مون کي جھاز تي ڪنھن آندو
بابوءَ جي ڪن ڳالهين تي مون کي ڏاڍي باهه لڳندي هئي، پر هو وٺ نه ڏيندو هو. مثال طور سگريٽن جي ٽوٽن ۽ راک سان ڀريل ائش ٽري ڏي ڏسي شڪل ٺاهي پڇندو هو:
”سر هي ڇا آهي؟“ سندس ان سوال تي منھنجو اندر سڙي ويندو هو. ظاهر آهي رات جو دير تائين منھنجا ٻيا ففٿ انجنيئر ساٿي مون وٽ ڪچھري ڪندا رهيا ۽ سگريٽ پيئندا رهيا ۽ بابوءَ جي اهڙن سوالن تي مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ هو منھنجو باس هجي ۽ مون کان پڇي رهيو هجي ته هھڙي گندي حالت ڇو آهي ۽ پوءِ جڏهن کيس دڙڪو ڏئي چوندو هوسانس ته هو ڪير ٿيندو آهي پڇڻ وارو ته يڪدم ڳالهائڻ جو ٽون بدلائي ڌيرج سان چوندو هو:
”سر آئون ته ان ڪري ٿو پڇان جو توهان ته سگريٽ پيو ڪونه. ڪٿي توهان جي غير حاضريءَ ۾ ته ڪو نٿو اچي ۽ جي توهان جي هوندي اچي ٿو ته مون ڪيترين اخبارن ۾ پڙهيو آهي ته دونھين ۾ ‘سگريٽ نه پيئڻ’ واري جا به ڦڦڙ خراب ٿي سگهن ٿا.“
اهو ٻڌي آئون خاموش ٿي ويندو هوس. ظاهر آهي ڪھڙو جواب ڏيانس. هو مون تي رعب پيو رکي يا مون سان همدردي پيو ڪري! دل ئي دل ۾ چوندو هوس ته وڏو لاهه آهي، هي بابو مڪراني. ڪياماڙيءَ جي ٽانگن وارن وانگر بابوءَ کي انگريزي جا ڪي ٻه جملا به مس ٿي آيا. هاڻ وري مون تي لئه ٿو رکي ته اخبار ٿو پڙهي.
ڪڏهن منھنجي ڪمري ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪاغذ ڏسي چوندو هو: ”سر آپ ڪا ڪمرا بھت گنده رهتا هي.“ اهو ٻڌي آئون سنجيدگيءَ سان سوچيندو هوس ته هن کي وات سان جواب ڏيان يا انجڻ روم مان مترڪو کڻي اچي مٿي تي هڻانس. پر هڪ ته هو پنھنجي ڊيوٽيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي خامي نه ڇڏيندو هو، جو کيس ان جو بھانو وٺي ڇَنڊ ڪڍجي ۽ ٻيو ته هن کي جيڪي به ڪمرا (Cabins) مليل هئا، انهن مان هڪ منھنجو هئو ۽ ٻيو اسان جي چيف انجنيئر جو، (جيڪو پنھنجي فئملي (زال ۽ ٻن ٻارن ) سان گڏ جھاز تي رهيو ٿي)، جنھن جو ڪم بابوءَ اڃان به سٺو ڪيو ٿي. ويندي کين ڪپڙا استري ڪري ڏيڻ ۽ بوٽ پالش ڪرڻ جھڙا ڪم ڪري ڏنا ٿي، جيڪي ضروري نه آهي ته ڪئبن بئاءِ ڪري. هڪ ٻه دفعا بابو دير سان اچي، مون کي کيس دٻ ڪڍڻ جو سٺو بھانو مھيا ڪيو. پر جڏهن دير جو سبب پڇيومانس ته ننڊ جو بھانو يا بيماري وغيره جو ڪرڻ بدران چيف انجنيئر جي ڪئبن ۾ ڪم جي گهڻائيءَ جو ٻڌائين. ”ٻارن ڪارپيٽ تي کير هاري ڇڏيو هو اهو پئي ڌوتم“. چيف انجنيئر جي ٻارن ڊيڪ تي بال وڃائي ڇڏيو هو اهو پئي ڳوليم.“ يا ”تيل ڪمري جي ڀت تي لڳي ويو هو سو اسپرٽ سان ڀت پئي صاف ڪيم“.... هاڻ کيس ڪير چوي ته چيف انجنيئر جو فالتو ڪم نه ڪندو ڪر. ٻين لاءِ کڻي هن جهنگل (جھاز) جو راجا (شينھن) ڪئپٽن هجي پر اسان جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو ته بي تاج بادشاهه ‘چيف انجنيئر’ ئي ٿيو ۽ آئون ته ان ڊپارٽمينٽ جي ڏاڪڻ جو بنھه هيٺيون ڏاڪو، ففٿ انجنيئر ٿيس. ٻين لفظن ۾ شينھن جي منھن ۾ ڦاٿل شڪار جي ڇا مجال جو شينھن کي چوي ته تنھنجي وات ۾ ڌپ. آئون بابوءَ کي هڪ لفظ چوان ۽ هو ان بدران چار لفظ چيف انجنيئر کي وڃي ٻڌائي ۽ منھنجي ملائڪن کي به خبر نه ته منھنجي خلاف هن ڪھڙو زهر گهوٽيو آهي.
حقيقت ته اها هئي ته مون ته چاهيو ئي نٿي ته بابو يا ڪو ٻيو منھنجو ڪمرو صاف ڪري. مون لاءِ آئيڊيل Situation هميشه اها آهي ته منھنجا ڪتاب، اخبارون، پينسلون جتي ڇڏيان اتي پيون هجن. انهن کي پلنگ تان يا پٽ تان کڻي ڇنڊي ٺاهي ٽيبل تي ڪو رکي ئي نه ته سٺو. ڇو ته پوءِ مون کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي ۽ Continuity قائم رکڻ ۾ مشڪل پيش ٿو اچي. يا مٿان وجهڻ جي چادر يا بلاڪيٽ کي ڪو ڇو ويڙهي رکي. ڪناري تي گهرن ۾ ته ڪو مھمان به اچي سگهي ٿو ۽ صبح جو هنڌ ڇڏڻ بعد وري تيرهن چوڏهن ڪلاڪن بعد رات جو ڏهين يارهين سمهڻو پوي ٿو. جھاز تي ۽ خاص ڪري سمنڊ تي ڪھڙو مھمان اچي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ڊيوٽي اهڙي طرح واچن (چئن چئن ڪلاڪن) ۾ ورهايل ٿئي ٿي، جو ڏينھن جو به سمهڻو ضروري ٿيو پوي ته رات جو به _ جيئن ماڻهو ڊيوٽي لاءِ تازو توانو رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڊگهن سفرن ۾ ڪراچي کان ڪئناڊا، جارڊن کان جپان، هانگ ڪانگ کان هونو لولو جنھن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي هفتا لڳيو وڃن، بلڪه ڪڏهن ته مھني کان به مٿي سمنڊ تي جھاز کي لڳاتار هلائڻو پوي ٿو. پوءِ اهڙن سفرن ۾ ٻن ٽن ڏينھن بعد ننڊ جو اچڻ ڏکيو ٿيو پوي. پر تڏهن به هر هڪ بستر ۾ داخل ٿي ننڊ جي ڪوشش ڪري ٿو. مطلب اهو ته سمنڊ تي جھاز هلائڻ وقت ڊيوٽي ۽ بستري سان گهڻو واسطو رهي ٿو. رات جو 8 کان 12 تائين جھاز هلائي ڪجهه سئنڊوچ وغيره کائي هڪ ٻي تائين سمهيو رهجي. صبح جو وري ستين بجي ڌاري اٿي، نيرن ڪري اٺ وڄڻ کان ڏهه منٽ اڳ انجڻ روم ۾ پھچڻو پوي ٿو. جيئن جھاز هلائڻ جي چارج وٺي 4 کان 8 ڊيوٽي ڪندڙن کي موڪل ڪرائي سگهجي. منجهند جو 12 بجي ڊيوٽي ختم ڪري ڪمري ۾ اچبو هو ته بابو هنڌ بسترو پيو ٺاهيندو هو ۽ ٺاهي نڪرندو هو ته سندس تھه ڪيل چادر يا بلاڪيٽ کولي مٿان وجهي سمهي رهندو هوس.
دل چوندي هئي ته بابو منھنجو هنڌ نه ٺاهي ته سٺو. نه پاڻ منھنجي چادر تھه ڪري رکڻ جي تڪليف ڪري ۽ نه وري مون کي اها کولڻ جي تڪليف ڏئي. پر صفائيءَ جي معاملي ۾ بابو Crazy هو _ چاهي سندس چارج ۾ ڪمرا هجن يا سندس جسم تي پھريل وڳو _ صاف سٿرو ۽ بنا گهنج جي هوندو هو. بابوءَ جو ڪم ڪمرو صاف رکڻ هو ۽ آئون هر وقت ان تاڙ ۾ رهندو هوس ته ڪٿي ڪا غلطي ملي ته هن کي پڪڙيان، پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هو ڪمري کي چلڪائي ويندو هو.
بھرحال منھنجو ڪئبن بئاءِ بابو مڪراني منھنجي حواسن تي اهڙو سوار ٿي ويو جو هن جي اچڻ کان اڳ ڪمري جون شيون آئون ٺيڪ ڪندو رهندو هوس ته متان بابو منھنجي خلاف ڪو اڻوڻندڙ رمارڪ ڏئي يا اهو نه سوچي ته هي سڀ ۾ ننڍو انجنيئر او ايل ڪيوز (Officer Like Qualities) کان بلڪل ڇسو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت، جڏهن سخت سيءَ ڪري ڊيڪ (عرشيءَ) تي ويٺو نه ٿيندو هو ته منھنجا ساٿي (هڪ ٻه مون جھڙا ففٿ انجنيئر، ڪئڊٽ ۽ ريڊيو آفيسر وغيره) منھنجي ڪمري ۾ اچي وهندا هئا. آئون هنن کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪندو رهندو هوس. ان جھاز جو هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر دوست گوهر رحمان ته ڪوڪا ڪولا جي اڌ بوتل پي اڌ ڪچري جي بالٽيءَ ۾ کڻي اڇلائيندو هو ۽ آئون بابوءَ جي موڊ آف ٿيڻ جو سوچي سمنڊ پاسي کلندڙ دري کولي، ان اڌ بچايل بوتل کي ٻاهر اڇليندو هوس. هر وقت پنھنجي ڪئبن کي گهڻي خراب ٿين کان بچائيندو رهندو هوس. گوهر ته منھنجي انهن حرڪتن تي خار کائي چوندو هو: ”پانچ صاحب! آخر مصيبت ڇا آهي؟ چئين ته ڪمري مان نڪري وڃون؟“ ۽ آئون معصوم شڪل ٺاهي چوندو هوس ته ”يار بابو مائينڊ ٿو ڪري !“ ۽ ڪمري ۾ موجود سڀ دوست ٽھڪ ڏئي کلندا هئا ته يار هي بابو چڱو CSP آفيسر پئدا ٿيو آهي، جيڪو اسان تي رعب ٿو ڄمائي.
جھاز ڏور اوڀر جي ٻن ٽن بندرگاهن مان ٿيندو آمريڪا (USA) جي بندرگاهه نيو اورلينس پھتو ۽ ان کانپوءِ هيوسٽن (ٽيڪساز) ۾. هيوسٽن ۾ ٻئي ڏينھن انجڻ روم جو مليل ڪم لاهي ٻاهر آيس ته خبر ٻڌم ته بابوءَ کي مڪاني پوليس سمگلنگ جي ڏوهه ۾ جهلي وئي آهي. هو ڪجهه آمريڪي مزدورن کي چرس ۽ ڏوڏي وڪڻي رهيو هو. ٽئي چوٿين ڏينھن آمريڪا جي ڪورٽ طرفان اسان جي ڪئپٽن کي نوٽيس آيو ته هو پنھنجي خلاصي (بابوءَ) جي بچاءَ لاءِ ڪو وڪيل ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. سڀني چيو ته برائيءَ جو نتيجو برائي آهي. آمريڪا جھڙي مھانگي ملڪ ۾ وڪيل جا پئسا ڪير ڀريندو ۽ بابوءَ ڏوهه ڪيو آهي ته ان جي سزا به پاڻ ڀوڳي. بھرحال آمريڪا حڪومت طرفان انساني همدردي هيٺ بابوءَ لاءِ وڪيل ڪيو ويو، جيئن ڏوهاريءَ کي اهو احساس نه ٿئي ته هن سان انصاف نه ٿيو. ڪورٽ ۾ بابوءَ جي پيشيءَ تي ترجمي لاءِ مون کي موڪليو ويو.
پنج ڇھه ڏينھن هيوسٽن جيل ۾ رهڻ ڪري مون سمجهيو بابوءَ جي حالت خراب ٿي وئي هوندي ۽ ڪافي حد تائين منجهس سڌارو به اچي ويو هوندو، پر ڪورٽ ۾ ڏٺم ته اسان وارو بابو ساڳي شان شوڪت سان داداگيرن وانگر ٻانھون اندر طرف لوڏيندو پٻن تي پئي آيو. سندس تازي چھري ۽ برل ڪريم لڳل وارن سان هو پرسڪون لڳي رهيو هو. پريشان ته ٽڪي جو به نه هو.
وڪيل پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. ان بعد جج مون کي چيو ته هن کان پڇ ته هن جھاز تي هتي جي ماڻهن کان پئسا وٺي ڪجهه وڪيو آهي؟
”منھنجي ترجمي ڪرڻ کان اڳ بابوءَ جج جي ڳالهه سمجهي، کيس مختصر جواب “Yes Sir” ڏنو.
جج چيو ته ”هن کان پڇ ته جيل خاني ۾ هن کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت ته نه آهي؟“ جج جو اهو سوال به مون کي ترجمو ڪرڻو نه پيو جو بابوءَ منھنجي معرفت جج کي اڙدو ۾ جواب ڏيڻ بدران ٺھه پھه جج کي سنئون سڌو چيو:“I only need a pair of clean shirts”.
بابوءَ جو جواب ٻڌي ڪورٽ ۾ ويٺلن مان ڪيترن ئي کلي ڏنو. جھاز تي به جنھن ٻڌو ان کلي چيو ته چرئي بابوءَ لاءِ جيل ئي صحيح جاءِ آهي. ٻه ٽي سال سزا ضرور لڳندس.
چار پنج ڏينھن کن وڌيڪ ”هيوسٽن بندرگاهه“ ۾ رهڻ بعد، جھاز اڳتي جي سفر لاءِ جھڙو ئي لنگر کنيو ته خبر پيئي ته بابو جيل مان آزاد ٿي اچي پيو. سڀني کي ڏاڍي حيرت لڳي. خبر پيئي ته آمريڪا جي قانون مطابق حڪومت جيڪو بابوءَ لاءِ وڪيل ڪيو ان بابوءَ کي ان نقطي هيٺ سزا کان بچائي ورتو ته جيئن ته بابو هيٺ آمريڪا جي سرزمين تي نه پر جھاز تي ڏوهه جو ڪم ڪيو ان ڪري هن سان آمريڪا جو قانون لاڳو ٿي نٿو سگهي. ان ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي.
بابوءَ جي جيل مان جان ڇٽڻ تي جتي جھاز وارن کي خوشي ٿي، اتي بابوءَ کي بنھه نه ٿي _ بلڪه هن کي جج جي هن آخري فيصلي تي سخت ڪاوڙ لڳي. اسان ته سمجهيو پئي ته بابو شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري جھاز تي چڙهندو جو هو جيل مان ٿيو پيو اچي ۽ جھاز تي چڙهي سڌو پنھنجي ڪئبن ڏي ڀڄندو. پر بابو جھاز جي ڏاڪڻ (Gangway) جيڪا جيٽيءَ کان جھاز جي ڊيڪ (عرشي) تائين ٿي پھچائي، اها چڙهي منھن هيٺ ڪري ڪمري ڏي ڀڄڻ بدران اتي ئي بيھي، چيلهه تي هٿ رکي سامهون اسان بيٺلن کي ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو: ”جيل تان هن جھاز (جھاز کي ڪچي گار ڏئي) تي مون کي ڪير وٺي آيو آهي.“
جھاز هلڻ وارو هو. مٿي برج تي ڪئپٽن بيٺو هو. بابوءَ ان ڏي به گهوري ڏٺو. بابو مڪرانيءَ جي بگڙيل موڊ ڏسي سڀ خاموشيءَ سان ٽڙي پکڙي ويا. جڏهن جھاز جو ڊيڪ خالي ٿي ويو ته اسان جو ڍينڍو پھلوان ”بابو“ داداگيرن وانگر پٻن تي هلي پنھنجي ڪئبن ڏي روانو ٿيو.
بعد ۾ خبر پيئي ته بابوءَ لاءِ جھاز کان وڌيڪ جيل بھتر هو. بقول بابوءَ جي ”آمريڪا جي جيلن ۾ زندگيءَ جو معيار گهڻو گهڻو بلند آهي. اتي مون کي جھاز کان وڌيڪ بھتر بيڊ مليل هو. بريڪ فاسٽ ۽ مارننگ ٽي جو به بندوبست هو. روزانو اخبار به ملي ٿي ۽ ان کان علاوه روز ڇھه ڊالر خرچي ملي ٿي ۽ آچر جي ڏينھن ٻيڻي خرچي.... هي ڏسو هي ڏسو.... ايترا پئسا ته مون کي جھاز تي مھني ۾ به نٿا ملن.“ بابو سؤ ڊالرن جو نوٽ هو ا ۾ لوڏڻ لڳو. اليڪٽريڪل انجنيئر گوهر رحمان منھن کي موڙو ڏئي آهستي چيو:
”بابو اخبار ملڻ تي خوشيِءَ جو اظھار ائين پيو ڪري ڄڻ گهر ۾ به ڊان اخبار پڙهندو هجي.“ وري ان اخبار جو راز سندس هڪ ٻئي ڪئبن بئاءِ ساٿيءَ فاش ڪيو ته بابو آمريڪا جي اخبار مان ان ڪري خوش هو جو ان ۾ سؤ کان وڌيڪ صفحا آهن ۽ هو پنھنجيون ۽ ٻين قيدين جون پراڻيون اخبارون چاڪيواڙي ۾ ردي واري کي وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو آهي.
بھرحال اسان سمجهيو ته هيڏي وڏي واقعي (خواريءَ) کانپوءِ بابوءَ ۾ ٿورو گهڻو سڌارو آيو هوندو پر بابو ڏينھو ڏينھن ويو داداگير ٿيندو. هاڻ اسان جونيئرن سان ته ڇا سينئر آفيسرن سان به آڪڙ ڪرڻ لڳو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر بندرگاهه ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن سان جهيڙو ڪرڻ ته ڄڻ هن جي خاص ڊيوٽي هئي ۽ ان جهڳڙي ۾ بابو فقط گارين جو استعمال ڪندو هو، موچڙا مخالف پارٽي هڻندي هيس. پوءِ جھاز تي ڪو بابوءَ کي چوندو هو ته ”يار توکي بنگالين (يا چينين) جوتا ٺاهوڪا هنيا“ ته جواب ڏيندو هو: ”جائوڙي!. مون کيس اهڙيون گاريون ڏنيون جو کين ڇٽيءَ جو کير ياد اچي ويو هوندو.“
هاڻ بابوءَ سان ڪير بحث ڪري ته تنھنجو مڪراني اسٽائل ۾ ڏنل اڙدوءَ جون گاريون چٽگانگ، بئنڪاڪ يا پينانگ بندرگاهه ۾ ڪھڙي بنگالي، ٿائي يا چينيءَ کي سمجهه ۾ آيون هونديون جو هو بيھوش ٿيو هوندو. بابو آمريڪا جي بندرگاهه ۾ ڪنھن سان وڙهي نه سگهيو، جو پاڻ جيل ۾ هو. ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري آفريڪا کنڊ جي پھرين بندرگاهه ڊڪار (سينيگال) پھتاسين ته اتي به پھچڻ سان اسان جي قد جي بندري بابوءَ ڪنھن حبشيءَ سان کڻي ڦڏو ڪيو. هونءَ ته ٻين ملڪن جي بندرگاهن ۾ بابو مار کائي پاڻ کي اسٽريچر يا کٽ تي کڻائي جھاز تي پھچي ويندو هو ، پر هن دفعي سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ هن کي ڪو اهڙو ڏاڍو مڙس ڏاڏو ملي ويو جنهن هن کي اهڙي مار ڏني جو هو پنھنجا هڏ گڏ ڀڃائي جھاز تي موٽڻ بدران، اتي جي سرڪاري اسپتال جي آرٿو پيڊڪ وارڊ ۾ داخل ٿي ويو.
ڊڪار (سينيگال) ۾ اسان جو جھاز ڇھه ڏينھن کن رهيو. بابو آخري ڏينھن تائين هڏين جي وارڊ ۾ هو. سندس پلاسٽر ڪيل ٽنگون ۽ کاٻي ٻانھن سرڪڻين (Pulleys) ۽ رسين ذريعي مٿي ڇڪيل هيون. مجبوراً جھاز کي ڊڪار بندرگاهه ۾ بابو مڪرانيءَ کي پٺيان ڇڏي اڳتي جي منزل ممباسا (ڪينيا) ڏي روانو ٿيڻو پيو.