آئون مري ويندس
يونيفارم پائي آفيسرز ميس (Saloon) ۾ لنچ کائڻ بدران انجڻ روم واري بئالر سوٽ (ڊانگريءَ) ۾ ئي ڊيوٽي ميس ۾ ماني کائڻ هليو ويس. سي سڪنيس ڪري بک ته بنھه نه پئي محسوس ٿي، پر پيٽ کي ڀريل رکڻ لاءِ ويھي رهيس. سڄو ٽيبل خالي هو فقط ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي جھاز جو ريفريجريشن انجنيئر محمود ”ڪارو“ سوپ پي رهيو هو. ”محمود سمنڊ تي ايترا سال گذاريا آهن جو هن تي خراب سمنڊ، خراب موسم ۽ سي سڪنيس جو اثر بلڪل نٿو ٿئي، تڏهن ته هو مزي سان سُوپ پي رهيو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. هھڙي خراب موسم ۾ چڱا خاصا جهونا جھازي به چانھه يا سُوپ جھڙين شين کان ڀڄن ٿا، ڇو جو پاڻي واريون شيون ڏسڻ سان دل ڪچي ٿئي ٿي۽ کائڻ سان الٽي اچي ٿي. مون ٻوڙ جي پيالي کي به پاسي تي رکيو جنھن ۾ موجود رس ۽ ٻوٽيون جھاز جي لوڏن سان گڏ پيالي جي ڪنن تائين ڄڻ بند ڀڃي لڙهي رهيون هيون. چانورن ۾ گهاٽي ٺھيل دال ملائي کائڻ شروع ڪئي بلڪ زبردستي پيٽ اندر داخل ڪئي. جيئن ٻار کي زوريءَ کارائڻ مھل چئبو آهي هي ماما جو گرانهه، هي نانا جو گرانھه ۽ هي خالا جو گرانھه. بابا کاءَ نه ته خالا رسي ويندي.... ” بابا کاءُ نه ته خالي پيٽ تي وڌيڪ سي سڪنيس محسوس ٿيندي... چڱي طرح ڊيوٽي ڪري نه سگهندين... ان ڪري هڪ ٻيو گرانھه... هڪ ٻيو گرانھه... شاباس.“ مون پنھنجو پاڻ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳي وقت سامونڊي لھرن ۽ محمود جي سڙ سڙ ڪري سُوپ پيڻ تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. سُوپ محمود پي رهيو هو دل منھنجي ڪچي ٿي رهي هئي. ساڳي وقت محمود تي رشڪ به اچي رهيو هو ته ان جيان طبيعت ٿي وڃي ته ٻيو ڇا کپي! سمنڊ جي نوڪريءَ جھڙي ڳالهه ئي ناهي. پنھنجو منھن پنھنجي مھاڙ . اهو ئي گهر اها ئي نوڪريءَ جي جاءِ. ڪم جي ڄاڻو ۽ محنتيءَ لاءِ، ڪچھرين کان ڀڄندڙ ۽ اڪيلائي پسند ڪرڻ واري مون جھڙي لاءِ سامونڊي زندگيءَ جھڙي ٻي زندگي ناهي... مون پنھنجو ڌيان هيڏانھن هوڏانھن هٽائي ڀريل پليٽ خالي ڪري ورتي. ٻه ٽي سامونڊي سفر ڪرڻ بعد هاڻ سمجهي ويو هوس ته اهڙي خراب موسم ۾ پيٽ کي خالي نه رکڻ کپي، ڇو جو خالي پيٽ تي ويتر الٽيون وڌيڪ اچن ٿيون ۽ منھنجو ڳلو ته وري ايڏو Sensitive آهي جو ٻه چار الٽيون يا اٻڙاڪ ڏيڻ بعد ڳلو خراب ٿيو پوي. پوءِ سمنڊ ڀلي چئن ڪلاڪن بعد صحيح ٿي وڃي پر ڳلو چار ڏينھن تنگ ڪندو رهي ٿو.
مانيءَ تي ويٺي ويٺي سمنڊ وڌيڪ خراب ٿيندو ويو. سامونڊي ڇوليون جيڪي جھاز کي اڳئين ساڄي ڪنڊ کان لڳي رهيون هيون، اهي جھاز جي رخ مٽڻ سان ماڳھين سامهون کان جھاز تي حملو ڪرڻ لڳيون ۽ جھاز گڏهه وانگر اهڙو ڪڏڻ لڳو جو ڪرسيءَ تي وھڻ مشڪل ٿي پيو. ماني کارائڻ واري اسٽيورڊ (بئري) هڪ هڪ ڪرسيءَ وٽ ويھي ان جي هيٺان لڙڪندڙ زنجير کي فرش ۾ لڳل ڪنڊي (Hook) سان سوگهو ڪيو جيئن ڪرسي هڪ هنڌ سُڪ ٿي وڃي ۽ ان سان گڏ ان تي ويٺل اسين، هيڏانھن هوڏانھن نه اڇلجي وڃون. مون چانور ختم ڪري صوف اتي کائڻ بدران هٿ ۾ کنيو ۽ پنھنجي ڪئبن ڏي روانو ٿيس.
ڪئبن (ڪمري) جو دروازو کوليم ته هر شيءِ فرش تي ٽڙيل پکڙيل نظر آئي. ڪتاب، بوٽ، گلاس، صبح جو ناشتو ڪناري جي دوستن سان گڏ ڪمري ۾ ڪيو هوم، اهي پليٽون ۽ ڪوپ ساسرون ۽ انهن ۾ بچيل چانھه چوڌاري غاليچي تي هاري پئي هئي. ڪي ٿانوَ ۽ ٽيبل لئمپ ڀڄي چڪا هئا. فرج جو دروازو جھاز جي لڏڻ سان ڪڏهن کلي رهيو هو ته ڪڏهن ڌڙام سان بند ٿي رهيو هو. در اصل مون ڪمرو چار پنج ڪلاڪ اڳ ڇڏيو هو جڏهن جھاز اڃان بندرگاهه ۾ هڪ هنڌ بيٺل هو ۽ ان ئي وقت منھنجي ڊيوٽي شروع ٿي وئي هئي ۽ ان کانپوءِ هاڻ موٽيو هوس. هونءِ سمنڊ خراب ٿيڻ تي يا جھاز جو طوفان ۾ ڦاسڻ تي اها ڊيوٽي ڪئبن بئاءِ جي هوندي آهي ته ڊيوٽي وارن آفيسرن جي ڪمرن ۾ وڃي هر شيءِ کي Secure ڪن. يعني پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڦاسائي انهن کي محفوُظ ۽ مضبوط ڪن. جھاز تي هر شيءِ رکڻ لاءِ کانچو ٺھيل ٿئي ٿو جيئن جھاز جي لڏڻ تي اها شيءِ ڪري نه پوي ۽ جھاز جي Sailing کان اڳ ڪئبن بئاءِ کي ڪمري جون چادرون ۽ ٽئال وغيره پڻ بدلائڻا هوندا آهن پر منھنجي ڪمري جا اهي به بدلايا نه ويا هئا. مون پئنٽري مئن کي فون ڪيو جيڪو ميس ۽ ڪمرن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن جو انچارج ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته هن دفعي ڪراچي (Home Port) ۾ جھاز پھچڻ سان سڄو سئلون اسٽاف موڪل تي هليو ويو. نئون اسٽاف اڻ تجربيڪار آهي يعني انهن مان هڪ به Voyage (سامونڊي سفر) نه ڪيو آهي ۽ هر هڪ کي تمام گهڻي سي سڪنيس پئي ٿئي.”شام تائين جيڪڏهن موسم صحيح نه ٿي ته ڪمرن جي صفائيءَ جي لاءِ آئون هليو ايندس.“ پئنٽري مئن چيو.
”پئنٽري مئن! اها ڳالهه صحيح ته نه آهي.“ مون فرش تي پکڙيل پنھنجي سامان کي ڏسندي پئنٽري مئن کي چيو، ”ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته سمنڊ هفتي تائين صحيح نه ٿيندو ته هي به هفتو يڪو ڪم تي نه ايندا. پوءِ ته اسان به جھاز جي انجڻ بند ڪري سمهي رهون.“
”سر ڇا ڪجي! آفيس وارن کي سڀ نوان ڇوڪرا موڪلڻ نه کپندا هئا، ڪجهه ته پراڻا ڏين ها... “ پئنٽري مئن پنھنجي عملي جي وڪالت ڪندو رهيو ۽ آئون ٿورو گهڻو سامان پاسيرو ڪري بستر تي ليٽي پيس سمنڊ اهڙو خراب هو جو ننڊ جا گهيرٽ ۽ چڪر مون کي به اچي رهيا هئا.
اک لڳي مون کي ڪا ٿوري دير به مس ٿي ته ڌڙام سان منھنجي ڪئبن جو دروازو کُلي ويو اوترو ئي زور سان بند ٿيو. آئون ڪمري جا ٿلها پڙدا درين تي چاڙهي اوندهه ڪري ستو هوس جيئن ڏينھن جي روشنيءَ ۾ منھنجي ننڊ ڊسٽرب نه ٿئي ۽ چڱي طرح سمهي سگهان جيئن وري رات جي ڊيوٽي چڱي طرح ڪري سگهان. دروازي جي آواز تي بتي ٻاري سامهون ڏٺو ته ڪو همراهه دروازي وٽ بيٺو هو. بيحد ڊنل نظر اچي رهيو هو. سڌو بيھڻ بدران ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو پر تڏهن به ائين ٿي لڳو ڄڻ منھن ڀر ڪرڻ وارو هجي.
”خير ته آهي. ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ مون هن کان پڇيو منھنجي لاءِ هي نئون چھرو هو. هن دفعي جھاز جو نه فقط سئلون اسٽاف (يعني ميس ۽ ڪمرن جو ڪم ڪندڙ ڇوڪرا) بدليا هئا پر اڌ کان وڌيڪ خلاصي ۽ تيل وارا، آڳ وارا (جن انجڻ روم ۾ ڪم ٿي ڪيو) بدلي ٿيا هئا. نئون اسٽاف جھاز جي ڪراچي ڇڏڻ وقت جھاز تي چڙهيو هو ۽ کين اڃا 24 ڪلاڪ به نه ٿيا هئا، انجڻ روم ۾ به ڪيترن جي خبر نه پئي پيئي ته هنن ۾ ڪير آڳ وارو آهي، ڪير ڊيزل مڪينڪ ۽ ڪير موٽر مئن وغيره. منھنجي ڪمري ۾ ايندڙ همراهه کي مون وري غور سان ڏٺو هو ويھن پنجويھن سالن جو نوجوان هو ۽ بيحد گهٻرايل نظر اچي رهيو هو ڄڻ هن کي ڪنھن چوريءَ ڪندي پڪڙيو هجي.
”ميان خيريت ته آهي؟ ڪو ڪم؟“ مون هن کان وري سوال ڪيو.
”سر! آئون توهان جو ڪئبن بئاءِ آهيان.“ هن پنھنجي ڄاڻ ڪرائي.
”پر تو ته نه منھنجي ڪئبن صاف ڪئي آهي، نه چادر بدلائي اٿئي ۽ نه ٽوال. ڏس رولنگ ڪري ڪيتريون شيون ڀڄي پيون آهن.“ مون چيومانس.
”سر مون کان ته هليو به نٿو ٿئي آئون سخت بيمار ٿي پيو آهيان. آئون جھاز جي نوڪري ڪري نه سگهندس. ڪنھن طرح مون کي واپس موڪليو وڃي.“ هو ڏڪي رهيو هو ۽ سندس منھن مان خوف ظاهر هو. ڪراچيءَ مان نڪرندي ئي هن کي جو خراب سمنڊ مليو هو سو هو پڪ سمجهي رهيو هوندو ته سمنڊ تي هميشه هي حال رهي ٿو. صاف لڳي رهيو هو ته هن کي سخت سي سڪنيس ٿي هئي ۽ الٽيون ۽ خالي پيٽ تي اٻڙاڪ ڏيئي هن جي پاسراٽين ۾ سور پئجي ويو هو ڇو جو هن جا ٻئي هٿ زور سان پاسراٽين ۾ کُتل هئا.
”ميان هي ڪا بس يا ٽئڪسي ناهي جنھن کي رستي تي بيھاري، توکي لاهي ڇڏجي ته واپسيءَ جي بس ۾ ڳوٺ هليو وڃ.“ مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڏينھن ٻن جي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڄ شام تائين سمنڊ صحيح ٿي وڃي ۽ تون صحيح ٿي ويندين. همٿ کان ڪم وٺ. سي سڪنيس ڪا بيماري ناهي.“
آخري جملو چوندي مون کي پنھنجا شروع وارا ڏينھن ياد اچي ويا جڏهن سي سڪنيس ڪري منھنجي حالت خراب ٿي ويندي هئي ۽ هاڻ وري وڏو پنڊت ۽ پادري بڻجي ٻين کي نصيحت ڪرڻ لڳو هوس. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت به جھاز جي اڳئين حصي (Fore Castle) تي لڳل ڪئپسٽن يا جھاز جي پڇ ۾ لڳل اسٽيرنگ انجڻ جي چڪاس لاءِ وڃڻو پئجي وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪو ڪجه کائي ويٺو هوس سڀ ٻاهر نڪري اچي ها. بھرحال جھاز هلائيندي ان وقت تائين مون کي ڏيڍ ٻه سال ٿي ويا هئا ۽ هاڻ آئون به سمجهي ويو هوس ته هتي ڪو به پنھنجي ان قسم جي ڪمزوري جونئر کي نٿو ٻڌائي ته هن کي سي سڪنيس ٿي رهي آهي. سانوڻي جي موسم ۾ ڪراچيءَ جي ڪُنن ۾ ته پوڙهن ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي به ٿوري گهڻي گهوماٽ ٿئي ٿي جيڪا هنن جي ويڳاڻي شڪل مان صاف بکندي رهي ٿي پر هر هڪ اها ئي لئه رکندو رهي ٿو ته هن کي ڪجهه نٿو ٿئي هو پراڻو جھازي آهي....
هي سڀ ڳالهيون آئون پنھنجي دل م سوچيندو رهيس. نئين آيل Cabin boy کي ته ان ئي وقت موڪل ڪرايم جو ان وقت هو منھنجي ڪئبن صاف ڪرڻ بدران الٽين سان خراب ڪري ها. ويندي وقت به هو گڪو ٿي وڃي رهيو هو ۽ سندس زبان تي اها ئي تسبي هئي ته ”آئون مري ويندس. هھڙي حالت ۾ هڪ ڏينھن به جيئرو نه رهي سگهندس.“
۽ ان کانپوءِ جيئن ئي سمنڊ صحيح ٿيو ته هيءُ ”هڪ ڏينھن به جيئرو نه رهڻ“ وارو اسان جو ڪئبن بئاءِ جيڪو ان وقت ته چيلهه تي هٿ رکي گڪو ٿي هلي رهيو هو، سڀ کان گهڻا ٺينگ ٽپا ڏيندي نظر آيو ۽ هن کي جھاز جي ٽانڪيءَ جو ٻاڙو پاڻي اهڙو راس اچي ويو جو هڪ سال بعد جڏهن خلاصين ۽ هيٺين اسٽاف کي، ٻين کي وارو وٺائڻ لاءِ جھاز ڇڏڻو پيو ته سڀ کان گهڻو غمگين هي همراهه هو.