الطاف شيخ ڪارنر

بوتلن جو سفر

ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بوتلن جو سفر

شادي بنائيگا

1968ع ۾ جڏهن جھاز تي نوڪري شروع ڪيم ته ان وقت (بنگلاديش ٺھڻ تائين) جھاز تي ڪم ڪرڻ وارن خلاصين ۾ وڏو تعداد بنگالين جو هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پٺاڻ، مڪراني ۽ ڪڇي هئا نه ته انجڻ روم، ڊيڪ يا گئلي (جھاز جي ڪِچن) ۾ ڪم ڪرڻ وارا بنگالي هئا. هو جسماني طور ڪمزور هئا، ڪم ۾ به ٿورو ڍرڙا هئا، پر تمام چئيوان هوندا هئا. ڪم ۾ لڳا رهندا هئا. ڪنھن به ڪم لاءِ چئبو هون ته ڪندائو ته سندن هڪ ئي جواب هوندو هو: ”ضرور ڪريگا“. امرجنسيءَ ۾ ته ڇا، ڪنھن وقت به سڏ ڪبو هون ته اکيون مھٽي يڪدم انجڻ روم ۾ پھچي ويندا هئا ۽ ڏکئي کان ڏکيو ڪم به مرڪندي ڪندا هئا. نڪو کين بک جي پرواهه هوندي هئي ۽ نه وري سي سڪنيس جي. جھاز بندرگاهه ۾ پھچي ويندو هو ته به هنن کي گهمڻ جو شوق نه هوندو هو. سندن سڄو ڏينھن جھاز تي گذرندو هو. ان مان اسان انجنيرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کي اهو سڪون هوندو هو ته ڪم جي وڌڻ تي مدد لاءِ ڪو نه ڪو بنگالي جھاز تي موجود هوندو. هو پگهار جو پئسو بچائڻ کان علاوه جھاز تي مفت ملڻ واريون شيون: صابڻ، تيل، ڪپڙن ڌوئڻ جو سرف سگريٽ وغيره به بچائي گهر کڻي ويندا هئا يا ڪراچي ۾ وڪڻي پئسا ٻارن لاءِ کڻي ويندا هئا. انهن ڏينھن ۾ هر هفتي جھاز جي بانڊ اسٽور مان هر هڪ کي 555 سگريٽن جو ڪارٽن مليو ٿي، جنھن جي قيمت ڇھه رپيا هوندي هئي ۽ سيون اپ، ڪوڪا ڪولا يا بيئر جي 24 دٻن جي قيمت ٽيھه رپيا هئي. ڪيترائي بنگالي پاڻ سان هڪ سادي قسم جو تماڪ کڻي جھاز تي چڙهندا هئا، جنھن جون ٻيڙيون ٺاهي ڇڪيندا هئا. ڊيوٽي فري سگريٽ، ڪولائون يا عطر وغيره اتي جھاز تي ئي آفيسرن کي ٻيڻ قيمت تي وڪڻي ڏيندا هئا يا مختلف بندرگاهن ۾ وڪڻي ڇڏيندا هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز تي نوڪري ڪندڙ منھنجي ساٿين کي ياد هوندو ته جھاز تي ڪم ڪندڙ بنگالين جون ٻه خاص وندرون يا کڻي چئجي ته ذاتي پورهيا هوندا هئا. جڏهن به هو ڊيوٽيءَ کان واندا ٿيندا هئا ته پنھنجي ڪمري ۾ يا جھاز جي ڪنڊ پاسي تي ويھي پاڻ سان آندل تماڪ مان ٻيڙيون ٺاهيندا هئا يا وري مڇيون ڦاسائڻ جي ڄاري، جنھن سان هو موڪلن ۾ گهر لاءِ مڇيون ڦاسائيندا هئا، ٺاهيندا هئا.
منھنجي پھرين جھاز تي منھنجو ڪئبن بئاءِ پنجاهه سٺ سالن جو هڪ پوڙهو بنگالي هو جنھن جي سڄي زندگي سمنڊ تي گذري هئي. منھنجو ڏاڍو خيال رکندو هو. جھاز جي هڪ جونئر آفيسر مٿان ڪيتريون ئي مصيبتون سوار رهن ٿيون. هڪ طرف جھاز جا لوڏا ۽ سي سڪنيس ته ٻئي طرف جھاز جو اوپرو ماحول، گهڻي ڪم جو مونجهارو ۽ سيڪنڊ اننجنيئر جا دڙڪا. اهڙي تناظر ۾ (Scenario) ۾ ڏاڏيءَ يا ماءُ جھڙو مھربان ڪئبن بئاءِ رحمت جو فرشتو هوندو آهي. مون کي جڏهن بيزاري ۽ بوريت ٿيندي هئي ته هي ڪراڙو بنگالي بابا مون کي ويھي سمجهائيندو هو : ”شاب (صاحب) ! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. شروع شروع ۾ هر هڪ کي ڪم گهڻو ملي ٿو. سي سڪنيس به سڀني کي ٿئي ٿي پر پوءِ هر انسان عادي ٿيو وڃي.“ هو مون کي پراڻن انگريزن ۽ جرمن ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جا قصا ٻڌائيندو هو، جيڪي ڪنھن زماني ۾ هن جي سامهون ڪئڊٽ ۽ جونيئر انجنيئر هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز به ننڍا، سوڙها ۽ خراب هئا. انهن ڏينھن ۾ جھاز تي کاڌو به اڄ جھڙو مزيدار نه هو ۽ جھاز پنھنجي ملڪ جي بندرگاهه ۾ ورلي ڪو ايندا هئا. يعني مائٽ مٽ ۽ سنگتي ساٿيءَ سان گهٽ ئي ملاقات ٿيندي هئي... وغيره وغيره.
آئون پنھنجي پيرسن بنگالي Cabin boy جون ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنھنجو پاڻ کي بھتر ۽ خوش نصيب تصور ڪندو هوس ۽ سخت سي سڪنيس جي حالت ۾ به زندگي ۾ ڪشش ۽ موهه پئدا ٿيڻ لڳندو هو. هو منھنجا بوٽ پالش ڪرڻ وقت يا ڪمري ۾ لڳل پتل جي شين کي براسو پالش سان چمڪائڻ وقت، روس ۽ آمريڪا جي سياست کان وٺي خلاصين جي جهڳڙن جون ٻڌل ڳالهيون ٻڌائيندو هو. هو چوڏهن سالن جو هو ته انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ آگبوٽ تي بئالر جي کوري (Furnace) ۾ ڪوئلا وجهڻ جي ڪم تي مقرر ٿيو هو. اهو سال 1924ع هو ۽ هي سال 1968ع هو. گذريل سالن ۾ هن نه فقط سمنڊ تي هلندڙ جھازن ۾ وڏي ردو بدل ڏٺي، پر دنيا جي بندرگاهن جا به وڏا لاها چاڙها ڏٺا.
”اسپين، فرانس۽ پورچوگال جا بندرگاهه هاڻ ماڻهپي ۾ آيا آهن نه ته ان کان اڳ اسان لاءِ توڙي يورپين لاءِ دنيا جا بھترين بندرگاهه هوندا هئا: عدن، ڪولمبو، زنجبار ۽ ممباسا،“ هو ڳالهائيندو رهيو. ”پر شاب هڪ ڳالهه آهي عربن وٽ پئسو اچي رهيو آهي ۽ هاڻ دبئي، دوحا ۽ ڪويت جا بندرگاهه ترقي ڪندا.“
”۽ ڀلا عدن؟“ ڪڏهن ڪڏهن آئون سوال ڪندو هوس.
”عدن ويو ختم ٿي. ڪڏهوڪو. جنھن روس جو منھن ڪيو ان جو اهڙو حال ٿيو. سوڊان، جبوتي، رومانيان، بلغاريا ڀينگ ٿي ويا.“
”ڀلا پئسفڪ سمنڊ ته سڀ ۾ وڏو آهي، ان ۾ ڇوليون به وڏيون ٿيون اچن يا نه؟“ پھرين سفر ۾ مون کي پنھنجي مئرين انجنيئرنگ کان وڌيڪ سمنڊ جي لوڏن ۽ سي سڪنيس جو گهڻو فڪر هو. انجڻ جو ٿرسٽ بلاڪ ۽ پروپيلر شافٽ Vibrate نه ڪري، ڪراس هيڊ بيرنگ گرم نه ٿيڻ کپي ان جو سوچڻ کان وڌيڪ مون کي سمنڊ جو فڪر هوندو هو، جنھن جو ماٺو هجڻ منھنجي لاءِ خوشيءَ جھڙي ڳالهه هئي.
”شاب! پئسفڪ سمنڊ سڀ ۾ سٺو سمنڊ آهي. بلڪل ماٺو، تالاب جيان.“ پوڙهي بنگاليءَ جواب ڏنو هو، ”هي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٻار ڄڻڻ واري عورت وانگر رکي رکي ڦٿڪڻ شروع ڪري ٿو.“
” ۽ پاڻ وارو عربي سمنڊ؟“ مون هن ڪراچي واري سمنڊ جو پڇيومانس، جنھن لاءِ شايد شاهه لطيف هڪ هنڌ چيو آهي ته ”ڪپر ٿو ڪن ڪري جيئن ماٽي منجهه مَھِي.“
پوڙهي بنگاليءَ نڪ کي موڙو ڏئي چيو: ”شاب اهو جهنگلي تتر وانگر آهي، جنھن کي ڦاسائي پڃري ۾ وجهبو ته هو هر وقت پڃري جي ڀتين کي ٽڪر پيو هڻندو آهي. عربي سمنڊ بگڙڻ تي ٿونا ٿو هڻي.“
هن جي اڙدو ايڏي سٺي نه هئي. اڙدو سان گڏ بنگاليءَ جا لفظ به مڪس ڪندو هو. هو نوا کليءَ جو هو ۽ هن جا ڪيترا لفظ مون چٽگانگ واري بنگالي زبان ۾ نه ٻڌا هئا، جتان مون مئرين انجنيئرنگ جي تعليم ورتي هئي. سندس اڳيان ٻه ڏند ڀڳل هجڻ ڪري ڪي ڪي لفظ missing ٿيندا هئس ۽ انهن جي بدران hissing جو آواز اهڙو نڪرندو هو ڄڻ انجڻ جو ڪو انڊيڪيٽر ڪاڪ leak پيو ڪري.
هي نيڪ دل انسان cabin boy اسان سان گڏ گهڻا ڏينھن نه رهيو. چٽگانگ پھچڻ تي هن Sign off ڪيو يا شايد ڪنھن ٻئي بندرگاهه تي اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي ٻي جھاز تي ٽرانسفر ٿي ويو. هو اسان سان گڏ ايترا ته ٿورا ڏينھن رهيو جو هن وقت ٽيٽيھه سال گذرڻ تي مون کي سندس نالو به ياد نه پيو اچي.
هنن بنگالي خلاصين جي انهن ڏينھن جي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ وسريو پئي وڃي ته هنن کان جڏهن پئسا گڏ ڪرڻ جو پڇبو هو ته پوٽن ڏهٽن وارا به گهڻو تڻو اهو ئي جواب ڏيندا هئا ته ”صاحب ڇُٽي مين جاڪر شادي بنائي گا.“ ۽ هو واقعي جھاز تان لھڻ شرط هڪ عدد ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندا هئا.