هڪ عجيب مسافر جو سفرنامو
فاهيان چين جي صوبي شانسي ۾ پيدا ٿيو. هن جو اصل نالو ”سي هي“ هو پر پنھنجي مذهب سان لڳاءُ هجڻ ڪري هو چين ۾ فاهيانگ ۽ اسان جي ننڍي کنڊ ۾ فاهيان نالي سان مشھور آهي. فاهيان جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو ۽ هن جي ڄمڻ وقت چين ۾ ٻڌ ڌرم کي آئي ٽي سؤ سال ٿي چڪا هئا. ان عرصي اندر ان جي پوئلڳن جو تعداد وڌي ويو هو ۽ فاهيان جي زماني ۾ ان کي ايتري ته شاهي سرپرستي حاصل ٿي جو ان جو مثال پوءِ جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ٻڌ ڌرم کي چين ۾ آئي جيتوڻيڪ ٽي سؤ سال ٿي چڪا هئا پر چين جا رهاڪو ان جي ڪيترين ڳالهين کان اڻ ڄاڻ هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ٻڌ ڌر م جا سڀ ڪتاب سنسڪرت زبان ۾ هئا، جيڪي فقط هندوستان ۾ ئي مليا ٿي. ان ڪري چين جي ماڻهن فقط ٻڌل سڻيل ڳالهين تي ئي يقين رکيو ٿي. ان مان مذهب بابت عجيب و غريب خيال پيد اٿيڻ لڳا هئا. ان ريت چين ۾ ٻڌ ڌرم ۾ هڪ خيالي ڳالهين جو ڍير ٿي رهيو هو. هي هئا اهي حالات جن جي ڪري هن چيني سياح (گهمڻ ڦرڻ جي شوقين) فاهيان هندوستان جي سفر جو ارادو ڪيو جيئن هندوستان مان سنسڪرت جا ڪتاب حاصل ڪري پنھنجي ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌ ڌرم بابت صحيح ڄاڻ مھيا ڪري. پر ان زماني ۾ يعني پنجين صديءَ ۾، چين کان هندوستان پھچڻ ڪو سولو ڪم نه هو. چين ۽ هندوستان هونءَ ته نقشي تي، هڪ ٻئي جا پاڙيسري هجڻ ڪري مليا پيا آهن پر وچ ۾ هماليه جبلن جو هڪ ڊگهو سلسلو وڏي رنڊڪ آهي. انهن ڏينھن ۾ نه هوائي جھاز ۽ هيليڪاپٽر هئا ۽ نه پاڻي ءَ جا وڏا ٻيڙا ۽ سامونڊي رستن جو علم. هونءَ به سمنڊ ذريعي چين هندوستان جو پاڙيسري نه پر هڪ ڏورانھون ملڪ آهي جو رستي تي ويٽنام، ڪمبوڊيا، سيام، ملايا ۽ برما جھڙا ڪئين ملڪ لتاڙڻا پيا ٿي. انهن ڏينھن ۾ چين کان هندستان فقط خشڪيءَ رستي لنگهه هو _ پر نه رستا هئا ۽ نه سفر جون سھولتون. جبل لتاڙڻا پيا ٿي. اڃون ۽ بکون ڪاٽڻيون پيون ٿي. جانورن ۽ ڦورن جي حملن کان پاڻ بچائڻو پيو ٿي. جيڪو ماڻهو سفر لاءِ گهر ڇڏيندو هو، ان کي پڪ نه هوندي هئي ته ڪو وري موٽندو. هميشه لاءِ موڪلائي گهران نڪرندو هو.
گوبي رڻ پٽ بعد پامير ۽ هندوڪش جبل
فاهيان جي سفر ۾ به هي سڀ رنڊڪون موجود هيون. سڀ کان وڏي مصيبت صحراءِ گوبي هو جنھن کي پار ڪرڻ بنا، هندوستان پھچڻ، نا ممڪن هو. هي وارياسو رڻ پٽ ڏکڻ مانچوريا کان سنڪيانگ تائين پکڙيل آهي، جنھن جي ايراضي پنج لک چورس ڪلوميٽر آهي. هي سنسان رڻ پٽ فاهيان جي زماني ۾ اڃان به گهڻو ويران هو. هاڻ ته خير چڱيون خاصيون تبديليون اچي چڪيون آهن. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو رستو ؛(شاهراهه قراقرم) به ٺھي چڪو آهي ۽ هاڻ هن گوبيءَ جي ريگستان ۾ ڪيترائي شھر آباد ٿي چڪا آهن، پر فاهيان جي ڏينھن ۾ سوين ڪلوميٽرن کان پوءِ ڪا آبادي ملي ٿي جتي مسافر تازو توانو ٿي سگهي، نه ته هر طرف واري ئي واري هئي يا ڪٿي ڪٿي جبلن جون قطارون. اتر قطب جون ٿڌيون هوائون لڳيون ٿي ته پاڻي به ڄمي برف ٿي پيو ٿي. فاهيان جي سفرنامي جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هُن هِن ريگستان (گوبي) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته ”هن رڻ پٽ ۾ هر قسم جا خراب روح ملن ٿا. تمام تکيون هوائون لڳن ٿيون. انهن هوائن جو مقابلو ڪرڻ ڪا اهڙي تھڙي ڳالهه نه آهي. گهڻو ڪري مسافر مريو وڃن. فضا ۾ ڪو به پکي پکڻ اڏامندو نظر نٿو اچي ۽ نه زمين تي ڪو جيت يا ڪيئنون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيستائين نگاهه وڃي ٿي ته ويراني ۽ ويراني ئي نظر اچي ٿي. رستو ڳولڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ها انساني جسم جون هڏيون ضرور نظر اچن ٿيون جن مان خبر پوي ٿي ته هتان ضرور ماڻهو لنگهيا هوندا.“
فاهيان 399 ۾ سفر تي نڪتو. ان وقت چين تي شھنشاهه يوهسنگ جي حڪومت هئي. فاهيان مختلف شھرن مان ٿيندو گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ داخل ٿيو، پوءِ رستي جا ڏاکڙا سھندو سوين ڪلوميٽرن جو سفر طيءَ ڪرڻ بعد ختن نالي شھر ۾ پھتو. هن کي هي شھر بيابان ۾ خيابان لڳو. هي شھر درياءَ ختن جي ڪناري تي آباد آهي جيڪو درياءَ ڀر واري هڪ جبل تان شروع ٿئي ٿو ۽ ختن واري علائقي کي سيراب ڪرڻ بعد اڳيان وارياسي رڻ پٽ ۾ جذب ٿيو وڃي. هي شھر ان زماني ۾ واپار جي شاهراهه تي هڪ تمام مشھور شھر هو. چين کان مغرب جي ملڪن ڏي ويندڙ تجارتي قافلا هتي ترسي ڪجهه ڏينھن ساهه پٽيندا هئا. ان بعد پنھنجي پنھنجي منزل ڏي روانا ٿي ويندا هئا.
فاهيان هتي ڪجهه ڏينھن آرام ڪرڻ کانپوءِ ضروري سامان گڏ ڪيو ۽ اڳتي وڌيو ته وري ساڳي ريتي ۽ ساڳيا رڻ پٽ هئا. ختن کان پوءِ هو ٻين ٻن مشھور شھرن يارقند ۽ ڪاشغر ۾ به ترسيو. ان بعد وري اڳتي جو سفر جاري رکيو. آخر صحرا (رڻ پٽ) ختم ٿيو. پر ريگستان جي ختم ٿيڻ سان ئي جبلن جو سلسلو شروع ٿي ويو. رڻ پٽ جي سفر وانگر جابلو سفر به ڏکيو هو. جيڏانھن ڪيڏانھن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل هئا جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل هيون. ريگستان وانگر هتي رستو گم نٿي ٿي ويو پر هتي جي رستن تي هلڻ سولو ڪم نه هو. سنها پيچڙا جبل جي چوڌاري وڪڙ کائيندا مٿي هليا ويا ٿي جتي ٻئي جبل سان وڃي لڳا ٿي ۽ هي اهڙا سوڙها هئا جو انهن تان هڪ ئي وقت ٻه ٽي ماڻهو گڏ گڏ هلي نٿي سگهيا. جبلن جي چوڌاري ۽ هيٺ مٿي هلڻ ڪري هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي لاءِ اٺ ڏهه کن ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. هي مشھور پامير جبلن جون قطارون هيون، جن جي هر قدم تي ڪو نه ڪو مشڪل پيش آيو ٿي. ڪٿي ڪو وڏو جبل ڀت وانگر آڏ ٿي بيٺو ٿي ته ڪٿي رات جي وسيل برف رستو روڪي ٿي ڇڏيو.
فاهيان سامهون ايندڙ ڏکين حالتن کي منھن ڏيندو اڳتي وڌندو رهيو. پامير بعد هن کي هندوڪش جبلن جون قطارون پار ڪرڻيون پيون. آخر ٽن سالن جي لڳاتار سفر بعد هو ان علائقي ۾ داخل ٿيو جنھن کي اڄ ڪلهه اسين پاڪستان سڏيون ٿا. فاهيان هن علائقي جو چڱيءَ طرح سير ڪيو. اڄ ڪلهه جو صوبو سرحد ۽ سوات اشوڪ جي زماني کان ٻڌ ڌرم جو مرڪز هو. سوات کي انهن ڏينھن ۾ ”روديانا“ چوندا هئا. هي علائقو اشوڪ کانپوءِ موريا خاندان جي هٿ هيٺ آيو. ڪشان خاندان وچ ايشيا کان آيو هو. صوبي سرحد ۽ سوات ۾ ٻڌ ڌرم جي مندرن جو تعداد تمام گهڻو هو ڇو جو هي مذهب هندوستان جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ هتي تمام گهڻو قبول ڪيو ويو ٿي ۽ ان قبوليت جو جائزو انهن ڪروڙين سچين ڪھاڻين مان مليو ٿي جيڪي مھاتما گوتم ٻڌ جي باري ۾ هتي مشھور هيون.
چوٿين صدي جي صوبي سرحد ۽ سوات جي علائقن جي ماڻهن جو يقين هو ته مھاتما گوتم ٻڌ هن علائقي ۾ به آيو هو. ماڻهن جي زبان تي اها ڳالهه عام هئي ته نانگ راجا هڪ عرصي تائين درياهه سوات ۾ هر سال ٻوڏون موڪليندو هو، جنھن جي ڪري هن جي ڪناري تي آباد ڳوٺ تباهه ٿي ويندا هئا ۽ غريبن کي هر سال نئين سنئينءَ پنھنجا گهر ٺاهڻا پيا ٿي. جڏهن هنن ماڻهن جي مصيبتن جو هي حال مھاتما ٻڌ کي معلوم ٿيو ته هو سوات آيو ۽ هن سوات نديءَ جي نانگ راجا کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هو هر سال درياهه ۾ ٻوڏ نه موڪليندو پر ٻارهن ٻارهن سالن بعد موڪليندو. پوءِ ان معاهدي بعد سوات ندي ۾ هر سال ٻوڏ اچڻ جو سلسلو بند ٿي ويو.
ڪنال جون اکيون ڪڍيون ويون
هڪ ٻي ڪھاڻيءَ مطابق مهاتما ٻڌ پشڪل وتي (هاڻوڪي چارسده شھر ) کي ماتا جي وبا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، جيڪا هر سال هتي آئي ٿي ۽ سوين ماڻهو مري ويا ٿي.
اتي اها ڳالهه مشھور هئي ته مھاتما ٻڌ هڪ اهڙي هنڌ آيو جتي هڪ شينھڻ جا ٻچا بک ۾ پاهه ٿي رهي هئا. هنن جي ماءُ هنن لاءِ کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتي هئي، پر ٽي چار ڏينھن گذرڻ بعد به واپس نه آئي. شايد ڪنھن شڪاريءَ ان کي ماري ڇڏيو هو. هن جي ٻچن جو بک ۾ ساهه ٿي نڪتو ته مھاتما ٻڌ اتي پھچي ويو. هن پنھنجو رت شينھڻ جي ٻچن کي پياري هنن جي جان بچائي. ان جاءِ تي بعد ۾ هڪ اسٽوپا ٺاهيو ويو. چيو وڃي ٿو ته راولپنڊي کان ڪجهه پري مانڪياليه ۾ جيڪو اسٽوپا ”توپ مانڪياليه“ جي نالي سان مشھور آهي، ان واقعي جي يادگار طور ٺاهيو ويو هو.
هيءَ هئي مھاتما ٻڌ جي ڪھاڻين جي اها سر زمين جتي فاهيان ٽن سالن جي سفر بعد پھتو هو. هن علائقي کي ان زماني ۾ گنڌارا سڏيو ويو ٿي. ان ۾ اڄ جو صوبو سرحد، افغانستان ۽ پنجاب جو ڪجهه حصو اچي ويو ٿي. هن علائقي جي راڄڌاڻي پشاور ۾ هئي ۽ هتي جو مذهب ”ٻڌمت“ هو _ ان ڪري هن سر زمين جو انچ انچ فاهيان لاءِ متبرڪ هو. هو پشاور ۾ چڱو وقت ترسيو. پشاور کي ان زماني ۾ پرشاپور چوندا هئا. هتي فاهيان ست سؤ ٻڌ مندر ۽ خانقاھه ڏٺا. انهن خانقاهن ۾ ٻوڌي بکشو (ٻاوا) رهيا ٿي.
هي چيني مسافر فاهيان ”پشڪل وتي“ (چارسده) به ويو. هتي هن هڪ اهڙي مندر جي به زيارت ڪئي جنھن جي ڪلنگيءَ ۾ سون جا پترا لڳل هئا. پشڪل وتي کانپوءِ هو مختلف شھرن مان ٿيندو ٽئڪسلا پھتو. هن شھر کي ان زماني ۾مڪشلا سڏيندا هئا جيڪو تمام وڏو شھر هو. هتي جا گهر پٿرن کي ٽُڪي ٺاهيا ويا هئا. هتي هڪ تمام وڏو درسگاهه پڻ هو جتي سڄي ننڍي کنڊ جي شاگردن علم پرايو ٿي.
مشڪلا ڇھين صدي قبل از مسيح (ق. م) ۾ آباد ٿيو هو. فاهيان جي اچڻ تائين هي شھر ڪئين دور ڏسي چڪو هو. هن تي ڪيترين ئي قومن حڪومت ڪئي. اٽڪل ٽيھه سال کن ٽئڪسلا آزاد به رهيو پر وڏو عرصو هن جي قسمت ۾ غلامي ئي رهي. هي شھر هڪ هزار سالن تائين وڌندو ويجهندو رهيو. جڏهن فاهيان هتي آيو، ته ان وقت هي تمام گهڻو آبا ۽ خوشحال شھر هو. بعد ۾ هُنَ قوم جي هٿان اهڙو تباهه ٿيو جو وري آباد ٿي نه سگهيو.
فاهيان هتي ٻه سال رهيو. هتي هن اشوڪ جي پٽ ڪنال جي ڪھاڻي به ٻڌي جيڪا بيحد دلچسپ آهي. توهان به ٻڌو:
هندوستان جي راجا اشوڪ پيريءَ ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان کڻي شادي ڪئي. ان وقت اشوڪ جو پٽ ڪنال ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. ڪنال جي سونھن جي هاڪ ڏيھان ڏيھه هئي. چون ٿا ته هن جون اکيون بيحد سھڻيون ۽ پُرڪشش هيون.
اشوڪ جي هن جوان راڻيءَ جي ڪنال تي دل اچي وئي ۽ هوءَ هن کي پنھنجو ڪرڻ جي واهه ڳولڻ لڳي پر ڪنال هن کي پنھنجي ماءُ سمجهيو ٿي. هو هن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. آخر هڪ ڏينھن موقعو ملڻ تي راڻيءَ ڪنال سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو ۽ دل جي ڳالهه ٻڌائي، پر ڪنال پنھنجي ماٽيلي ماءُ ڏي ڪنھن به قسم جو ڌيان نه ڏنو.
ماٽيلي ماءُ پنھنجي من جي مراد پوري نه ٿيڻ کي پنھنجي بي عزتي سمجهي ۽ ڪنال کان بدلو وٺڻ جو پھه ڪيو. ان سلسلي ۾ پھرين ته هن اشوڪ کي ريجهائي ريجهائي ڪنال کي ٽئڪسلا جو گورنر مقرر ڪرائي هن کي پنھنجي اکين کان پري رکيو ۽ پوءِ هڪ ڏينھن اشوڪ جي مھر (ٺپو) چورائي هڪ اهڙو حڪم نامو تيار ڪرايو جنھن ۾ ڪنال کي گورنري تان هٽرائي هڪ ٻئي عام ماڻهوءَ کي گورنر مقرر ڪرايو ۽ نئين گورنر کي اهو حڪم به ڏنو ته هو يڪدم ڪنال جون اکيون ڪڍي ڇڏي. هي حڪم نامون جنھن ماڻهوءَ هٿان موڪليو ويو هو ان کي ئي ڪنال جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪيو ويو هو.
هي حڪم جڏهن ڪنال وٽ پھتو ته هن يڪدم نئين گورنر لاءِ جاءِ خالي ڪئي ۽ ان سان گڏ پنھنجو پاڻ کي سزا لاءِ به پيش ڪيو. پر جڏهن ڪنال جي درٻارين کي هن ڳالهه جي خبر پيئي ته هنن کي دال ۾ ڪالا نظر آيو ۽ هنن ڪنال کي صلاح ڏني ته هو پنھنجو پاڻ کي اکيون ڪڍرائڻ لاءِ پيش نه ڪري پر ڪنال هڪ چئيوان ۽ نيڪ پٽ جي حيثيت ۾ پنھنجي پيءُ جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ نٿي چاهي.
نئين گورنر ڪنال جون اکيون ڪڍي ورتيون. ان کانپوءِ ڪنال ٽئڪسلا کان ”پاٽلي پتر“ راوانو ٿيو جنھن کي اڄ ڪلهه پٽنا سڏين ٿا ۽ انڊيا جي صوبي بهار جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪنال ٽئڪسلا کان پاٽلي پتر پيرين پنڌ ويو. هو جڏهن اشوڪ سان مليو ته پيءُ هن جي حالت ڏسي حيران ٿي ويو. جڏهن هن سربستو احوال ٻڌو ته راڻيءَ کان پڇيو ته تو ڪنالسان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو. راڻيءَ سڄي ڳالهه کولي ٻڌائي اشوڪ کي راڻِيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ان ئي وقت راڻيءَ کي مارائي ڇڏيو.
پاٽلي پتر ۾ ڪجهه وقت ترسڻ بعد ڪنال بِھار جي هڪ شھر “گيا” ۾ بڙ جي ان وڻ جي زيارت لاءِ ويو، جنھن جي هيٺان مھاتما گوتم ٻڌ ويھي عبادت ڪئي هئي. اتي هڪ بکشوءَ جي دعا سان ڪنال جون اکيون صحيح ٿي ويون.
فاهيان اها ڪھاڻي پنھنجي سفرنامي ۾ لکي آهي. اهڙي طرح هيءَ ڪھاڻي هتان کان چين پھتي ۽ ٻڌ مت جي ڪھاڻين ۾ شامل ٿي وئي.
ٻڌ بکشو لاءِ ڪشتو اهم شيءَ آهي
سوات، پشاور ۽ ٽئسڪلا کان علاوه چيني سياح فاهيان ٻيون به ڪيتريون ئي جايون ڏٺيون. هو هڪ هڪ ڳوٺ گهميو ۽ ڪيترن ئي ڌرمي جڳھين جو سير ڪيو. جبلن جي انهن غارن ۾ ويو جن لاءِ مشھور هو ته هتي مھاتما ٻڌ يا ٻڌ مت جي ڪنھن وڏي بکشوءَ پوڄاپاٺ ڪئي هئي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري لڳي ٿو ته مھاتما ٻڌ هن علائقي ۾ پنھنجو پاڻ نه آيو پر هن جي پوئلڳن جو اهو يقين هو ته مھاتما ٻڌ هن علائقي ۾ پنھنجي ڌرم جي پرچار ڪرڻ لاءِ ضرور آيو هو. ان ڪري هن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشھور ٿيون. ٻڌ ڌرم جي ٻاون (بکشوئن) جي زندگيءَ جو ساٿي هميشه پنڻ وارو ڪشتو رهيو آهي. ٻڌ بکشو ان کي هٿ ۾ جهلي گهٽي گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ گهمندا آهن. جيڪڏهن ڪو کين کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيندو آهي ته هو ان ڪشتي ۾ وٺندا آهن. ان کي ”بک جو پيالو“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هڪ ڪھاڻيءَ مطابق مھاتما ٻڌ چئن ڪشتن کي ملائي هڪ ٺاهيو هو. فاهيان هڪ خانقاه ۾ هي ڪشتو پڻ ڏٺو ۽ هن جي ڪرامت اها بيان ڪئي ته جيڪڏهن ڪو غريب ان ڪشتي ۾ چند گل به وجهندو ته اهو ڀرجي ويندو. پر جي ڪڏهن ڪو امير ماڻهو هن ۾ کڻي ڪيترو به سامان وجهي ته به نه ڀربو.
ٻڌ ڌرم ۾ ڪشتي (پنڻ جي پيالي) جو ڪيڏو خيال ڪيو وڃي ٿو. ان جو اندازو هن واقعي مان پئجي سگهي ٿو جيڪو مھاتما ٻڌ، ان جي زال ۽ پٽ جي باري ۾آهي.
ڳالهه ٿا ڪن ته مھاتا ٻڌ پنھنجي ڌرم جي پرچار ڪندي ڪندي ”ڪپل وستو“ پھچي ويو. هن جو پيءُ اڃان جيئرو هو. هو پنھنجي پيءُ سان مليو. مائٽ مٽ ۽ هن جا دوست هن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، هن سان ملڻ آيا پر هن جي زال هن سان ملڻ نه آئي. نيٺ هو خود هن سان ملڻ ويو. زال پنھنجي پٽ کي سڏرايو ۽ مھاتما ٻڌ ڏي اشارو ڪندي چيو: ”هي تنھنجو پيءُ آهي. هن کان پنھنجو حق گهر.“
پٽ پنھنجي پيءُ کان حق گهريو. مھاتما ٻڌ خاموش رهيو. پٽ هن کان وري پنھنجو حق گهريو. گوتم ٻڌ اڃان به ماٺ ۾ هو. پٽ جڏهن ٽيون دفعو پنھنجو حَق گهريو ته هو هن کي پاڻ سان گڏ ديري تي وٺي آيو ۽ هڪ بکشو مريد کي چيو: ”هي منھنجو پٽ آهي. مون کان پنھنجو حق ٿو گهري. هڪ ڪشتو هن کي به هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو.“ بکشوءَ انهيءَ وقت مھاتما جي حڪم تي عمل ڪيو. ان جو مطلب اهو هو ته تون به هاڻ اسان مان آهين. اسان وانگر شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ، گهٽي گهٽي گهم ۽ ٻُڌ مت جي تبليغ ڪر ۽ پِن ۾ جيڪو ملي ان سان پيٽ ڀر.
چيني سياح سرحد ۽ پنجاب بعد بنگال پھتو
چئن ڪشتن مان ٺھيل هڪ ڪشتي جي زيارت کانپوءِ فاهيان هيرو نالي هڪ هنڌ تي هڪ مندر ۾ هڏيءَ جي زيارت ڪئي. هڏيءَ جي مٿان چڙهيل سوني ورق تي ستن قسمن جون مورتيون هيون. علائقي جي راجا ان هڏيءَ جي حفاظت لاءِ خاص بندوبست ڪيو هو. ان مقصد لاءِ هن ان علائقي جي اٺن وڏن خاندانن مان هڪ هڪ نمائندي کي چونڊي هر هڪ کي هڪ مھر ڏني هئي. شام جو جڏهن مندر کي بند ڪيو ويو ٿي ته درواز ي تي تالو هڻي ان تي اٺئي مھرون لڳايون ويون ٿي ۽ صبح جو مندر جو دروازو کولڻ وقت هي اٺئي ماڻهو آيا ٿي ۽ پنھنجي پنھنجي مھر ڏٺي ٿي ته رات اندر ڪنھن ڊاٺي ته نه آهي ۽ پوءِ مندر ۾ وڃي ان متبرڪ هڏيءَ کي ڏٺو ٿي ته اها موجود ۽ سلامت آهي يا نه ۽ ان جو اطلاع راجا سلامت کي ڪيو ٿي.
هن چيني سياح فاهيان، پنھنجي سفر ۾ ڏٺل مھاتما ٻڌ جي هڪ چيني چوغي جو به ذڪر ڪيو آهي. هي چوغو هڪ مندر ۾ رکيل هو جيڪو هڪ اهڙي شھر ۾ هو جتي فاهيان کي اڄ جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ بعد چار ڏينھن پنڌ هلڻو پيو. شھر جو نالو هن نه لکيو آهي.چوغي بابت هن لکيو آهي ته جيڪڏهن وڏي عرصي تائين مينھن نه وسي ۽ ڏڪار جو ڊپ ٿي پوي ته اهڙي حالت ۾ هن چوغي کي ٻاهر کلئي ميدان تي رکڻ سان وڏ ڦڙو مينھن وسڻ شروع ٿي وڃي ۽ ڏڪار جو ڊپ لھيو وڃي.
سرحد واري علائقي ۾ پاڪ جاين جي زيارت ڪرڻ ۽ ٻوڌين جي حالت کي پنھنجين اکين سان ڏسڻ کانپوءِ، فاهيان اڄ واري پنجاب مان ٿيندو وچ هندوستان ۾ پھتو. پر هن کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته وچ هندستان ۾ جتان مهاتما گوتم ٻڌ پنھنجي ڌرم جي تبليغ شروع ڪئي، ٻڌن جي حالت اهڙي سٺي نه هئي جھڙي سرحد ۽ اتر پنجاب واري علائقي ۾ هئي. هندوستان ۾ هاڻ هندو گپتا خاندان جي حڪومت هئي. هي خاندان موريا گهراڻي کانپوءِ حاڪم ٿيو هو. اوستائين ٻڌ ڌرم ست سؤ سالن کان وڌيڪ پراڻو ٿي چڪو هو. هندو برهمڻ هن کي ڪڏهن به سٺو نه سمجهيو هو. ان ڪري هو هميشه هن کي ميسارڻ جي ڪوششن ۾ لڳا رهيا ٿي. موريا گهراڻي جي ڏينھن ۾ جيئن ته ٻڌ مت کي راجا جي سرپرستي حاصل هئي. هو ان جي خلاف پروپئگنڊا ڪري نٿي سگهيا. گپتا گهراڻي جي شروع ٿيڻ سان برهمڻن جو حوصلو وڌيو ۽ هو وري طاقتور ٿي ويا. اهڙي طرح هندوستان ۾ ٻڌن جي اها هستي مستي ڪومائجي وئي.
فاهيان وچ هندستان جي شھر پاتلي پتر (بھار جو اڄ وارو شھر پٽنا) ۾ ٻه سال ترسيو. هن هتي سنسڪرت جي ڪيترن ئي ڪتابن جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو. پوءِ بنگال جي ان علائقي ۾ ويو جيڪو ڪجهه عرصو اڳ مشرقي پاڪستان هو ۽ هاڻ بنگلاديش آهي. هن علائقي ۾ ٻڌ ڌرم مھاتما ٻڌ جي ڏينھن ۾ ئي پھچي ويو هو. ان جو سبب شايد اهو هجي جو هي علائقو ڪپل وستو جي ويجهو هو ۽ ان کان علاوه راجا اشوڪ به هن علائقي ۾ ٻڌ ڌرم پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي بکشو موڪليا هئا، سو هتي ٻڌ ڌرم جلد ئي پکڙجي ويو. ان ڪري فاهيان لاءِ هن علائقي ۾ به ڪشش هئي. بنگال ۾ هو مدناپور جي شھر ”تمرلي پتي“ ۾ ترسيو. هتي به هن سنسڪرت ڪتابن جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو. ٻڌ مت جو اڀياس ڪيو ۽ گوتم ٻڌ جي مورتين جا خاڪا ٺاهيا.
فاهيان جي سفرنامي مان خبر پوي ٿي ته ٻڌ ڌرم هن علائقي ۾ به چڱو پکڙيو. بھرحال هن فقط تمرلي پتيءَ جي ٻٽيھين ٻڌ خانقاهه جو ذڪر ڪيو آهي.
فاهيان14 سالن بعد چين موٽيو
چيني سياح فاهيان بنگال بعد سري لنڪا پھتو. هن پنھنجي سفر ۾ اهو نه ڄاڻايو آهي ته آيا هو چٽگانگ، چالنا يا ڪولڪتي جھڙي بنگالي صوبي جي بندرگاهه کان ٻيڙي يا جھاز ذريعي سري لنڪا (سلون) پھتو يا خشڪي ذريعي ڏکڻ هندستان لتاڙي، پالڪ ڳچي سمنڊ (سوڙهي سمنڊ) وٽ ٺھيل آدم برج ذريعي سري لنڪا جي ٻيٽ تي قدم رکيو. بھرحال هن ٻيٽ تي راجا اشوڪ اڃان هاڻ ٻڌ بکشو پرچار لاءِ موڪليا هئا، جن جو سردار هن جو پنھنجو ڀاءُ هو. اشوڪ هن جي هٿان گيا شھر جي بڙ جي وڻ جي هڪ ٽاري به موڪلي هئي، جيئن ٻڌن جي پاڪ وڻ جو قلم سري لنڪا ۾ به لڳايو وڃي.
سري لنڪا ٻڌ ڌرم جو هڪ مشھور مرڪز هو. ان ڪري فاهيان هتي ٻه سال رهيو. ٻڌ ڌرم تي لکيل ڌرمي ڪتاب پڙهيا. سنسڪرت جي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ مھاتما ٻڌ جي مورتين جا خاڪا ٺاهيا. مھاتما ٻڌ جي زندگيءَ جي باري ۾ به ڪيتريون ئي ڪھاڻيون مشھور هيون. هڪ ڪھاڻي اها هئي ته هڪ دفعو مھاتما ٻڌ سري لنڪا آيو ۽ هتي جي سڀ کان اتاهين جبل تي اچي ڌيان گيان ۾ ويٺو. هڪ ڏينھن هن هڪ پٿر تي پير رکيو ته سندس پير جو نشان ان پٿر تي ٺھي ويو. ان نشان جي زيارت لاءِ اڄ تائين ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هن جبل تي وڃن ٿا. هن نشان کي هندو پنھنجي ديوتا برهما جي قدم جو نشان مڃين ٿا ۽ مسلمان ان کي حضرت آدم عه جي پير جو نشان چون ٿا. بھرحال هي قدم شريف جي نالي سان مشھور آهي چيو وڃي ٿو ته فاهيان به هن نشان جي زيارت ڪئي.
فاهيان گپتا گهراڻي جي دور حڪومت ۾ هندوستان آيو هو. هي دور هندن جي تاريخ جو هڪ سونھري دور چيو وڃي ٿو. پنھنجي رهائش دوران فاهيان ننڍي کنڊ جي هڪ هڪ ڪنڊ جو سير ڪيو. گپتا عھد حڪومت جي هندستان کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ پوءِ ان دور بابت پنھنجي سفرنامي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ماڻهو خوشحال هئا. ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جي جستجو هئي. شھرن ۾ ماڻهن جي آبادي گهڻي هئي ۽ وڏا وڏا شھر به تمام گهڻا هئا. ماڻهن کي پنھنجي ملڪيت تي ٽئڪس نٿي ڏيڻو پيو. اهي ماڻهو جن شاهي زمين تي پوک ڪئي ٿي انهن ئي ٽئڪس ڏنو ٿي. ملڪ ۾ موت جي سزا جو رواج نه هو. ڏوهارين کي فقط ڏنڊ ڀرڻو پيو ٿي. بغاوت ڪرڻ وارن جو ساڄو هٿ ڪپيو ويو ٿي. مال جي حفاظت ڪئي وئي ٿي ۽ ان جي ذبح ڪرڻ تي بندش پيل هئي. ماڻهن ٿوم ۽ بصر نٿي کاڌو ۽ گهرن ۾ پکي نٿي پاليا.
فاهيان جي پيش ڪيل گپتا دور جي هندستان جي تفصيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته هندومت مڃڻ وارن جو ٻڌ مت جي باري ۾ ڇا برتاءُ هو. هن لکيو آهي ته هندن ۽ ٻڌن ۾ رکي رکي ڇڪتاڻ پئدا ٿي پوندي هئي. هڪ دفعي پاٽلي پتر جي هندوئن ۽ ٻڌن ۾ ڪنھن ڳالهه تان ناراضگي پئدا ٿي پئي. هندن ٻڌن تي حملو ڪرڻ جي سازش ڪئي پر ٻڌن کي ان جي وقت تي ڄاڻ پئجي وئي ۽ انهن مناسب بندوبست ڪري پنھنجي جان بچائي.
فاهيان جو هي سفر ٻن ڳالهين ڪري تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو. هڪ ته هن سفر ڪري هندستان ۽ چين جي وچ ۾ اچ وڃ جو رجحان وڌيو ۽ ٻي ڳالهه ته هن سفر جي ڪري چين جي ماڻهن کي ٻڌ ڌرم جي صحيح معلومات حاصل ٿي.
فاهيان سري لنڪا ۾ ٻه سال رهڻ بعد سمنڊ رستي پنھنجي وطن چين روانو ٿيو. رستي تي هن جي ٻيڙي هڪ طوفان سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي وئي ۽ پاڻ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا کان وڃي نڪتو. جتان پوءِ پنھنجي وطن پھتو. هو چين کان چوڏهن سال ٻاهر رهڻ بعد 413ع ۾ چين واپس پھتو. چيني قوم پنھنجي هن جهوني سياح تي اڄ به فخر ڪري ٿي.