سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچايو
اسان ڪولمبو چئين بجي صبح جو ڇڏيو ۽ جھاز هندي وڏو سمنڊ جھاڳڻ شروع ڪيو.هندي وڏي سمنڊ (بحر هند) جو اهو حصو خليج بنگال (Bay of Bengal) سڏجي ٿو جيئن بحرِ هند جو اهو حصو جيڪو بمبئي، گوا، ڪراچي ۽ لکديپ ٻيٽن کي ڇُھي ٿو، اهو عربي سمنڊ سڏجي ٿو. بھرحال ٻئي ڏينھن سج لٿي ڌاري اسان جيئن ئي نڪوبار ٻيٽ لتاڙي ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ گھڙي پنھنجي گھٽي (Sea Lane) ورتيسين ته پريان ڪجھه ماڻهن کي ٻڏندي ڏٺوسين جيڪي مدد لاءِ اشارا ڪري رهيا هئا. ڪاٺ جا وڏا وڏا بنڊ تري رهيا هئا جن تي هو چھٽيا پيا هئا. اسان جو جھاز ته فل اسپيڊ ۾ هو جيسين ڊيوٽي وارو نيويگيشن آفيسر جيڪي هن ڏٺو ڪئپٽن کي ٻڌائي ۽ ڪو فيصلو ڪيو وڃي، تيسين جھاز ڪافي اڳتي نڪري ويو. ڪئپٽن اهو ئي فيصلو ڪيو ته هر صورت ۾ انساني جانيون بچائڻ کپن پوءِ اهي چاهي سامونڊي ڦورو (قذاق) هجن، ڪنھن جھاز يا ٻيڙيءَ جا مسافر يا ڪنھن لڙهي ويل ٻيٽ جا رهاڪو. آئون ان جھاز جو چيف انجنيئر هوس هن مونسان رفتار گھٽائڻ ۽ پٺيان موڙڻ جي صلاح ڪئي. هون ءَ نارمل حالتن ۾ جھاز جي رفتار گھٽائڻ يا بيھارڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن چئن ڪلاڪن جي اڳ جي تياري ضروري هوندي آهي، جيئن اسپيڊ گھٽائڻ لاءِ جيڪي حالتون پئدا ڪرڻيون پون ٿيون، اهي اهڙي نموني ۽ مقرر وقت سان ڪيون وڃن، جو جھاز جي انجڻ کي نقصان (Thermal Shock) نه پھچي. پر هي ايمرجنسيءَ جو معاملو هو ۽ انساني جانيون بچائڻيون هيون.
جھاز جي رفتار ته گھٽجي وئي پر جنھن سمنڊ (ملاڪا ڳچي سمنڊ) ۾ جھاز هو اهو سمنڊ کلئي سمنڊ جي مقابلي ۾ بيحد سوڙهو آهي. ان سوڙهي سمنڊ جو نقشي تي اڌ ڪيو ويو آهي. هڪ اڌ وڃڻ وارن جھازن لاءِ ٻيو اچڻ وارن لاءِ، جيئن پڪي رستي تي وچ ۾ اڇا پٽا ٺاهي رستو مقرر ڪيو ويندو آهي ته پٽي جي هڪ پاسي ويندڙن جو رستو ته ٻئي پاسي ايندڙن جو. سمنڊ تي ظاهر آهي ڪو نشان يا جھنڊو نٿو هڻي سگھجي پر نقشي تي جنھن کي Navigation Chart سڏجي ٿو IMO جھڙي بين الاقوامي اداري طرفان ان تي ليڪ ڏنل آهي ته اها ٽپي ٻئي پاسي وڃڻو ناهي ۽ انهن نقشن ۽ حُڪمن کي دنيا جا سڀ جھاز فالو ڪن ٿا _ چاهي روسي هجن، اسرائيلي هجن يا ايراني. بھرحال جيئن تيئن ڪري جھاز کي موڙيو ويو ۽ ڪئپٽن ريڊيو وائرليس ذريعي اعلان ڪرايو ته اسان هن ايمرجنسي ڪري موڙي رهيا آهيون ۽ نه فقط مڙي رهيا آهيون پر ساڳي Sea Lane ۾ هونداسين جيسي ٻڏندڙڻ کي کڻي وٺون. اهو اعلان ان لاءِ ضروري هو جيئن سؤ سوا سؤ ميلن اندر جيڪي جھاز اچي وڃي رهيا هئا اهي خبردار ٿي وڃن ۽ اڃا به جي بھتر سمجهن ته رفتار گھٽائي ڇڏين، جيئن اسان جي جھاز سان ٽڪر ٿيڻ کان پاڻ بچائي سگهن. اعلان ۾ اسان پنھنجي پوزيشن به ٻڌائي پئي ته اسان جو جھاز فلاڻي نالي ۽ سگنل وارو هن ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڊگھائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي. پاڻيءَ جي جھاز هلائڻ ۾ اهو مسئلو آهي ته ان کيموٽر ڪار وانگر جتي وڻي اتي بريڪ هڻي بيھاري نٿو سگھجي. بلڪ پاڻيءَ واري جھاز ۾ بريڪ ٿئي ئي ڪانه! جتي بيھارڻو هوندو آهي اتي کان ڪجھه ميل اڳواٽ انجڻ بند ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهي ”ڪجھه ميل“ ٻه ميل به ٿي سگھن ٿا، ٽي ميل به ته چار پنج ميل به! ان جو حساب جھاز جي رفتار ۽ وزن مطابق لڳايو وڃي ٿو. ان سان گڏ تجربي، سمنڊ جي وهڪري، هو اجي رخ ۽ رفتار کي پڻ ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
ٻڏندڙ انڊونيشيا جا هئا
جتي ماڻهو ٻڏي رهيا هئا ۽ اسان کي مدد لاءِ سڏي رهيا هئا انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ پھچي ڊگھي رسيءَ ذريعي ٽي چار لائيف بئاءِ اڇلاياسين جيئن هو انهن تائين تري اچن ۽ رسي کي جھلين ته انهن کي جھاز جي ڏاڪڻ ڏي ڇڪي سگھجي. جھاز کي بلڪل انهن وٽ آڻڻ ۾ اهو خطرو هو ته جھاز جي هلندڙ پکي (Propeller) جي ڇڪ (Suction) ڪري اهي ماڻهو جھاز جي پکي ۾ اچي ڪپجي سگهيا ٿي. ساڳي وقت اهو سمنڊ جو حصو اهڙو هو جتي جھاز کي بند به نٿي ڪري سگهياسين. جھاز جو آهستي آهستي هلڻ ضروري هو. ڇو جو جھاز جي انجڻ بند رکڻ سان جھاز جي Drift ٿيڻ (هيڏانھن هوڏانھن لڙهي وڃڻ) جو خطرو هو. هندي سمنڊ، ائٽلانٽڪ _ ويندي عربي سمنڊ هجي ها ته انجڻ بند ڪري ڇڏجي ها. جھاز ڀلي پيو ڊرفٽ ٿئي ها، چوڌاري سوين ميلن تائين سمنڊ ئي سمنڊ آهي، پر هتي ٻنهي پاسن کان زمين ويجھي هئي. جھاز کي بنا ڪنٽرول جي رکڻ تي اهو خشڪي تي چڙهي وڃي ها ۽ جھاز جو ترو هڪ دفعو زمين تي لڳڻ سان (يعني جھاز جو گرائونڊ ٿيڻ) جھاز لاءِ مصيبت ثابت ٿيندو آهي. پوءِ جھاز جي انجڻ کي کڻي ڪيڏو به اڳيان پويان هلايو، پر جھاز کونئر وانگر تري سان چنبڙي ويندو آهي. پوءِ جيسين ڪو ٻيو جھاز اچي ان کي ڇڪي يا (۽) جھاز مان سامان ڪڍرائي هلڪو ڪجي، جيئن جھاز مٿي کڄي وغيره. بھرحال انهن ڪمن تي وڏو خرچ اچي ٿو ۽ اهڙا خرچ جھاز کي ته کڻي هلرائي سگھن ٿا، پر انهن جي مالڪن جي دل کي اڪثر بيھاريو ڇڏين.
رات جي اونداهي ٿي وئي هئي پر لائيف بئائن تي لڳل بتيون ڏسي ٻڏندڙ انهن تائين آيا ۽ پوءِ اسان رسيءَ ذريعي کين ڇڪي مٿي چاڙهيو. لائف بُئاءِ ڦيٿي وانگر گول ٿئي ٿو جيڪو ٻوچن واري ڪاٺ (Cork) جو ٺھيل هوندو آهي ۽ ايترو هلڪو ٿئي ٿو جو ماڻهوءَ جو وزن به ان کي ٻوڙي نٿو سگھي. سمنڊ ۾ ٻڏندڙ کي جھاز وارا اهو لائيف بُئاءِ (Life Buoy) ئي اڇلي ڏيندا آهن، جيئن هو ان کي جھلي بيھي ۽ ٻڏڻ کان بچي وڃي. لائيف بُئاءِ جي چوڌاري رسي به ٿئي ٿي ۽ بيٽري (Cell) تي ٻرندڙ بلب پڻ. ڪن ڪن ۾ سيٽي به هوندي آهي جيئن ٻڏندڙ اها وڄائي جھاز وارن جو ڌيان ڇڪائي سگھي. سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهن کي مٿي ڇڪيوسين ته خبر پيئي ته سڀ انڊونيشيا جا آهن. هونءِ به سمنڊ جي هن حصي ۾ ماڻهن جو واسطو گھڻو ڪري انڊونيشيا يا ملائيشيا سان هوندو آهي، جو هن سامونڊي لنگھه (ڳچي سمنڊ) جي هڪ پاسي ملائيشيا آهي ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جو وڏو ٻيٽ سماترا ۽ ٻيا هزارين ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن تي رهندڙ ماڻهو هڪ ٻيٽ کان ٻئي تي گھمڻ ڦرڻ لاءِ يا سمنڊ تان مڇيون ڦاسائڻ جي خيال کان ٻيڙين ۾ نظر اچن ٿا. ٻيڙيون به سوين هونديون آهن . ڪي وڏيون ڪي ننڍيون جيئن اسان وٽ رستن تي ڪارون، بسيون، ٽرڪون ۽ سوزڪيون هلنديون رهن ٿيون ۽ جھڙي طرح ڪناري تي ماڻهن جا گھر آهن ڪي وڏا بنگلا ته ڪي ڪچا گھر ۽ جهونپڙيون اهڙي طرح سمنڊ جي هن حصي ۾ هلندڙ ڪي ٻيڙيون مضبوط ڪاٺ جون وڏيون ۽ ماڙين واريون آهن ته ڪي غريباڻيون ننڍڙيون ۽ پراڻِيون آهن جيڪي سامونڊي لھرن جي لپيٽ ۾ يا هوائن جي هنڀوڇيءَ ۾ چيڀاٽجيو پون يا ٽٽيو پون.
سڀني کي سنگاپور وٺي آياسين
مٿي چڙهي آيل هنن اڌ درجن کن ماڻهن ٻڌايو ته هو هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي انجڻ تي هلندڙ جھاز جو عملو (Crew) آهي. هو سماترا ٻيٽ تان ڪاٺ جا بنڊ سامان (Cargo) طور کڻي نڪوبار ٻيٽ تي پئي ويا جتي کين پھچائڻا هئا ته سندن جھاز جا هيٺيان تختا نڪري ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويو. وڏي مشڪل سان هنن پنھنجا ڪاغذ پٽ ۽ جان بچائي آهي. سندن پاسپورٽ نما سامونڊي سفر جي ڪتاب CDC مان خبر پيئي ته هو واقعي جھاز هلائيندڙ ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر هئا. نڪوبار ٻيٽ هن ملاڪا ڳچي سمنڊ جي بلڪل منھن وٽ آهي. نڪوبار ۽ ان جي مٿان اتر ۾ مشھور انڊامان ٻيٽ هندستان جي ملڪيت آهن. هي ٻيٽ جيڪي اڄ ڪلهه خوبصورت چيا وڃن ٿا ۽ دنيا جا مسافر هتي گھمڻ لاءِ اچن ٿا، انگريزن جي حڪومت جي ڏينھن ۾ قيد خانا هئا جتي ننڍي کنڊ جا خطرناڪ قيدي ۽ آزادي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سياستدان جنم قيد لاءِ موڪليا ويا ٿي ۽ هتي جي جيل جي سزا کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا سڏيو ويو ٿي.
سمند ۾ ٻڏڻ کان بچايل انڊونيشي همراهن کي اسان سنگاپور وٺي آياسين جتي اسان کي ڪجھه ڪلاڪن لاءِ ترسي جھاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل پاڻي خريد ڪرڻو هو. هنن انڊونيشي ٻڏندڙ همراهن انڊونيشيا يا ملائيشيا جي ڪنھن بندرگاهه ۾ لھڻ چاهيو ٿي پر ان ڪم لاءِ اسان هلي ملي هڪ نئون بندرگاهه Call ڪرڻ نٿي چاهيو جو هڪ ته جھاز کي موڙي کين سمند مان کڻڻ ۾ اسان جا چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ وڌيڪ وقت ضايع نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ ٻي ڳالهه ته ڪنھن به بندرگاهه ۾ هڪ ڏينھن يا ان جو حصو ترسڻ لاءِ ٽي چار لک رپيا کن رڳو پارڪنگ جي في آهي. ان ڪري اسان کين سڌو سنگاپور وٺي آياسين، جتي اسان کي هونءَ ئي تيل لاءِ جھآز کي روڪڻو هو. هڪ هزار کن ٽن تيل وٺڻو هو، جنھن جي لاءِ جھاز جي مالڪ کي 60 لک رپيا ڏيڻا هئا ۽ اهڙو ڏهه پندرهن لک رپين جو جھاز جي عملي لاءِ پاڻي ۽ ڀاڄي ڀتي (گوشت، مڇي، اٽو، داليون، ميوو ۽ کير وغيره) وٺڻو هو سو مني ڪروڙ پٺيان بندرگاهه جي ٽي چار لک روپيه في وڏي ڳالهه ناهي.
سنگاپور پھچڻ سان _ بلڪه پھچڻ کان اڳ وائرليس ذريعي پنھنجي سنگاپوري آفيس جي ايجنٽ کي اطلاع ڪيوسين ته هيترو تيل، پاڻي ۽ راشن جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه رستي تي پيش آيل هن واقعي موجب جھاز تي چاڙهيل هنن ماڻهن جي لاهڻ جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. اسان جي سنگاپوري جھاز ران آفيس جي انچارج سنگاپور ۾ موجود انڊونيشيا جي سفارتخاني کي ان وقت ئي اطلاع ڪيو. ٻئي ڏينھن سنگاپور جي ٻاهران پھچڻ سان انڊونيشيا جي ايمبسي وارن کي چيوسين ته پنھنجن ماڻهن کي اسان جي جھاز تان لاهي سنگاپور ۾ گھرائڻ جو بندوبست ڪريو يعني انهن جا ڪاغذ پٽ ٺھرائي سنگاپور جي اميگريشن وارن حوالي ڪريو ته اسان جي جھاز کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ ڏين. ظاهر آهي اسان وٽ جھاز تي سفر ڪرڻ ۽ رهڻ جي اجازت جا ڪاغذ پٽ فقط انهن ماڻهن جا هئا جن هي جھاز هلايو ٿي _ يعني جھاز جي عملي جا.
‘سفري ڪاغذ’ هميشه پاڻ سان رکجن
ڪنھن ملڪ جي بندرگاهه ۾ اندر جھاز کي وٺي وڃڻ کان اڳ ان ملڪ جي اميگريشن پوليس، ڪسٽم پوليس ۽ صحت کاتي جو عملو کلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ جھاز تي چڙهي چيڪ ڪري ٿو ته ماڻهن جا نالا ۽ تعداد صحيح آهي يا نه. انهن جي صحت صحيح آهي يا نه. ائين ته نه ڪو وچڙندڙ بيماري وارو هنن جي ملڪ ۾ پھچي، اها بيماري پکيڙي ۽ سامان ۾ ڪا اهڙي پابندي واري شيءِ : هٿيار، چرس، هيرا، سون وغيره ته نه آهي. ۽ پوءِ چڪاس بعد هو هر ڳالهه کان مطمئن ٿيڻ تي جھاز کي اندر گھڙڻ جي اجازت ڏين ٿا. جھاز تي رهندڙن کي اهو بندرگاهه ۽ ٻيا شھر گهمڻ جي ويزا ڏين ٿا.
هاڻ اسان جا ڪاغذ پٽ ته Clear ٿي ويا پر انڊونيشي همراهن جي ڪري جھاز کي ڇڏين ئي نه. اسان انڊونيشيا جي سفارتخاني ۾ فون ڪيو ته هو چون ته ماڻهن کي اسان ڏي آفيس ۾ موڪليو ته اچي پنھنجا ڪاغذ پٽ ٺھرائي وڃن.
اهڙن موقعن تي ملڪن جي حاڪمن ۽ انهن جي حڪومتي نظام جي خبر پوي ٿي. اسين جھاز وارا ۽ سنگاپور جو عملو انڊونيشيا جي سفارتخاني تي چٿرون ڪندا رهياسين ته هي ڪھڙا جاھل آهن. هنن کي کپي ته ٻيڙيءَ ذريعي هتي سمنڊ ۾ اسان جي جهاز تي پھچي پنھنجن ماڻهن جي گئرنٽي ڏين. ان بنا هو سنگاپور جي سر زمين تي ڪيئن قدم رکي سگهندا جڏهن ته کين نه ويزا ٿي ملي ۽ نه جھاز کي اندر ٿا ڇڏين. اسان جي جھاز جي ڪئپٽن کين سمجهايو ته اسان کي اڳتي جي وائيج (مسافري) پوري ڪرڻي آهي ۽ منزل تي (يعني منيلا) مقرر ڏينھن اندر پھچڻو آهي. هڪ ته اسان توهان جي ملڪ جي ماڻهن کي بچايو آهي ۽ هاڻ ان جي مھربانيءَ بدران اسان کي هتي delay نه ڪرايو.
ان بعد انڊونيشيا سفارتخاني جا ٻه ٽي ڄڻا موٽر بوٽ ذريعي آيا ۽ پھرين ته اسان کان پڪون پيا ڪن ته اهي ماڻهو واقعي سندن ملڪ جا آهن يا نه. ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا هجون. اهو به چڱو جو هنن وٽ سفر جا documents پورا هئا ۽ اهو نيڪ ڪم ڪيائون جو جھاز ٻڏڻ کان اڳ هنن اهي ڪاغذ (پاسپورٽ، سي ڊي سي، شناختي ڪارڊ) وغيره پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي پاڻ سان ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ اهي عام ماڻهو به نه هئا. انڪم ٽئڪس ڀريندڙ جھاز جا آفيسر ۽ معزز شھري هئا. بھرحال انهن جا ڪاغذ پٽ جانچي پوءِ پاڻ سان پنھنجي جوابداري هيٺ سنگاپور وٺي ويا. پر نه. هاڻ پيو ياد اچي ته هنن کي سنگاپور ۾ نه وٺي ويا هئا جو چيائون ته سنگاپور ۾ بنا ويزا جي داخل ٿيڻ لاءِ ڊگهو پروسيجر آهي. سنگاپور کان، انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن ڏي روزانو ڪيتريون ئي پئسينجر فيريون اينديون وينديون رهن ٿيون. هو ڪا دير اسان جي جھاز وٽ بين الاقوامي سمنڊ ۾ بيٺا رهيا آخر هڪ لانچ (پئسينجرن جي ٻيڙي) جيڪا سنگاپور کان جڪارتا وڃي رهي هئي ان کي بيھاري هنن همراهن کي ان ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ سڀني سک جو ساهه کنيو. جھاز هلائيندڙن ۽ جھاز ۾ سفر ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته پنھنجي سڃاڻپ ۽ سفر جا ڪاغذ پئسن سان گڏ هٿيڪا رکن ۽ اهڙن موقعن تي جھاز ٻڏڻ يا سڙڻ تي اهي ڪاغذ هنن انڊونيشي همراهن وانگر پاڻ سان گڏ کڻي پوءِ جھاز ڇڏين. سفري ڪاغذن بنا ان ماڻهوءَ کي سندس پنھنجو ملڪ به وڏن سورن سان قبول ڪري ٿو.
قوميت جو ڦڏو
هڪ دفعي اسان جو جھاز سريلنڪا جي بندرگاهه ڪولمبو کان دوحه (قطر) وڃي رهيو هو. هندوستان جي اولھه ڪناري وارن بندرگاهن: تِري وِندرم، ڪاليڪٽ، گوا، بمبئي ۽ پوءِ رڻ آف ڪڇ جي ڪناري وارو علائقو ڏيندا بدين، ٺٽو ۽ ڪراچي ڏي وڃڻ بدران خليج اومان ڏي رخ رکيوسين، جيڪو ٽپڻ بعد ايراني نار شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ دبئي، دوحه کان علاوه ابوظھبي، دمام، راس تنبوره، ڪويت ۽ ايران جا بندر عباس ۽ بندر خميني جھڙا مشھور بندرگاهه پڻ آهن.
خليج عمان ۾ گھڙڻ وقت پاڪستاني بندرگاهه گوادر ۽ ايراني بندرگاهه ڇابھار جي سامهون هڪ چڱي وڏي ٻيڙي لڙهندي نظر آئي، جيڪا مدد لاءِ واجهائي رهي هئي. ان جي ويجهو اچڻ تي خبر پيئي ته پاڪستاني مھاڻن جي ٻيڙي آهي. هو هفتي کن کان ٻاهر نڪتل هئا. هڪ ڏينھن اڳ ۾ ان ٻيڙيءَ جي انجڻ جي Shaft (جيڪا انجڻ کي پروپيلر سان ڳنڍي ٿي) ٽُٽي پئي هئي ۽ هو هاڻ بنا انجڻ جي طاقت جي هيڏانھن هوڏانھن ڊرفٽ ٿي رهي هئي. رمضان جو مھينو هو سندن راشن به اچي کتو هو. اسان جو جھاز ڪنھن يورپين مالڪ جو، سنگاپور ۾ رجسٽرڊ ٿيل هو. جھاز جو ڪئپٽن پاڪستاني هو تنھن هنن کي جھاز تي کنيو ۽ جھاز جي مالڪن سان رابطو ڪرڻ بعد اهو ئي فيصلو ڪيو ويو ته هنن کي دوحه وٺي هلڻ بدران پاڪستان جي ئي پاڻيءَ ۾ پھچائجي، جتي جا هنن وٽ ڪاغذ پٽ آهن. ڇو جو دوحه (قطر) جي حڪومت ٿي سگهي ٿو ڌارين کي ڪجهه عرصو رکڻ لاءِ به قبول نه ڪري ۽ ماڳھين جھاز وارن ۽ جھاز جي مالڪن جي جوابداري ٿي پوي. ان ڪري اڌ ڏينھن ۽ تيل ضايع ٿئي ته ڀلي ٿئي پر جھاز کي ڪراچي ڏي موڙ ي هلجي.
در اصل ان معاملي ۾ دوحه يا ٻين ملڪن جو به ڏوهه ناهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جھڙن سُکن ستابن ملڪن ۾ اڪثر ٻڏندڙ ٻيڙين وارا پھچيو وڃن ۽ پوءِ کين وجهه لڳي ٿو ته ملڪ اندر داخل ٿيو وڃن. پڪڙجڻ جي حالت ۾ اهي چاهي کڻي بنگلاديش جا بنگالي هجن يا هندوستان جي مشرقي بنگال ڪلڪتي وغيره جا پر اهي پنھنجو پاڻ کي پاڪستاني ظاهر ڪن ٿا ۽ انهن کي پاڪستان روانو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتخاني کي ٻڌايو وڃي ٿو. ۽ پوءِ هڪ قسم جو بحث مباحثو شروع ٿيو وڃي.
پاڪستاني سفارتخاني وارا: ”هي اسان جا ماڻهو نه آهن. هي بنگالي آهن ۽ بنگلاديش جا آهن.“
بنگلاديش سفارتخاني وارا: ”نه اسان جا به نه آهن. ڪيئن ٿا چئو ته بنگلاديش جا آهن؟“
سنگاپور اميگريشن پوليس يا پاڪستاني سفارتخاني وارا: ”ان ڪري جو هي بنگالي ٿا ڳالهائين.“
”ته ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته بنگلاديش جا آهن. پاڪستان ۾ لکين بنگالي رهن ٿا ۽ هو بنگالي به ڳالهائين ٿا. ڪلڪتي ۾ به ته لکين بنگالي ڳالهائيندڙ آهن. برما جي مغربي ڪناري جا هزارين رهاڪو بنگالي ڳالهائين ٿا. ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته اسان هنن کي بنگلاديش ۾ رهايون. مثال طور اسان کي انگريزي اچي ٿي ته ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته انگلنڊ وارا اسان کي رهائين.“ بنگلاديش سفارتخاني وارا ورندي ڏيندا آهن.
بھرحال اهڙن موقعن تي جڏهن ٻڏندڙن وٽ سفري ڪاغذ نه هوندا آهن ته ميزبان ملڪ توڙي ڌارين ملڪن جي سفارتخانن لاءِ اُهي پريشانيءَ جو باعث بڻجي ويندا آهن. ڪن صورتن ۾ کڻي پڪ به هجي. مثال طور انگلينڊ يا فرانس جي سرزمين تي غيرقانوني طور ڪي پنجاهه کن سريلنڪا جا ماڻهو داخل ٿيندي پڪڙجيو پون ٿا. اتي جي حڪومت سريلنڪا جي سفارتخاني وارن کي گهرائي ٿي ته هنن کي کارائڻ پيارڻ، دوا درمل ۽ واپس وطن موڪلڻ جو بندوبست ڪريو. هاڻ اسان جھڙن ٽين دنيا جي ملڪن جا ڌارين ملڪن ۾ سفارتخانا ايڏا امير ته نه آهن جو هن قسم جون چَٽيون ويٺا ڀرين.
خراب موسم ۾ وڏا جھاز به ٻڏيو وڃن
جھاز جي ڪئپٽن هنن مھاڻن کي چيو ته هو ڀلي پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ رهن ۽ اسان جھاز جي رفتار گهٽ رکي ٻيڙيءَ کي رسي ذريعي ڇڪيون ٿا. کين وائرليس ۽ رنگين شعلا فائر ڪرڻ لاءِ پستول ڏنا ويا جيئن ڪو مسئلو ٿئي ته جھاز وارن کي اطلاع ڪن جيئن جھاز کي بيھاريو وڃي.
ڪراچيءَ کان ڪافي اڳ پھچي جھاز کي روڪيو ويو، جو ان جھاز تي ڪراچي جي ويجهي واري علائقي جو نقشو (چارٽ ) نه هو جنھن کي ڏسي اڳتي وڌجي. بنا چارٽ جي وڏي جھاز لاءِ تکي رفتار ۾ هلڻ ڏکي ڳالهه آهي، جو ڪھڙي خبر ته ڪٿي پاڻي اونهو آهي ۽ ڪٿي تانگهو ۽ ڪٿي خطرو نه آهي ۽ ڪٿي سمنڊ اندر جبل يا ٻيٽ آهن يا ڪو ڀڳل جھاز آهي. ان معلومات بنا يعني نقشي بنا هي وڏا جھاز انهن سان لڳي ڀڄي سگهن ٿا.
ڪراچيءَ جي ويجهو پھچي ڪراچي جي ڪوسٽ گارڊ، اميگريشن ۽ نيوي وارن کي مقرر ٿيل فريڪنسي تي وائرليس ذريعي اطلاع ڪيو ويو. پھرين ته هو مختلف سوال پڇندا رهيا ته ڪيڏي وڏي ٻيڙي آهي؟ ڪيترا ماڻهو آهن؟ واقعي پاڪستان جا آهن يا ڪي ڌاريان به آهن؟ ان بعد هنن اسان جي جھاز جي پوزيشن معلوم ڪئي ته سمنڊ جي ڪھڙي حصي تي لنگر انداز آهيون، جيئن اتي هو پھچي هنن مھاڻن جي مدد ڪن. اسان کي ڪجهه ڪلاڪ انتظارڪرڻو پيو جيئن اتي جون ضروري ڪارروايون پوريون ڪري هو نڪرن. سمنڊ خراب هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو بي صبر ٿي رهيا هئا ته ٻيڙيءَ وارن کي اتي ئي ڇڏي هاڻ هلڻ کپي جو هو سلامتيءَ واري هنڌ تي آهن. پر جھاز جو ڪئپٽن انتظار ڪندو رهيو. ڇو جو سمنڊ تي ماڻهو بچائڻ بعد انهن کي ائين ڇڏڻ بدران ڪنھن جوابدار اٿارٽيءَ جي حوالي ڪرڻ ضروري آهي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته رستي تي ڪو مري وڃي ۽ ٻيا جھاز وارن تي ڏوهه مڙهين. ۽ ڪي واقعي اهڙا ظالم ۽ بي حس به ٻڌڻ ۾ آيا آهن جن ۾ ٻڏندڙ ماڻهن يا ٻيڙين جي مدد ڪرڻ بدران کين ٻوڙيو ويو آهي، جيئن ثبوت طور ڪو به جيئرو نه رهي سگهي جو اها شاهدي ڏئي ته سندن ٻيڙي ٻڏڻ وقت فلاڻو جھاز لنگهي رهيو هو پر ان هنن کي نه بچايو. بين الاقوامي قاعدي قانون موجب لنگهندڙ جھاز وارن کي ٻڏندڙن جي مدد ڪرڻ کپي پر وقت جي زيان، تيل جي کپت ۽ قانون جي پيچيدگين کان بچڻ لاءِ ڪيترائي جھاز ڪن لاٽار ڪريو وڃن ۽ ٻڏندڙن کي نٿا بچائين.
پورن چئن ڪلاڪن بعد پري کان هڪ ٻيڙي ايندي نظر آئي، جنھن ۾ موجود نيول آفيسرن حوالي هي مھاڻا ۽ ڀڳل Shaft واري ٻيڙي ڪئي وئي. هنن پاڻ سان مھرباني مڃڻ جو خط نه آندو هو سو جھاز جي ڪمپيوٽر تي ان قسم جو خط ٽائپ ڪري ڏنائون ته بچايل ماڻهو صحيح سلامت مليا آهن ۽ جنھن لاءِ جھاز جي عملي ۽ مالڪن جي حڪومت پاڪستان ٿورائتي آهي.
ان بعد اسان پويان پير ڪيا ۽ پنھنجي منزل ڏي رخ رکيوسين. اهي مھاڻا سئنڊس پٽ (ڪراچي) جي ڀرواري ڳوٺ “ڪڪا” جا هئا ۽ سندن ٻيڙي پڻ اتي جي ئي اوس پاس جي هڪ سامونڊي ڳوٺ يونس آباد جي ٺھيل هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها ٻيڙي سٺي ڪاٺ جي مضبوط ٺھيل هئي پر خراب موسم ۾ وڏن جھازن جي شئفٽ به ٽٽيو پوي.
پکي (Propeller)سان لڳي ڀڄي پوي ها
هڪ ڏينھن ڳالهه اچي نڪتي سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ جي. اسان واري يار ڪئپٽن مظھر زيديءَ چيو ”سمنڊ مان ٻڏندڙن کي بچائڻ ۾ ڪڏهن ته واهه واهه ٿئي ٿي ڪڏهن ته جھاز جا مالڪ به خفي ٿين ٿا ته ٻڏندڙن جي ملڪ جا حاڪم به! اها ٻي ڳالهه آهي ته جھاز جا مالڪ ٻاهرين منھن سان خوشيءَ جو اظھار ڪن ٿا جو بين الاقوامي قاعدي مطابق سڀ ڪم ڇڏي ٻڏندڙ ماڻهو توڙي جھاز کي بچائڻو آهي چاهي ان لاءِ جھاز کي ٽي ڏينھن پٺيان هلڻو پوي. ساڳئي وقت ڪي ڪي اهڙا ملڪ آهن جن کي سندن ماڻهن جي پرواهه نٿي ٿئي. مرن يا بچن کين فڪر ئي ناهي. هونءَ ئي روزانو رستي جي حادثن ۾، اغوا ۽ خونريزين ۾، زهريلن کاڌن ۽ غلط دوائن ڪري، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ ڪري سوين پيا مرن.“
ڪئپٽن مظھر زيدي منھنجو هم عمر آهي. ڪيترن ئي جھازن تي اسان گڏ Sail ڪيو آهي. جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪري رهيو هوس يا سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ هوس، تڏهن به هو جھاز هلائيندو رهيو. هو هر قسم جي Voyages (سامونڊي مسافرين) ۽ جھازن لاءِ هائوڪار ڪندو رهيو آهي. ايران جي جن ڏينھن ۾ عراق سان جنگ هلي رهي هئي ۽ ايران جي جھازن تي ڪم ڪرڻ لاءِ هر هڪ ڏهه دفعا سوچيو ٿي تڏهن به ڪئپٽن مظھر ايرانين جا جھاز هلائيندو رهيو. ٻه دفعا سندس مختلف جھازن تي ميزائل به لڳا پر ٻنهي جھازن کي اهڙي هنڌ تي لڳا جو accommodation (رهائش) وارو حصو بچي ويو. جھاز ٻڏي ويا پر جھاز جي عملي جي جان بچي وئي. اڄ به ايران وارا مظھر کي ڌاريون نٿا سمجهن ۽ هي به انهن جا جھاز هلائڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو. سمنڊ ۾ ٻڏندڙن جون خبرون ڪندي هن ٻڌايو ته گذريل سفر ۾ جڏهن هو ايراني جھاز هندي وڏي سمنڊ ۾ هلائي رهيو هو ته خط استوا وٽ هن کي هڪ انجڻ تي هلندڙ ٻيڙي لڙهندي نظر آئي جنھن ۾ ست اٺ ڄڻا هئا.
”اسان جو جھاز آسٽريليا کان ايران اچي رهيو هو،“ ڪئپٽن مظھر ٻڌايو، ”اسان جھاز کي روڪي معلوم ڪيو ته ڇا ڳالهه آهي؟ خبر پيئي ته هن ٻيڙيءَ ۽ همراهن جو واسطو مالديپ جي هڪ ٻيٽ سان آهي. هو عيد جي ڏينھن سمنڊ جو سير ڪري رهيا هئا ته هڪ طوفان ۾ اچي ويا ۽ ٻيڙي ڪناري کان گهڻو گهڻو پري هلي وئي. واپس ويندي ويندي تيل ختم ٿي ويو ۽ ٻيڙي اڳتي هلي نه سگهي. ان کانپوءِ هو ٻه ڏينھن کن سمنڊ ۾ لڙهندا رهيا آهن. هنن کي اها به خبر نه پئي پيئي ته هو ڪٿي آهن. رستو معلوم ڪرڻ لاءِ هنن وٽ ڊي ايف (Direction Finder) هو پر ان جون به بيٽريون ختم ٿي ويون هيون. واڪي ٽاڪي ۽ وائرليس سيٽ به بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري مردار ٿي چڪو هو. اسان هنن کي ٻڌايو ته توهان تمام گهڻو drift ٿي چڪا آهيو ۽ جنھن ٻيٽ کان نڪتا آهيو اهو گهٽ ۾ گهٽ ست سؤ ميل کن پري آهي.
”هنن ٻن ٽن ڏينھن کان پيٽ ڀري ماني به نه کاڌي هئي ۽ سندن پيئڻ جو پاڻي به ختم ٿي چڪو هو. راشننگ ڪري ڪوپ ڪوپ پي رهيا هئا. اسان هنن کي پنھنجي جھاز تي چڙهايو ۽ سندن فوٽا وغيره ڊجيٽل ڪئميرا ذريعي ڪڍي ڪمپيوٽر (انٽرنيٽ) ذريعي تھران پنھنجي آفيس ڏي موڪلياسين. انهن طرفان اهو ئي حڪم آيو ته اسان پنھنجو سفر جاري رکون جيئن وقت اندر ايران جي بندرگاهه بندر عباس ۾ پھچي وڃون جتي آسٽريليا مان آندل سامان لاهي ٻئي ملڪ لاءِ ايران مان سامان کڻڻو هو ۽ مالديپ ٻيٽ جي هنن رهاڪن کي ايران ئي وٺي اچون جتان کين سندن سفارتخاني وارا باءِ ايئر وطن موڪلي ڏيندا.
”اسان مالديپين کي چيو ته ڀائي ڪلاڪ کن ترسون ٿا، توهان پنھنجي ٻيڙيءَ مان، جيڪو به ڪم جو ۽ قيمتي سامان هجي اهو کڻي جھاز تي اچو. باقي ٻيڙي ته ايتري ننڍي نه آهي، جو هن کي جھآز جي ڊيرڪ (ڪرين) ذريعي مٿي کڻي ڊيڪ (عرشي) تي رکي سگهون ٿا ۽ نه وري رسي ذريعي جھاز جي پٺيان ڇڪي سگهون ٿا ڇو جو جھاز جي رفتار 24_23 ناٽ (ڪناري جا ٽيھه پنجٽيھه ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي، جيڪا سمنڊ جي حساب سان ايڏي گهڻي هئي جو ان رفتار سان ٻيڙي سمنڊ تي ترڻ بدران اندر گهڙي وڃي ها يا جھاز جي پٺيان هلندڙ پکي سان وچڙي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃي ها.“
ايراني جھاز جان بچائي
مالديپ هڪ يا ٻه ٻيٽ نه پر سوين ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪي هندي سمنڊ ۾ اتر کان ڏکڻ تائين ڇھه ست سؤ ميلن تائين پکڙيل آهن. هي جنھن ٻيٽ جا رهاڪو هئا اهو بلڪل آخري ڇيڙي تي هو. مالديپ جو اسان کي ويجهو ٻيٽ به سؤ سوا کن ميل پري هو. بھرحال بين الاقوامي قانون موجب ڀلي ڪيترو به فاصلو طئي ڪرڻو پوي ۽ ڪيترو به وقت لڳي پر اطلاع مليل ٻڏندڙ جي جان بچائڻي آهي. ان بعد ضروري ناهي ته ٻڏندڙ کي سندس مرضي واري هنڌ لاٿو وڃي. جھاز جي مالڪ کي جي نقصان پوي ٿو ته هو ڀلي بچايل ماڻهن کي ان ملڪ ۾ لاهي جتي جو جھاز آهي يا ان ملڪ ۾ لاهي جتان ان جھاز جو لنگهه ٿي رهيو هجي.
”اسان ڪمپنيءَ کان مليل حڪم موجب پنھنجي جھاز جو رخ ايران ڏي ڪيو.“ ڪئپٽن مظھر زيديءَ ان حادثي بابت وڌيڪ ٻڌايو. ”ڪجهه ڪلاڪن جو سفر طئي ڪيو هوندوسين ته تھران هيڊ آفيس کان نوان حڪم مليا ته ايران جي حڪومت مالديپ وارن سان ڳالهايو آهي ۽ اهو فيصلو ٿيو آهي ته انهن مالديپ جي رهاڪن کي ايران وٺي اچڻ بدران هنن جي ويجهي واري ٻيٽ جي ڀرسان آندو وڃي جتان هنن جو جھاز کين کڻي ويندو.
”اهو حڪم حاصل ڪري اسان وري پويان پير ڪيا ۽ مالديپ جو رخ ڪيو. مالديپ جي ٻيٽن مان اڃا پھرين جي ويجهو مس پھتاسين ته مالديپ وارن جو جھاز نظر آيو. وڌيڪ ويجهو اچڻ تي هو لائيف بوٽ لاهي اسان جي جھاز تي آيا. اسان جي مھرباني مڃيائون. پاڻ سان اڳواٽ Thanks جو ۽ پنھنجا ماڻهو ملڻ جو خط ٺاهي آيا هئا، جيڪو اسان کي ڏئي ماڻهو وٺي ويا. پاڻ سان گڏ اخباري نمائندا ۽ ٽي وي جو فوٽوگرافر به آندو هئائون. جن اسان جي جھاز ۽ عملي جا فوٽو ڪڍيا ۽ هو بيحد خوش هئا. در اصل هنن سمجهيو ته طوفان ۾ هنن جي هم وطنين جي ٻيڙي ٻڏي وئي آهي ۽ ٻيڙي وارن جا مائٽ روئي پٽي ويھي رهيا هئا. پوءِ جو ايران مان کين خبر پيئي ته سڀ ماڻهو سلامت آهن ته سڄي ملڪ جشن ملهايو. اسان جا سمنڊ تان ايران موڪليل فوٽو به، پوءِ خبر پيئي ته ٻئي ڏينھن ايراني اخبارن ۾ آيا هئا ته فلاڻي ايراني جھاز ماڻهن جي جان بچائي.“