هني مون تي مليل خط
توڙي جو الطاف سنڌي سفرنامي جي حوالي سان تمام مقبول ۽ گھڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي پر مون کيس تمام ٿورو پڙهيو آهي ۽ آئون سنڌي ٻوليءَ جي جڙاءَ، ڳالهه کڻڻ ۽ کُٽائڻ جي انداز، سامونڊي ڪنارن، ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافي جي ڄاڻ کان متاثر آهيان.
مون هي ڪتاب پڙهندي تصور پي ڪيو ته گهر ۽ خانداني ماحول کان ڏور ماڻهوءَ جون تخليقي صلاحيتون وڌي نکار ڏيکارينديون آهن ۽ لکڻ لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻبيون آهن. ان صورتحال ۾ اهو سوال ذهن تي آيو ته هن يگاني ليکڪ جو سڄو رومانس، يادگيريون، خط ۽ ڊائري ۾ اوتاريل انهن لمحن جون تصويرون ڪيترو Nostalgic ٿي سگھن ٿيون؟
اصل ۾ اها صلاح به الطاف جي هئي ته جھاز ۾ گڏ ٿيل سوين خالي بوتلن ۾ هڪ مختصر خط جون ڪاپيون بند ڪري اهي بوتلون سمنڊ کي ارپي بوتل جي هڪ نرالي سفر نامي جو آغاز ڪيو وڃي.ظاهري طور تي اهو عمل وقت پاس ڪرڻ لاءِ هڪڙي وندر هئي پر ليکڪ چواڻي ته انهن بوتلن ۾ بند خطن ترڻ وارو منظر جھاز جو اهو اسٽاف دور دور تائين ڏسڻ لاءِ بيچين رهيو. سمند جي ڇولين جي ور چڙهي ويل بوتلن ۾ بند خط جون ڪاپيون ڪيئن ڇڙوڇڙ ٿي ويون ۽ هڪ وڏي عرصي کانپوءِ هڪ نو ورني ڪنوار مسز جينيفر پنھنجي مڙس سان گڏ ڏکڻ آفريڪا جي شھر ايسٽ لنڊن جي سامونڊي ڪناري تي ”هني مون“ ملهائڻ دوران اُس تي پَسار ڪندي هڪ بوتل لڌي هئي، جنھن ۾ اهو خط محفوظ هو . ان بوتل جو طويل سفر خود هڪ ناول جو موضوع آهي بھرحال هڪ نو ورني ڪنوار جي هٿن جي ڇُھاءُ ۾ آيل اهو خط ۽ ان ۾ لکيل ڏس تي آيل اتساهندڙ جواب اهڙا موضوع آهن جيڪي الطاف شيخ جھڙو تخليقي ماڻهو ئي پيدا ڪري سنڌ جي شاعراڻين دلين جي ماٺي سمنڊ ۾ لھرون پيدا ڪري سگھي ٿو.
الطاف شيخ کي واندڪائي جي لمحن ۾ دوست بڻايل ڪتاب به سندس ذهن کي Fuel ڏيئي تازو توانو رکن ٿا ۽ هو انهن ليکڪن جي زندگي، سندس تخليق جا ڪمال ۽ وقت جي لمحن جي اهميت مان اتساهه وٺي ٿو. مارڪو پولو، وڪٽر هيوبگو کان نيپولين بونا پارٽ تائين الطاف نه صرف سندن يادگيرين، شاهڪار ناولن ۽ سفرنامن کي پڙهي ٿو پر هوانهن جي زندگي جي اذيتن، ارڏاين ۽ سندن تخليقي سگھه جي گھرائي ۾ وڃي مشاهدو ماڻي ٿو. هو انهن شخصيتن جي شجرن ۽ سندن ملڪن جي تاريخ ۽ حالتن کي اٿلائيندو پٿلائيندو ڄاڻ جا ڪئين خزانا آڻي پڙهندڙن آڏو رکي ٿو. جنھن مان جيڪو به چاهي نيون ڪھاڻيون گهڙي سگھي ٿو.
شاعر يا آرٽسٽ ته جيل جي تنھائي، ڪال ڪوٺڙي، ڦاسيءَ جي انتظار ۽ عدالت جي بي رحمي جو تصور ڪندي به خوبصورت شعر گھڙي ٿو ۽ انهن ئي ڪيفيتن کي ايڏي شانائتي نموني اظھار ڪري ٿو جو اهي تخليقون پڙهندڙن تائين پھچندي شاهڪار آرٽ جو روپ ڌارين ٿيون. بھرحال تنھائي ۽ گهر کان دُوري ته دنيا جي جابرن جي دلين تي به شاعراڻو رنگ چاڙهي ڇڏي ٿي ۽ اهڙو ئي اظھار هن ليکڪ مارڪو پولو جي 15 سالن جي جيل جي تنھائي ۾ لکيل ڪتاب ۽ نيپولين بونا پاٽ جي سينٽ پيٽ تي گھاريل زندگي جي آخري ڇھن سالن دوران لکيل ياديگرين تي به ڪيو آهي.
الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جھاڳندڙ جھاز آهي. ڪراڙي بنگالي ڪئبن بواءِ جي معصوميت ۽ بابو مڪراني جي ارڏائي آهي ۽ جھاز تي ويٺل انسانيت جي جذبي سان ڀرپور ماڻهو آهن جيڪي سفر دوران سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماهيگيرن کي سندن مذهب، رنگ ۽ نسل کان مٿانھون ٿي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ۽ ائين هر لمحو ڄڻ ته نئين ڪھاڻي آهي ۽ ليکڪ هڪڙو اهڙو آرٽسٽ آهي جيڪو جھآز جي آوازن ۽ ڇولين جي شور کي به پينٽ ڪندو ٿو رهي.
ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻهو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. ان حد تائين جو ليکڪ جھاز جي لوڏن ۽ سمنڊ جي ڇولين جي ڪيفيت کي اهڙي فنائتي انداز سان پينٽ ڪري ٿو جو پڙهندڙ انهن اڻ ڏٺل منظرن جو تصور ڪندي شاعريءَ لاءِ سوچڻ لڳي ٿو. بھرحال ليکڪ وقت جي اهميت کي سمجھندي واندڪائي مان اهڙو ڪم ورتو آهي جنھن سندس زندگيءَ ۽ عمر کي صدين تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
هونئن ته عام زندگيءَ ۾ ڪوئن، مڇرن ۽ مکين جي آزار ۽ اذيتن کي ته اڪثر ماڻهو ڀوڳين ٿا پر سمنڊ ۾ جھاڳيندڙ جھاز جي مڇرن ۽ ڪوئي جي زيان، ان جي معمولي حرڪتن، طوفان کان سونھين هئڻ جي علامتن تي جڏهن ليکڪ اظهار ڪري ٿو ته ماڻهو تصور ڪري ٿو ته ڪاش! ڪوئي کي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندي ۽ حرڪت ڪندي ڏسجي. ليکڪ جو ڪمال اهو آهي ته ڪوئي تي لکڻ لاءِ هو جھاز جي ارتقا توڙي ڪوئي جي واڌ، ويجھه ۽ نسلن جا پيرا کڻڻ لاءِ وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته سڌريل دنيا پرڏيھي ماڻهن توڙي پکين ۽ جانورن تي به نظر رکي ٿي ۽ کين ائين جھاز جي ذريعي ڪنھن معمولي جيت ۽ پکين کي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سڀ گھرجون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون ته جيئن ڪنھن به انساني بيماري پکڙجڻ جي امڪان کي فوري طور منھن ڏئي سگھجي.
سنڌ جو هي سيلاني پنھنجي زندگيءَ جي سفر دوران آڏو ايندڙ هر واقعي کي پنھنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪندو ٿو رهي ۽ وقت ملڻ تي اهي سڀ شيون فلٽر ڪري، ذهن کي تازو توانو رکندڙ ڳالهين کي چونڊي ٿو جيڪي نئين نڪور شاعري جا موضوع به ٿي سگھن ٿا، خوبصورت ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ پينٽنگ ۽ آرٽ لاءِ شاهڪار منظر به ٿي سگھن ٿا.
جان خاصخيلي
ماڙيپور _ڪراچي.
12 ڊسمبر 2002