن جي اکين ۾ نيون ڏياٽيون ٻرڻ لڳنديون هيون، هن جي جوت هن جي چوڌاري ڄڻ نُور جو هڪ ڪڪر پيدا ڪري وڌو هو. انهن ڏياٽين جي ڄر ۾ نهارڻ سان ئي ڏسندڙ کي ڀنواٽي پئجي ويندي هئي. هو هميشه کان وڌيڪ، اڳي کان اڳرو، چپ ۽ سانتيڪو ٿي پيو هو. پر ان سانت ۾ هڪ نئين لهر هئي ـــــــ جيئن ڪنهن سمنڊ ۾ اُٿندڙ آنڌي ۽ طوفان کان اڳ ماٺ ۽ سانت جي لهر اُڀري ايندي آهي. هن سان ڳالهائڻ جي ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي؛ فقط چاچو علو ڪنهن طرح هن کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري سگھندو هو. پر هيءَ اُٿل به اهڙي هئي، جو سوڍو ته ڇا، ٻيا جوان به ڳالهائيندا گھٽ هئا، هر وقت ايندڙ لڙائين جي انتظار ۾ سندن دليون ڌڙڪنديون رهنديون هيون.
سنڌ جي ڳوٺن جي جوانن جو من به ايترو وڌي ويو هو، جو هو پنهنجي منهن سنهن ترخانن کي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ته هو به سوڍل جا ماڻهو هئا، جيڪڏهن هو پنهنجي ظلمن ۽ ڏاڍاين کان باز نه آيا ته هو سوڍل وٽ دانهين ٿي ويندا. ڪيترن راڄن اڳواٽ مهمانين جھلڻ لاءِ ماڻهو ٿي موڪليا، پر سوڍي جو هڪڙوئي جواب هوندو هو ته ”ادا، جي منهنجي مهماني جھلڻي اٿو، ته ڪو جٿو جوانن جو ٺاهي اچي اسان سان شامل ٿيو!“ ايئن سوڍل جا ساٿي مينهوڳيءَ جي درياءُ وانگر وڌندا ڦهلجندا ٿي ويا. ٿوري وقت ۾ ڪهاڙين، لوڙهين ۽ بانٺن جي بدران هنن وٽ ترخانن کان ڦريل تراريون، ڀالا ۽ بڙڇيون اچي ويون. هنن جي تنظيم ۾ خاص ڳالھه اها هئي، جو منجھن ڪوبه فرق نه هو. هڪ ئي طرح جو کاڌو سڀ کائيندا هئا، هڪ ئي طرح سان جيجل ڌرتيءَ کي وڇاڻو بنائي سمهندا هئا. چونڪي ۽ پهرو ڏيڻ جو وارو به سڀني تي ايندو هو. انهن ۾ سوڍل به شامل هوندو هو. فقط هڪڙو فرق هو ــــــــــــــــ سو اهو ته جنگ جھيڙي وقت سوڍل جي هر ڳالھه ڄڻ لوھ تي ليڪو هئي. ڪنهن کي هن جي ڳالھه اورانگھڻ جي همت نه ٿيندي هئي. ترخانن جي ننڍين ننڍين ڇانوڻين تي راتاها ڏيڻ هنن جو معمول ٿي ويو. هنن جي طاقت اڃا ايتري نه هئي، جو سڌو سنئون ترخانن جي لشڪرن سان وڙهن. ان ڪري سوڍل اڪثر پنهنجن همراهن جي چونڊ جٿي سان ننڍين ننڍين ڇانوڻين تي اهڙيءَ طرح راتاها ڏيندو هو، جو ترخانن کي اها خبر نه پئجي سگھندي هئي ته حملو ڪنهن، ڪهڙي وقت ۽ ڪٿان ڪيو.
هڪڙي اُماس رات جو هو پنهنجن ويهارو کن ساٿين سان پنهنجي باقي لشڪر کان گھڻو اڳتي نڪري آيو. واپس ورڻ تي هئا ته پريان کين مشعلن جي روشني ليئاڪا پائيندي نظر آئي. سوڍل جون اکيون اوندھه کي چيرينديون روشنيءَ جي ان نقطي ڏانهن ڏسنديون رهيون. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ان نقطي جا ترورا هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ٿي ويا، ۽ اهي ترورا هنن جي هلڻ تي جئن پوءِ تئن ڏانهن ويجھا پوندا ٿي ويا. جڏهن هو بنھه ويجھا پهتا، تڏهن سوڍل پنهنجن ماڻهن کي گھوڙن تان لهڻ جو اشارو ڏنو. گھوڙن کي اتي ئي وڻن ۾ ٻڌي، هو پيرين پيادا روشنيءَ ڏانهن وڌيا. بنھه ويجھو پهچڻ تي هنن ڏٺو ته اٽڪل پنجاهي کن تنبو کُتل هئا. ٻن تنبن اڳيان مشعلون ٻري رهيون هيون. ڪجھه پهريدار واري واري سان تنبن جي چوڌاري گول چڪر هڻي پهرو ڏيئي رهيا هئا.
سوڍل، پنهنجن ماڻهن کي هڪ هيٺانهين هنڌ ٿي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ تنبن جي اوٽ مان ٿيندو، مشعلن وارن تنبن جي ويجھو پهتو. هڪڙي تنبوءَ جي ٻاهران چار پهريدار بيخبر پاڻ ۾ يٽ شٽ هڻي رهيا هئا. اتي روشني ايتري تيز هئي، جو اوندھه مان نڪرڻ جوکم جو ڪم هو. پر سوڍل اوندھ جي اوٽ مان نڪري، پنهنجي ڪٽار هٿ ۾ جھلي، آهستي آهستي تنبوءَ جي پٺيان نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. عين ان گھڙيءَ هڪڙو پهريدار پنهنجي چونڪيءَ جو چڪر ڪاٽي، هن جي سامهون لنگھڻ وارو هو. هنن جي وچ ۾ فقط چند قدمن جو فاصلو هو. سوڍل هڪدم تنبوءَ جي اوٽ ۾ ساھه روڪي بيهي رهيو. هن کي پڪ هئي ته اتان لنگھندي پهريدار جي نظر هن تي ضرور پوندي. پر هو اُن لاءِ اڳيئي تيار هو. جڏهن پهريدار بنھه هن سان منهان منهن ٿيڻ وارو هو ته هن چيتي وارو ڇال ڏيئي، هڪڙو هٿ هن تي وات تي ڏيئي ڇڏيو ۽ سندس ٻيو هٿ هن جي چيلھه کي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين چيري ويو. ترخان جي دانهن هن جي هٿ ۾ ئي چچرجي مري ويئي. جڏهن سوڍل کي پڪ ٿي ته ترخان جي رڳن مان به آواز مري ويو، تڏهن کيس گھلي هڪ تنبوءَ جي پويان اهڙيءَ طرح ڊگھاري سمهاري ڇڏيو، جو پريان رڳو سندس پير نظر اچن. هو پاڻ به اتي ئي اوندھه ۾ بيهي، ٻئي پهريدار جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ ٻيو پهريدار ڄڻ ڪجھه ڳوليندو، تنبوءَ جي اونداهن پاڇن ۾ نهاريندو، هن ڏانهن وڌڻ لڳو. سوڍل سمجھي ويو ته هو پنهنجي ساٿيءَ کي ڳولي رهيو هو. هن کي پنهنجي چڪر ۾ ان پهريدار جي نه موٽڻ تي حيرت هئي. جڏهن اتي پهچي، هن کي سندس پير نظر آيا، ۽ پاڇولي ۾ ائين ٿي نظر آيو ڄڻ اوندھه جو فائدو وٺي، موقعو ڏسي هو ڄاڻي واڻي سمهي رهيو هو. تڏهن پهريدار جي منهن تي مرڪ سان گڏ ڪا شرارت سجھي آئي، ۽ هن فارسيءَ ۾ گار ڏيندي چيو: ”ننڊون ڪر، حرامخور . . . . بيھه ته . . . . .“ جئن ئي هن کي ٽنگن مان جھلي ٻاهر ڇڪڻ تي هو ته هڪ لوهي چنبو سندس ڳچيءَ ۾ ڦٻي ويو. هن جي اکين ۾ مشعلن جي روشني ۽ اوندھه واري واري سان نچڻ ٽپڻ ۽ غائب ٿيڻ لڳي. هن رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس ڄڀ کي پاڙئون پٽي ڇڏيو هو. هن ڳچيءَ جي سور کان روئڻ ٻاڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ائين ڀانيو ڄڻ ته هن جون اکيون پنهنجي جاءِ تان ٻاهر نڪري رهيون هيون. هن ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان پنهنجي جان ڇڏائي، پر هن کي پنهنجون ٽنگون ڌرتيءَ کان مٿي لڙڪنديون محسوس ٿيون. گھڙيءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن کي اهو احساس جاڳيو ته موت بنھه هن جي دل تائين اچي پهتو هو، ۽ هو هڪ سڪل بنڊ جيان پنهنجي ساٿيءَ مٿان ڪري پيو.
سوڍل هنن کي اتي ئي ڇڏي، وري پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو. هن کي پڪ نه هئي ته اڃا ڪو ٻيو پهريدار چڪر تي ايندو يا نه. ڪجھه وقت انتظار ڪري هو هڪڙي تنبوءَ جي پٺيان پهچي، پنهنجي ڪٽاري سان ان جي ٿلهي ڪپڙي کي چهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. اندر گھڙڻ جيترو لوگھو ڪري، هو تنبوءَ ۾ ٽپي پيو. ٻاهر ٻرندڙ مشعلن مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ ۾ هن جيڪي ڪجھه ڏٺو، تنهن هن جي دل ۾ چڪ وجھي ڇڏيو: رسن سان چوکنڀو ٻڌل سنگھار هن ڏانهن نه ڏسندڙ اکين سان نهاري رهيو هو. اکين جا جاءِ تي ٻه وڏا چُگھَه هئا، جن مان رت گاڏڙ پيلو پاڻي وهي، سندس ڏاڙهيءَ ۾ سڪي ويو هو. سندس سمورو جسم ڦٽن ۽ چيرن سان چچريو پيو هو. ايترو زخمي ۽ نابين هجڻ جي هوندي، ترخانن هن کي اهڙو سوگھو ٻڌي ڇڏيو هو، جو ائين ٿي ڀانيو ته ترخانن کي اڃا به هن کان ڊپ ٿي ٿيو. گھڙيءَ لاءِ سوڍل جو مَن سُن ٿي ويو. هن جي پنهنجي اکين ۾ مرچ پوڻ لڳا. هن جي سڄي بدن ۾ سُيون چُڀڻ لڳيون. محض ان احساس کان بچڻ لاءِ، هو ڪٽارو هٿ ۾ جھلي، دروازي ڏانهن وڌيو. ٻاهر نڪرڻ سان ڄڻ هن کي جن پئجي ويو. ڳالهيون ڪندڙ پهريدارن کي ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته هو ڪير هو ۽ ان تنبوءَ مان ڪيئن نڪتو. پهرئين ترخان کي باھه جو هڪ تيز اُلو پنهنجي ٻنهي ڪلهن جي پوري وچ ۾ کپندو محسوس ٿيو، ۽ هن ايڏي رنڀ ڪئي، جو سندس ساٿين جون دليون ڪنبي ويون. هن جي ڪرڻ وقت، سوڍل سٽ ڏيئي هن جو ڀالو کسي ورتو، ۽ سامهون بيٺل ترخان جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏنو. اُن ڀالي کي اتي ئي ڇڏي، هن پاسي ۾ بيٺل ٽئين ترخان کي ڪمربند ۾ هٿ وجھي کڻي مٿي کنيو، ۽ کيس اهڙي اُڇل ڏنائين جو هو جنڊ جي ڳري پُڙَ وانگر مٿي ڀر جيئن ڪريو، تئن وري چريو به ڪونه. اهو سڀڪجھه ايترو جلد ٿيو، جو چوٿين پهريدار کي يقين نه پئي آيو ته اها سڀڪجھه حقيقت هئي يا هو خواب ڏسي رهيو هو. جيسين هو ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، تيسين سوڍل جو هٿ زوزاٽ ڪندو هن جي منهن تي وري ويو. ترخان تي ڄڻ وڄ ڪري پيئي. هو ابتو ٿي ٿاٻڙجي پويان ڪري پيو، ۽ پوءِ سندس ئي ڀالو سوڍل هن جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏنو. ڀالي کي وٽ ڏيئي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ته ڀر واري تنبوءَ وارا پهريدار ڀالا سڌا ڪري هن تي اُلر ڪري آيا. هن اتان ئي ڀالي کي اُڇل ڏني. هڪڙو پهريدار پاڻ بچائڻ لاءِ جئن هيٺ جھڪيو، تئن ڀالو سندس پيٽ بدران سندس ڳچيءَ جي رڳن کي چيري ويو ۽ هو اتي ئي ڍير ٿي ويو. ٻئي پهريدار جئن سنگھار تي حملو ڪيو، تئن سوڍل جا ٻئي هٿ سندس ڀالي ۾ کپي ويا. ڀالي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي، هن پنهنجو گوڏو ايترو زور سان ترخان جي پيٽ ۾ هنيو جو ترخان کي پاڻ کي هوا ۾ کڄندو محسوس ڪيو ــــــــ جيسين هو وري سڌو ٿئي، تيسين ڄڻ ڪو جبل هن جي مٿان ڪري پيو، ۽ سوڍل جي آخري ڌڪ تي هن جو مڻڪو ٺڪاءُ ڏيئي ڀڄي پيو.
سوڍل پنهنجي آسپاس جو جائزو وٺندي محسوس ڪيو ته ترخانن جي رڙين تي تنبن ۾ چُرپُر ٿيڻ لڳي هئي. ماڻهن جي اُٿڻ، هڪٻئي کي هڪلن ڏيڻ ۽ هٿيارن کڻڻ جا آواز ڦهلجڻ لڳا. سوڍل وري تنبوءَ ۾ گھڙي ويو، ۽ سنگھار کي ڪنهن ڀريءَ وانگر ڪلهي تي کڻي، هو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. تنبن جي پٺيان اچي، اوندھه مان هلندو، اچي پنهنجن ساٿين وٽ پهتو. هن پنهنجن ڪن ساٿين کي هري هري ڪو حڪم ڏنو. چار ڄڻا اڳتي وڌي تنبن ڏانهن وڃڻ لڳا؛ ۽ پاڻ باقي همراهن سان موٽي اچي گھوڙن تائين رسيا.
سوڍل سنگھار جا رسا ڪپيندي، کيس پنهنجي ڪميت تي ويهاريو ۽ همراهن کي سوار ٿيڻ جو اشارو ڪري، پاڻ اڳيان وڌي ويو. گھڙيءَ کان پوءِ سمورن تنبن مان باھه جا شعلا نڪرڻ لڳا، ۽ همراهن جي ڏسندي ڏسندي تنبن کي باھه وڪوڙي ويئي. باھه جي روشنيءَ ۾ هنن وري سوڍل کي پنهنجن ساٿين سان موٽندي ڏٺو. سندس ساٿي گھوڙن تي چڙهيا ته سوڍل به ڪميت تي، سنگھار جي پويان چڙهي ويٺو. گھوڙيءَ کي مالڪ جي اشاري تي ڄڻ نئين جان اچي ويئي، ۽ هو اهڙي طرح هلڻ لڳي ڄڻ زمين بدران پاڻيءَ تي ترندي ٿي ويئي.
پنهنجي منزل تي پهچي، هن آهستي ڪري سنگھار کي لاٿو. همراھه چوڌاري گھيرو ٺاهي، هن زخمي نابين کي ڏسڻ بيهي رهيا. سوڍل چاچي علوءَ کي اشارو ڏنو، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ علو ڪوسي پاڻيءَ سان سنگھار جا ڦٽ ڌوئڻ ويهي رهيو. اوچتو سنگھار بنھه هوريان چيو: ”ڪو ڳالهائي ڇو نٿو! ابا، ڪو سنڌي به ڄاڻي ٿو اوهان مان . . . . . !“
هن اهي لفظ ايتري درد مان چيا جو سڀني جي دل کي جھوٻو اچي ويو. سنگھار وري چيو: ”ڪير مڙس آهيو؟“
سوڍل نرميءَ سان چيو: ”ادا، آءٌ آهيان سوڍل!“
گھڙيءَ لاءِ هڪ ڳوري ڳوري ماٺ ڇانئجي ويئي. پوءِ سنگھار جي منهن تي مرڪ مڙي آئي. ”آءٌ به چوان ته امير خان جي لشڪر ۾ گھڙي پوڻ وارو ته رڳو سوڍو ئي ٿي سگھي ٿو. پر سوڍا، هاڻ آءٌ تنهنجي ڪهڙي ڪم جو . . . . . !“
سوڍو منهن هيٺ ڪري، پنهنجن ئي خيالن ۾ محو هو. سچ ته اکين سان سنگھار ۱۰۰ مڙسن جو مٽ هو، ۽ هاڻ . . . . . هن جو معذور نابين ڀاءُ! هن کي پنهنجي ڀاڄائي ڀاڳل جو سهاڳ ياد اچي ويو، ۽ هو ڪجھه سوچيندو اتان اُٿي ويو.
ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
سوڍو ڪوبه ڪم سنگت جي صلاح کان سواءِ ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن کيس صلاح نه وڻندي هئي، ته چپ چاپ ويٺو هوندو هو. هن جي منهن تي ڪجھه اهڙو رنگ اچي ويندو هو، جو همراھه پنهنجي راءِ تي ٻيهر سوچڻ لڳندا هئا، ۽ ٿيندو اُهوئي هو جيڪي سوڍو چاهيندو هو. هن جي سنگت ۽ پئنچائت انهن همراهن جي هئي، جيڪي پنهنجا جٿا ٺاهي، ارغونن ۽ ترخانن سان پنهنجي سِر چوٽون کائي، اچي سوڍي سان شامل ٿيا هئا. اهي همراه به پنهنجن ساٿين سان صلاحون ڪري، پوءِ اچي سوڍي سان حال احوالي ٿيندا هئا. نتيجو اهو ٿيندو هو جو جيڪو به ڪم هو ڪندا هئا، ان ۾ سمورن ماڻهن جي هڪ ئي راءِ هوندي هئي. جڏهن سوڍي جي سِينا ۾ ڏهاڪو هزار ماڻهو گڏ ٿيا، تڏهن ننڍن جوانن ۾ ڪجھه بي آرامي پيدا ٿيڻ لڳي. هنن پنهنجا اڳواڻ موڪلي سنگت ڪوٺائي ته هاڻ گھڻو ئي لشڪر گڏ ٿيو آهي، ڇو نه ٺٽي تي چڙهي، مرزا باقيءَ تي سڌي سنئين هلان ڪجي، ۽ يڪو فيصلو ڪجي: يا ته سنڌ آجي ٿئي يا سڀ سِر ڏيئي سرها ٿين. سوڍي جي منهن تي جيڪو رنگ آيو، تنهن مان ڪنهن کي به اها سڌ پئجي نه سگهي ته هو به ان راءِ جو هو يا نه. جيسين ڪو فيصلو ٿئي، تيسين هڪڙي ڪنڊ مان آواز آيو، جنهن ۾ سوڍي وارو تاءُ ته ڪونه هو پر جنهن مان ڀروسي جا اُهڙائي اُهڃاڻ هئا. اهو آواز سنگھار جو هو، جنهن چيو ته ”ڀائو، ٺٽي واري ڇانوڻي ۾ ستر هزار ترخان لشڪري آهن. درياءِ جي اورين ڀر چاليهارو هزار ترخان ڇانوڻي هنيو ويٺا آهن. تنهن کان سواءِ ٺٽي کان ڇھه ڪوھه پري مرزا باقي جي جان نثارن جو دستو آهي، جيڪي سمورا گھوڙي سوار ۽ زره پوش آهن. ٺٽي شهر اندر ئي امير خان جي هٿ هيٺ پندرهن هزار ارغون ۽ ترخان فوجي شهر کي هيسائڻ لاءِ خيما کوڙيو ويٺا آهن. سو اُٻهرو ٿيڻ مان ته ڪو فائدو ڪونه ورندو. پاڻ سنڌي گھڻو ئي سرويچ سهي، پر ويري جي وِتَ جي سار نه ڪرڻ دانائي نه آهي. تنهن کان سواءِ مرزا جاني بيگ سيوهڻ ۾ ويٺو آهي. بکر جو ڪوٽ به ته ترخانن سان ڏٽيو پيو آهي. قنڌار وارو رستو کليو پيو آهي. ايئن نه ٿئي جو اڳين هلچلن وانگر هيءَ اُٿل به اڻ ڏٺي ويريءَ هٿان پوري ٿي وڃي !“
ماٺ لڳي ويئي. سڀني کي اها ڳالھه دل سان لڳي آئي. هنن مان ڪيترن ته اُهي ڇانوڻيون ڏٺيون به ڪونه هيون. لشڪر جا اهي انگ ٻڌي، ڪيترن جي منهن تي نااُميدي جو رنگ اوتجي ويو. سنگھار، سوڍي ۽ ٻين سوين همراهن، جن انهن ڇانوڻين تي راتاها ڏنا هئا، تن کي خبر هئي ته مقابلو ڪنهن سان هو.
”ڀلا پوءِ؟“ هڪڙي جوان، جنهن کي ڪنن ۾ ڊگھيون واليون پيل هيون، ۽ سندس منهن ۾ عجيب مَڻيا هئي، اتاولو ٿيندي چيو.
”ادل، جي مون کان ٿا پڇون ته آءٌ ته ان مت جو آهيان ته اول پنهنجي به ڪا هڪ هڪاڻي ڇانوڻي ڪجي. ڪو سڀرو ڪوٽ هٿ ڪري، اتي ويهي تياريون ڪجن. ماڻهو، هٿيار پنهوار، گھوڙا، وهٽ ۽ ٻيو سامان سڙو گڏ ڪجي. اتانهون راتاها ڏيئي قنڌار واري نانگ ــ ٻِرَ کي بند ڪجي. اتانهون سيوهڻ تي چڙهجي ته جئن اتر وارن ڀائرن جي ساٿ سان قنڌار، ملتان ۽ ٻين گھٽن مان ترخانن کي پهچندڙ واهر کي روڪي سگھجي. پوءِ وارو ڪجي بکر جي ڪوٽ تي. سيوهڻ ۽ بکر ڪِريا ته ٺٽي ۾ به ٽاڪوڙو پئجي ويندو. پوءِ مڙسن واري ملھه ڪجي ٺٽي ۾! ادل، سنڌ کي ويرين کان آجو ڪرڻ هڪ ــ ٻن ڏينهن جي ڳالھه نه آهي. هن لاءِ ته سموري حياتي، حياتيءَ جا سمورا ڏينهن، سمورن ڏينهن جا پَهر پَهر، ۽ پهر پهر جي هڪ هڪ گھڙي گھورڻي پوندي!“
واه واه ٿي ويئي! ڪوڪرا پئجي ويا. اُتي جو اتي صلاح بيٺي ته تَرَ لاءِ ڪي ماڻهو ڇڏي، باقي لشڪر موهن ڪوٽ تي چڙهي. موهن ڪوٽ کي ڇانوڻي بڻائي، سيوهڻ تي راتاها ڏجن. سوڍي جي منهن تي سرهائي ڏسي، جوانن جا منهن به ٻھه ٻھه ٻهڪڻ لڳا. سر ترين تي هجن ته مرڪ به ٻهڪڻ لڳندي آهي. کلندي، ڪڏندي سر ڏيڻ ته ڪو سنڌين کان سکي. پيٽ بکئي، انگ اگھاڙي هوندي به ساڻيھه جي نالي تان قربان ٿيڻ به ڪو سنڌين کان سکي. ائين ٿي ڀانيو ته پتنگن پاڻ بچائڻ جو پھه ڪندي، پاڻ وساري ڇڏيو هو.
موهن ڪوٽ تي لشڪر ڇا چڙهيو، ارغونن ترخانن ڀانيو ته مٿن وَڄ ڪري پيئي. هنن مان وڏيءَ عمر جي ڪيترن ترخانن سنڌين جو اڳيون بغاوتون ڏٺيون هيون، راتاهن واريون راتيون ياد هئن، پر هيئن ڏينهن ڏٺي جو لشڪر چڙهي اچڻ ته دريا خان کان پوءِ هنن نه ڏٺو نه ٻڌو هو؛ ۽ هي سنڌي ته ڪي عجيب مخلوق هئا، جن وٽ ڀالن ۽ ترارين بدران ونگ واريون موڪريون ڪهاڙيون هيون. جن وٽ تراريون يا ڀالا هئا، تن اڳيان ڍالون به نٿي ڍاريون. هو وڙهيا ائين ٿي ڄڻ هيءَ سندن آخري جنگ هئي، جنهن ۾ هار جيت بدران هنن لاءِ رڳو شايد هڪڙو ئي آدرش هو ته ڪوٽ جي دروازي تائين اڳ ڪير ٿو پهچي. ڪي ترخان ته هنن کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا هئا. هي مُٺ جيترا سنڌي قنڌاري ڪاٽڪن سان ڪيئن وڙهڻ آيا هئا. هنن جو ڪل لشڪر سندن گھوڙيسوارن کان به گھٽ هو، جن کان ٽيڻا چئوڻا پيادل لشڪري ڀالن، ترارين ۽ خنجرن سان الڳ هئا. هنن سنڌين کي ته سڌيون صِفون ٺاهڻ به نٿي آيون. وڙهڻ لاءِ اڳتي ائين پئي وڌيا ڄڻ ته ڪنهن مرونءَ جي شڪار تي، رونشي خاطر نڪري پيا هئا. پر . . . . پر گھڙيءَ کان پوءِ کلندڙ ترخانن کي اهو ڏسي حيراني وٺي ويئي ته سنڌي سندن لشڪر کي اهڙا سوڙها پوندا ٿي ويا، جو ترخان پوئتي هٽڻ ۽ ڪوٽ جي دروازن ڏانهن نهارڻ لڳا هئا. هي ته سنڌي نه، يقينن ڪا جنات هئي، جا بازن وانگر اُڏامندي، حملا ڪندي ٿي آئي. هنن جو ته ڪو اڳواڻ، ڪو سردار، ڪو مهندار ئي ڪونه هو. ڪلهو ڪلهي سان لائي هو ائين ٿي وڙهيا، ڄڻ سڄي فوج هڪڙو ئي ماڻهو هو، جو پنهنجي سر تان سانگو لاهي وڙهڻ لڳو هو. هنن مان ته ڪي ائين ٿي وڙهيا، جو هنن کي ڏسندي ئي ڊپ وٺي ٿي ويو. هنن مان هڪڙي ماڻهو ته ٻنهي هٿن سان وڙهي رهيو هو. هن جي گھوڙي ترخانن جي وچ ۾ کنوڻ وانگر وراڪا ڏيئي رهي هئي. هن جو ڀالو هڪ ئي وقت ٻن ٻن ترخانن مان پار لنگھي ٿي ويو. هن جي آسپاس مان ترخان ائين پوئتي هٽڻ ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن جن ڀوت تي نظر بيٺي هين. هنن جي ائين ٽهڻ ۽ هٽڻ سان، سندن پويان وڙهندڙ ترخانن جا گھوڙا به ٽهي، هٽندي پنهنجن ئي پيادن تي چڙهڻ لڳا هئا.
ڏينهن به چڙهندو ٿي آيو، ۽ سنڌي به سج جي فوج سان گڏ چڙهندا ٿي آيا. ڌرتي تپڻ لڳي، هٿيار تپڻ لڳا، گھوڙا تپڻ لڳا ۽ رت به تپڻ لڳو. رت جي اِن اُتت کان سنڌين جو من وڌي ويو هو، ۽ پوءِ هنن هڪ يڪو نعرو هنيو: ”جيئي سنڌ!“ ان نعري آسمان چيري وڌو، ڪوٽ جا ڪنگر ڌٻي ويا، ۽ ترخانن جون دليون دهلجي ويون. ترخانن ڄڻ ان نعري جي انتظار ۾ هئا، ۽ هو وڙهڻ ڇڏي ڪوٽ جي دروازن ڏانهن ڀڳا. پر سنڌين سندن پٺ نه ڇڏي، ۽ جنگ ڪوٽ اندر نئين سر مچڻ لڳي. پر هاڻ ڄڻ ته جنگ ۾ اهو جوش نه رهيو هو. ترخان لاباري جي سنگن وانگر ڪرندا ٿي ويا. گھوڙا سوارن کان سواءِ پيادن کي چيريندا هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا؛ ۽ پوءِ ترخانن جي هڪڙي ٽولي وري دروازي کان ٻاهر ڀڄڻ شروع ڪيو ته ڄڻ سڀني ترخانن کي پهريون ڀيرو پنهنجو ساھه ۽ پنهنجي جان ياد آئي، ۽ هو به ان ٽولي جي پويان ڀڄڻ لڳا. انسانن جو هڪ درياءُ لهندڙ وير وانگر پوئتي لهڻ لڳو هو، پر سنڌين سندن پٺ نه ڇڏي. جيستائين کين ملندا ويا، تيسين کين ڪيرائيندا ويا.
جڏهن سوڍل ۽ سندس لشڪر ڪوٽ جا مورچا ٽپي، شهر ۾ داخل ٿيا ته موهن ڪوٽ جي ماڻهن جي عجيب حالت هئي. هنن ڏونڪن جي ڇيڄ وجھي، هنن سورهيه سرويچن جي آجيان ڪئي. درين مان، ماڙين مان، کُڏن تان، چانئٺن تان، ٻنڀي ٻنڀي تان سون ــ ورنيون ڦلن مٺيون اڇلينديون، پنهنجن ڀائرڙن جي آجيان ڪنديون ٿي ويون. اڄ ته ڪنهن کي ڍار سولي ڪرڻ ۽ اکڙي ڪڍڻ جو به خيال نه رهيو هو: ڀائرن کان ڪهڙو حجاب. ٻڍڙيون هٿ کڻي، ڳراٽڙيون پائي کين دعائون ڪري رهيون هيون، ڄڻ هنن جا پنهنجا وڇڙيل ٻچڙا صدين کان پوءِ اچي کين مليا هئا. الا، هي ڪهڙو سمو هو، جنهن ۾ خوشيءَ کان ڇيڄون پئجي رهيون هيون، جھمريون لڳي رهيون هيون، دهلن، ڏونڪن ۽ شرنائين تي هو جمالي جي تنوار هئي، پر اکين مان لڙڪن جي بادل بس نٿي ڪئي! هر شخص ساڳئي وقت کِلي به رهيو هو ته روئي به رهيو هو! سوڍل پنهنجي ڪميت جو لغام ڇڏي ڏنو هو: رت جي ڇنڊن سان هن جا ڪپڙا ائين ڀِنل هئا، ڄڻ هو ڪنهن رت جي ساگر مان ٽُٻي هڻي آيو هو. هو جتان ٿي لنگھيو، اتي ماڻهو هن کي ڇهڻ، هن سان هٿ ملائڻ، هن سان ڳالهائڻ لاءِ ڳاهٽ ٿيڻ ٿي لڳا، ۽ ڪميت، ڪجھه سوچي، بيهي ٿي رهي. هنڌ هنڌ تي هن کي هارن، ڳانن ۽ رکڙين سان جھنجھي ٿي ڇڏيائين. سوڍل جي منهن تي ته اڄ اهڙي سرهائي هئي، جا اڳي ڪڏهن به نه آئي هئي. پر هن جي منهن ۾ هڪ نئين ڏيا، نئين جوت ٻهڪڻ لڳي هئي. پر هن جي دل ۾ هڪ نئون طوفان به متل هو. الا، شل هي منهنجي ڏيھ جا ماروئڙا ائين ٻهڪندا، مهڪندا، چهڪندا رهن ـــــــــ اها آس، اها اميد هن جي دل مان اُڌمو کائي ٻاهر نڪتي، ۽ ٻه لڙڪ هن جي پلڪن ۾ موتي بڻجڻ لاءِ تڙپڻ لڳا !