الطاف شيخ ڪارنر

بوتلن جو سفر

ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بوتلن جو سفر

بوتلن جو سفر

اسان جو جھاز يوگوسلاويا، رومانيا، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جي مختلف بندرگاهن مان ڪن ۾ سامان لاهي ۽ ڪن مان سامان کڻي، هاڻ جبرالٽر جو ڪنارو ڏئي بحر روم (Mediterranean) سمنڊ مان نڪري رهيو هو. جبرالٽر جي ٻئي پاسي سُوٽا (Ceuta) جو بندرگاهه هو جيڪو جيتوڻيڪ موراڪو (مراڪش) جو حصو هجڻ کپي، پر في الحال اسپين وارن جي قبضي ۾ آهي. هوڏانھن جبرالٽر جيڪو اسپين جو حصو هجڻ کپي، هڪ ڏيڍ صديءَ کان برطانيا جي هٿ هيٺ آهي. جبرالٽر اهو مشھور جابلو بندرگاهه آهي، جنھن تي مسلمان سپھ سالار طارق بن زياد جي نالي تان ”جبل الطارق“ نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ ”جبرالٽر“ ٿيو. جيئن قبرص Cyprus ۽ قاهره Cairo ٿي ويو.
ميڊيٽرينين سمنڊ جو، ان هنڌ تي بيحد سوڙهو منھن آهي، جنھن مان نڪرڻ سان دنيا جي هڪ وڏي، کليل۽ وَٽَ کائيندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچيو وڃجي. ائين ته پئسفڪ سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان به وڏو آهي پر پئسفڪ سمنڊ سندس نالي موجب ماٺيڻو آهي _ منجهس ايڏي گڙٻڙ ۽ اٿل پٿل نٿي رهي جيڪا جھاز ۽ جھازين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئي بيزار ڪري. بھرحال جبرالٽر جي ان ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جا مشھور ڪَناري (Canary) ٻيٽ فقط هڪ ڏينھن جي پنڌ تي هئا جتي اسان کي هڪ ٻه ڏينھن ترسي ساهه پٽڻو هو ۽ اڳتي جي سفر واسطي جھاز جي انجڻين لاءِ تيل پاڻي ۽ جھازين لاءِ راشن وغيره وٺڻو هو. ڪَناري ٻيٽ اڃان تائين اسپين وارن جي هٿ ۾ آهن ۽ اهي اسپين جي سرزمين کي ائين ويجهو آهن، جيئن انڊيا جا مشھور ٻيٽ لکديپ ۽ نڪوبار انڊامان ٻيٽ هندستان جي سرزمين کي.
ڪَناري ٻيٽن کي اسپين جي حڪومت ڊيوٽي فري رکيو آهي. يعني هر شيءِ بنا ٽئڪس جي هجڻ ڪري هر شيءِ سستي ۽ فئڪٽريءَ جي اگهه تي ملي ٿي. دنيا جي اوسي پاسي جا ماڻهو ، ويندي اسپين جا به، هنن ٻيٽن تي سٺي موسم، سامونڊي ڪنارن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي سستي هجڻ ڪري گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هنن ٻيٽن تي ٻارهو ئي سياحن جو چھچٽو لڳو رهي ٿو. اسان جي ڪمپنيءَ جا جھاز به يورپ ويندي يا واپس موٽندي مھل، هنن ٻيٽن جي مشھور بندرگاهه ”لاس پاماس“ ۾ اچي سفر جو سامان وٺن ٿا.
رات جا ساڍا نو کن ٿيا هوندا. آئون هيٺ انجڻ روم ۾ ٿرڊ انجنيئر سان گڏ رات واري اٺين کان ٻارهن واري ڊيوٽي ڪري رهيو هوس ته مٿان سيڪنڊ انجنيئر پنھنجي ڪئبن مان فون ڪيو:
”جھاز سڀاڻي صبح جو ڪَناري ٻيٽن جي مشھور ٻيٽ ۽ بندرگاهه لاس پاماس ۾ پھچي رهيو آهي جتان جھاز لاءِ تيل ۽ راشن پاڻي کان علاوه بانڊ اسٽور پڻ وٺڻو آهي. جھاز جو پرسر (Pursur) سامان جي لسٽ ٺاهي رهيو آهي. ڪولڊ ڊرنڪ ۾ توکي ڇا ڇا کپي؟“
” سيون اپ ۽ فانٽا جا ٻه ٻه ڪريٽ ۽ فانٽا گريپ کپي، سر جيڪا واڱڻائي رنگ جي آهي.“
مون پنھنجي ضرورت جي شيءِ پنھنجي باس سيڪنڊ انجنيئر کي لکرائي جيڪو جهاز جي چيف انجنيئر کانپوءِ ٻئي نمبر تي سينيئر انجنيئر ٿئي ٿو. چيف ۽ سيڪنڊ انجنيئر سميت هن جھاز تي اسين ڪل نَو مئرين انجنيئر هئاسين. سڀ کان جونيئر آئون ففٿ انجنيئر هوس ۽ مون جھڙا ٻيا به ٽي ففٿ انجنيئر هئا. اسان کان هڪ رئنڪ مٿي ٻه فورٿ انجنيئر هئا ۽ ان بعد هڪ ٿرڊ انجنيئر هو. دنيا جي هر جھاز تي ڏينهن توڙي رات جو، 8 کان 12 تائين، جھاز جي انجڻ ٿرڊ انجنيئر حوالي هوندي آهي ۽ آئون هن جو اسسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هوس. هن جھاز جي انجڻ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان مٿين مئرين انجنيئرن کان علاوه ڏيڍ ڊزن کن ٻيا به ماڻهو هئا جھڙوڪ اليڪٽريڪل انجنيئر، فرج انجنيئر، ٻه اليڪٽريشن، ٻه ڊيزل مڪينڪ ۽ ٻيا تيل وارا ۽ آڳ وارا هئا ۽ هڪ انهن کان ڪم وٺندڙ ”انجن سرنگ“ هو، جيڪو ڪمدار وانگر ٿئي.
سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسان جي جھاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري مٿي ممباسا وڃڻو هو، جيڪو اٽڪل ويھن ڏينھن جو سفر ٿئي ٿو، بشرطيڪ هوا ۽ سمنڊ به سڻائو ملي ته انجڻ به ساٿ ڏيندي اچي. آفريڪا جي ڪناري تي ڪيترائي ڊڪار، لئانڊا، لاگوس، عابد جان، لارينزو مارڪس جھڙا بندرگاهه آهن، پر انهن تان جھاز لاءِ تيل ۽ جھازين لاءِ راشن پاڻي _ توڙي جھاز جي مرمت لاءِ، ايڏي وڏي اميد نٿي رکي سگهجي جيڏي لاس پاماس جھڙي بندرگاهه مان. ها سائوٿ آفريڪا جا ٻه ٽي بندرگاهه: ڊربن، ڪيپ ٽائون وغيره ان ڪم لاءِ بھتر، ماڊرن سڻائا آهن پر سائوٿ آفريڪا سان اسان جي ملڪ جا سياسي تعلقات نه هجڻ ڪري، انهن سان اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي ڏيتي ليتي نه آهي. بھرحال امرجنسيءَ جي ٻي ڳالهه آهي. امرجنسيءَ ۾ تيل پاڻي يا جھاز جي مرمت جي ضرورت پئجي وڃي ته ان لاءِ سائوٿ آفريڪا ته ڇا پر اسرائيل ۾ به وڃي سگهجي ٿو. ويندي انڊين جھاز پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان جا جھاز انڊيا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي سگهن ٿا.
هر جھاز تي روز مرهه جي استعمال جون ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي جھاز طرفان هر جھازي آفيسر توڙي خلاصيءَ کي مفت ملن ٿيون. جھڙوڪ: صابڻ، ڪپڙن ڌوئڻ جو پائوڊر، ٽوال چادرون وغيره. ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي جھازين جي استعمال ۽ تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ سستي اگهه تي وڪامن ٿيون جن جي Payment سڄي سفر پوري ٿيڻ بعد هوم پورٽ (ڪراچي) ۾ پاڪستاني ناڻي ۾ ڪري سگهجي ٿي، جھڙوڪ: عطر، لوشن، سگريٽ، بليڊ، بيئر، مختلف مشروبات کان برانڊي، بسڪيٽ ۽ چاڪيلٽن تائين. انهن شين جي اسٽور کي ”بانڊ اسٽور“ سڏجي ٿو ۽ اهو بانڊ اسٽور فقط ڊيُوٽي فري بندرگاهن ۽ سمنڊ تي کليل رهي ٿو. ڊيوٽي فري بندرگاهه (جھڙوڪ: لاس پاماس، دبئي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، عدن وغيره) ۾ ان ڪري جو انهن شين جي ٻاهر به ساڳي قيمت آهي. سمنڊ تي ڪير کڻي ڪيتري به شيءِ وٺي پر هر بندرگاهه ۾ ان بندرگاهه جي ڪسٽمس قاعدي موجب، مقرر حد کان وڌيڪ شيءِ نه هجڻ کپي. ٻي صورت ۾ هن کي وڌيڪ سامان لاءِ ٽئڪس ڏيڻو پوي ٿو. مثال طور ڪراچي، بمبئي، لنڊن، نيويارڪ وغيره ۾ هر جھازيءَ کي سگريٽن جو فقط هڪ ڪارٽن (ڏهه پاڪيٽ) رکڻ جي اجازت آهي. ان کان وڌيڪ سگريٽن جو هن کي ٽئڪس ڏيڻو پوندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۾ مختلف ٿئي ٿو.
بانڊ اسٽور (يعني ڊيوٽي فري سامان خريد ڪرڻ لاءِ جهاز وارن کي ان بندرگاهه ۾ پھچڻ کان اڳ (سمنڊ تان ئي) بندرگاهه جي مڪاني ايجنٽ کي سنئون سڌو يا ڪراچي هيڊ آفيس جي معرفت اطلاع ڪرڻو پوندو آهي، جيئن هو اهو سامان جھاز جي پھچڻ کان اڳ خريد ڪري، بندرگاهه ۾ تيار ڪري رکي. جھاز جو جيٽيءَ سان لڳڻ تي اهو سامان جھاز جي ‘پرسر’ يا ريڊيو آفيسر حوالي ڪيو ويندو آهي.
اسان جو به، ٻئي ڏينھن جيئن ئي جھاز لاس پاماس جي بندرگاهه ۾ پھتو ته گهربل بانڊ اسٽور جھاز تي پھچايو ويو ۽ هرهڪ جي ڏنل لسٽ مطابق اهو سامان ان کي ڏنو ويو. اسان جونيئر آفيسرن (جن ۾ ففٿ انجنير، ٻه ڪئڊٽ ۽ فور ٿ آفيسر اچي وڃي ٿو ۽ اسان سڀني جون ڪئبنون هڪ ٻئي جي ڀرسان هيون) ڪولائون گهرايون هيون يعني اهي ئي ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا، سيون اپ ۽ فانٽا وغيره. يورپ ۾ اهي ٽين جي دٻن ۾ ملي رهيون هيون پر هتي ڊٻن بدران بوتلن ۾ مليون. مون وانگر جنھن ٻه ڪريٽ آرڊر ڪيا هئا تنھن کي انهن بدران ٻيڻا يعني چار ڪريٽ بوتلن جا مليا هئا. اٽڪل سؤ سؤ کن بوتلون اسان جونئرن مان هر هڪ کي مليون.
لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽ) تي اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان جو جھاز مقرر وقت کان ڪجهه وڌيڪ ئي ترسي پيو. ان کان علاوه جھاز جي Exhaust بئالر جي مرمت به اتي ئي ڪرائڻي پئجي وئي. انهن ڏينھن ۾ گرمي به چڱي خاصي هئي سو ايندي ويندي اسان جو مارو ڪوڪا ڪولا ۽ فانٽا وغيره تي هو سو لاس پاماس ٻيٽ ڇڏڻ کان اڳ، سڀني وٽ ڇڙيون خالي بوتلون وڃي بچيون هيون، جي ٻئي گند ڪچري سان گڏ وچ سمنڊ ۾ اڇلڻيون هيون.
جڏهن جھاز لاس پاماس مان لنگر کڻي اڳتي رڙهيو ته مون کي هڪ خيال آيو. اهڙا روشن خيال هر ماڻهوءَ کي ڪناري تي ڪموڊ جي سيٽ تي وهندي يا سمنڊ تي ڊيوٽي دوران بلوئر (جتان انجڻ روم ۾ ٿڌي هوا اچي) جي هيٺان بيھي سوچڻ تي اڪثر ايندا آهن. مون پنھنجي هڪ ففٿ انجنيئر دوست زمان، ڪئڊٽ غضنفر خان ۽ ڪئڊٽ رباني کي سڏي چيو ته ”ٽن ڏينھن کانپوءِ پاڻ اهڙي هنڌ تي پھچنداسين، جتان ڪنارو اسان جي جھاز کان سوين ميل ڏور هوندو _ سو به آفريڪا کنڊ جو، اتر آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو ته اڃان به هزارين ميل پري هوندو. اچو ته ڪاغذن تي ڪجهه لکي پوءِ هنن خالي بوتلن ۾ وجهي اتان سمنڊ ۾ اڇلايون _ پوءِ ڏسون ته هي بوتلون ڪھڙي ملڪ ڏي تريو وڃن ٿيون. کاٻي پاسي اوڀر ۾ آفريڪا کنڊ جا ملڪ نائيجيريا، گهانا، مراڪش، ماريطانيا، ڪئمرون، ائنگولا ۽ نميبيا وغيره آهن، ساڄي پاسي اولهه ۾ ڪئناڊا، USA ۽ وچ آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جا ملڪ وينزوئلا، ارجنٽائنا ۽ برازيل وغيره آهن، سامهون هيٺ آسٽريليا آهي ۽ مٿي اتر ۾ يورپ ۽ انگلنڊ آهي.“
”ان مان ڀلا ڪھڙو فائدو جو اهو خفو ڪجي؟“ ان وقت جھاز جو هڪ ٻيو انجنيئر عاشق ميمڻ به اچي نڪتو هو، تنھن ٿڏي تي نفعي نقصان جو حساب ڪري اسان کي اهڙي ڪم کان دلشڪستو ڪيو. ”جنريٽر جي اوورهالنگ پئي هلي، ڇا اها مٿي تي مصيبت گهٽ آهي.“
”يار فائدي نقصان کي ڇڏيو. مڙيئي ٿيو وقت پاس ڪرڻو.“ مون پنھنجي ساٿي آفيسر کي چيو.
رات واري چار ڪلاڪ ڊيوٽيءَ ۾ مختلف مشينن ۽ انجڻين جي چوڌاري چڪر هڻندي هڪ خط جو مضمون سوچيندو رهيس، جيڪو انهن بوتلن ۾ وجهي سمنڊ ۾ لوڙهيو وڃي. ڊيوٽي ختم ٿيڻ تائين هي مضمون جوڙيم:
” عالمي امن ۽ سلامتيءَ خاطر“
(ڄڻ عالمي امن ۽ سلامتي واقعي خطري ۾ هجي! بھرحال اهو لکڻ ان ڪري ضروري سمجهيم، جيئن پڙهندڙ کي لڳي ته هي ڪم UNO جھڙي اداري جو ڪو مفڪر ۽ عالم پيو ڪري ۽ نه اسان جھڙو ڪو جھازي لوفر....)
”محترم/ محترمه!“
توهان خوش نصيب آهيو جو توهان کي هيءَ بوتل ملي آهي جيڪا انهن چند بوتلن مان هڪ آهي جيڪي وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ تان اڇلايون ويون آهن (جيتوڻيڪ اهي چند يا ڏهه ٻارهن بوتلون نه پر ٻه سؤ کن اڇلايون ويون هيون، پر اهو سوچي ته بوتلن کي حاصل ڪرڻ وارو ڀلي وڌيڪ ٽپا ڏيئي خوش ٿئي...)توهان جيڪڏهن دوستي رکڻ جا خواهشمند آهيو ته هيٺين ائڊريس تي خط لکي سگهو ٿا. ڪنھن به رنگ، مذهب، قوم ۽ ملڪ جو قيد ناهي. (اها سٽ ڪئڊٽ ربانيءَ جي صلاح سان وڌائي وئي هئي. ڇو جو ربانيءَ جو اهو خيال هو، جيڪو بلڪل صحيح ٿي لڳو ته ٿي سگهي ٿو ته هوا جو رخ يا سامونڊي لھرون اهڙي طرف جون هجن جو سڀ يا جيڪي بوتلون جنھن ڪناري تي پھچن اهو آفريڪا جي ملڪ جو هجي. ۽ آفريڪا ۾ رنگ ۽ نسل جو ايڏو چڪر آهي جو ٿي سگهي ٿو ته هو اسان کي گورا يورپي سمجهي، خط نه لکن جو هنن کي خبر آهي ته هر انگريز يا يورپي ڪاري آفريڪن سان نفرت ٿو ڪري....)
توهان جي خط جو انتظار رهندو.“

خط لکي هيٺان تاريخ ۽ ڪراچي آفيس جي ائڊريس هڻي سمهي رهيس. ڪراچي آفيس جي ائڊريس ان ڪري جو قاعدي موجب جھاز کڻي ڪھڙي به بندرگاهه ۾ هجي، اسان جي هيڊ آفيس وارن کي جھازين ڏي خط پنھنجي خرچ سان ان ملڪ ڏي موڪلڻا پوندا آهن.
صبح جو منھنجو بنگالي پوڙهو نوڪر (ڪئبن بئاءِ) اٿارڻ آيو ته اٿندي ئي پڇيو مانس:
” علي! لکڻ پڙهڻ به ايندو اٿئي يا نه؟“
” ها صاحب! اچي ٿو. مئٽرڪ پاس ڪري نه سگهيس پر اخبار پڙهيو وڃان.“ هن جواب ڏنو.
جھاز تي فقط اهو هڪ علي هو جنھن جا اسين ”صاحب“ هئاسين.
”ڏاڍو سٺو. اڄ توکي نه ڪئبن ٺاهڻي آهي ۽ نه ماني کارائڻي آهي. هي رائيٽنگ پئڊ، ڪاربن پنا ۽ پين کڻ ۽ هن خط جون ڪاپيون ٺاهڻ شروع ڪر.“
منجهند جو ڊيوٽي تان آيس ته اٽڪل ڏيڍ سئو کن خطن جون ڪاپيون تيار رکيون هيون. هاڻ مسئلو اهو هو ته اهي بوتلن ۾ بند ڪيئن ڪجن، جيئن بوتلن ۾ اندر پاڻي نه وڃي ۽ بوتلون سلامت ترنديون رهن. انهن کي سندن لوهي ڍڪن سان بند ڪرڻ صحيح نه هو جو هڪ ٻن ڏينھن بعد سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڪري انهن ڍڪن کي ڪٽ لڳي سگهي ٿي ۽ پاڻي سيمو ڪري بوتل ۾ اندر وڃي سگهيو ٿي ۽ پوءِ بوتل وارو خط هڪ طرف پُسندو ته ٻي طرف بوتل ترڻ بدران وڃي سمنڊ جو ترو کڻندي. بوتلن کي بند ڪرڻ جو هڪ بھتر طريقو اهو هو ته انهن جا منھن پلاسٽڪ يا نئلان جي ڪپڙي سان بند ڪيا وڃن. ان لاءِ ڪئڊٽ غضنفر نئلون جو بارشي ڪوٽ کڻي آيو جيڪو کيس پراڻي چيف آفيسر جھاز ڇڏڻ وقت ڏنو هو. ان ڪوٽ مان ٽڪر ڪتري بوتل جي منھن تي رکي، سوٽي ڌاڳي سان ٻڌي ان کي بارديءَ ۾ چوويھه ڪلاڪ رکيوسين ته سمنڊ جي سخت کاري پاڻيءَ ڪري اهو ڌاڳو ڇڄي پيو ۽ پاڻي اندر هليو ويو. ڪئڊٽ ربانيءَ سان ڳالهه ڪيم ته هن چيو ته ”اهو مسئلو آئون حل ڪندس.“
جھاز تي ڪيترائي بنگالي خلاصي هئا، جن مڇيون ڦاسائڻ جي ڄاري ٺاهڻ لاءِ بيروت مان نئلان جو ڌاڳو ورتو هو. رباني ويو سو انهن کي ڪجهه پاڪيٽ سگريٽن جا ڏئي ان ڌاڳي جا ٻه کن ريل وٺي آيو. پوءِ ته بوتلن جي پئڪنگ شروع ٿي وئي. پنھنجيون ۽ پرايون ڪيتريون ئي خالي بوتلون گڏ ڪيون هيوسين انهن۾ خطن کي گول ويڙهي وجهندا وياسين. مٿان غضنفر جي Rain Coat واري ڪپڙي سان ڍڪي، نئلان جي ڌاڳي سان سندن منھن ٻڌندا وياسين. ٽئي ڏينھن، منجهند جو لنچ کانپوءِ انهن بوتلن جون ڳوڻيون ڀري ڪئبن مان ڇڪي ڇڪي مٿي بوٽ ڊيڪ تي آياسين، جتان بيھي ڳوڻين کي اونڌو ڪندا وياسين. اڇي ۽ سائي رنگ جون بوتلون ڇڻ ڇڻ ڪري سمنڊ ۾ ڪِرڻ لڳيون ۽ پاڻيءَ ۾ هلڪي ٽٻي هڻي چوڌاري ٽڙي پکڙي ترڻ لڳيون. هيٺ مين ڊيڪ ۽ پٺيان پوپ ڊيڪ تي بيٺل ڪجهه خلاصي به انهن کي پري پري تائين تيسين ڏسندا رهيا، جيسين جھاز تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو. هو ضرور سوچي رهيا هوندا ته هونءِ ته سمنڊ ۾ اڇليل سامان ٻڏيو وڃي هي ڪيئن تري رهيون آهن.هنن کي اها خبر نه هئي ته انهن بوتلن جا منھن بند آهن. منجهن پاڻي اندر نٿو وڃي ان ڪري اهي هلڪييون هجڻ ڪري تري رهيون آهن.
ڪئڊٽ غضنفر جيڪو ان وقت جھاز جي برج (ڪنٽرول روم) تي هو ۽ جھاز جي طاقتور بائناڪيولرن سان ميل ٻن تائين ڏسندو رهيو، تنھن بعد ۾ ٻڌايو ته جھاز تان ڪرڻ مھل اهي بوتلون ڪجهه فاصلو، جھاز جي پنکي جي ‘Suction effect’ ڪري، جھاز جي پٺيان پٺيان اينديون رهيون ان بعد اوڀر کان ايندڙ وڏيون ڇوليون انهن کي اولھه ڏي ڌڪينديون رهيون.
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي بوتلون وچ آمريڪا يا ويسٽ انڊيز وارن ٻيٽن ڏي هليون وينديون“. ڪئڊٽ ربانيءَ چيو.
”اهو تڏهن ٿئي جڏهن سمنڊ ڌڪڻ وارو فئڪٽر فقط لھرون هجن. ٿي سگهي ٿو سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ ڪُن ۽ درياهه (Under Currents) انهن کي ٻي رخ ڏي موڙين يا اڳتي هلي کين اهڙو طوفان ملي جيڪو کين وچئين ٽي طرف ڏي موڙي وڃي.“ اسان جي ساٿي ففٿ انجنيئر زمان پنھنجي جاگرافيائي ڄاڻ جو اظھار ڪيو.
ويھن ڏينھن بعد جھاز ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ پھتو. سڀني جو سک ڦٽي پيو. هرڪو پڇڻ لڳو: ”ادا! بوتلن واري خط جو ڪو جواب ڪٿان آيو؟“
پوءِ ڪنھن کي وات سان ته ڪنهن کي ڪنڌ جي نھڪار سان جواب ڏيندا رهياسين. ريڊيو آفيسر ڪجهه ٽوڪ مان پڇيو ته اسان به چڙ مان جواب ڏنس ته ”ميان خالي بوتلون لھرن ۽ هوا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيون اٿئون. ساڻن راڪيٽ ڪونه ٻڌا هئاسين جو اسان جي جھاز کان اڳ بندرگاهن ۾ پھچي وڃن.“ ۽ هونءَ به اهو ضروري ته نه هو ته اهي بندرگاهن ۾ يا انهن جي ويجهو پھچن جتي ماڻهو هجن. ٿي سگهي ٿو ڪنھن ملڪ جي ڪنھن ويران سامونڊي ڪناري تي وڃي پھچن جتي ڪو بني بشر نه هجي.
مھني بعد دبئي آياسين. اتي به پھرين ڪراچيءَ کان آيل ٽپال کولي وئي پر ان ۾ ڪو به اهڙو خط نه هو، جنھن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو بوتلن سان هجي. هفتو ٻه دبئي ۾ رهي قطر جي بندرگاهه دوحا ۾ آياسين. اتي به ڪو خط نه آيو. پوءِ واپس ڪراچي (هوم پورٽ) ۾ آياسين جتي ٻيا ته ڪيترائي آفيشل ۽ غير آفيشل خط آيل هئا، پر بوتلن واري خط جي ورنديءَ ۾ ڪو خط نه هو. سخت بوريت ٿي پر کل ڀوڳ ۾ ڳالهه وسري وئي. هر ڪو پڇڻ لڳو: ”ادا ڪو خط پٽ؟“ ۽ وري جواب به پاڻ ٿي ڏنائون: ”ڪنھن ماڻهوءَ تائين بوتل پھچي ها ته خط به اچي ها. ڪناري تائين پھچڻ کان اڳ سڀ بوتلون ڪا وهيل مڇي هڙپ ڪري وئي هوندي..“
”يا ڪنھن اهڙي ملڪ جي ڪناري تي وڃي سَٽيون هونديون، جتي جا باشندا انگريزيءَ کان اڻ واقف هوندا...“
”يا ڪنھن اهڙي جاهل مھاڻي کي مليون هونديون، جنھن خط ڦاڙي، بوتلون چئين چئين آني وڪڻي ڇڏيون هونديون...“
هرڪو سوال سان گڏ طنزيه جواب پڻ ڏيڻ لڳو. وري ان سان گڏ صلاح مشورو به ڏيڻ لڳو _ شايد اسان کي وڌيڪ خوار ڪرڻ لاءِ.
ففٿ انجنيئر زمان پنھنجي عينڪ جا ٿلها شيشا صاف ڪندي مون کي آهستي چيو: ”اجايو ٻين سان ڳالهه ڪئيسين. ان ڪري ته آئون چوندو آهيان ته هميشه Low Profile رکجي.“
”ادا پنجوئو (يعني ففٿ انجنيرو) هاڻ هيئن ڪجو، جو آئيندي اهڙيون ڳالهيون خطن واريون بوتلون ڪنھن ڪناري وٽ ئي لوڙهي ڇڏجو، جيئن چند ڪلاڪن ۾ ڪناري تائين پھچي وڃن.“ ڪنھن صلاح ڏني ۽ زمان ۽ مون ان کي ڪاوڙ مان گهوري ڏٺو. ظاهر آهي هو اسان جي سينئرن مان هڪ هو جنھن کي ڪجهه گهٽ وڌ نٿي چئي سگهياسين.
”ان لاءِ لارينزو مارڪس، بارسلونا ۽ اٽليءَ جي هر بيچ (سامونڊي ڪنارو) بھتر ٿيندو جتي هر وقت پورچوگالي، اسپيني ۽ اطالوي ڇوڪريون بڪنين ۾ ڦرنديون رهن ٿيون...“
”يارو! ٻين ملڪن جي ڪنارن تي ڇو ٿا ڇڏيو، پنھنجي ملڪ ۾ ڇو نٿا ڇڏيو. رات جو وڃي ڪلفٽن تي رکي اچجو...“ هڪ ٻئي همراهه صلاح ڏني ۽ پوءِ وري پاڻ ئي پنھنجي تشويش جو اظھار ڪيو: ”هونءَ هڪ ڳالهه آهي. ڪلفٽن تي جيڪي اچن ٿا سي دهي بڙا ۽ چاٽ کائڻ کان واندا هجن ته بوتلن کي به کولين. انهن لاءِ انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساهرين.“
بھرحال اسان کي ڇتو ڪرڻ لاءِ يا شايد جھاز جي بور زندگيءَ کي ڪجهه خوشگوار بنائڻ لاءِ ان قسم جي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ٿي. مون کي اهو به محسوس ٿيو ته هر هڪ کي هڪ قسم جو تجسس پڻ آهي ته نيٺ اهي بوتلون ويون ڪيڏانھن! سڀ نه، ته به ڪي ته ڪنھن ملڪ جي ڪناري تي پھتيون هونديون. پر سڀ بيڪار ثابت ٿيو ۽ وقت سان گڏ آهستي آهستي اها ڳالهه اسان سڀني کان وسري وئي. رڳو مينھن پوندو هو ته غضنفر جي رين ڪوٽ جي ياد ايندي هئي ۽ افسوس ٿيندو هو ته ان کي ڇو ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪيوسين. اهو رين ڪوٽ يورپ جي سردي وارن مينھن ۾، کانئس اڌارو وٺي اسان به استعمال پئي ڪيو.
اسان ٻي Voyage (سفر) تي نڪتاسين. ڪراچيءَ کان سڌو چٽگانگ آياسين. ان کانپوءِ چين ڏي جھاز کي وٺي وياسين، جتان پوءِ ڪولمبو موٽياسين. ڪولمبو مان مٿي ڪراچي اچڻ بدران ڏکڻ آفريڪا جو رخ رکيوسين. اتان پوءِ اتر آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ ڦرندا رهياسين. ڪنھن بندرگاهه ۾ سامان لاهڻو هو ته ڪنھن مان سامان چاڙهيندا رهياسين ۽ ڪنھن ۾ وري جھاز جي مرمت وغيره ڪرائيسين. بوتلن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اڇليندي هاڻ پورو سال گذري چڪو هو ۽ هر هڪ جي دل تان اها ڳالهه ميسارجي چڪي هئي، بلڪ ان وچ ۾ مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾ ان کان وڌيڪ ٻيون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ٿي چڪيون هيون _ جن جو ڪچھرين ۾ ذڪر ڪري خوش پئي ٿياسين. ٽيڪساز رياست جي بندرگاهه هيوسٽن ۾ پھتاسين ته ڪراچي هيڊ آفيس مان هڪ ڪلارڪ جو خط آيو (جنھن جو ڪم جھازين ڏي مختلف بندرگاهن ۾ خط موڪلڻ آهي) ته منھنجي نالي ڪيترائي خط گڏ ٿي چڪا آهن، سو اهي سڀ ايڏو ڏور پوسٽ ڪرڻ مشڪل آهي. جھاز جي ڪراچي پھچڻ تي آفيس مان کڻي وڃجو.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته ايترا خط آيا ڪٿان ۽ لکيا ڪنھن! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين جي مقابلي ۾ مون وٽ گهڻا خط آيا ٿي _ انهن جونيئرن جا جيڪي اڃان جھاز راني جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، مائٽن مٽن ۽ دوستن جا ۽ منھنجا مضمون عبرت اخبار وغيره ۾ پڙهڻ وارن جا. پر گهڻا گهڻا تڏهن به ڪنھن جو هڪ خط آيو ٿي ته منھنجا ٻه خط يا وڌ ۾ وڌ ٽي خط هوندا هئا ۽ هينئر اهو پڙهي مون کي ڪجهه ڪجهه چرچو لڳو ته مون لاءِ ايترا خط آيا آهن جو هڪ جھاز ران ڪمپني جھڙي امير اداري جي انهن کي پوسٽ ڪرڻ تي دل سست ٿي ٿئي.
جھاز جڏهن ڪراچيءَ پھتو ته خطن جي ڳوٿري ملي. جلدي جلدي خط پڙهڻ شروع ڪيم. ڏهه ٻارهن خط پڙهڻ سان ئي سڄي قصي جي ڄاڻ پئجي وئي. هڪ خط آسٽريليا جي بندرگاهه سڊنيءَ مان اتي جي ڪنھن مھاڻي جي پٽ جو هو. باقي خط آفريڪا کنڊ جي مختلف شھرن مان هئا.
آسٽريليا واري خط ۾ هو: ”توهان جي وچ سمنڊ ۾ ڇڏيل بوتل منھنجي پوڙهي پيءُ کي مڇين جي ڄار ۾ ملي. منھنجو پيءُ انگريزي پڙهيل ناهي، سو هن اها بوتل منھنجي حوالي ڪئي. گهڻواڳ آمريڪا وارن ڪجهه ڦوڪڻا ڇڏيا هئا ته جن کي جنھن ملڪ ۾ ملندو تن کي انعام ڏنو ويندو. سو منھنجي پيءُ به هيءُ بوتل ان قسم جي انعام سان لاڳاپيل سمجهي. بھرحال هاڻ توهان ڏي خط لکي رهيو آهيان...“
اها بوتل سڊنيءَ ۾ ڏهن مھنن بعد پھتي هئي. خط استوا وٽ ويھه ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي اڇلايل اها بوتل ڏکڻ طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ هندي وڏي سمنڊ ۾ پھچي يا ٻئي پاسي ڪيپ آف گڊ هارن لتاڙي پئسفڪ سمنڊ مان ٿيندي آسٽريليا پھچي _اها هڪ حيرت جي ڳالهه آهي ۽ هڪ جاگرافر ۽ نيويگيٽر لاءِ ته اها ڳالهه Theoretically نا ممڪن آهي. خبر نٿي پوي ته ڪھڙين سامونڊي لھرين ذريعي يا طوفاني هوائن جي اثر تي اها اتي پھتي.
ٻي بوتل آفريڪا کنڊ جو پاسو ڏيندي ڪيپ آف گڊ هوپ جي تيز وهڪري ۾ لڙهندي ڏکڻ آفريڪا جي شھر ”ايسٽ لنڊن“ جي سامونڊي ڪناري تي اچي پھتي. مسز جينيفر پنھنجي مڙس سان ان شھر ۾ هني مون ملهائي رهي هئي ۽ ان ڏينھن سمنڊ جي ڪناري تي اس جو سيڪ وٺندي سندس نظر سمنڊکان ايندڙ هن بوتل تي پيئي. پري کان ٻار ڊوڙي اچي کڻن، تنھن کان اڳ پاڻ ٽپ ڏئي اٿي کنيائين. پاڻ اتي جي هڪ مقامي اخبار جي ڪالم نويس به آهي. هن کي جو ان قسم جي Message واري بوتل ملي ته هن ان تي هڪ وڏو مضمون “Mysery of a Bottle” جي عنوان سان ڏکڻ آفريڪا جي هڪ مشھور انگريزي اخبار “دي نيشن” ۾ ڇپرايو، جنھن ۾ اهو سڄو احوال لکيائين ته کيس ڪيئن اها بوتل ملي، جنھن جو ڍڪ کولڻ تي دونھين سان گڏ جِنُ نڪرڻ بدران هڪ ننڍڙو خط مليو. ان خط جو فوٽو پڻ ان اخبار ۾ ڏنل هو (ڇا ياد ڪندو اسان وارو ڪئبن بواءِ علي به ته سندس هٿ لکڻي جڳ جھان ڏٺي) اها اخبار آفريڪا جي ٻين ڪيترن انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن (نائيجيريا، ڪينيا، گهانا، رهوڊيشيا، سيريا ليون وغيره) ۾ پڻ مشھور آهي.
مٿيون مضمون ڇپجڻ بعد ٻئي ڏينھن کان ڪيترن ئي ملڪن جي پڙهندڙن خط لکڻ شروع ڪيا. اهي خط ٻارهن سالن کان 60 ورهيه جي ڄمار جي ماڻهن جا هئا _ جن ۾ مرد توڙي عورتون اچي وڃن ٿيون. (لڳي ٿو ته آفريڪا جي ماڻهن کي ڪافي واندڪائي آهي.) اڌ کان وڌيڪ خط اسٽوڊنٽس جا آهن. سڀ کان گهڻا خط ڊربن، ايسٽ لنڊن، جھانسبرگ ۽ ڪيپ ٽائون وارن جا آهن. ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي ممباسا، نئروبي، دارالسلام، لاگوس وغيره کان آهن. ڪيترائي خط پنھنجي حساب سان دلچسپ آهن ۽ ٻه ٽي ادبي نموني جا پڻ آهن. هڪ ڏهن سالن جي ٻار جو آهي، جنھن ۾ هن لکيو آهي ته : “ مون کي اها خبر ناهي ته توهان جو ملڪ ڪٿي آهي. پر اها پڪ اٿم ته تمام پري هوندو جو هي خط پوسٽ ڪرڻ تي مون کي يارهن شلنگن جون ٽڪليون هڻڻيون پونديون.“
ڪجهه خط قلمي دوستي جي ڪلبن مان پڻ آيل آهن ته هنن جون ائڊريسون اخبار ۾ ڏنيون وڃن. منھنجي ساٿي انجنيئر زمان آهستي سس پس ڪري پڇيو ته خط ۾ ڪو رومال يا ٻي ڪا شيءِ تحفي ۾ به آئي آهي يا نه؟
”ڪا شيءِ آئي ته نه آهي، پر گهانا مان ٻه ٽي خط اهڙا آيا آهن، جيڪي ٿي سگهي ٿو ڇوڪرن جا هجن، پر ظاهري طرح ڇوڪرين جي نالي سان آهن، جن ڇوٽ ۾ ئي لکيوآهي ته ”هيلو! هائو آر يو؟ آءِ لو يو. اسان لاءِ ڪو گفٽ موڪليو...“
زمان ٽھڪ ڏئي چيو: ”ٺھيو. هي ته اها ئي چوڻي ٿي ته بکيا هليا آهن سڃين وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي.“
بھرحال ٻه سؤ کن اڇلايل بوتلن مان فقط ٻه کن بوتلون اهڙيون هيون جيڪي ڪن جي هٿن تائين پھتيون ۽ هونءَ ان حساب سان فقط ٻه خط اچن ها، پر انهن ۾ هڪ ليکڪ هجڻ ڪري اخبار ۾ ڄڻ ته اشتھار ڇپجي ويو. ان ڪري ٽي چار ڊزن خط ملي ويا. انهن ٻن بوتلن کان علاوه باقي ٻيون بوتلون ڪيڏانھن ويون، انهن بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي واقعي ڪنھن وڏي مڇي جي پيٽ ۾ وڃي نڪتيون هجن يا بقول ڪئڊٽ ربانيءَ جي اڃان سفر ڪري رهيون هجن. سمنڊن جا سمنڊ جهاڳي رهيون هجن. يا بقول ڪئڊٽ غضنفر جي اهي بوتلون ڪراچيءَ جھڙي ڪنھن شھر جي بوتل گلي ۾ چئين آني في داڻي جي حساب سان وڪامي چڪيون هجن.
(مٿيون مضمون جنوري 1970 ۾ لکيو ويو)

مٿين ڪھاڻيءَ جا ڪجهه ڪردار اڄ ٽيھه ٻٽيھه سالن کانپوءِ:
_ ڏهاڪو کن سال وڌيڪ جھاز هلائي، مختلف ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪري (Shore Job) ڪري هاڻ آئون پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ ٽيچنگ جاب ڪري رهيو آهيان. رٽائرڊ ٿيڻ ۾ ٻه سال کن اٿم يعني هاڻ 58 سالن جو آهيان. تڏهن 26 سالن جو هوس.
_ ففٿ انجنيئرزمان (سڄو نالو بديع الزمان) منھنجو تعليم دوران مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ بنگلاديش ٿيڻ تائين اسان ڪيترن ئي پاڪستاني جھازن تي گڏ Sail ڪيو. 1971ع کانپوءِ هو بنگلاديش هليو ويو ۽ اتي جا جھاز هلائيندو رهيو تان جو آخر ۾ چيف انجنيئر جي عهدي تي پھتو. ان کانپوءِ ”بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن“ جو ٽيڪنيڪل ائڊوائيزير ٿي رهيو. هو منھنجي ئي عمر جو آهي. ڪجهه سال اڳ نوڪري ڇڏي پنھنجو بزنيس شروع ڪيو اٿس.
_ڪئڊٽ غضنفر ۽ ڪئڊٽ رباني اسان کان ٽي سال کن ننڍا آهن. غضنفر مختلف جھاز هلائيندو آخرڪار جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ان بعد ٻاهرين ملڪن جا جھاز هلائيندو رهيو. هاڻ جھاز هلائڻ بدران مختلف ملڪن جي جھازن جي مئنيجمينٽ ڪري ٿو ۽ پنھنجي آفيس“جيوپيٽر مئرين سروس” نالي ڪراچي ۾ اٿس. پاڻ ڪئپٽن جي. يو. خان جي نالي سان مشھور آهي.
_ڪئڊٽ رباني بنگلاديش ٿيڻ بعد پنھنجي ڳوٺ ڍاڪا هليو ويو مرچنٽ نيوي ڇڏي بنگلاديش فوج جي نيوي Join ڪيائين ۽ پروموشن حاصل ڪندو هاڻ ڪموڊور (يعني برگيڊيئر) جي رئنڪ تي آهي ۽ چٽگانگ پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين آهي. پاڻ مئٽرڪ ۽ انٽر اسان واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪئي هئائين. جتي هو لياقت جتوئي، ڪئپٽن رشيد ابڙو، ڊي آئي جي محسن پنھور جن جو ڪلاس ميٽ هو.
_عاشق ميمڻ هڪ ٻه Voyages (سامونڊي سفر) اسان سان گڏ ساڳي جھاز تي ڪري پوءِ موڪل تي لٿو هو. ان بعد ساڻس وري ملاقات نه ٿي آهي.

_الطاف شيخ
مئي 2002