الطاف شيخ ڪارنر

بوتلن جو سفر

ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بوتلن جو سفر

سونھان سڌيون ڏين، هن ديواني درياهه جون

ڪجهه ماڻهو اهو به سوچيندا آهن ته اهڙن طوفانن ۾ يا جڏهن رکي رکي سمند خراب ٿئي ٿو ته جھاز کي بيھاري جھاز جا ماڻهو آرام ڇو نٿا ڪن؟
ڳالهه اها آهي ته خراب موسم توڙي سمنڊ ۾ جھاز جي حالت ويتر خراب تڏهن ٿيو پوي جڏهن جھاز جي انجڻ بند ٿئي ٿي. جھاز جي انجڻ بيھڻ تي جهاز ويتر ڇولين ۽ طوفان جي رحم ڪرم تي ٿيو وڃي. ان ڪري بھتر اهو آهي ته جھاز هلندو رهي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي جھاز ان خراب سمنڊ ۽ موسم واري حصي مان نڪري وڃي يا قدرت طرفان سمنڊ ۽ موسم جلد صحيح ٿي وڃن، جيئن جھاز جو لڏڻ جهڪو ٿي وڃي. ٻي ڳالهه ته اهڙو خراب سمنڊ ڪڏهن ته چند ڪلاڪ ملي ٿو ڪڏهن ته ڏينھن ٻه به ملي ٿو. ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو ته اهو سمنڊ جو حصو جيڪو هڪڙن کي خراب مليو پر ڪجهه ڪلاڪن پويان ايندڙ جھازن کي نه به ملي جو ٿي سگهي ٿو جڏهن اهي جھاز اتي پھچن ته سمنڊ ماٺو هجي ۽ اڳيان ويندڙ جھاز جن اها مصيبت ڀوڳي جڏهن وڌيڪ اڳيان وڃن ته اڳيون سمنڊ به ان وقت انهن کي خراب ملي. اهڙي طرح ساڳي سمنڊ تان ساڳي ڏينھن فقط چند ڪلاڪن جي فاصلي تي هلندڙ جھازن مان هڪ کي سڄي واٽ خراب سمنڊ ملي سگهي ٿو ۽ ٻئي کي ماٺو سمنڊ جنهن ڪري هن جو سفر بيحد مزيدار گذري.
وري ائين به نه آهي ته فلاڻا سمنڊ فلاڻن ڏينھن ۾ خراب ٿين ٿا. پئسفڪ سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد ماٺو آهي. سندس انگريزي نالو Pacific به شايد ان ڌيرج ۽ ماٺائيءَ واري طبيعت مان پيو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن پئسفڪ سمنڊ جا ڪيترائي حصا ڪيترن جھازن کي خراب به ملن ٿا. پاڻ وارو عربي سمنڊ جيڪو ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن کي ڇُھي ٿو اهو ته ايامن کان خراب سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھنن ۾، جيڪي اسان وٽ سانوڻيءَ ۽ چوماسي جا ڏينھن ٿين. ڀوڄ، ڪڇ کا ٿورو اڳيان بمبئي کان ڪولمبو تائين ته اها چؤماسي (monsoon) جي موسم اپريل مئي کان ئي شروع ٿيو وڃي ۽ وڏا وڏا جھازي جيڪي ائٽلانٽڪ، سائوٿ چائنا سِي ۽ ڀؤنچ جھڙا سمنڊ ته خيرخوبيءَ سان اڪريو وڃن، پر هتي اچي وائڙا ٿيو وڃن ۽ پنھنجي وطن وڃيو هن ديواني درياهه، ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جون ڳالهيون ڪن. تڏهن ته شاهه لطيف به جھاز جي ناکئي، (ڪئپٽن، ملاح، خلاصي) کي هن پاسي جي سمنڊ کان خبردار ڪيو آهي. چي:
سامونڊي ٿو سنبھين، ساڄو جهل سکاڻ
لڳي واءُ وڏاندرو، منجهائي مھراڻ....
بھرحال هن سمنڊ جي ڪُنن ۽ لھرن (Undercurrents) جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي جنھن لاءِ شاهه لطيف خود چيو آهي ته ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري، جيئن ماٽي منجهه مَھي“ ۽ ”سونھان سُڌيون ڏين، هن ديواني درياهه جون“. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته سمنڊ (عربي سمند) توڙي هندوستان جي ٻئي پاسي خليج بنگال واري سمنڊ ۾ (جيڪو پڻ عربي سمنڊ وانگر هميشه بگڙيل رهي ٿو ۽ طوفان ۽ Cyclone لڳندا رهن ٿا) چوماسي واري موسم ۾ به ڪجهه ڏينھن اهڙا مليو وڃن، جو سمنڊ منڇر ڍنڍ وانگر ماٺو لڳي ٿو

جھاز جا لوڏا
پر سمنڊ جي خراب هجڻ يا طوفانن لڳڻ جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي نه سوچڻ گهرجي جيڪو جھاز تي چند ڏينھن جو مسافر نه آهي پر هن لاءِ گهر توڙي آفيس جھاز آهي يعني هن جي روزگار جو ذريعو سمنڊ تي جھاز هلائڻ آهي. ۽ پوءِ جھاز جي زندگيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن آئون عام زندگيءَ سان به مشابھت ڏيندو آهيان. جيئن ڪناري جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گرميون آهن ته ڪڏهن سرديون ڪڏهن عيدون آهن ته ڪڏهن روزا، تيئن سمنڊ تي به ڪڏهن سٺا ڏينھن اچن ٿا ته ڪڏهن خراب به! جھاز سمنڊ تي آهي ته هڪ ڏينھن به موڪل نه آهي چاهي آچر هجي يا جمعو. عاشورو هجي يا عيد_ جھاز کي هرروز هلائڻو آهي ۽ ڪڏهن ته يڪو مھنو مھنو به هلائڻو پوي ٿو. هڪ دفعي چين کان ڪئناڊا جي هڪ بندرگاهه تائين چاليھه ڏينھن لڳي ويا. يعني بنا اسٽاپ جي ڏينھن رات هلائيندا رهياسين. هڪ دفعي ڪراچي کان ڪيوبا ڏينھن رات هلائيندا رهياسين ان وچ ۾ عيد جو ڏينھن به اچي ويو پر عيد ڏينھن به جھاز هلائڻو پيو _ جھاز هلائڻ مان جان فقط تڏهن ڇٽي ٿي جڏهن جھاز بندرگاهه ۾ اچي ٻڌجي ٿو.
هونءَ سمنڊ وارن ڏينھن جي خبر نٿي پوي ته ڪيترا ڏينھن سمنڊ سڻائو ملندو ۽ ڪنھن وقت اهو اوچتو بگڙي پوندو ۽ اهو سندس بگڙجڻ به ڪڏهن گهٽ ٿو رهي ته ڪڏهن تمام گهڻو. ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ جي خراب حالت ڪري جھاز کي سنڀاليندي سنڀاليندي ويھه ويھه ٽيھه ٽيھه ڪلاڪ اوجاڳي ۾ گذريو وڃن ڇو جو اهڙي حالت ۾ جھاز کي Auto تي نٿو ڇڏي سگهجي. هي طوفاني ڏينھن ۽ راتيون سمنڊ جي اها حالت رهي ٿي جنھن لاءِ شايد شاهه لطيف چيو آهي ته “ ڪو جو قھر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن”. يا “سھي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا.”
سي سڪنيس بابت هتي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته سي سڪنيس خراب (Rough) سمنڊ ٿيڻ تي ٿئي ٿي يا موسم جي خراب ٿيڻ تي يعني طوفان يا Cyclone اچڻ تي ٿئي ٿي. پر اصل سبب سمنڊ يا موسم جو خراب ٿيڻ ناهي پر جھاز جي لڏڻ تي آهي جيڪو خراب سمنڊ يا موسم ڪري لڏي ٿو ۽ پوءِ جھاز جا لوڏا ڪڏهن وڏا ٿين ته ڪڏهن ننڍا ۽ ڪڏهن ته وري جھاز ۾ اندر ويٺي ڪو لوڏو محسوس نه ٿيندو. جھاز سامونڊي ڇول جي اڀام تي پيو هيٺ مٿي ٿيندو. سخت سي سڪنيس محسوس پئي ٿيندي پر جھاز لڏندو نظر نه ايندو. ڪڏهن ته وري جھاز ۾ ايڏا وڏا لوڏا هوندا جو ٽيھن ڊگرين تائين ساڄي کاٻي پيو ويندو پر سي سڪنيس بنھه نه ٿيندي. الٽيون ته نه اينديون آهن پر معمولي چڪر يا مٿو ڳرو به نه رهندو آهي.
سمنڊ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ماٺو هونددو آهي جھڙو آرسي. جھاز ان تان ڄڻ ترڪندو ويندو آهي. جھاز جي پکي (Propeller) هلڻ ڪري جيڪا گجي پيدا ٿيندي آهي جنھن کي wake سڏجي ٿو، اها ميلن تائين پئي نظر ايندي آهي. ايڏو ماٺو سمنڊ هوندو آهي! سمنڊ هوائن ۽ طوفان لڳڻ ڪري چر پر ۾ اچي ٿو يا وري سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ Under Currents ڪُنَ ۽ لھرون سمنڊ ۾ هلچل پئدا ڪن ٿيون، جيڪي جھاز کي لوڏين ٿيون. ۽ جھاز جو لڏڻ پينگهه، پينگهي يا چيڪلي ۽ چوڏول وانگر ناهي. لڳندڙ هوائن (طوفانن) جي رفتار، پريشر ۽ Angle مطابق ۽ سمند جي ڇول ۽ جھاز ۾ موجود سامان مطابق جھاز لڏي ٿو.
هوائون يا لھرون جھاز جي پاسن کان لڳن ٿيون ته جھاز هلندي وقت ساڄي کاٻي لڏندو وڃي ٿو. جھاز جي ساڄي کان کاٻي لڏڻ کي رولنگ سڏجي ٿو. رولنگ (Rolling) ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هڪ ٽينڊر (Tender) ۽ ٻي Stiff جيڪي جھاز جي لوڊنگ مطابق ٿين. هڪ هلڪو سامان تر ۾ ۽ ڳرو سامان مٿان رکڻ تي ٿئي ٿي ۽ ٻي ڳرو سامان تر ۾ ۽ هلڪو مٿي رکڻ سان. Stiff حالت ۾. ان ۾ جيتوڻيڪ لوڏا گهٽ ٿا اچن پر سي سڪنيس گهڻي ٿئي ٿي. پر جھاز کي گهڻو ٽينڊر به نٿو بڻائي سگهجي جو ڳرو سامان مٿي رکڻ سان جھاز جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنھن ٽرڪ ۾ هيٺان بُھه رکي مٿان ٽرئڪٽر جھڙي ڳري شيءِ رکبي ته ٽرڪ جي تکي مڙڻ سان اها اونڌي ٿي ڪري پوندي.
جھاز ساڄي کاٻي لڏڻ کان علاوه اڳيان پويان به لڏي ٿو. ان ۾ جھاز جو اڳيون حصو سمنڊ اندر هليو وڃي ٿو ته پويون حصو سمنڊ کان ٻاهر نڪريو اچي. وري انھيءَ گهڙي اڳيون حصو ٻاهر نڪري ٿو ته پويون اندر هليو وڃي. جھاز جي ان لڏڻ کي پِچنگ (Pitching) سڏجي ٿو. جھاز جي پچنگ ۾ رولنگ کان وڌيڪ سي سڪنيس ٿئي ٿي _ خاص ڪري انهن کي جيڪي ان وقت جھآز جي اڳئين يا پٺئين ڇيڙي وٽ ڪم ڪن ٿا، ڇو جو جھاز جا اهي حصا وچ کان وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا. پچنگ ۾ بار بار جھاز جو پٺيون حصو مٿي کڄڻ تي جھاز جو پنکو (Propeller) ٻاهر نڪريو اچي جنھن ڪري انجڻ جي رفتار وڌڻ يا over load ٿيڻ تي جيڪي مسئلا ڊيُوٽي انجنيئر کي درپيش اچن ٿا ان جو اندازو هڪ مڪينيڪل انجنير به لڳائي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ خراب سمنڊ ۽ موسم ۾ جھازي انجنيئر (Marine Engineer) کي کيس ٿيندڙ سي سڪنيس کي به منھن ڏيڻو پوي ٿو ته جھاز کي هلائيندڙ انجڻين کي به. ڪڏهن ڪڏهن اهڙين حالتن ۾ جھاز جي پروپيلر شافٽ (جيڪا ڪرئنڪ شئفٽ سان ڳنڍيل هوندي آهي) اها وچ مان ٽٽي پوندي آهي. اندازو لڳايو ته فٽ يا ڏيڍ فٽ ٿلهي رڪ (Steel) جي نھري شافٽ ٽٽي پوي ٿي _ ڇا ته Stresses پئدا ٿيندا هوندا. بندرگاهه ۾ هڪ هنڌ بيٺل پنج ماڙ عمارت جيڏو لوهي جھاز خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ۾ ڇوڏي وانگر هوندو آهي.
پچنگ سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻي لوڏ Pounding سڏجي ٿي. پائونڊنگ ۾ جھاز جو فقط اڳيون حصو سمنڊ مان نڪري مٿي کڄيو وڃي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي هيٺ اچڻ بدران هڪدم اچيو ڦھڪو ڪري. ائين لڳندو آهي ڄڻ پاڻيءَ جي لھرن تي مترڪا لڳي رهيا هجن. پائونڊنگ ۾ به پچنگ وانگر سي سڪنيس گهڻي ٿئي ٿي، خاص ڪري جھاز جي اڳئين حصي ۾ جنھن کي فاڪسل سڏجي ٿو. جنھن کي سي سڪنيس نه ٿيندي هجي ته ان کي به پائونڊنگ يا پچنگ واري حالت ۾ فاڪسل تي موڪلجيس ته خبر پئجي وڃيس. جھاز تي نوان آيل اهي جھازي جن کي جھاز جي معمولي لوڏن تي سي سڪنيس ٿئي ٿي انهن کي صحيح ڪرڻ لاءِ ٿوري دير لاءِ فاڪسل تي موڪلي ڇڏبو آهي ته جيئن کين جھاز جي اصل لوڏن جي خبر پوي ۽ پوءِ جھاز جي وچ تي يا پٺيان انجڻ روم ۾ گهرائڻ سان هو پاڻ کي فرحتي محسوس ڪندا آهن.
پائونڊنگ ۾ جھاز جي اڳئين ڍانچي کي نقصان پڻ رسي ٿو. معمولي پائونڊنگ ۾ ئي ان جو رنگ روغن اکڙيو وڃي. گهڻي پائونڊنگ ۾ ڏينھن اڌ هلڻ تي جھاز جي اڳئين حصي جا ڪيترائي پرزا، خاص ڪري Weld ڍرا ٿيو پون يا ٽٽيو پون. ڪڏهن ڪڏهن ته جھاز جي ان اڳئين حصي ۾ گهُٻ (dent) پئجيو وڃن جيڪي شپ يارڊ ۾ ئي مرمت ٿي سگهن ٿا.
مٿن لوڏن کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا لوڏا جھاز تي محسوس ٿين ٿا. انهن مان هڪ لاٽئون وارو لوڏو به ٿئي ٿو. يا ڪڏهن وري لوڏي بدران جھاز لھرن تي مٿي کڄي وري هيٺ پيو ايندو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪار ڪنھن اهڙي رستي تان هلندي آهي جيڪو مٿي ڪنھن ٽڪريءَ تي وڃي پوءِ يڪدم هيٺ هليو ايندو آهي. ان ۾ سيوڪاري کان علاوه ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن.

وقت سان گڏ سي سڪنيس گهٽجيو وڃي
بھرحال ڪن کي قدرتي گهٽ سي سڪنيس ٿئي يا وقت سان گڏ پڪا ٿيو وڃن ۽ پوءِ خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ٿيڻ تي جھاز جا ڪھڙا به لوڏا اچن، پر هنن کي تمام معمولي سي سڪنيس ٿئي. الٽين بدران فقط چڪر ۽ گهوماٽ محسوس ٿئي. بھرحال ڪو به ائين نٿو چئي سگهي ته هن کي سي سڪنيس صفا نٿي ٿئي. مايوسي ۽ ڊپريشن ته هر هڪ کي ضرور رهي ٿي. ڪنھن به ڳالهه ۾ اها دلچسپي نٿي رهي، جيڪا هونءَ عام سٺي موسم ۾ رهي ٿي. ڪيترا دفعا ته پڪو پھه ڪرڻو پوي ٿو ته اهڙي نوڪري کان ڪناري تي ڇولا پڪوڙا وڃي وڪڻجن. پر سمند جي صحيح ٿيڻ سان سي سڪنيس به ختم ٿيو وڃي ۽ اهو به وسريو وڃي ته ڪجهه گهڙيون اڳ تائين وارو وقت ڪھڙي عذاب ۽ پيڙا ۾ گذريو. بلڪ سمنڊ صحيح آهي ته ڇا ڳالهه ڪجي! ايندڙ امتحانن جي پڙهائيءَ ۾ به دل پئي لڳي، جھاز جي ڦٽل مشين کي ٺاهڻ ۾ به مزو پيو اچي، عبرت اخبار لاءِ ڪجهه لکڻ تي به دل پئي چاهي، ڪئبن ۾ ويھي شطرنج کيڏڻ تي به مُوڊ پيو ٿئي ته جھاز جي عرشي (ڊيڪ) تي ”آرام ڪرسي“ رکي فقط سمنڊ کي ڏسڻ سان به دل گارڊن گارڊن (باغ باغ) پئي ٿئي، نه ته اهو ئي سمنڊ جڏهن بگڙيل آهي ته ان کي ڏسڻ سان خوف ۽ دل ڪچي ٿي ٿئي ۽ الٽي ٿي نڪري. ان ئي ڪري چوندا آهن ته سي سڪنيس جي حالت ۾سمنڊ ڏي نه ڏسجي. سمنڊ ڏي ڏسڻ کان منع ڪرڻ جو هڪ اهو به سبب آهي ته اندر ڪمري يا انجڻ روم ۾ معلوم نٿو ٿئي ته جھاز ڪيترو هيٺ مٿي پيو ٿئي. سمنڊ ڏي ڏسڻ سان احساس ٿئي ٿو ته ڪيڏي وڏي ڇول تي جھاز مٿي کڄيو وڃي ۽ ٻي گهڙي هيٺ اچيو ڦھڪو ڪري ۽ ان سان گڏ پيٽ ۾ ڪتڪتائي ۽ سيوڪاري ڪجهه وڌيڪ ئي ٿئي ٿي.
مون کي شروع جي ڏينھن ۾ تمام گهڻي سي سڪنيس ٿيندي هئي. خير تمام گهڻي ته شايد نه چئجي جو ڪي اهڙا به هئا جن کي مون کان به گهڻي ٿيندي هئي. پر پوءِ جلدي گهٽجي گهٽجي چئن پنجن سالن بعد نه برابر ٿي وئي. ماني ٽڪي به کائيندو رهندو هوس. بس ڪڏهن ڪڏهن ننڊ جو گهيرٽ محسوس ڪندو هوس يا بي چيني جيئن ڪنھن کي بخار ۾ محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪو به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي آهي. دل چوي يا نه چوي، مري جهري به ڊيوٽي ته ڪرڻي پوي ٿي، باقي ميوزڪ ٻڌڻ، مضمون يا خط لکڻ جھڙو ڪم نه اڄھندو هو. وڌ ۾ وڌ ان ڳالهه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ته سمنڊ خراب آهي يا جھاز لڏي پيو يا سي سڪنيس ڪري دل ڪچي پئي ٿئي ڪو رسالو يا ناول کڻي وهندو هوس ۽ پوري ڪوشش جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن ان تي Concentration به نه ٿي سگهندي هئي. صفحو ٻه پڙهي ويندو هوس پر ڌيان ٻي طرف هوندو هو ۽ اهو صفحو ٻه وري پڙهڻو پوندو هو. پنھنجي انجنيئرنگ جي پڙهائي جھڙي ڳالهه ۾ ته ڌيان بلڪل نه لڳندو هو.
وقت سان گڏ سي سڪنيس جي اثر تي ڪنٽرول ضرور ڪري ويس پر تيسين ترقي ٿيندي ٿيندي سيڪنڊ انجنيئر ۽ ان بعد چيف انجنيئر ٿي ويس ۽ جھاز جي انجڻ کڻي ڪير به هلائي پر Over all جوابداري منھنجي هوندي هئي هونءَ جو مقرر ڊيوٽي ڪري ڪمري ۾ هلي اچبو هو ان بدران مون کي ڏينھن رات هر هر انجڻ روم ۾ وڃڻو پيو ٿي، خاص ڪري خراب موسم ۾، جيئن سي سڪنيس ڪري ڪو جونيئر انجنيئر سست نه ٿئي ۽ بھتر کان بھتر ڊيوٽي ڏئي سگهي.

اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو
جھاز جي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ Sea Sickness بابت ٻڌو ضرور هئم پر جنھن وقت جھاز تي چڙهيس ته سي سڪنيس جو خيال به نه هوم. لوهه جو ڳرو جھاز، سامان سان ٽٻ بندرگاهه ۾ جبل وانگر ائين چڪ ٿيو بيٺو هو جو هڪ انچ به هيٺ مٿي يا ساڄي کاٻي نٿي ٿيو. سي سڪنيس ته کلئي سمنڊ ۾ ۽ طوفان لڳڻ تي ٿئي ٿي ۽ مون لاءِ کليو (Open) سمنڊ معنيٰ ڪراچي کان گهٽ ۾ گٽ ٽي چار سؤ ميل کن ڏور. جھاز تي چڙهي نئين نوڪري، نئين ڊيوٽي ۽ نئين زندگي جي شروع ڪرڻ جي خوشي ۽ Excitement ۾ اهو وسري ويم ته جنھن بندرگاهه (ڪراچي) تان پنھنجي نوڪري ۽ سفر جو آغاز ڪري رهيو آهيان، ان جي ڪناري کي دنيا جو اهو سمنڊ (بحر عرب) ٿو ڇُھي جنھن لاءِ شاهه لطيف بار بار چيو آهي ته :
ڪو جو قھر ڪلاچَ ۾، گهڙي سو نئي.
(يعني ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ اهڙو قھر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گهڙي، تنھن کي ٿو کڻي)، ۽ جتي ” اوليون اُجهَڻ لڳيون، ويا وَنجههَ وَهي.“
۽ هي ڪراچي جو سمنڊ يعني عربي سمنڊ جون جولاءِ، آگسٽ جھڙن مھنن ۾ ته هيڪاندو هٿن مان هليو ٿو وڃي ۽ جھاز جي حالت اها ٿئي ٿي جو الله ڏئي بندو سھي. پراڻي زماني جا قابل عرب جھازي (Sailors) توڙي ماضي قريب جا پورچوگالي ۽ هسپانوي پھلوان خلاصي انهن مھنن ۾ ته هن سمنڊ کان سوين ميل پري رهيا ٿي ۽ ٻين کي به هن پاسي جي خطرن کان خبردار ڪيائون ٿي. بقول شاهه لطيف جي:
ڪن ڪڙڪو ڏاڍو، اَٿو اڳيان اَڇ.
۽ هن پاسي جي سمنڊ سان دوستي يا ياري رکڻ يعني ويجهو رهڻ کان چتاءُ ڏنو ٿي:
”سڳايون ۽ سَڱَ، ڪلاچيءَ ڪير ڪري“.
۽ هن سمنڊ ۾ ٻيڙي هلائڻ جي شوق ۾ جيڪو گهڙيو ان کي واقعي مشڪلن سان منھن ڏيڻو پيو. هي اهو سمنڊ ناهي جنھن ۾ ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي. ”ڪن ڪلاچيءَ ڪوڏ. سک نه ستا ڪڏهين.“ اها به منھنجي بدقسمتي هئي جو اسان جو جھاز جولاءِ جھڙي مھني ۾ ڪراچي ڇڏي رهيو هو جنھن ۾ سانوڻي (چؤماسي) جي مند ڦوهه جوانيءَ تي هوندي آهي ۽ ڪراچيءَ کان ڪولمبو تائين سمنڊ ۾ڄڻ باهه ٻري پئي هوندي آهي. سمنڊ ڪنھن خوفناڪ راڪاس وانگر گجگوڙون ڪرڻ ۾ پورو هوندو آهي. آدم بوءِ. آدم بوءِ. آدم ذات کي علامتي ظالم جن وانگر پنڊ پھڻ يا سرهه جا داڻا ته نه ڪري سگهندو آهي، پر جھڙن تھڙن ٻيڙن کي ته اونهي ۾ هيٺ گھلي ويندو آهي پر وڏن جھازن کي به گهمائي رکندو آهي. اسان جي جھاز به جھڙو ئي ڪراچي بندرگاهه مان منھن ڪڍيو ته کيس سمنڊ جا جوهر نظر اچي ويا. اڃا ته منھوڙي وارو بريڪ واٽر ئي مس لتاڙيو هئائين. چؤماسي (Monsoon) ۽ ان ۾ پيد اٿيندڙ طوفانن جا وچ (epicenter) ته اڃا اڳيان هئا. ”هي ڇارو ن ۽ ڇَڇَ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.“ (هي ته سمنڊ جا تانگهان هنڌ آهن. هي ته ڄڻ تانگهيون کاريون ۽ ڍورا ترايون آهن. اوڙاهه (اونهائي ۽ خطرا)ته اڃا اڳتي آهن.

مون سمجهيو بخار ٿي پيو آهي
جنھن جھاز تي منھنجي سفر جي شروعات ٿي هئي اهو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو ڊگهو سفر ڪري وطن وريو هو ۽ اسان کي آندل سامان جي لاهڻ ۽ ڪراچي مان سامان چاڙهڻ ۾ مھنو کن بيھڻو هو. مون جھاز تي ڊيوٽي لاءِ جڏهن رپورٽ ڪئي ته خبر پيئي ته جھاز جي Sail ۾ (يعني ڪراچيءَ مان لنگر کڻي پرديس روانو ٿيڻ ۾) ڪو هفتو کن مس وڃي بچيو آهي پر مون کي سامونڊي سفر تي نڪرڻ جي ايڏي Excitement هئي جو اهو هفتو پورو ٿيڻ بعد وتس پراڻن جھازين کان پڇندو ته اڃان ڇو نٿو Sail ڪري ۽ موٽ ۾ هرهڪ ائين ٿي گهوري ڏٺو ڄڻ گار ڏني هجيم ۽ ڏٺم ته هرهڪ کي سفر تي روانو ٿيڻ کان وڌيڪ بندرگاهه ۾ ترسڻ جي خواهش گهڻي هئي ۽ پوءِ سگهو ئي معلوم ٿي ويو ته اسان جھاز هلائيندڙن لاءِ سمنڊ تي ڪھڙو ڀت پيو ٺري، پنھنجو پاڻ ولوڙڻو ٿو پوي. مزو ته سڄو بندرگاهه ۾ آهي ۽ پوءِ اها پڻ ڄاڻ پيم ته جھازين جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته سندن جھاز جڏهن بندرگاهه ۾ پھچي ته اتي مزورن جي هڙتال شروع ٿي وڃي. يعني نه مزور جھاز تان سامان لاهين ۽ نه چاڙهين. ٻين لفظن ۾ جھاز بندرگاهه ۾ ئي بيٺو هجي ۽ آرام جي زندگي پئي گذري. ساڳي وقت جھاز جو مالڪ ڪڏهن به نٿو چاهي ته جھاز ڪٿي به گهڻي دير ترسي. ڇو ته جھاز تڏهن ئي مالڪ کي ڪمائي ڏئي ٿو جڏهن اهو هلندو ئي رهي. بندرگاهه ۾ جلدي جلدي سامان لاهي ۽ چاڙهي ۽ وري روانگي اختيار ڪري.
جھاز شام جي وقت لنگر کنيو. هر جھاز تي رات جي ماني سوير ئي سج هوندي ڇھين بجي ٿيندي آهي جيئن رات جو 12 کان 4 واري واچ (ڊيُوٽي) ڪرڻ وارا ماني کائي سمهي رهن. منھنجي اها آڌي رات واري ڊيُوٽي هڪ پراڻي ٿرڊ انجنيئر سان لڳي هئي. آئون پڙدا ڇڪي جيئن ئي بستر تي ليٽيس ته ننڊ اچي وئي. جھاز ان وقت ڪراچي جي بندر گاهه کان نڪري منھوڙو لتاڙي هاڻ ٺٽي جي سامهون واري سمنڊ ڏي وڃي رهيو هو. اسان کي ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻو هو جنھن لاءِ پھرين بندرگاهه ڪولمبو لاءِ جھاز جو رخ ڏکڻ ڏي هو. جھاز کي سنڌ جو ڪنارو، ان بعد ڀوڄ ۽ ڪڇ جي سامهون لنگهندي بمبئي وٽان ملبار ڪنارو ڏئي اڍائي ٽن ڏينھن بعد ڪولمبو پھچڻو هو، جتان پوءِ اوڀر ڏي وڌڻو هو.
آڌي رات يعني ٻارهن وڄڻ ۾ اڃان 15 منٽ هئا ته ننڊ مان اٿارڻ لاءِ تيل واري منھنجي ڪئبن (ڪمري) جو دروازو کڙڪائي روايتي انداز ۾ رڙ ڪئي:
”ڪوارٽر صاحب!“ يعني ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ فقط چوٿو ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. منھنجي اک کلي پر اٿڻ تي دل نه پئي چيو. هونءَ آئون ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ سمهڻ مان خوش ٿيڻ وارو اڄ 5 ڪلاڪ سمهڻ بعد به اٿيو نه پئي ٿيو. نه چاهڻ جي باوجود اٿي کڙو ٿيس. سمنڊ جي ڦڙن سان مليل هوا اڌ کليل دريءَ مان سوساٽ ڪري ڪمري ۾ گهڙي رهي هئي. انجڻ روم ۾ وڃڻ لاءِ بئالر سوٽ پائي ٽارچ کڻي ٻاهر نڪتس. انجڻ روم جي در وٽ ئي ٿرڊ انجنيئر بيٺو هو. هو منھنجو ئي انتظار ڪري رهيو هو جيئن ٻڌائي سگهي ته هلندڙ جھاز ۾ انجڻ جي جاچ وٺڻ لاءِ ڪھڙيون مشينون چڪاس ڪجن، ڪھڙا ٽيمپريچر ۽ پريشر جانچجن، وغيره وغيره. آئون سندس ڳالهه ٻڌندو انجڻ روم جي هڪ هڪ ماڙ هيٺ لھندو ويس پر مزو نه پئي آيو. هفتو کن اڳ جيڪو جھاز هلندو ڏسڻ ۾ ڪم سکڻ جو جوش هوم اهو ڍرو ٿيل لڳو. مٿو ڳرو ڳرو لڳي رهيو هو. مون سمجهيو مون کي بخار ٿي پيو آهي.

همدرديءَ بدران ڪم ۾ مشغول رکيو
انجڻ روم جو ڏسيل ڪم پويان ڏهه پنڌرهن منٽ هلي هڪ هنڌ اچي بيھي رهيس. پيٽ ۾ آنڌ مانڌ ٿي رهي هئي، جيڪا الٽي اچڻ سان ڪجهه گهڙيون لھي وئي پر وري ساڳي آنڌ مانڌ ۽ دل ڪچي. سمجهي ويس ته بخار ٿي پيو اٿم. در اصل مون کي سي سڪنيس ٿي رهي هئي ۽ اهي سڀ Symptoms سي سڪنيس جا هئا پر مون کي ان وقت به ڌيان ۾ نه پئي آيو ته اها سي سڪنيس آهي، جنھن کي ڪيترا اهو به نٿا مڃين ته اها بيماري آهي. مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو مون کي به سي سڪنيس ٿيندي.
جھاز جي هن نوڪري کان اڳ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم دوران اسان کي ڪيترو ئي ٻيڙين ۾ چاڙهيو ويو هو. اسان جي اڪيڊمي چٽگانگ ۾ هئي جيڪو بندرگاهه ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي. بلڪه صحيح معنيٰ ۾ چٽگانگ شھر کان به ڪجهه ميل پري ”جُلديا“ نالي ٻيٽ تي هئي جتان ٻيڙيءَ ذريعي چٽگانگ اچبو هو. يا ان ٻيٽ تان خليج بنگال واري سمنڊ ۾ بيٺل جھاز تي (Ship-Visit) لاءِ وڃبو هو ۽ ٻين وانگر مون به اهو ئي سوچيو هو ته اسان ته ننڍڙين ٻيڙين ۾ پيا هلون سو به بنگال جي Cyclone (طوفانن) واري موسم ۾, سو وڏي جھاز تي ڇا ٿيندو. ۽ هاڻ عربي سمنڊ ۾ ويھه هزار ٽن وزن جي جھاز تي سي سڪنيس جي اثر ڪري ڪڪڙ ٿي پيو هوس.
”ڇا پيو ٿئي برادر؟“ ٿرڊ انجنيئر محمود جنھن جو تڪيو ڪلام ”برادر“ هو، تنھن مون کي هڪ ڪند ۾ ويڳاڻو بيٺل ڏسي پڇيو. پر سندس چپن تي مرڪ هئي. مون سمجهيو هو منھنجي اداس چھري مان سمجهي ويو هوندو ته آئون بيمار آهيان ۽ مون سان همدردي ڪرڻ لاءِ حيرت مان پڇندو.
”لڳي ٿو مون کي فلو يا بخار ٿي پيو آهي.“ مون هن کي جهيڻي آواز ۾ ٻڌايو. مون کي ان وقت به احساس نه پئي ٿيو ته مون کي رف سمنڊ جي ڪري سِي سِڪنيس جو اثر آهي. هڪ ڳالهه آهي ته خراب سمنڊ ۽ چوماسي جي هوائن جو اثر اهڙو هو جو جھاز کاٻي ساڄي (پينگهي وانگر) لڏيو نه پئي جو بيھي به نه سگهجي ۽ سمجهي وڃجي ته ٻاهر خراب موسم آهي. هوائن جو رخ ڪجهه اهڙو هو ۽ سمنڊ ۾جوش ڪجهه اهڙي نموني جو هو، جو سمنڊ جون لھرون ڇولين وانگر جھاز سان ٽڪرائجڻ بدران لھرن ۾ اڀام پيدا ٿي رهي هئي، جنھن ۾ جھاز ڇوليءَ جي اڀام سان تمام گهڻو مٿي کڄي ويو ٿي ۽ ٻي گهڙيءَ ڇوليءَ جي سسڻ سان هيٺ لھي آيو ٿي. اها ڳالهه پيٽ ۾ آنڌ مانڌ پئدا ڪري رهي هئي.
”چڱو هيئن ڪر جلدي بئالر جو گيج گلاس Blow down ڪري پوءِ پيوريفائير (تيل صاف ڪرڻ جي مشين) کولي ان جو Gravity Disc تبديل ڪر. ان بعد فيول فلٽر صاف ڪر ۽ انجڻ جي پسٽن ۽ سلينڊر جا ٽيمپريچر ۽ پريشر Maintain ڪر...“ ٿرڊ انجنيئر پنھنجي چپن ۾ وڌيڪ مُرڪ آڻيندي مون کي ڪمن جي ڊگهي لسٽ ٻڌائي.
مون دل ئي دل ۾ چيو ته هي منھنجو سينئر انجنيئر به عجيب ماڻهو آهي. هفتو کن بندرگاهه وارو ته هو ايڏو همدرد هو جو هر گهڙيءَ منھنجو خيال پئي ڪيائين ۽ هاڻي سمنڊ تي ٿوري دير آرام لاءِ چوڻ بدران وڌيڪ ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو اٿس. ان دوران هڪ ٻه ٻي الٽي به آئي ۽ مون ڏٺو ته هو مٿئين پليٽ فارم تان مون کي الٽي ڪندي ڏسي به رهيو هو ته به مون وٽ اچي ٻه لفظ همدرديءَ جا چوڻ بدران ويتر پاڻ ڏي سڏي هڪ ٻه ٻيو ڪم ٿي ڏسيائين، جنھن ۾ مون کي هيٺ مٿي ۽ اڳيان پويان هلڻو پيو ٿي. مس مس چار ڪلاڪ پورا ٿيا ۽ چئين بجي صبح جو اٺين تائين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجڻ روم ۾ نازل ٿيا. چئن ڪلاڪن ۾ جيڪو اسان ڪم ڪيو هو ۽ انجڻ ۾ جيڪي خرابيون پئدا ٿيون هيون يا جيترو تيل اسان ساڙيو هو ان جو احوال Log Book ۾ لکي، صحيحون ڪري پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏي آياسين.
ڪلاڪ اڌ کانپوءِ نيرن ملڻي هئي پر مون کي ايڏي ته ڦيري ٿي رهي هئي ۽ ننڊ جو گهيرٽ هو جو بستر تي ليٽڻ سان بيھوش ٿي ويس. (سي سڪنيس ۾ ننڊ سٺي اچي ٿي. بلڪ ننڊ جي خيال کان دل چوندي آهي ته سمهڻ مھل سمنڊ ٿورو Choppy هجي ته سٺو جيئن سي سڪنيس جو هلڪو هلڪو اثر رهي). هلڪي خراب سمنڊ کي “چاپي” سڏجي ٿو جنھن ۾ وڏي ڇول بدران ننڍڙيون ڇوليون هونديون آهن جن جي مٿان اڇي اڇي گجي نظر ايندي آهي. بلڪ سمنڊ جي تمام گهڻي خراب ٿيڻ جي شروعات انهن اڇين ننڍڙين ڇولين سان ٿيندي آهي جنھن کي اسان اَڇَ سڏيون ٿا: ”ڪن ڪڙڪو ڏاڍو اڳيان اٿانوَ اَڇَ“. ان کي انگريزيءَ ۾ “White Horses” (سفيد گهوڙا) چئجي ٿو.

سمنڊ تي خراب ڏينھن ڪي گهڻا نٿا اچن
ٻئي ڏينھن پوڻين ٻارهين بجي انجڻ روم ۾ ڊيوٽي لاءِ اٿڻ مھل ساڳي حالت محسوس ڪيم. : ”سائين منھنجا ڇا حال آهي؟“ انجڻ روم ۾ پھچڻ سان ٿرڊ انجنيئر پڇيو. سندس چپن تي اها ئي رات واري مُرڪ نچندي رهي.
”طبيعت صحيح ناهي. شايد بخار ٿي پيو آهي. نيرن به نه ڪيم.“ مون جواب ڏنومانس. پنھنجو پاڻ کي سخت بيمار ثابت ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي نيرن جو ذڪر ڪيم.
”ڏس برادر! اهو ڪم غلط ڪري رهيو آهين.“ ٿرڊ انجنيئر منھنجي ويجهو اچي وڏي پاٻوهه مان مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي سامونڊي جھاز هلائيندي اٺ سال ٿي ويا هئا. ”توکي ڪا بيماري شيماري ناهي. موسم ۽ سمنڊ سخت خراب ٿي ويو آهي ان ڪري توکي سي سڪنيس ٿي رهي آهي ۽ سي سڪنيس ڪا بيماري ناهي. ان جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. اڄ ته تون منھنجو اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو آهين. سال ڏيڍ کانپوءِ توکي اڪيلي جھاز هلائڻو آهي. جيڪڏهن Sea Sick محسوس ڪندين ته سمنڊ تي ڪيئن ڪم ڪري سگهندين. هاڻ هيئن ڪر جو اهو وساري ڇڏ ته تون بيمار آهين. پنھنجو پاڻ کي ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ مشغول رک ۽ بک نٿي لڳي ته به ڪجهه نه ڪجهه کائيندو رهه...“
بھرحال خراب موسم جي ڪري جھاز ڪولمبو ۾ اڍائي ڏينھن بدران ساڍن ٽن ڏينھن ۾ پھتو. ڪولمبو تائين چؤماسي جي هوائن ڪري سمنڊ جي حالت سخت خراب هئي ان سان گڏ مون تي به سي سڪنيس جو اثر قائم رهيو. پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته جھاز جيئن ئي ڪولمبو بندرگاهه جي ويجهو ماٺي سمنڊ ۾ گهڙيو ته سي سڪنيس جون سڀ علامتون مٿو ڳرو، ڦيري، دل ڪچي، اٻڙاڪ، ننڊ جو گهيرٽ، الٽيون، مايوسي، ڊپريشن، ڪنھن به ڳالهه ۾ مزو نه اچڻ، بک نه لڳڻ، چانھه جھڙي مٺي شيءِ کي ڏسي هيڪاندي دل ڪچي ٿيڻ _ سڀ ائين گم ٿي ويون ڄڻ اوچتو ئي اوچتو خواب مان اک کلڻ سان خواب وارو نظارو گم ٿي وڃي. ڪجهه گهڙيون اڳ تائين يڪا ٽي ڏينهن ‘سي سڪنيس’ جي ڪري جسم ۽ ذهن تي ڇا وهيو واپريو پئي، ان جي ياد به نه پئي آئي. ڄڻ ته اهي سڀ تڪليفون مون کي نه ٻئي ڪنھن کي هيون. هر شيءِ کائڻ تي دل پئي چيو ۽ سمنڊ جو نظارو ڇا سھڻو پئي لڳو. هڪ خاص inspiration ملي ٿي. هرڳالهه ۾ خوشي محسوس ٿيڻ لڳي ۽ دل ٽھڪ ڏيڻ تي چيو ٿي. ڪجهه گهڙيون اڳ تائين سمنڊ کي ڏسڻ سان الٽي ٿي آئي ۽ هاڻ سمنڊ جھڙي سھڻي ٻي ڪا شيءِ نه پئي لڳي. ڪنھن سچ چيو آهي ته دنيا ۾ ٻه اهڙيون شيون آهن جن کي ڪيترو به ڏسڻ سان دل نٿي ٿڪجي. هڪ سمنڊ ٻيو آسمان.
ڪولمبو کان چٽگانگ ويندي خليج بنگال وارو سمنڊ به خراب مليو ۽ سنگاپور بعد سائوٿ چائنا سمنڊ به اهڙو ئي ستائيندڙ مليو پر چٽگانگ بندرگاهه ۾ يا ملاڪا جي ڳچي سمنڊ ۾، جيڪو سوڙهو سامونڊي لنگهه آهي ۽ اتي سمنڊ ٻارهو ئي ماٺو رهي ٿو، ڪنھن به قسم جي تڪليف نه رهي. ويتر پاڻ کي نارمل حالتن کان به بھتر محسوس ڪيم. ڪراچي جي دونھاٽيل، گهميل ۽ گرم موسم ۾ ڪنھن آفيس ۾ ڪم ڪرڻ کان هڪ صاف فضا ۾ هلندڙ چلندڙ جھاز تي نوڪري بھتر لڳي جنھن ۾ هر وقت نون نون بندرگاهن ٻيٽن گهمڻ جو موقعو مليو ٿي ۽ پوءِ سال اندر اهو حساب لڳائي ورتم ته اهڙا سي سڪنيس ۽ خراب سمنڊ وارا ڏينھن سٺن ڏينھن سان ڀيٽيا وڃن ته تمام ٿورا ٿين ٿا. سراسري طور سمنڊ جي هڪ سؤ ڏينھن ۾ خراب ڏينھن ڪي ڏهه پنڌرهن مس ٿين ٿا سي به پنھنجو پاڻ کي عادي بنائڻ سان اهڙا تڪليف وارا نٿا لڳن.

ڪن شين مان سي سڪنيس جو احساس ٿئي ٿو
همت ۽ نفسياتي ويڙهه سان ۽ وقت گذرڻ سان آهستي آهستي سي سڪنيس جو اثر تمام گهٽ ٿي ويو ۽ پوءِ ٻين کي، خاص ڪري نون آيلن کي ان حالت مان گذرندو ڏسي رب پاڪ جا شڪر ڪندو هوس ته آئون هاڻ ان مصيبت کان آجو آهيان ۽ خوشي پڻ ٿيندي هيم ته هاڻ آئون اهڙو “مڪراني” يا “بنگالي” ٿي ويو آهيان جو خراب سمنڊ ۾ به الٽي نٿي اچي ۽ ماني ته ڇا چانھه به مزي سان پيو وڃان. بقول اسان جي هڪ ساٿي چيف انجنيئر ظھير بابر قريشي جي : ”جيڪو جھازي خراب سمنڊ ۾، جڏهن ٻين کي سي سڪنيس ٿي رهي هجي، چانھه پيئندو نظر اچي ته هو واقعي وڏو پھلوان آهي.“
بھرحال ائين ڪير به نٿو چئي سگهي ته خراب موسم ۽ سمنڊ تي هن کي سي سڪنيس بلڪل نٿي ٿئي. ڪيڏو به جهونو جھازي هجي هن کي خراب موسم ۾ ٿورو ٿورو مٿو ڳرو ۽ مايوسي ۽ ڊپريشن ضرور رهي ٿي. پر پراڻو جھازي ڪوشش ڪري اهڙي شڪل ٺاهي هلندو جنھن مان ٻئي کي شڪ نه پوي ته هن تي سي سڪنيس جو ذري جيترو به اثر آهي.
هونءِ ڪي ڪي اهڙيون شيون ٿين ٿيون جيڪي سي سڪنيس ۾ ته بنھه نٿيون وڻن پر ان بعد به انهن جو اثر دماغ تي اهڙو رهي ٿو جو ڪناري تي به ان شيءِ کي ڏسڻ سان دل ڪچي ٿئي ٿي. اسڪول جي ڏينھن ۾ مليريا جي بچاءُ لاءِ هر هفتي پئلوڊرين نالي هڪ گوري اسڪول ۾ کارائي ويندي هئي، ان جو ذائقو اهڙو هوندو هو جو ڪا دير دل ڪچي رهندي هئي. اڄ ان کي چاليھه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي پر هينئر به ان گوريءَ جو نالو ٻڌڻ سان ان جي هڱ جهڙي اگري سواد جو احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح جھاز تي کاڌل شين مان هڪ بٽر ٽوسٽ آهي.
اسان جي پاڪستاني جهازن تي شام جي چانھه تي جھاز جو پئنٽري مئن ڪانه ڪا شيءِ: سمبوسا، ڇولا، نمڪو يا پڪوڙا وغيره ٺاهي موڪلي ٿو. جھاز تي ڪم ڪندڙ ڪئبن بئائز ۽ اسٽورڊن جو انچارج پئنٽري مئن ٿئي ٿو. خراب سمنڊ يا طوفاني هوائون لڳڻ تي ظاهر آهي هو ڪا شيءِ ٺاهي نٿو سگهي جو اهڙي حالتن ۾ جھاز لوڏن ۾ اچيو وڃي ۽ ان صورت ۾ هو جھاز جي ڪراڪري سنڀالي، چانھه ٺاهي يا تئيون ۽ ڪڻڇيون رکي اسان لاءِ پڪوڙا ٺاهي. ساڳي وقت آفيسرن ڏي ٺلهي چانھه موڪلڻ به هن کي خراب لڳي ٿي. ان ڪري اهڙي امرجنسي ۾ اسان جي پاڪستاني جھازن تي بٽر ٽوسٽ ٺاهيو وڃي ٿو. بٽر ٽوسٽ ڇا آهي؟ ڊبل روٽيءَ جي Slice تي مکڻ يا گيھه هڻي اوون ۾ سوڪ ڪيو وڃي ٿو. خبر ناهي ڇو سي سڪنيس ۾ ان بٽر ٽوسٽ مان ايندڙ گهريچي گيھه جي تکي خوشبوءِ ۽ هٿ لائڻ سان هٿن تي لڳندڙ گيھه کي ڏسي زبان جو مزو خراب ٿي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا زوريءَ کائي ويس پر پوءِ ڏسڻ سان الٽي محسوس ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو نفسياتي اثر هجي جيڪو ڪيترا سال جھاز تي رهڻ ڪري دماغ ۾ ويھي ويو ته خراب موسم يعني سي سڪنيس معنيٰ بٽر ٽوسٽ ۽ بٽر ٽوسٽ معنيٰ سي سڪنيس.
مون سمجهيو ته ان جو اثر فقط منھنجي دماغ تي ويھي ويو آهي پر پوءِ (ڪيترن سالن بعد) ڪناري جي نوڪريءَ ۾ هڪ دعوت ۾ پليٽ تي بٽر ٽوسٽ ڏسي منھنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ جھازي دوست ڪئپٽن عالم شيخ رڙ ڪري چيو: ”يار هيءَ اهڙي شيءِ آهي جنھن کي ڏسڻ سان مون کي سي سڪنيس ٿي ٿئي.“ (يعني الٽي ٿي اچي). مون ساڻس تاڙي ملائيندي چيو: ”يار ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي مون کي اڄ خبر پيئي ته آئون اڪيلو نه آهيان، پر مون سان گڏ ٻيا به آهن جن کي بٽر ٽوسٽ ڏسي رف سمنڊ ٿو ياد اچي.“
”توکي خبر آهي ته جھاز تي وڃڻ کان اڳ تائين هيءِ شيءِ منھنجي فئوريٽ هوندي هئي،“ ڪئپٽن عالم کِلندي ٻڌايو،) ”ايتريقدر جو جھاز تي پھچڻ سان پئنٽري مئن ۽ چيف ڪڪ جو مٿو کائي ويس ته بٽر ٽوسٽ ڪڏهن ٺاهيندين؟ هن چيو : ”هائو سائين ڇو نه ٺاهيندس. ضرور ٺاهيندس.“ ڪراچي ڇڏڻ وقت سيارو هو. پاڻ وارو عربي سمنڊ ته ماٺو هو پر بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) به پنڪين ۾ هو. جھاز ائين پئي ويو ڄڻ برف تان سليج گاڏي هلي. ڳاڙهي سمنڊ کانپوءِ سئيز ڪئنال ۾ گهڙياسين ان بعد ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جا پنج ڇھه ڏينھن به ائين سڪون سان گذري ويا ڄڻ هوا ۾ سرڻ پئي پسار ڪري. پوءِ جڏهن جبرالٽر ۽ سُوٽا جا بندرگاهه ٽپي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ته حالت خراب ٿي وئي. جھاز پاڳل اٺ وانگر لڏڻ لڳو ۽ سمنڊ سڄو گجي ٿي ويو. اڳتي بي آف بسڪي وارو سمنڊ به ائين لڇندو مليو تان جو اچي ٽلبري ڊاڪس (لنڊن) ۾ لنگر ڪيرايوسين ۽ هي خر دماغ پئنٽري مئن اسان کي اهي سمورا ڏينھن روزانو چانھه سان گڏ بٽر ٽوسٽ کارائيندو رهيو. ٻن ڏينھن بعد ته انهن کي ڏسي الٽي اچڻ لڳي. بورچيءَ کي گهرائي چيم ته ”ميان بند ڪر اهي بٽر ٽوسٽ. انهن کي ڏسي منھنجي ته سي سڪنيس ٿي وڌي.“ جواب ٿو ڏئي ته ”سائين اهڙي خراب موسم ۽ سمنڊ تي ته اهي ئي ٺھي سگهن ٿا. ۽ ان پھرين سامونڊي سفر کان وٺي اڄ ڏينھن تائين حالت اها آهي جو بٽر ٽوسٽ ڏسڻ سان مون کي ڪناري تي به سي سڪنيس جو احساس ٿو ٿئي.“

سمنڊ ڪنھن وقت به خراب ٿي سگهي ٿو
هونءَ ڪيترا اهڙا به آهن جن کي پھرين سامونڊي سفر کان وٺي سي سڪنيس نٿي رهي. شاديءَ کان پوءِ منھنجي فئملي اٺ سال جھاز تي رهي پر نه زال کي ۽ نه ٻارن کي ڪڏهن سي سڪنيس ٿي. ان ڪري منھنجي اها خوش نصيبي هئي جو خراب موسم ۽ سمنڊ تي مون کي فقط جھاز کي سنڀالڻو پيو ٿي. جن آفيسرن جي زالن کي سي سڪنيس ٿيندي هئي انهن لاءِ جھاز جي ڊيوٽي بعد به ڊيوٽي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته سمنڊ ايڏو خراب ٿي ويندو هو ۽ اهڙيون ته طوفاني هوائون لڳنديون هيون جو جهونا جهونا جهازي به چيلهه تي هٿ ڏيئي“ آئون آئون” ڪندا رهيا ٿي. ائين لڳندو هو ڄڻ پيٽ مان آنڊا کڄي وات ۾ ٿا اچن. هڪ دفعي رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا کان بلغاريا جي بندرگاهه ورنا تائين ايندي جھاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو. ڪڏهن ته لنڊن کان نيويارڪ تائين هفتي ڏهن ڏينھن جي سفر ۾ سو به اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪجهه به محسوس نه ٿيندو آهي. وڌ ۾ وڌ مٿو ڳرو رهندو يا هلڪي ڊپريشن، پر ان رات بحر اسود (Black Sea) جي هنن چئن ڪلاڪن جي سفر ۾ (۽ اتفاق سان اهي چار ڪلاڪ انجڻ روم ۾ منھنجي ڊيوٽي هئي)، حالت خراب ٿي وئي. جھاز مڇريل سانَ وانگر ڪڏندو رهيو. سمنڊ جون ڇوليون جھاز جي به مٿان ٽپي ويون ٿي. انجڻين جو معمولي نقص يا جھاز هلائيندڙن جي معمولي ڪوتاهي يا سستي جھاز کي ٻوڙي سگهي ٿي.
رومانيا ڇڏڻ وقت جن جي ڊيوٽي نه هئي سي ته ڏهين يارهين بجي ئي وڃي سمهي پيا. رات جو ٻارهين کان صبح جو چئين تائين جنھن پيرڊ ۾ جھاز هليو، اسان جي ڊيوٽي هئي. هڪ هڪ منٽ خبر ناهي ڪيئن ٿي گذريو. اڄ ڏينھن تائين اها طوفاني رات ياد اٿم. جن جي ڊيوٽي نه هئي اهي ته گهاٽي ننڊ ۾ ستا رهيا ۽ صبح جو اٿڻ سان ڪمري جي درين مان رومانيا بدران بلغاريا ملڪ جون عمارتون ڏٺائون.
”ادا پھچي ويو جھاز بلغاريا ۾؟“ ناشتي تي هڪ همراهه اسان رات جي ڊيوٽي وارن کان پڇيو. اسان جو ته اندر ئي سڙيو پيو هو. ”ها. نه رڳو پھچي ويو آهي پر هيٺ جيٽيءَ تي لھي جھاز جي حالت ڏسو ته ڇا ٿي وئي آهي. ان مان توهان کي خبر پوندي ته اسان ڇا ڀوڳيو هوندو.“
چئن ڪلاڪن جي سفر ۾ جھاز جو رنگ روغن ته اکڙي ويو هو پر سندس اڳئين حصي ۾ ايڏا گهٻ پئجي ويا هئا ڄڻ ٻين جھازن کيس ٿونا هنيا هجن ۽ اها سڄي مرمت وڏي خرچ سان ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪرائي وئي. مون کي ان ڏينھن احساس ٿيو ته طوفاني هوائن ۾ ڪيڏي طاقت آهي ۽ سامونڊي لھرون ڪيڏو زبردست هئڊرالڪ پريشر پئدا ڪري سگهن ٿيون.
سي سڪنيس جو اثر سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ۽ سمنڊ اندر پئدا ٿيندڙ ڪُنن ۽ ڇولين (Waves) ۽ وهڪرن (Currents) ڪري ٿئي ٿو جيڪي جھاز کي مختلف طريقن سان لوڏين ٿا. پر مزي جي ڳالهه اها ته ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ تي لڳندڙ طوفان ۽ ڇتين ڇولين جو اثر جھاز تي موجود جھازين ۽ مسافرن کي ڪجهه به نٿو ٿئي جيتوڻيڪ جھاز لڏندو به رهي ٿو. اهو ان ڪري به جو تيز هوائن ۽ سامونڊي ڇولين جو رخ به ڪڏهن ڪڏهن وڏي اهميت کي ٿو. اهي ئي ڇوليون ۽ تيز هوائون جيڪڏهن جھاز کي پاسن کان يا سامهون لڳي رهيون آهن ته جھاز تي سفر ڪندڙ ماڻهو سخت سورن ۾ اچيو وڃن پر جي هوا جو رخ ۽ سامونڊي لھرون جھاز کي پٺيان لڳي رهيون آهن ته اهو جھاز ۽ ان ۾ موجود ماڻهو وڏي سک ۾ آهن ۽ جھاز جي رفتار به وڌيو وڃي. يعني جھاز جو مالڪ جيڪو گهر ويٺو آهي اهو به خوش ٿيو وڃي، جو ٿوري تيل ۾ جھاز گهڻو پنڌ پورو ڪري رهيو آهي. سو هڪ ئي سمنڊ ۾ مخالف طرفن ڏي ويندڙ ٻن جھازن مان هڪ مزي ۾ رهي ٿو ته ٻيو مصيبت ۾!

هي سڀ قدرت جا کيل آهن
هڪ دفعي جنھن جھاز تي آئون چيف انجنيئر هوس ان کي اسين ڪراچي کان لنڊن وٺي وڃي رهيا هئاسين. عربي سمنڊ اڪري بحر احمر ۾ پھتاسين (جنھن سمنڊ جي هڪ پاسي سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي سوڊان ۽ مصر) ته اتي اسان کي رپورٽ ملي ته ٻن ڏينھن بعد جڏهن اسان جو جھاز سئيز ڪئنال ۾ پھچندو ته اتي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جھاز جيڪو اسپين کان نڪتوآهي اسان کي ملندو. ان جھاز جو ڪئپٽن منھنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جو ڪلاس ميٽ ۽ ڀيڻويو ڪئپٽن بشير وسطڙو فئملي سان هو. مختلف جھازن ۽ سمنڊن تي هجڻ ڪري، اسان کي ملئي ٻه سال کن ٿي ويا هئا. ملاقات جو هي سٺو موقعو ملي رهيو هو. پر پوءِ سوئيز ڪئنال پار ڪندي وڌيڪ معلومات ملي ته اهو جھاز ٽي ڏينھن کن ليٽ آهي يعني هاڻ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ ڪنھن هنڌ اسان جا جھاز هڪ ٻئي کي ڪراس ڪندا. اسان جي جھاز جي هن کي به خبر پئجي چڪي هئي ۽ اسان اهو ئي سوچيو ته روبرو ملڻ نه ته گهٽ ۾ گهٽ VHF (وائرليس) ذريعي هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهبو.
سئيز ڪئنال ٽپي جيئن ئي ڀ‍ؤنچ سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ته سمنڊ جا آڇاڙا ۽ اڇ (White Horses) ۽ هوا جو مزاج ڏسي سمجهي وياسين ته اڳيان وڏي منزل رکي آهي. نه فقط سامهون طوفان آهي پر سمنڊ ۾ به وڏو جوش آهي. جيئن جيئن اڳيان وڌندا وياسين تيئن تيئن لھرن ۽ هوائن جو ويو زور وڌندو. اسان جو اهو جھاز سخت پراڻو هو ۽ خراب موسم ۽ لوڏن ڪري جھاز جي انجڻ جي مسئلن به ڪَرَ کڻڻ شروع ڪيا. ڪڏهن هڪڙي مشين خراب ته ڪڏهن ڪا ٻي. ٽئي ڏينھن مالٽا ٻيٽ جي ويجهو اسان جا جھاز هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جي رينج ۾ اچي ويا. هاڻ هيئن هو جو سمنڊ ۽ موسم سخت خراب هئا پر هنن جي جھاز جي جي پٺ کان هو يعني هنن کي Following Sea ملي رهيو هو ان ڪري هو خوش هئا ۽ اسان جي جھاز کي لھرون توڙي تيز هوائون سامهون کان لڳڻ ڪري جھاز توڙي ماڻهن جي حالت خراب هئي. ڪئپٽن بشير سان جھڙي تھڙي رسمي عليڪ سليڪ ڪري جلدي جان ڇڏائڻ چاهيم ٿي ۽ هوڏانهن هنن کي هوش نه هجي ته اسان جي جھاز ۽ ان تي سوار ماڻهن جو ڪھڙو حشر ٿي رهيو آهي. هنن جا ٻار هڪ ڏينھن کان خبرون ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ آتا هئا، انهن جي ”ماما هيءَ ڳالهه، ماما هوءَ ڳالهه...“ لڳي رهي ۽ ڪراچي ۽ ڳوٺ جون خبرون پڇڻ شروع ڪيائون ته ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هئا. هيڏانھن مامي جي حالت خراب هئي. آخر بشير کي چيم ته هاڻ باقي خبرون هفتي کن بعد ڪراچي پھچي وڃي معلوم ڪجو ۽ سندس ڌيان موسم ۽ خراب سمنڊ ڏي ڇڪرائي چيم ته توهان ته موج مزي ۾ آهيو هتي اسان وٽ ته ماتم جو منظر آهي. منھنجو ۽ جھاز جي انجڻين جو اهو حال آهي جو ڳالهائڻ تي دل نٿي چوي. ان وقت هن کي به احساس ٿيو ۽ ٽھڪ ڏئي چيائين ته واقعي جنھن مرحلي مان اسان گذري رهيا آهيون ان جو اندازو هو لڳائي سگهي ٿو.
بھرحال هي قدرت جا کيل آهن جو هڪ ئي سمنڊ تي، هڪ ئي موسم ۾ ، هڪ ئي وقت، هڪ ئي ڪمپنيءَ جا هڪ ئي سائيز جا ٻه جھاز هڪ ئي رفتار (انجڻ RPM جي حساب سان) وڃي رهيا آهن پر سندن رڳو طرف مختلف (opposite) آهي، ان ڪري هڪ ۾ سوار ماڻهو وڏي آرام سان وڃي رهيا آهن ۽ ان جي رفتار (Navigational Speed) به وڌيڪ آهي. ۽ ٻئي جھاز تي ماڻهن جي الٽين جو ڦھڪو آهي ۽ سي سڪنيس ڪري هنن کي ڪا ڳالهه نٿي وڻي. مجبور ٿي هنن کي جھاز هلائڻو پوي ٿو نه ته پراڻو زمانو هجي ته جھاز کي ٻن ڏينھن لاءِ ويجهي بندرگاهه ۾ ٻڌي ڇڏجي ها يا ڪنھن ڀر واري ٻيٽ تي Shelter وٺجي ها جيسين موسم صحيح ٿئي ها.