وڪٽر هيوگر ۽ گرنسي ٻيٽ
انگلش چئنل هڪ سوڙهو سامونڊي لنگهه آهي جيڪو بحرِ ائٽلانٽڪ جي ٻن سمنڊن: بي آف بسڪي ۽ اتر سمنڊ (North Sea) کي ڳنڍي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ توڙي بيلجم. هالنڊ ۽ جرمني ڏي ويندي اسان جو جھاز هن سوڙهي لنگهه (English channel) مان لنگهندو آهي. هن سنهي سامونڊي رستي تان جھاز هلائڻ ڪو فرحت بخش سفر (pleasure drive) نه آهي جو هڪ ته هتي ايندڙ ويندڙ جھازن جي گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي ۽ ٻيو سوڙهو رستو ۽ ٻنهي پاسي زمين ويجهي هجڻ ڪري اهو خوف سدائين رهي ٿو ته ڪٿي معمولي غلطي جي ڪري جھاز خشڪي تي نه چڙهي وڃي. پر اهو فائدو ضرور آهي ته اهڙن هنڌن تي نه سامونڊي طوفانن جو اثر ٿئي ٿو ۽ نه وايون بتال ڪندڙ ويرن جو ۽ اهو انگلش چئنل اڪرڻ وارو ڏينھن اڌ وڏي سڪون ۾ گذري ٿو. نه ته هن چئنل جي ٻنهي پاسن وارا سمنڊ هميشه بگڙيل ملن ٿا. خاص ڪري سياري ۾.
هي چئنل جنھن جي هڪ پاسي فرانس آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ انگلنڊ _ دنيا جو مشغول ترين سمنڊ آهي، جتان نه فقط وڏا جھاز لنگهن ٿا پر ننڍيون فيريون ۽ لانچون انگلنڊ کان فرانس ائين اينديون وينديون رهن ٿيون جيئن سکر کان روهڙي بسون. لاريون ۽ ڪارون ٽئڪسيون. هاڻ ته هن چئنل ۾ سمنڊ جي هيٺان سرنگهه به ٺاهي وئي آهي. جيئن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پاڻي ذريعي وڃڻ بدران هر هڪ پنھنجي ڪار گاڏيءَ ۾ يا ٽرين ۾ هليو وڃي.
انگلش چئنل پار ڪرڻ وقت منھن ۾ ئي مٿي ذڪر ڪيل چئنل ٻيٽ نظر اچن ٿا جيڪي انگلنڊ جي بندرگاهه پلاءِ مائوٿ جي بلڪل هيٺان آهن ۽ فرانس جي ڀرسان هجڻ ڪري، اهي فرانس جي ملڪيت آهن ۽ انهن تي فرانس جو قانون هلي ٿو. انهن چئن پنجن ننڍن ٻيٽن ۾ هڪ گرنسي (Gurensey) نالي ٻيٽ آهي جيڪو وڪٽر هيوگو جھڙي اديب ڪري دنيا ۾ مشھور ٿيو. ڪي جايون اهڙيون آهن جيڪي مشھور شخصيتن جي ڪري هميشه ياد رهنديون. جيئن ارنيسٽ هيمنگوي ڪري ڪيوبا، پال گاگئن ڪري تيھتي ٻيٽ، سمرسٽ ماهم جي ڪري سنگاپور، نئپولين بونا پاٽ جي ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ واروٻيٽ سينٽ هيلينا (St. Helena) ۽ هاڻ مونيڪا ليونسڪي ڪري وائيٽ هائوس.
فرينچ ليکڪ وڪٽر هيوگو (جنھن جو نالو۽ فلم ”ليس مزريبل“ تمام گهڻي مشھور ٿي) کي 1855ع ۾ فرانس جي شھنشاهه لوئيس بونا پارٽ (1808ع _ 1973ع) فرانس کان شھر نيڪالي ڏئي، هن ٻيٽ گرنسي تي موڪلي ڇڏيو هو. وڪٽر هيوگو ”لوئيس بونا پارٽ“ لاءِ چيو هو ته:
“We have had the Napolean the Great. Now we have Napolean the Small”
ان تان لوئيس نئپولين باهه ٿي ويو هو ۽ هن مشھور اديب کي ڏيھه نيڪالي ڏئي ڇڏي، جيئن اڄ به وقت جا حاڪم پاڻ تي تنقيد برداشت نه ڪرڻ تي فيض احمد فيض، شيخ اياز، حبيب جالب، طارق اشرف، رسول بخش پليجي جھڙن اديبن، شاعرن کي به جيل موڪليو ڇڏين.
“نئپولين دي گريٽ” نئپولين بونا پارٽ ڏي اشارو آهي جيڪو لوئيس بونا پارٽ جو چاچو هو جنھن سڄي زندگي جنگيون وڙهيون. ماڻهن جو سک چين چٽ ڪيو، آخر ۾ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ کيس انگريزن قيد ڪري سينٽ هيلينا ٻيٽ تي اماڻي ڇڏيو، جتي هو مرڻ گهڙيءَ تائين هو. سندس مختصر احوال پوءِ ٿا ڪريون. پھرين هدايت بلوچ، تاج بلوچ، نصير مرزا، قمر شھباز ۽ اسان جھڙن جي دلپسند ليکڪ وڪٽر هيوگو جي ڳالهه جنھن کي ننڍي (بيوقوف) بونا پارٽ ”گرنسي ٻيٽ“ ڏي ڏيھه نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ هتان انگلش چئنل مان جهاز ٽپائڻ وقت هن ٻيٽ گرنسي تي نظر پوڻ سان مون کي وڪٽر هيوگو ياد ايندو آهي.
جيل ۾ رهڻ مان فائدو:
هيوگو هن ٻيٽ (گرنسي) تي پنڌرهن سال رهيو. جيئن مارڪو پولو جيل ۾ رهڻ ڪري ادبي دنيا کي سندس سفرنامن جو ڪتاب مليو، جيڪو هن جيل جي فرصت ۾ لکيو نه ته شايد هو هڪ صفحو به نه لکي سگهي ها يا ڀٽو صاحب جھڙي مشغول ماڻهوءَ If I am assassinated (جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو) جھڙو شاهڪار ڪتاب جيل ۾ لکيو، اهڙي طرح وڪٽر هيوگو جي هن ٻيٽ تي اڪيلائي واري زندگيءَ مان آرٽ ۽ ادب جي دنيا کي فائدو رسيو. هڪ ته هن جيڪو پنھنجي رهائش لاءِ هن ٻيٽ تي Hauteville نالي گهر ٺاهيو ان کي ڏسڻ لاءِ اڄ تائين دنيا جا ماڻهو هن ننڍڙي ٻيٽ تي ايندا رهن ٿا. ان کان علاوه وڪٽر هيوگو جا ڪجهه ڪتاب آهن، جيڪي هُن هِن ٻيٽ تي رهائش دوران لکيا. جن مان Les Miserables ۽ Les Travailleuresde De La Mer تمام گهڻو مشھور ٿيا.
گرنسي ٻيٽ تي پھچڻ سان وڪٽر هيوگو هڪ وڏو گهر ورتو جنھن ۾ مرامت ذريعي ڪجهه تبديليون آنديون. گهر جي هيءَ ٺاهه جوڙ (Renovation) پنج سال هلندي رهي ۽ هن گهر Hauteville کي سينگارڻ لاءِ وڪٽر هيوگو کي آرٽ جي جيڪا شيءِ ملي ٿي اها خريد ڪندو ويو. هو ٻيٽ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جهوني قسم جي شين جي خريداري لاءِ هلندو رهيو. فقط هڪ سال 1858 ۾ هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سٺ کن ڪٻٽ ۽ Sideboards خريد ڪيا. مختلف قسم جي غاليچن، آرسين، شمعدانن ۽ تصويرن خريدڪرڻ لاءِ هو يورپ جا چڪر پڻ هڻندو رهيو. 1861 ۾ جڏهن هي گهر ٺھي راس ٿيو ته هن جي ناموس يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن ماڻهن تائين پھچي چڪي هئي ۽ فقط ان سال هڪ هزار کن ڌاريان مسافر هن گهر (Hauteville) کي ڏسڻ لاءِ آيا.
1859 ۾ جيتوڻيڪ وڪٽر هيوگو کي فرانس حڪومت طرفان عام معافي ملي چڪي هئي پر هن گرنسي ٻيٽ ڇڏڻ نه چاهيو. ”آئون هتي جبل تي ٺھيل هن گهر ۾ ائين رهيو پيو آهيان جيئن ڪو سِي گل (سامونڊي پکي) آکيري ۾. آئون پنھنجي گهر جي دريءَ مان نه فقط انگلش چئنل جو سمنڊ ۽ چئنل ٻيٽ ڏسي سگهان ٿو پر فرانس پن جنھن مان مون کي تڙيو ويوآهي.“ وڪٽر جواب ۾ لکيو.
بھرحال وڪٽر هيوگو آخرڪار پنھنجي وطن 1870ع ۾ موٽيو جتي هن کي هڪ قومي هيرو وارو آڌرڀاءُ ڏنو ويو. فرانس ۾ اچي هن نه فقط نارمل زندگي گذاري، پر سياست ۾ به حصو ورتو ۽ 1871 ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو. سياست سان گڏ هن پنھنجي لکڻ جي وندر به قائم رکي. 1877 ۾ سندس هڪ ڪتاب Lart detre grande pere نالي ڇپيو، جنھن جي پھرين چئپٽر جو عنوان Guernsey آهي، جنھن ٻيٽ تي پاڻ زندگيءَ جا 15 سال گذاريائين ۽ جتي سندس ڏيڍ صدي اڳ جي ٺھيل گهر Hauteville House کي ڏسڻ لاءِ اڄ به روزانو سوين ماڻهو پهچن ٿا. انگلش چئنل جي گرنسي ٻيٽ تي هي گهر اڄ ڪلهه ميوزيم سڏيو وڃي ٿو ۽ عام ماڻهن لاءِ اپريل کان سيپٽمبر تائين روزانو کليل رهي ٿو.
سينٽ هيلينا ٻيٽ نئپولين ڪري مشھور ٿيو
جڏهن سئيز ڪئنال بند هو ته يورپ وڃڻ لاءِ اسان کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيوٿي. يعني ڪراچي ڇڏڻ بعد اسان جي ملڪ جي ڪناري کي ڇھندڙ عربي سمنڊ لتاڙي پوءِ هندي وڏو سمنڊ جهاڳڻو پوندو هو. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ پھچي پوءِ اتر جو رخ رکڻو پوندو هو. ڪيپ آف گڊ هوپ ڏکڻ آفريڪا جي هيٺين پوڇڙ وارو سمنڊ آهي ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ به ست اٺ سؤ کن ميل ٿيندو ۽ اڪرڻ ۾ ٻه ڏيينھن لڳيو وڃن. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ هندي وڏو سمنڊ ختم ٿئي ٿو ۽ پوءِ بحرِ ائٽلانٽڪ شروع ٿئي ٿو. آفريڪا کنڊ جي ساڄي ڪناري يعني اوڀر واري ڪناري کي هندي وڏو سمنڊ ڇُهي ٿو ۽ کاٻي پاسي واري ڪناري يعني اولھه ڪناري کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇھي ٿو، جيڪو مٿي انگلنڊ تائين هليو وڃي ۽ ٻي پاسي ٻنهي آمريڪائن (نارٿ آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا) جا ڪنارا وڃيو ڇھي.
انگلنڊ يا يورپ وڃڻ لاءِ اسان جي جھاز کي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ٽپي اتر طرف مٿي وڃڻو پوندو آهي. آفريڪا جو ڪنارو ڏئي اتر طرف ويندي جھاز جي ساڄي پاسي نميبيا، ائنگولا، گئبان ۽ نائيجيريا، گهانا، سينيگال جھڙا ملڪ اچن ٿا ۽ جھاز جي کاٻي پاسي هزارها ميل ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي آهي. ويجهو ويجهو برازيل ۽ ارجنٽائنا جو ڪنارو به چار هزار کن ميل پري آهي جتي پھچڻ ۾ جھاز کي هفتو سوا لڳيو وڃي جو هي اسان جا سامونڊي جھاز ڪلاڪ ۾ 15 کان 20 ناٽيڪل ميل جي رفتار سان هلن ٿا ۽ سڄي ڏينھن رات جو حساب ڪيو وڃي ته چوويھه ڪلاڪن ۾ پاڻيءَ جو جھاز سراسري طور چار سؤ کن ميل مس هلي ٿو.
ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي انگلنڊ يا يورپ وڃڻ لاءِ، جھاز اتر طرف ويندو آهي. جھاز جي ساڄي پاسي آفريڪا جو ڪنارو هوندو آهي ته کاٻي پاسي اٿاهه ائٽلانٽڪ سمنڊ. ان سمنڊ ۾ ائنگولا ملڪ جي سامهون اٽڪل هزار ميل کن پري هڪ ننڍڙو ٻيٽ سينٽ هيلينا نالي آهي. آمريڪا ويندي وقت هن جي ڀر سان لنگهه ٿيندو آهي ان کان علاوه ڪيترائي پراڻا جھاز ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ جي تياريءَ لاءِ هن ٻيٽ تي ڏينھن اڌ ترسي اڳتي جي سفر خاطر جھاز لاءِ تيل پاڻي ۽ عملي لاءِ کاڌ خوراڪ کڻندا آهن. هي ٻيٽ (سينٽ هيلينا) فرانس جي حاڪم نئپولين بونا پارٽ جي رهائش کان مشھور آهي. آخري جنگ هارائڻ وقت انگريزن کيس سزا طور جنگي قيدي (P.O.W.) طور هن ٻيٽ تي رکيو هو.
نئپولين بونا پارٽ بندري قد جو فوجي فرانس جو هيرو ٿي رهيو. هڪ فوجي جنرل جي حيثيت ۾ هن فرانس لاءِ سندس مختلف پاڙيسري ملڪن ۽ صوبائي بغاوتن کي منھن ڏيئي ماٺ ڪرائي. آخر ۾ هڪ ملڪ انگلنڊ ئي وڃي بچيو.
نئپولين انگلنڊ وارن تي سنئون سڌو حملو ڪرڻ بدران پنھنجي سامونڊي ٻيڙي ذريعي 1798 ۾ مصر تي قبضو ڪري ورتو، جنھن تي جيتوڻيڪ ظاهري طرح مڪاني مسلمانن مملوڪن جي حڪومت هئي پر هلي سڄي انگريزن جي ٿي. نئپولين اهو ئي منصوبو سوچيو ته مصر بعد انڊيا تي قبضو ڪري انگريزن جي چيلهه ڀڇان جو انهن ڏينھن ۾ انگلنڊ سڄو خرچ پکو انهن ملڪن مان ٿي ڪڍيو. انهن ڏينھن ۾ انگلنڊ جو بادشاهه جارج ٽيون هو ۽ بحري فوج جو امير البحر بيحد طاقتور شخصيت نيلسن هو جنھن کي ان مھم ۾ نئپولين ملهه ماري ويو ۽ نيلسن کي خبر به نه پيئي ۽ پوءِ جڏهن خبر پيس ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
ٿڪون بجا هڻندا رهيس
نئپولين 1799ع ۾ شام ملڪ مان لنگهي فلسطين ۾ آيو ۽ جافا کي به پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. ان زماني ۾ اسرائيل نه هو ۽ جافا جنھن جا سنگتڙا ۽ گريب فروٽ دنيا ۾ مشھور آهن، فلسطين جو شھر هو. عرب ملڪن تي ديرو ڄمائڻ ۽ هنن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ هن اهو به ڊرامو رچايو ته هو مسلمان ٿيڻ جو سوچي رهيوآهي. بھرحال نئپولين جون اهي اٽڪلون سٽڪلون ڪم نه آيون ۽ چوڌاري ننڍين ننڍين بغاوتن اهڙا ته ڪَرَ کنيا جو سندس وايون بتال ٿي ويون ۽ موٽي فرانس پھتو.
1804ع ۾ نئپولين فوجي جنرل مان ڦري بادشاهه ٿيو ۽ پنھنجي تاجپوشي ڪرائي. اصل بادشاهه جا مائٽ سندس سختين ۽ کيڏن ڪري ٽڙي پکڙي ويا. فوج جا اهي ڪرنيل جرنيل جن مان کيس ڊپ هو، انهن کي به چٽڻي ڪرائي ڇڏيائين ۽ پاڻ زوري زبردستيءَ فرانس جو وڏڙو ٿي ويھي رهيو.
1805 ۾ نئپولين سمنڊ رستي انگلنڊ تي حملو ڪيو پر هن ڀيري نيلسن هن کي ملهه ماري ويو. اها ٽرفالگر جي لڙائي سڏجي ٿي جنھن جي ياد ۾ لنڊن جي هڪ چوراهي تي نيلسن جي مورتي (Statue) لڳل آهي.
نئپولين اها لڙائي هارائڻ بعد به ٻيون ڪيتريون ئي لڙائيون ڪيون جن ۾ ڪجهه کٽيائين ته ڪجهه هارايائين. ڪڏهن ڪو ملڪ قبضي ۾ پئي آيس ته ڪڏهن آيل ملڪ هٿن مان پئي ويس. اسپين، آسٽريا ويندي روس تائين وڃي نڪتو پر پوءِ ماسڪو مان خوار ٿي موٽڻو پيس. سندس فوج روس جي سخت سرديءَ جي دٻ جهلي نه سگهي ۽ پنھنجي ان شڪست کي Act of God چئي پاڻ کي مطمئن ڪيو. اها سن 1801 جي ڳالهه آهي. هي اهي ڏينھن آهن جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي هئي ۽ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا ۽ شاهه لطيف جي وفات کي پورا پنجاهه سال گذري چڪا هئا ۽ انڊيا ۾ ٻه سال کن اڳ 1799ع ۾ ٽيپو سلطان شھيد ٿيو هو.
نئپولين جيڪو فرانس جھڙي ملڪ جو جرنيل ۽ شھنشاهه بڻيو در اصل ڄمڻ وقت فرانس جو شھري به نه هو. فرانس جي هيٺان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڪارسيڪا نالي ٻيٽ آهي ان تي ڄائو. اهو ٻيٽ فرانس کان الڳ هو. بعد ۾ جيئن ئي فرانس ان تي حملو ڪري پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ته نئپولين جي پيءَ جيڪو شايد وڪيل هو، مخالفت ڪرڻ بدران فرانس حڪومت جي تعريف ڪئي نتيجي ۾ کيس لقبن سان نوازيو ويو ۽ سندس پٽ نئپولين کي ڪيتريون ئي اهڙيون سھولتون مليون جيڪي نوابن ۽ اعليٰ خاندان جي ماڻهن کي مليون ٿي. نئولين ته فرينچ زبان به پوءِ سکيو. پنھنجي صوبي ۽ ٻيٽ Corsica جي مڪاني ٻولي ڳالهائيندو رهيو. پئرس جي اسڪول ۾ جتي نوابن ۽ حاڪمن جا ٻار پڙهندا هئا اتي نئپولين کي داخلا ملي وئي پر اسڪول جا ٻار هن کي آخر تائين ڄٽ ۽ هيٺئين درجي جو سمجهي ”ٿڪون ۽ بجا“ هڻندا رهيس.نئپولين ٿڪ لعنتن ۾ وڏو ٿي نيٺ وڃي فوج جو اعليٰ عملدار ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڄٽ جو پٽ وڏو جنرل ۽ شھنشاهه ٿي ويو. اٽليءَ جي فوج جو جنرل به پاڻ ٿيو ۽ اتي جي سھڻي ۽ طلاق يافته شھزادي جوزفين Josephine de Beauharnais سان 1796ع ۾ شادي ڪيائين. پاڻ ته هن تي يڪدم فدا ٿي ويو پر جوزفين هن ڊينڊڙي کي آخر تائين دل سان نه چاهيو ۽ نه وري ٻار ڄڻي ڏنائيسن، جنھن جو کيس وڏو فڪر هو ته ڪو والي وارث ٿئي. بعد ۾ وارث خاطر 1801 ۾ جوزفين کي طلاق ڏيئي آسٽريا جي شھزادي ميري لوئيس سان شادي ڪيائين، جنھن مان کيس 1911 ۾ پٽ ڄائو جيڪو ڄمڻ سان روم جو وليعهد تسليم ڪيو ويو.
راجا پورس ۽ سڪندر وارا ڊائلاگ
نئپولين کي جنگين ڪرڻ جو وڏو ڪُڏ هو. عوام ۽ فوج بيزار ته امن واري حالت رهي پر پاڻ چوندو هو ته جي امن کپي ته اهو به ڪو پليٽ تي رکجي نٿو اچي. ان لاءِ به جنگ جي ميدان تي وڙهڻو پوي ٿو. اڳتي هلي جنھن لڙائيءَ نئپولين جي مڪمل تباهي آندي اها واٽرلو جي جنگ هئي جيڪا 1815 ۾ لڳي. سندس مخالف ويلنگٽن هو جنھن جي هو دٻ جهلي نه سگهيو. ويلنگٽن جي ڪمانڊ ۾ انگريز ۽ ڊچ (هالنڊ جا رهاڪو) سپاهي هئا. نئپولين پنھنجي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي لشڪر کي به پٺيان ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ (اهي ڪم ان کان اڳ به هڪ ٻه دفعا هن ڪيا هئا. ان ڪري جنگ جي ميدان مان گوهي ڪرڻ ۾ هو ماهر هو).
جنگ هارائڻ بعد نئپولين فرانس موٽي آيو ۽ هڪ جنگي جھاز ذريعي آمريڪا ڀڄڻ چاهيو ٿي پر سندس سپاهي ئي کيس ڦري آيا. سو پنھنجي ملڪ جي جھاز مان جان ڇڏائي انگلنڊ جي هڪ جھاز ۾ پناهه ورتي. هن سمجهيو ته انگريز پنھنجي هن هارايل دشمن سان مھمان نوازي جو مظاهرو ڪندا ۽ اهو رويو اختيار ڪندا جيڪو بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن, پر انگريزن راجا پورس ۽ سڪندر اعظم وارا اهي ڊائلاگ ڪڏهوڪو وساري ڇڏيا هئا. هن کي مھمان نه پر مجرم ۽ قيدي تسليم ڪيو ۽ مجرم به اهو جيڪو نه فقط انگلنڊ ۽ هالنڊ جو ڏوهاري هو پر سڄي يورپ جو ,جيڪو هر دفعي جان بچائي ڀڄي ويو ٿي. پر هاڻ ڏاهي ڪانگ وانگر ٻپيرو ڦاٿو هو.
آسٽريليا پري هو. انڊامان ٻيٽ (ڪاري پاڻي) وارو Celluar جيل اڃان چڱي طرح تيار نه ٿيو هو سو هن بندري ڪورسيڪن شيطان کي، جيڪو ڪڏهن جنرل ٿي ٿيو ته ڪڏهن شھنشاهه، ڪڏهن فرينچ عيسائي ته ڪڏهن مسلمان ٿيڻ جو ارادو ٿي ڪيائين، کي ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ويران ٻيٽ سينٽ هيلينا St. Helena تي 15 آڪٽوبر 1815 تي روانو ڪيو ويو. برطانيا جي نظرن ۾ نه هي هيرو هو، نه شھنشاهه ۽ نه وري ڪو ديوتا هو، پر هي هڪ جنگي قيدي (P.O.W.) هو.
ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن ٻيٽ (سينٽ هيلينا)تي نئپولين صاحب کي مرڻ گهڙي ءَ تائين اڪيلو رهڻو پيو. مرڻ وقت، 5 مئي 1821 تي، سندس عمر 52 سال هئي. پاڻ اٽڪل ساڍا پنج سال سينٽ هيلينا ٻيٽ تي قيدي ٿي رهيو. سندس موت جي خبر جڏهن يورپ ۾ پھتي ته ڪنھن به ڳوڙهو نه ڳاڙيو. سڄي عمر لڙائيون ۽ فتحيابيون حاصل ڪندڙ پنھنجي وطن کان هزارين ميل ڏور دفن ڪيو ويو پر پوءِ اڳتي هلي وقت سان گڏ کيس شرف حاصل ٿيو ۽ ملڪ جا ماڻهو کيس پنھنجو هيرو تصور ڪرڻ لڳا. موت کان ويھه سال بعد سندس دفن ڪيل هڏن کي سنيٽ هيلينا ٻيٽ تان کوٽرائي پئرس ۾ دفن ڪيا ويا ۽ بقول هڪ فرينچ جي:
“Of his Conquests nothing survived, but he lives on as a hero of folk lore”.
نئپولين بونا پارٽ ‘سينٽ هيلينا’ ٻيٽ تي پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڇھه سال گذارڻ دوران هڪ ڪم تعريف جوڳو ڪيو، جو هن پنھنجي زندگيءَ جون يادگيريون قلمبند ڪرايون. سندس يادگيرين جو فرينچ زبان ۾ لکيل مشھور ڪتاب “Memoirs” ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هي اهو ڪتاب آهي جيڪو ڀٽي صاحب پنھنجي زندگي جي سفر جي آخري ڏينھن ۾ قيد خاني ۾ پڙهڻ شروع ڪيو جنھن لاءِ اخبارن ۾ آيو هو ته ڪنھن ڀٽي صاحب کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ڪھڙو ڪتاب پڙهو پيا ته هن ضياءَ صاحب لاءِ ٽوڪ طور وراڻيو هو:
”نئپولين جو Memoirs پڙهي رهيو آهيان، ته هن پنھنجي جنرلن کي ڪيئن ڪنٽرول ۾ رکيو.“