آفريڪي ملڪن جو ڏتڙيل حال
ساڳي وقت سڄي آفريڪي کنڊ ۾ گهڻ پارٽي جمهوريت پکڙي رهي هئي. ليڊرن جو نئون فصل نموندار ٿي رهيو هو. سائوٿ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا، يوگنڊا ۾ يوويري موسيويني، اٿوپيا ۾ مليز زيناوي... وغيره وغيره. ليڊرن جي هن نسل بنيادي صحت ۽ تعليم مھيا ڪري عوام جي زندگي بھتر بڻائڻ چاهي ٿي. لڳو ٿي ته هنن سمجهيو ٿي ته امن ۽ سٺي حڪومت جو هجڻ ضروري آهي. انهن ليڊر صاحبان ۾ گهڻا تڻا سوشلسٽ هئا پر هنن ”فري مارڪيٽ“ جي وڪالت ڪئي ٿي. جمهوريت ۽ راءِ آزاديءَ جو لڳو ٿي ته هن سالن کان ستايل کنڊ تي ”بول بالا“ ٿيندو ۽ ڏتڙيل عوام سک جو ساهه کڻندي.
پر اهو سڀ ڪجهه سراب هو. نوان ليڊر هڪ ٻئي سان وڙهڻ جهڙڻ ۾ لڳي ويا ۽ 6 سيڪڙو واري سھڻي ستابي Statistics ان سال جي ”سٺي مينھن“ ۽”خراب ڳڻپ“ جو نتيجو هئي. ويتر آدمشماري وڌڻ ڪري حالتون خراب ٿي ويون. ڪو به شاهوڪار نه ٿي رهيو هو.
موزمبيق ۾ ٻوڏون، اٿوپيا ۾ هڪ دفعو وري ڏڪار جو خطرو، يوگنڊا ۾ قتل عام، سيراليون ۾ هنگاما ۽ هن کنڊ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جهيڙا جهٽا ۽ جنگيون _ نئين صديءَ لڳي ٿو ته خوشحالي ۽ امن بدران خوف ۽ خطرا آندا آهن.آفريڪي ماڻهن جي آسن اميدن جا ڏيا ٽمڪڻ ۽ چمڪڻ بدران چُنجها ٿي رهيا آهن.
صحارا رڻ پٽ جي هيٺان وارن ملڪن جي حالت ته اڃان به خراب آهي _ سواءِ ٽن ملڪن جي، جن جي ايڪانامي تيزيءَ سان سڌري رهي آهي، اهي آهن: ڪانگو برازاويل، ائنگولا ۽ روانڊا. انهن مان پھريان ٻه اهي ملڪ آهن جن مان تيل نڪتو ۽ تيل آفريڪا جي حاڪمن کي ويتر خراب ڪيو آهي. (جيئن رشوت سرڪاري ڪاموري جي اولاد کي خراب ڪيو آهي.) روانڊا جي بھتر اڪانامي ٻاهران ايندڙ “مدد” ڪري آهي. هونءَ سندس حال افعال پورا سارا آهن. سائوٿ آفريڪا، بوٽسوانا (Botswana) ۽ ماريشش ٻيٽ کان علاوه صحارا رڻ پٽ جي هيٺان ٻيو ڪھڙو آفريڪي ملڪ آهي جنھن کي کڻي چئجيي ته بنيادي ڍانچو هجي _ جيڪو ترقيءَ لاءِ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
ايڊز بيماري ڪري موت جو انگ ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي. خاص ڪري شھرن جي مڊل ڪلاس نوجوانن جو، جيڪي ڏٺو وڃي ته آفريڪا ۾ سياسي ۽ ايڪانامڪ تبديلي آڻي سگهن ٿا. اخبارن ۾ آفريڪا بابت جيڪي خبرون پڙهجن ٿيون، انهن مان ظاهري طرح ته ائين ئي لڳي رهيو آهي ته آفريڪا جون ايندڙ ٽھيون وڌيڪ غريب، گهٽ تعليم يافته ۽ گهڻو منجيهل ۽ بي چين هونديون.
ننڍي هوندي کان اسان آفريڪا جي ڏتڙيل هجڻ جو پڙهندا، ٻڌندا ۽ ڏسندا اچون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڳيو حال سنڌ جو به لڳي ٿو. ساڳي ويڌن سنڌ سان به آهي، پر هتي هن وقت بحث هيٺ آفريڪا آهي. اسين آفريڪا جو ڀڃ اپت ڇيد ڪرڻ چاهيون ٿا.
ڇا آفريڪا سان ڪي خاص ڳالهيون لاڳو آهن جن جي ڪري هن سڄي کنڊ جا (سواءِ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪ جي) حال هيڻا رهن ٿا. پنھنجي آفريڪي دوستن ۽ ڪليگن کان پڇ ته انهن مان ڪجهه ان جو سبب جنگيون، ڪرپشن ۽ سرداري نظام کي سمجهن ٿا ته ڪي غلامن جي وڪري وارن ڏينھن کان ڌارين قومن جي رويي کي نندين ٿا ۽ ان کان علاوه هر ڳالهه جو ڏوهه يورپي راڄ تي مڙهين ٿا، جن هنن جي ملڪ کي بيٺڪون بڻايو ۽ چڱي طرح لٽيو ڦريو. اسان ايشيا جا ماڻهو به Colonial Rule تي هر ڏوهه ٿاڦيون ٿا ۽ ڪن ڳالهين ۾ ته واقعي اسان جي خراب ايڪانامي جا ذميوار اهي آهن. هنن اسان کي ڪشمير جھڙن مسئلن ۾ الجهائي رکيو، پر آفريڪي ماڻهو ان معاملي ۾ انهن يورپين کي اسان کان وڌيڪ گاريون ڏين ٿا. ڪيترين ڳالهين ۾ سئون سڌو ڏوهه موجوده حاڪمن جو هوندو ته به هو پنھنجا ڏوهه لڪائڻ خاطر بيٺڪي راڄ جو نالو کڻندا. ان کان علاوه ملڪ تي چڙهيل قرضن ۽ ڌنڌي ڌاڙي نه هلڻ جو ڏوهه IMF ۽ ورلڊ بئنڪ تي به هڻن ٿا.
هونءَ ڏٺو وڃي ته سرداري نظام (Tribalism) ته بوزنيا ۽ آئرلئنڊ ۾ به آهي، ڊڪٽيٽر شپ ته نارٿ ڪوريا ۾ به آهي ۽ ڪرپشن دنيا جي ڪھڙي ملڪ ۾ ناهي. مطلب اهو ته اهي ڪي ڳالهيون فقط آفريڪا ۾ نه آهن. ٻين ملڪن ۾ به آهن، پر آفريڪا جي ملڪن ۾ اهي سڀ ڳالهيون هڪ ئي وقت موجود آهن. ٻين ملڪن ۾ انهن مان ڪا هڪ اڌ آهي.
آفريڪا لاءِ ڪجهه Points جيڪي ڌيان ۾ رهن ٿيون:
يورپين آفريڪا کنڊ جي ڪنارن تي پھتا ان کان اڳھين آفريڪا جا حال اهرا تھڙا هئا. آفريڪا تي قدرت به ڪا اهڙي خاص مھربان نه آهي. اهوکڻي صحيح هجي ته هي کنڊ اوائلي انسانن جو جنم ڀومي هو. سڀ کان اڳ انسان هتي پئدا ٿيو، پر ساڳي وقت اها به ڪا تعجب جھڙي ڳالهه ناهي ته انسان ذات هتان لڏي ٻين کنڊن ڏي وڃي رهڻ وڌيڪ پسند ڪيو ٿي. آفريڪا کنڊ جي ڌرتيءَ جو وڏو حصو پوک جي حساب سان ايڏو سرسبز ناهي جو ڪيترن ئي هنڌن تي Soil بيحد خراب يا سنهو آهي، جنھن تي پوک ڪي ٻه چار موسمون مس ٿي هلي. آفريڪا جو سج به ساڙي ٿو _ ماڻهو ۽ جانور کي به ته پکي ۽ پوک کي به. مينھن هميشه ايندو آهي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪندو آهي (جيئن هينئر موزمبيق ۾ ٿيو) ٻج ۽ سلو ته زمين مان ڪڍي ڇڏيندو آهي پر گهر گهاٽ به ٻوڙي رکندوآهي يا وري بنھه نه وسندو. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي ويندي. پوک ته ڇا انسان ۽ جانور لاءِ به پاڻيءَ جو ڦڙو نه بچندو آهي (جيئن اٿوپيا ۾ ٿيو آهي). آفريڪا ۾ مرون ۽ مڇر، سوئر ۽ سئو پيريون سڀ وڏي سائيز جا نظر ايندا. جن جو کاڌل مري نه ته کري ضرور وڃي ٿو. اهي بيماريون جيڪي انسان ذات لاءِ پويون ڏينھن ٿيون ٿيون (۽ جانورن ۽ فصلن لاءِ پڻ) آفريڪا ۾ هميشه قائم دائم رهن ٿيون. آفريڪا ۾ رهي جن گذارو ڪيو ٿي انهن اهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪيو ٿي. ٽولن ٽولن ۾ يا ننڍين ننڍين بادشاهتن ۾ هو رهيا ٿي جتي سوين هزارين زبانون ڳالهايون ويون ٿي ۽ پراڻن اعتقادن ۽ رسمن رواجن ۾ چنبڙيا رهيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن قدرت مھربان ٿي ٿي ۽ مينھن وسڪاري ۾ سٺو فصل لٿو ٿي ته ٻئي ڏينھن جوسوچڻ ۽ مستقبل جي پلاننگ ڪرڻ بدران سڀ کائي کپائي، دعوتون ۽ جشن ڪري هٿين خالي ويھي رهيا ٿي. اڄ به آفريڪن جي اها ئي عادت هلندي اچي: قسمت تي ڀاڙڻ، پنھنجي گهر ۽ ڪميونٽي سان جڙيو رهڻ ۽ ڪجهه اچڻ تي يڪدم جشن ۽ خوشيون ڪري زندگي “enjoy” ڪرڻ آهي. پر سندن سوسائٽيون ناقابل اعتماد آهن ۽ هو آرگنائيزيشنون هلايو نٿا سگهن. آفريڪا ۾ ڪيترائي ڌنڌا ۽ بزنيس هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ رهن ٿا، جنھن جي مرڻ بعد اهو ڌنڌو ورلي ڪو صحيح سلامت رهي ٿو.
اوڻھين صدي جي اڌ ڌاري جڏهن يورپين آفريڪا اندر داخل ٿيڻ شروع ڪيو، تڏهن آفريڪا ۾ غلامن جي وڌندڙ ڊمانڊ ڪري اٿل پٿل آيل هئي. هوڏانھن اوڀر پاسي عربن به ٻيگهي مچائي ڏني هئي جن جا ڌاڙيل ٽولا وچ آفريڪا جي گهاٽن ٻيلن تائين اندر وڃي، شيدين کي غلام ڪري وڪڻڻ لاءِ جهل آيا ٿي ۽ هيڏانھن اولھه پاسي هنن جي پنھنجن آفريڪن غنڊن نه فقط ڏوهارين کي پر لکين معصوم شيدين کي ڏورانھن جنگلن مان به جهلي ڪناري وارن شھرن ۾ وڪڻڻ لاءِ وٺي آيا ٿي جتان کين آفريڪا جي ٻين حصن ۽ آمريڪا ڏي موڪليو ويو ٿي. انھيءَ ڪري ان ۾ ڪو تعجب ناهي ته يورپين هنن آفريڪن ٽروپن ذريعي آفريڪا تي بيحد سولائيءَ سان قبضو ڪري ورتو.
آفريڪا تي قبضو ڪرڻ بعد يورپين هن کنڊ مان پنھنجا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي فقط ڏهندا ئي رهيا. آفريڪا ۾ ڪيترائي قيمتي ڌاتو آهن. ڪيترن علائقن جي ڌرتي سرسبز آهي. ڌاريان يورپي ڪچي مال جي ڪشش ۾ آيا ٿي ۽ هنن جو سروڪار فقط مال سان هو _ ڌرتي ۽ ماڻهن سان نه هو. آفريڪا جي ملڪن کي خودمختياري يا آزادي ڏيڻ وقت يورپين ڪجهه مغربي تعليم يافته آفريڪن حوالي ملڪ ڪيو ٿي، جن پاڻ لاءِ اهي ئي عياشيون ۽ عوام لاءِ مصيبتون قائم دائم رکيون ٿي، جيڪي يورپين رکيون هيون. آفريڪا جي عوام لاءِ ملڪ جي آزاديءَ جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿي رهيو ته هڪ اڇو ظالم حاڪم ويو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو پنھنجو ئي شيدي آيو.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ سياستدان معنيٰ عوام جو نمائندو. هو هر ڳالهه ۾ ان راءِ جوا ظھار ڪندو ته هن کي عام ماڻهن جي مسئلن جو فڪر آهي ۽ هو انهن مسئلن کي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. آفريڪا جو سياستدان ووٽ ملڻ ۽ ميمبر يا وزير ٿيڻ بعد مسئلا آڻيندڙ ماڻهن کي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. شوبازي ذريعي عوام کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو ته هن عام زندگيءَ مان جان بچائي آهي ۽ هاڻ هي اهم ۽ ”وڏو ماڻهو“ ٿي ويو آهي _ طاقتور ۽ امير ٿي ويو آهي . ڪيترائي آفريڪي سياستدان، جيڪي غربت جي زندگيءَ ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا هاڻ عوام کي پنھنجي لئه ڏيکارڻ لاءِ عجيب حرڪتون ڪن ٿا. عوام جا ئي فنڊ استعمال ڪري محلن جھڙا گهر ۽ موٽر ڪارون وٺن ٿا جن تي ڪَلف لڳل جهنڊا ڦڙڪائين ٿا. ملڪ جي خزاني ۾ ڀلي هڪ ٽيڊي پائي به نه بچي، پر سندن گهر دولت سان ڀريل هجي.
پنھنجي ذاتي طاقت کي وڌائڻ لاءِ آفريڪن ليڊرن ڪيترن ئي قومي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور: ملڪ جي هوائي ڪمپني يا پوليس کاتي جو اعليٰ عملدار اهو رکندا جيڪو پنھنجي اداري کي ٺاهڻ بدران هن کي مال آڻي ڏي. پوءِ هيٺ تائين اداري جو هڪ هڪ ڪارندو ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سوچڻ بدران پنھنجي آفيسر جو ذاتي نوڪر ٿيندو ۽ پوءِ صحيح توڙي ناجائز طريقن سان ڦر ڪري پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي صاحب کي عيش ڪرائيندو. نتيجي ۾ چوڌاري ڪرپشن ئي ڪرپشن پکڙيل نظر اچي ٿي. زمبابوي جو مثال وٺو. سواءِ ڪجهه بھادر ۽ نيڪ ججن جي ٻيا سڀ سرڪاري ڪامورا اهو سمجهي ان تي عمل ڪري رهيا آهن ته هنن جي وفاداري ملڪ جي صدر سان آهي ۽ نه رياست سان.
آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ رڳو نالي جي جمهوريت قائم آهي جيئن يورپ ۽ آمريڪا جي Donor ايجنسين کان خيرات پني سگهجي. ڪيترن ملڪن ۾ ته ماڳھين اليڪشن ئي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جو پريشر نه پوي. عوام غريب ڇا ٿو ڪري سگهي.
آفريڪن حاڪم _ صدر توڙي وزيراعظم _ پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد عجيب سوچ ۾ اچيو وڃي. حڪومت ملڻ بعد هن کي پاور ۽ ڪنٽرول کپي. يعني هو چاهي ٿو ته جيئن مون کي وڻي ائين ڪريان. پاڻ ۽ پنھنجن کي بنا ميرٽ عيش ڪريان. مخالف ڌر جي ماڻهن کي موچڙا هڻان ۽ ذليل ڪريان، پر ٻاهر جي دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ جيڪي طاقتور آهن، جمھوريت اٿن ۽ جن جي خيرات تي هي گهڻيون تڻيون آفريڪي قومون هلن ٿيون، اهي چونڊيل حاڪمن کان جمھوريت جي ڊمانڊ ڪن ٿا، انساني حقن ۽ Good Government چاهين ٿا. جيڪا ڳالهه هنن آفريڪي حاڪمن کي ڏکي لڳي ٿي. آفريڪي حاڪم ته ملڪي خزاني کي پنھنجي ذاتي بئنڪ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پوليس کي هو پنھنجي پرائيويٽ آرمي سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪي حاڪم پنھنجي ملڪ جي خذمت ڪرڻ بدران (جنھن لاءِ عوام هنن کي چوندي ٿو ۽ حاڪم پاڻ ان جو نعرو هڻي حڪومت حاصل ڪن ٿا) ان کي تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏي.
ٻاهرين ڏيک ۾ هر آفريڪي ملڪ هڪ ماڊرن رياست (State) آهي. کيس بارڊر آهي، جهنڊو آهي، وزير آهن، سول سروس، ڪورٽ ۽ پوليس جھڙا ادارا آهن، پر ڪيترائي ملڪ اندران کوکلا آهن. زائر (Zaire) هڪ اهڙي ملڪ جو مثال آهي جنھن جو سپريم ماسٽر موبوتو صاحب هو. (1997 ۾ موبوتو کي لاهڻ بعد زائر کي وري ساڳي نالي ڪانگو سان سڏيو وڃي ٿو.) موبوتو (Mobutu Sese Seko) جي 35 ساله حڪومت ۾ زائر ملڪ کي وزير هئا ۽ ڪابينه هئي. وزارتون هيون ۽ گورنر هئا. سرڪاري ڪامورا هئا ۽ سفير هئا. هنن سڀني هڪ مڪمل حڪومت جو ڏيک ڏنو ٿي. پر حقيقت ۾ بقول ايسٽرن ريويو رسالي جي انهن سڀني موبوتو جا ذاتي نوڪر ٿي ڪم ڪيو ٿي. ۽ انهن ذريعي موبوتو صاحب ڪانگو جي دولت چورائي ٿي. ۽ اهو ئي حال ٻين ڪيترن آفريڪي ملڪن جو آهي. اهڙو ئي ملندڙ جلندڙ حال اسان جي ملڪ جو آهي _ خاص ڪري اسان جي صوبي جو!