16
هڪڙي ڏينهن، پنهنجن همراهن سان آخري صلاح ڪرڻ لاءِ هن چوياري سڏائي، ته چاچي علو کيس اطلاع ڏنو ته مغلن جا ماڻهو ڪو نياپو ڏيڻ پيا اچن، ساڻن ٽي ڄڻا سنڌي به شامل آهن. سوڍل کي ڪو وسوسو ويڙهي ويو. هن جي دل ۾ پهريون ڀيرو ڪا نستائي، ڪا ڪمزوري محسوس ٿيڻ لڳي. هن کي پنهنجي ان وسوسي جي پاڻ ئي ڪا ڄاڻ نه پئجي سگھي، پر جڏهن مغل ۽ ٽيئي سنڌي اندر آيا تڏهن سندن منهن مان ئي هو سمجھي ويو ته هن جو وسوسو سچو هو. هنن هڪ خط آڻي سوڍي جي هٿ ۾ ڏنو. سوڍو جئن جئن پڙهندو ويو تئين تئين هن جي منهن جو رنگ بدلجندو ويو. هڪڙي همراھه کان رهيو نه ٿيو، تنهن چيو ”سوڍا، خير ته آهي؟“
سوڍي ڪو جواب ڪونه ڏنو، ۽ خط کڻي سندس هٿ ۾ ڏنو. جنهن جنهن ٿي خط پڙهيو، تنهن جي منهن جو پنو لهندو ٿي ويو. آخوند نورمحمد لکيو هو ته سنڌين جي مغل شهنشاھه سان ڪا لڙائي ڪانهي، ان ڪري مغلن سان صلح ٿو ڪجي. ان جو فيصلو سڀني راڄن به ڪيو هو، ۽ سمورن راڄن جي وڏڙن جون مهرون ان خط هيٺان لڳل هيون. مغلن چيو ته جيڪڏهن سنڌي وڙهڻ ڇڏين ۽ قلعو مغلن جي حوالي ڪن ته هو ڪنهن به سنڌي کي هٿ ڪونه لائيندا، هر ڪنهن کي پنهنجن راڄن ۾ موٽي وڃڻ جي اجازت هوندي. ڪچهريءَ ۾ موجود سمورن ماڻهن کي ڄڻ ڪنهن سراپي ڇڏيو هو.
ٿوريءَ دير کانپوءِ سوڍي چيو: ”ادا، ائين ملول ٿيڻ مان ته ڪجھه ڪونه ورندو. پهرين ڏسون ته همراهن جي ڪهڙي صلاح آهي ته پوءِ اهڙو جواب هنن کي ڏجي! صادق، پهرين تون همراهن جي خبر ڪر!“
صادق سومرو سڀني کان ننڍو هو. جانٺو جوان، وڙهڻ مهل ڀالي ۽ تلوار بدران ڪهاڙيءَ تي وڌيڪ ڀروسو ڪندو هو. ترخانن سندس ڳوٺ ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏيو هو. سندس پيءُ کي انڌو ڪري کوھه ۾ ٽنگايو هئائون. هو به سوڍل جيان گھٽ ڳالهائيندو هو.
”سوڍا، منهنجا همراھه صلح ڪڏهن به ڪونه قبوليندا. اسين سنڌ جي لاءِ وڙهڻ نڪتا آهيون. جيسين ڌارئين لشڪر جو هڪڙو ماڻهو به سنڌ ۾ هوندو تيسين اسين وڙهندا رهنداسين!“
سوڍل کي هن دلير مڙس لاءِ ڏاڍو پيار هو. کيس ڏکوئڻ نه ٿي گھريائين، پر هن وقت ته ڳالهه صاف ڪرڻي هئي، سو ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين: ”پر اوهان جي سومرن جي راڄ جي وڏڙن جو فيصلو همراھه ٻڌندا ته پوءِ؟“
”وڏڙن جو ڇا وڃي هن جھيڙي سان؟ اسين اول سنڌي آهيون آخر سنڌي آهيون. سومرن جي راڄ جو ان ۾ ڇا وڃي؟ سڀڪو راڄ پنهنجا ڇيڙا نبيرا ڪندو آهي. اسين راڄن برادرين جي چوڻ تي وڙهڻ ٿوروئي آيا هئاسون، يا ڪو راڄن اسان کي چوائي موڪليو هو ته ميان وڃي سنڌ لاءِ وڙهو. ويڙھه سڀڪنهن جي پنهنجي آهي، جنهن کي سنڌ جي سينڌ لاءِ مانُ آهي، سو وڙهڻ آيو آهي: ڪو سمون، ڪو سيد، ڪو سومرو، ڪو لهاڻو ٿي هت وڙهڻ ڪونه آيو. رهي ڳالهه مغلن سان صلح جي: ته اسين ترخانن سان به ڪري ٿي سگھياسون. جيڪي هنن گھريو ٿي، سو جي پيا ڏيون ها، ته ترخانن کي ڪو ڇتي ڪتي ڪونه کاڌو هو. اسين پنهنجي لڄ، پنهنجي مَان، پنهنجي ماءُ جيجل ۽ پنهنجي جند جان لاءِ ٿا وڙهون. سو ٻيلي مون کي معاف ڪريو: آءٌُ ته وڙهندس، کڻي سئو راڄ ميڙ کڻي اچن!“ صادق ڪاوڙ مان اُٿي بيهي رهيو. ٻاهر نڪرڻ تي هو ته سوڍل کڻي ڀاڪر وڌس. ”تڪڙ نه ڪر، منهنجا مٺا. ڳالهه ڳالهه سان ڇٽندي. وڙهڻ ۾ آءٌ ته توسان آهيان، پر ڏسون ته اسين آهيون ڪيترا جيڪي وڙهنداسون!“
”آءٌ به وڙهڻ لاءِ تيار آهيان!“ قبول محمد سميءَ مختصر جواب ڏنو. پر ائين ٿي ڀانيوته هن جي ڳالهائڻ مان يقين ۽ ويساھه نڪري ويو هو. سمن تازو بادشاهي وڃائي هئي، ۽ سمن جو راڄ ڪڇ ۾ مورچا ٺاهي، وري سنڌ لاءِ وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا. انڙ، جوڻيجا، راهوجا، سميجا، جاڙيجا ــــــــ سمورا راڄ سمن سان هئا. سو وڃايل بادشاهيءَ بدران اڪبر جي جھنڊي هيٺ سنڌ جي صوبيداريءَ جي لالچ ڪا گھٽ ڪانه هئي. انڪري ئي هن جي ڳالهه ۾ پڪو پختو ويساھه ڪونه هو. پر سوڍل کي پڪ هئي ته ڇابه ٿئي، قبول محمد راڄن کي ڇڏي، هن سان شامل ٿي بيهندو.
سيدن مان مبارڪ شاھه سوڍي جو سوال ٻڌي چپ ٿي ويو. ترخانن شيرازي سيدن کي ڪو ايڏو تنگ ڪونه ڪيو هو: پاڻ کين انعام اڪرام، منصفيون ۽ منشيريون ڏنيون هئائون. سيد وڙهڻ اِن ڪري نڪري پيا هئا، جو سنڌ ئي اهڙو وطن هو جنهن هنن کي گھڻي ۾ گھڻو مان ڏنو هو، ۽ هاڻ سنڌ هنن لاءِ اهڙو ئي وطن هو جھڙو سندن وڏڙن لاءِ ايران يا عربستان هو ـــــ ۽ وطن لاءِ وڙهڻ ته ايرانين ۽ عربن جي به رت ۾ هو. پر اڪبر جي درٻار ۾ به شيرازي ۽ هراتي سيدن جو وڏو مَان هو، ڪي ته پنج ـــ هزاري درجن تي وڃي پهتا هئا. وڏي سياست جي اڳيان سيدن جا ماڻهو به بيهي سگھندا يا نه، ان جي خاطري ڪانه هئي. سوڍل به هن جي دل من هڻڻ کي سمجھيو ٿي، پر پڪ ڪرڻ لاءِ وري چيائين: ”شاھه سائين تون ماٺ ۾ آهين؟“
”ٻيلي سوڍل ڳالهه ڏاڍي ڳري آهي. مون ۾ جيسين ساھه آهي، تيسين ته آءٌ سنڌ تي ساھ ڇڏيندس. باقي همراهن مان اَڌو اڌ ماڻهو مون سان آهن. اڌ جي پڪ ڪونه ٿو ڏيان. چئين ته پڇي پڪ ڪريان.“
”روپا، تون خبر ڪر.“ سوڍي روپي ڏانهن منهن ڪندي چيو.
”ادا، واڻيا آهن سَهي جي کَل: گھڻي ئي وطن جي سِڪ اٿن، پر مُکين جي فيصلي کان پوءِ وڙهندا اصل ڪونه. ترخانن باهيون ٻاريون ته اَڌو اڌ ٺٽي جا لهاڻا لڏي ويا ـــــــ ڪي اتر ويا ته ڪي ڏکڻ. ڪن پنجاب وڃي وسايو آهي ته ڪي ڪڇ هليا ويا آهن. سو جي هاڻ ڏٺائون ته ترخانن بدران مغل به راڄ ڪندا، ۽ اڪبر جي راڄنيتيءَ ۾ سندن ٽڪاڻا ۽ واپار ونگو سلامت رهندا، ته ماٺ ويهي رهندا. هٽ ــــ واڻئي جو من آهي ناڻي جو مَٽُ؛ جتي چار ڏوڪڙ سلامت سمجھندو، اتي وطن وسري ويندن. سو يار، واڻين مان فقط اهي وڙهندا، جن جي من ۾ هٽ بدران هٺ، ناڻي بدران ماڻو، ۽ ٽڪاڻي بدران سنڌو درياءَ وهندو هوندو. باقي رهي منهنجي ڳالھه، سو منهنجو سِر توسان آهي!“
روپو انهن ماڻهن مان هو، جن سڄي عمر جنگيون جوٽيون هيون. پرتگالين ڀيري جڏهن ٺٽي جي گھٽيءَ گھٽيءَ مان باھه جا اُلا ٽڙڪاٽ ڪري پئي نڪتا، تڏهن روپي جو جٿو هزارين ٻارڙن ۽ زائفائن کي صحيح سلامت ڪڍي ويو هو. پرتگالين تي ائين ئي حملا ڪيائين جو هنن کي اها خبر نٿي پيئي ته ڪنهن ڪيئن ٿي حملو ڪيو. ترخانن به سندن جوان مڙسيءَ کي ساراهيو هو.
سنڌ تي ههڙو وقت به ايندو، جڏهن ماڻهو سنڌ بدران پنهنجن راڄن جو سوچيندا، سوڍل ان تي ڪڏهن سوچيو به نه هو. هي اهڙو ڍُڪ هو، جنهن جي تِکَ ۽ ڪوڙاڻ سڀ کان وڌيڪ تکي ۽ ڪڙي هئي. هن کي پنهنجي تارونءَ ۾ ان جو ڪڙو سواد ٽڙڪندو محسوس ٿيو. پر هو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. هيءَ هن جي پنهنجي جنگ هئي، پر هاڻ اها جنگ جدا جدا ٽولن جي جنگ بڻجي ويئي هئي. هيءَ سنڌ جي جنگ هئي، پر هاڻ راڄن جي جنگ بڻجي ويئي هئي. هن کي پنهنجي پاڻ مان ۽ پنهنجي جنگ مان ويساھه نڪرندو محسوس ٿيو. هن جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نئين نفرت جنم وٺي رهي هئي. پر هن کي اهو سمجھه ۾ نٿي آيو ته اها نفرت ڪنهن جي خلاف هئي. شايد هن کي پنهنجي پاڻ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي هئي. ان نفرت کي لڪائڻ لاءِ هن پنهنجن يارن، ساٿين سنگتين ڏانهن نهاريو. هر ڪنهن جي نظر سوڍل ۾ کُتل هئي. هن جي منهن تي نفرت، ڪاوڙ ۽ ورچ گڏجي، هڪ عجيب رنگ آڻي ڇڏيو هو، ۽ هن جا سمورا ساٿي پنهنجي پاڻ کي ان رنگ لاءِ جوابدار سمجھي رهيا هئا. هي سورهيه مڙس، جنهن کي ڏسڻ سان ترخانن جو ساھه سڪي ويندو هو؛ جنهن کي راڄ ۽ پاڙا ته ٺهيو، پنهنجو ڪٽنب به ياد نه هو؛ جنهن کي سنڌ جي لفظ ٻڌڻ سان بدن ۾ کنوڻيون لڳنديون هيون ــ اهڙي مڙس کي ڏکوئڻ ڪنهن نٿي گھريو؛ ۽ جيڪا شيءَ هن کي ڏکوئيندي هئي، سا هئي سنڌ کان مٿي ٻيءَ ڪنهن ذاتي جنگ کي اهميت.
هن به ته پنهنجي ذاتي جنگ جھيڙي هئي، ۽ ان جھيڙي جا گھرا گھرا گھاوَ هن جي هنئين جي وڍن ۾ ٿي جھلڪيا. اهي وڍ ۽ چير ڄڻ وري چڪڻ لڳا هئا، ۽ انهن مان رت نچوئجي هن جي اکين ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، ۽ ڪنهن ڌنڌ مان نهاريندي، هن مغلن کي چيو: ”هِن جو جواب اوهان کي سڀاڻي ملي ويندو!“