بلقيس وفائي ۽ سامونڊي حادثو
ماڙيپور کان ڪلفٽن عالم جي گهر پھچڻ تي پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. اطلاع ملڻ تي ڪئپٽن عالم جا ڪيترائي دوست ۽ جھازي ساٿي اچي گڏ ٿيا هئا. مرچنٽ نيوي جي جھازن جو شايد ئي ڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هجي جيڪو ڪراچي ۾ هجي ۽ اتي نه پھتو هجي. جھازي دنيا جي ماڻهن جو ايڏو ميڙ ڪنھن سامونڊي ڪانفرنس تي به هڪ ئي وقت گڏ نه ٿيو هوندو. مرد هڪ طرف زالون ٻئي طرف_ هر هڪ جي زبان تي ادي بلقيس جي واکاڻ هئي. اتي ڪيترا اهڙا ڪئپٽن به موجود هئا، جيڪي اڄ آفت جيڏا جھاز دنيا جي سمنڊ تي هلائين ٿا، پر اهي ڪنھن زماني ۾ ڪئپٽن عالم جي جھاز تي ڪئڊٽ (شاگرد) جي حيثيت سان چڙهيا هئا. سمنڊ تي طوفاني ڏينھن ۾ جڏهن هنن جي دل سست ٿيندي هئي يا هنن کي جھاز راني جھڙي نوڪري کان گهٻراهٽ ٿيندي هئي ۽ پنھنجي آفيسرن جي دڙڪن هيٺ هوندا هئا ته جهاز تي موجود ڪئپٽن عالم شيخ جي زال (بلقيس) سندن همٿ افزائي ڪندي هئي. چي: ”همٿ کان ڪم وٺو. آئون زال ٿي ڪري بي فڪر ٿي پئي هلان، توهان گهٻرايو ٿا! ڏکن پٺيان سک آهن. انهن طوفانن ۽ بگڙيل سمنڊ جا سڄي سفر ۾ ٻه ٽي ڏينھن ڏکيا اچن ٿا، انهن کي ڪٿ ۾ آڻڻ نه کپي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلقيس وفائي جتي نرم دل ۽ همدرد طبيعت جي هئي اتي بيحد مضبوط دل به هئي. هن پنھنجي مڙس سان گڏ ڪيترائي ڊگها، خوفناڪ ۽ ڏکيا سامونڊي سفر ڪيا ۽ جتي ڪيترن مردن به هنجون هاريون هونديون، اتي هن ڪڏهن اڻ لَکي پريشانيءَ جو اظھار به نه ڪيو. اهڙن سفرن مان هڪ ۾ ساڻس هڪ اهڙي ٽرئجڊي ٿي پئي جو شل ڪنھن دشمن سان به نه ٿئي. سندس وڏي ٻار فيصل جو وچ سمنڊ تي هٿ ڪپجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو. ڪو به بندرگاهه ايڏو ويجهو نه هو جو جھاز کي اوڏانھن موڙي سگهجي. سمنڊ بيحد خراب هو ۽ جھاز ائين اڇلجي رهيو هو ڄڻ ڇوڏو هجي. سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهه کان هيليڪاپٽر اچڻ جو بندوبست ٿي ويو ۽ اهڙي خراب موسم ۽ سمنڊ مان حادثي هيٺ آيل ٻار ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ (جيڪو ڇھن مھنن جو مس هو) کي پاڻ سان کڻي اڏامندڙ هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿيڻ دل گردي جي ڳالهه هئي، جيڪو واقعو خبر طور دنيا جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ آيو ۽ هيليڪاپٽر هلائڻ واري کي به ان ڏکي فلائيٽ تي سندس ملڪ سائوٿ آفريڪا طرفان قومي ايوارڊ ڏنو ويو. جنھن به پاڪستاني جھازيءَ ٻڌو ان واهه واهه ڪري اهو ئي چيو ته اها واقعي مسز بلقيس عالم جي همٿ جي ڳالهه آهي. جھڙي تھڙي جي جاءِ ناهي. انگريز ته انگريز پر انهن کان به ٻه رتيون وڌيڪ پھلوان جھازي نارويجن ۽ ڊچن جي زالن به ٻڌي ٿڌا شوڪارا ٿي ڀريا. بھرحال ان حادثي جو ذڪر وري هيٺ ڪريون ٿا ان کان اڳ اسان جي پياري ساٿي ڪئپٽن عالم شيخ جي قابل عزت ۽ خوش اخلاق زال بلقيس بابت ڪجهه تعارف ڏجي:
سنڌ جو شايد ئي ڪو هجي جيڪو مولانا دين محمد وفائي کان واقف نه هجي. بلقيس عالم مولانا دين محمد وفائي جي پوٽي ۽ علينواز وفائي صاحب جي ڀائٽي ٿئي. مولانا دين محمد وفائي کي ٽي پٽ: شفي محمد، مظفر علي ۽ علي نواز وفائي ۽ هڪ ڌيءُ سبحان نالي ٿيا. بلقيس مظفر علي وفائي جي ڌيءَ ۽ حيدرآباد جي مشھور شخصيت آخوند خالد شھيد ۽ ڊاڪٽر سراج آخوند جي ڀاڻيجي ٿئي بلڪه هوءَ شروع جا ڏينھن پنھنجي پيدائش واري شھر سکر ۾ رهڻ ۽ بنيادي تعليم اتان حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد پنھنجن مامن وٽ اچي رهي هئي، جتان هن مئٽرڪ، انٽر ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجيوئيشن ڪئي. پاڻ شروع کان آخر تائين ٽيچنگ جي جاب ڪندي رهي. تعليم ختم ڪرڻ بعد پهرين روهڙيءَ ۾ ٽيچر ٿي رهي. بلقيس جا ناناڻا شايد روهڙي ۾ رهن ٿا. اڄ کان 35 سال کن اڳ 1967 يا 68ع ۾ عالم سان گڏ آئون پنھنجن دوستن سان ملڻ لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ سکر ويو هوس ته هو مون کي روهڙي به وٺي هليو هو، جتي هن مون کي بلقيس جي والده سان ملايو هو. تن ڏينھن ۾ آمريڪا جي مشھور قميصون ٺاهيندڙ ڪمپني AERO وارن هڪ خاص ڊيزائن جون قميصون ڪڍيون هيون، جن جي ڪالرن ۾ ٻه ٻيڙا لڳل ٿيا ٿي. يعني ٽاءِ ٻڌڻ بعد ڪالر هيٺ ڪري قميص لڳل ٻيڙو ڪالر ۾ ٿيل ڪاڄ مان ڪڍي ڇڏبو هو. اسان اڃان جھازن تي نه ويا هئاسين، پر پنھنجن سينئر دوستن، جيڪي جھازن تي چڙهي چڪا هئا، انهن کي منٿون ڪندا وتندا هئاسين ته هو آمريڪا مان اسان لاءِ تحفي طور اهڙي قميص آڻين. سکر پھچي عالم ٻڌايو ته بلقيس جي ماءُ سلائيءَ ۾ قابل مڃيل آهي ۽ هوءَ پاڻ کي اهڙي قسم جي قميص ٺاهي ڏيندي. اسان سکر مان ڪپڙو وٺي ان وٽ پھتاسين. ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ Typical ڳوٺ جي عورت لڳي ٿي. سلائي جي مشين به هٿ سان هلائڻ واري ۽ هڪ تمام پراڻي ۽ گٺل هئي جنھن تي ان جو نالو PFAFF به مٽجي چڪو هو. پر اڄ به آئون اهو دل سان قبول ٿو ڪريان ته ڇا ته هوءَ هنرمند ۽ قابل عورت هئي. سڄو ڏينھن روهڙي گهمڻ بعد جڏهن سج لٿي مھل سکر موٽياسين ته هن اسان کي قميص ڏني جنھن تي فقط ايئرو ڪمپنيءَ جي فئڪٽري جو لوگو ۽ وول ورٿ جھڙي دڪان جو پرائيس ٽيگ لڳل نه هو باقي هوبھو ان اعليٰ معيار ۽ اسٽائيل جي ٺھيل هئي. اهو ئي ناناڻن وارو سگهڙپڻو ۽ ڏاڏاڻن واري خوش طبعي بلقيس ۾ ڏٺيسين. بلقيس جي والد سان منھنجي ڪا گهڻي ملاقات نه رهي باقي سندس چاچي علي نواز وفائي وانگر بلقيس جون به خبرون ۽ چرچا ڀوڳ مشھور آهن. پر اهڙي ئي طبيعت جو سندس مڙس عالم آهي. مون هنن کي سخت غريبي ۽ تڪليف وارن ڏينھن ۾ به ڏٺو ۽ الله جي فضل سان بيحد سٺي وقت ۾ به. هو هميشه هڪجھڙا نظر آيا. مائٽن مٽن، دوستن يارن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندا رهيا. هنن وٽ مون سدائين مھمان لٿل ڏٺا. بنگلو ته کڻي هاڻ پنج ڇھه سال ٿيا آهن جو ٺھرايو اٿن، پر جڏهن ننڍڙي مسواڙي فلئٽ ۾ رهيا ٿي ته اهو به مھمانن سان ڀريل هوندو هو. ٻن ڪمرن جي فلئيٽ ۾ هڪ ۾ هڪڙا مھمان ته ٻئي ۾ ٻيا. پاڻ بالڪنيءَ ۾ ۽ سندن ٻار ڊرائنگ روم ۾. عالم جا ڪي ڪي ڀاڻيجا ته چند ڏينھن بدران يڪا سال رهيا پيا هوندا هئا ۽ ڪنھن نه ڪنھن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پيا وٺندا هئا. آئون هميشه عالم کي شابس ڏيندو هوس. پر حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ ڪريڊٽ سندس زال بلقيس کي هجي، ڇو جو مھمان مڙس جا مائٽ هوندا هئا تڏهن به هوءَ منھن نه گهنجائيندي هئي.
آئون هميشه عالم جي مھمانن ۽ عالم وارن سان چرچا ڪندو هوس ته يار سال جو ڪو اهڙو ڏينھن آهي جو هي ”گهر“ بنا مھمانن جي هجي! هينئر ويجهڙائيءَ ۾ (ادي بلقيس جي وفات کان مھنو کن اڳ) عالم جي گهر ويس. بيل وڄايم ته ٻن ڇوڪرن دروازو کوليو.
”ابا ڪير آهيو؟“ مون هنن کان پڇيو. نه هنن مون کي ۽ نه مون کين سڃاتو.
”اسين ڪئپٽن عالم شيخ جا مھمان آهيون.“ هنن وراڻيو.
”اهو ته آئون به ڏسان پيو، پر عالم جا ڇا ٿيو؟“
” اسين هن جا ڀاڻيجا آهيون.“ هنن جواب ڏنو.
ان تي مون کلندي چيومان: ”يار ڇڏيو چرچا؟ عالم جا ڀاڻيجا ته هاڻ اڇين ڏاڙهين سان ٿي ويا هوندا. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته توهان هن جا ڀاڻيجا هجو“. ان تي کين به کل اچي وئي ۽ ٻڌايون ته هو هن جي ڀاڻيجن جو اولاد آهن.
بھرحال ادي بلقيس کي شابس هجي جو نوڪري به ڪندي هئي (روهڙي بعد خيرپور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ PECHS سوسائٽي جي ڪنھن اسڪول ۾)، پنھنجن ٻارن کي به ڏسندي هئي ته مھمانن جو به خيال رکندي هئي. پر اهو ضرور آهي ته جتي هوءَ پنھنجي مڙس جي ڀائٽن ڀاڻيجن کي پنھنجو سمجهي خيال رکندي هئي اتي هو به کيس ماءُ وانگر سمجهندا هئا. سندس وفات تي چاهي عالم جو ڀاڻيجو آفاق هجي يا ڪامران ڀٽي. ڀاڻيجي نسرين هجي يا اسد ۽ عبيد، رياض هجي يا ثناءُ الله سڀ هنجون هاري رهيا هئا ۽ هڪ هڪ سان بلقيس جون تعريفون ڪري رهيا هئا ته هوءَ سندن ڪيڏو ته خيال رکندي هئي.
بلقيس وفائي ۽ ڪئپٽن عالم شيخ جي شادي کان اڳ به سندن مائٽي هئي. مولانا دين محمد وفائي جي سڳي ڀيڻ جو عالم شيخ ڏهٽو ٿئي. ان کان علاوه عالم جي هڪ ڀيڻ (عصمت) بلقيس جي چاچي ٿئي، يعني علينواز وفائيءَ جو عالم سالو به ٿئي.
منھنجي عالم سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ 1965ع ۾ ٿي. آئون چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪري آيو هوس. عالم ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. منھنجي هٿن ۾ ريڊيو (ٽرانسسٽر) هو جيڪو صحيح طرح وڄڻ بدران کڙکڙ ڪري رهيو هو. ڳالهين دوران عالم شيخ ان کي کولي اتي جو اتي ٺاهي ڏنو. ويٺل سڀ وائڙا ٿي ويا. ”يار تنھنجي عمر ڇا آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ڇو؟“ عالم جواب بدران سوال ڪيو.
”توکي ته انجنيئر ٿيڻ کپي، سو به جھازن جو. تنھنجي عمر ويھه سال کان مٿي ناهي ته مئرين اڪيڊميءَ لاءِ اپلاءِ ڪر. اڄ ڪلهه ان جا فارم ڀرجي رهيا آهن.“ مون کيس صلاح ڏني.
”پر يار آئون غريب ماڻهو آهيان. انجنيئري پڙهڻ جا پئسا هجن ها ته هتي ئي ڪا سول يا مڪينيڪل انجنيئري نه پڙهان ها. چٽگانگ ته ٿيو هتان ڏور.“
”تون فارم ڀري هنن جو ٽيسٽ ته ڏي. جيڪڏهن مٿاهين نمبر ۾ اچي وئين ته اسڪالر به ملندءِ ۽ پوءِ رڳو هوائي جھاز جو 130 رپيا ڀاڙو ڀرڻو پوندءِ“. (انهن ڏينھن ۾ ڪراچي کان ڍاڪا ۽ پوءِ ڍاڪا کان ٻئي هوائي جھاز ذريعي چٽگانگ پھچڻ جو ڪل ڀاڙو 130 رپيا هوندو هو.)
” ۽ جيڪڏهن اڃان به جلدي نوڪري شروع ڪرڻ چاهين ٿو،“ مون عالم کي صلاح ڏني، ”ته پنجن سالن جو مئرين انجنيرنگ جو ڪورس ڪرڻ بدران ناٽيڪل برانچ کڻ، جنھن ۾ فقط ٻه سال پڙهڻ بعد جھاز تي وڃڻو پوي ٿو.“
عالم کي سندس ان وقت آيل ٻين دوستن: اڪبر منگي، زين العابدين پٺاڻ ۽ سليم عرساڻيءَ به همٿايو ۽ انهن مونکي به ٻڌايو ته عالم پڙهائيءَ ۾ به ڏاڍو هوشيار آهي. هو جن ڏکين حالتن ۾ رهي ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ان لاءِ کيس جس هجي.“
ڪجهه هفتن بعد موڪلن ۾ عالم مون سان ملڻ منھنجي ڳوٺ هالا آيو ۽ اچي ٻڌائين ته هو مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ چونڊجي ويو آهي ۽ کيس اسڪالر به ملي آهي. سفر ۽ ٻي خرچ لاءِ هن جيڪو قرض کنيو آهي، اها سندس مڱيندي بلقيس ايندڙ سال نوڪري ملڻ تي لاهيندي يا هن ئي سال ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي ماڻهن کي واپس ڪندي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ۽ ان جو شاهد آئون به آهيان ته عالم کي هي عھدا ۽ رتبا ڏيارڻ ۾ ادي بلقيس جو به وڏو هٿ آهي. هوءَ به ڪا امير يا پئسي واري نه هئي پر نوڪري ڪري، سادگي کان ڪم وٺي پئسو بچائي عالم کي نه فقط تعليم دوران پر ان بعد به، جھاز جو ڪئپٽن ٿيڻ تائين، هلندڙ امتحانن ۾ (جيڪي تن ڏينھن ۾ فقط انگلنڊ ۽ آسٽريليا ۾ ٿيا ٿي)، هوءَ مدد ڪندي رهي. ان کان علاوه پيش ايندڙ ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ هوءَ پنھنجي مڙس جي اخلاقي مدد به ڪندي رهي. عالم بيحد محنتي، اڻورچ، نمازي ۽ ڊسيپلين جي زندگي گذارڻ وارو آهي. آئون عالم جي گڻن ۾ نمازي لکي رهيو آهيان ان مقصد کان نه لکيو اٿم ته ڪو هو بزرگ پير آهي ۽ هن کان ڦيڻو پڙهايو يا ڌاڳو وٽرايو. ۽ نه منھنجو مطلب آهي ته هو نمازي آهي ان ڪري هو نيڪ آهي ۽ هن جي هر ڳالهه صحيح آهي. نماز هر مسلمان تي فرض آهي هر هڪ کي پڙهڻ کپي ان جي جزا ۽ نه پڙهڻ جي سزا جو هر هڪ پاڻ حقدار آهي. هتي عالم لاءِ پنج وقت نمازي لکڻ مان اها مراد آهي ته هن لاءِ ڏينھن جو ماپو وڏو آهي جنھن ۾ هو گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو. هڪ ماڻهو جيڪو فجر نماز تي اٿي ٿو معنيٰ هن جو صبح گهڻو اڳ شروع ٿئي ٿو ۽ اهو ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ پڙهي يا پورهيو ڪري سگهي ٿو جيڪو دير تائين ستو پيو آهي. يورپي ماڻهو ان مسلمان کان گهٻرائيندا آهن جيڪو فجر نماز تي اٿي ٿو. اهو آفيس يا يونيورسٽي (جي شاگرد آهي ته) وقت تي ايندو. مليل Assignment يا هوم ورڪ به پورو ڪري ايندو ۽ صحت ۾ به ٻين کان تندرست هوندو. فجر نماز پڙهڻ وارو سمهندو به جلد تڏهن ته فجر تي سوير اٿي سگهندو ۽ سوير سمهڻ وارو شرابي يا ٻين اجاين سجاين محفلن کان به دور رهندو.
سو هتي عالم لاءِ پنج وقت نمازي لکڻ معنيٰ هن جو ڏينھن سج اڀرڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ هو سخت محنت ڪري ٿو. هن نه فقط تعليم دوران محنت ڪري سٺي پوزيشن حاصل ڪئي پر جھاز هلائڻ ۾ پڻ. پاڻ انجنيئر سو نه ٿيو پر سندس ڪم اڄ به انجنيئرن وارا آهن.
کريل ريڊيا ۽ واشنگ مشينون ٺاهڻ وارو عالم، هاڻ جھازن جا رڊار سسٽم ۽ Navigational Equipment ٺيڪ ڪريو وڃي جيڪي ڪم Specialized نوعيت جا سڏيا وڃن ٿا ۽ جھاز جا انجنيئر نه پر فئڪٽرين جا آٽوميشن ۽ اليڪٽرانڪ انجنيئر صحيح ڪن ٿا. هڪ دفعي ائين به ٿيو ته جپان جھڙي ملڪ جو هڪ شپ يارڊ، جھاز جو ڪو اليڪٽرانڪ آلو (equipment) ٺيڪ ڪري نه سگهيو ۽ آخرڪار هنن Repair بدران Replacement تي زور آندو يعني اها شيءِ مرمت ڪرڻ بدران نئين فِٽ ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن تي جھاز ران ڪمپنيءَ جو وڏو خرچ اچي رهيو هو. ڪئپٽن عالم ڪمپنيءَ جي اجازت سان اهو چئي ته خرچ ڪري نئين شيءِ ته هونءَ ئي وٺڻي پئجي رهي آهي، ڇو نه هو ان تي پنھنجا هٿ آزمائي، هو ان اوزار تي لڳو رهيو ۽ ٻن ڏينھن اندر اهڙو صحيح ڪري ڇڏيائين جو جھاز جي Scrape ٿيڻ تائين اهو اوزار صحيح ڪم ڪندو رهيو.
اليڪٽرنڪ ۽ مڪينڪس جو ڪم سکڻ لاءِ عالم ڪنھن يونيورسٽي يا پوليٽيڪنڪ ادارن مان ڊگريون يا ڊپلومائون نه ورتيون پر هو ننڍي هوندي کان وٺي ننڍا ننڍا ڪتاب پڙهندو رهيو ۽ پرئڪٽس ڪندو رهيو. مون کي ياد آهي ته صدر ۾ جڏهن اسين آئس ڪريم کائڻ لاءِ ايندا هئاسين ته عالم ريگل سئنيما جي سامهون واري فٽ پاٿي بڪ اسٽال تان ڪو اليڪٽرانڪس جو ڪتاب وٺي اچي گهر پڙهندو هو. اڄ تائين سندس اها هابي آهي. اها ٽي وي، وي سي آر، فرج، واشنگ مشين جيڪا دڪاندارن کان نه ٺھي سگهندي آهي ان لاءِ عالم کي منٿ ڪبي آهي ۽ هو اڄ به سٺ ورهن جي ويجهو ٿيڻ جي باوجود انڪار نه ڪندو آهي . اڌ نڪ تي ويجهي نظر جو چشمو چاڙهي اوزارن واري بريف ڪيس کولي شروع ٿي ويندو آهي.
آئون پنھنجن انجنيئرنگ جي شاگردن کي هميشه عالم شيخ جو مثال ڏيندوآهيان ته هن جو جيتوڻيڪ انجنيئرنگ برانچ سان تعلق ناهي پر شوق رکڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪري هن ۾ ڪيڏي وڏي قابليت اچي وئي آهي. ۽ جڏهن هڪ ماڻهو ڪنھن ڪم ۾ قابل ٿيو وڃي ته ان جو هر هڪ قدر ڪري ٿو ۽ هن کي عزت ڏئي ٿو.
پر مٿين ڳالهه تان ادي بلقيس جو هميشه اسان سان جهيڙو رهندو هو. جھاز هلائي جڏهن ڪراچيءَ پھچبو هو ته گهر جي ڪانه ڪا اليڪٽرڪ شيءِ خراب ملندي هئي. ۽ پوءِ عالم جي گهر جو نمبر ملائبو هو. ”ادي! ڪئپٽن عالم آهي؟ هڪ امرجنسي ٿي پئي آهي!“
”ڪنھن جي جھاز تي؟ توهان جي يا هن جي؟“ ظاهر آهي امرجنسي معنيٰ جھاز جو مسئلو _ خاص ڪري پروگرام کان اڳ لنگر کڻڻ جو، جنھن لاءِ موڪل تي لٿل ڪئپٽن گهرجي.
”نه ادي، جھاز جو مسئلو ناهي اسان جي واشنگ مشين ڪم نٿي ڪري.“
”شابس هجانوَ، ادا!“ ادي بلقيس پھرين ڪجهه ڪاوڙ مان چوندي هئي ۽ پوءِ وڏا ٽھڪ ڏئي چوندي هئي، ”چئبو ته جھازن جي ڪئپٽن جا هاڻ وڃي اهي ڪم رهيا آهن.“
۽ وري اتفاق به ڪجهه اهڙو ٿيندو هو جو ڪڏهن سندس گهر پھچي عالم شيخ جو پڇبو هو ته ادي بلقيس ٻڌائيندي هئي ته سندس ڀيڻ عصمت (علي نواز وفائيءَ) جي گهر ويو آهي يا ڪئپٽن رشيد ابڙي گهرايو اٿس.
”ادي خير مان؟“ دل ۾ اهو ئي وسوسو پئدا ٿيندو هو ته ڪو بيمار ته ناهي.
”هنن جي ٽي وي خراب ٿي پئي آهي (يا هنن جو گيزر خراب ٿي پيو آهي) اهو ٺاهڻ ويو آهي“ ادي بلقيس معصوميت مان جواب ڏيندي هئي ۽ پوءِ پاڻ ئي شڪي ٿي وڏا ٽھڪ ڏيندي هئي.
مزي جي ڳالهه اها ته عالم کي ٽيڪنيڪل ڪم سان ايڏي دلچسپي آهي، جو ڪم نه هوندو اٿس ته پنھنجي گاڏيءَ جي انجڻ پيو ٺيڪ ڪندو. ڪيترا دفعا ته ائين به ٿيو (جڏهن سوني مٺائي واري دڪان جي مٿئين فلئٽ ۾ رهندو هو) ته گهر جو بيل وڄائي عالم جو پڇڻ بدران هيٺان ئي سندس ڪار وٽان ڇڪي ٻاهر ڪڍبو هوس ته ”ٿوري دير مٿي هل ته چانھه پيون ته ڪچھري به ڪيون _ ڪار جي گيئر باڪس کي پوءِ اچي ٺاهجانءِ.“
عالم جي گڻن جي جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته هتي سندس هڪ ٻي خاصيت ڳڻائڻ به بي مھل نه ٿيندي. هو بيحد Organized ۽ ڏيتي ليتي ۾ صاف رهڻ چاهي ٿو. سندس ڪمرو هجي يا ٽيبل، آفيس هجي يا جھاز، هو هر شيءِ کي پنھنجي جاءِ تي ٺاهي رکڻ پسند ڪري ٿو _ جيئن ضرورت وقت اها يڪدم ملي سگهي. ڪا به شيءِ بي ترتيب نٿو ڇڏي. ڪئين سال جھاز هلائڻ بعد اسان کي جڏهن آفيس ۾ جاب مليو ته آئون کيس آفيس ۾ ڏسندو هوس ته هو ڪا به شيءِ بي ترتيب نٿو ڇڏي. فائيل پنھنجين جاين تي، جھازن جا نقشا ۽ سمنڊن جا چارٽ پنھنجي جاءِ تي، ويندي پينسل رٻڙ کان پاڻي پيئڻ جو گلاس پنھنجي مقرر جاءِ تي رکيو ٿي. ان کان علاوه سندس ڪو به فائل اڻ مڪمل نٿي رهيو. هو آفيس کانپوءِ به تيسين ويٺو هوندو جيسين سڀ فائيل Clear نه ٿين. اهو ئي حال سندس ڏيتي ليتيءَ جو هو. چانھه واري کي به روز شام جو گهرائي چوندو هو ته جيڪو مون ڏي حساب ٿئي ٿو سو هينئر ئي وٺ. ٻين وانگر پھرين تاريخ تائين ملتوي ڪري پوءِ ڪئنٽين واري سان بحث مباحثا نه ويھي ڪندو هو ته گهڻو بل هنيو اٿئي وغيره. ان جو تجربو مون کي ڪئين سال اڳ ٿي چڪو هو جڏهن اسان ٻئي مختلف جھازن تي اڃان جونئر آفيسر هئاسين. عالم جو جھاز ڪجهه چڪر سري لنڪا ۽ بنگلاديش جا ڪري هاڻ يورپ جي ملڪن: بيلجم، هالينڊ، پولينڊ ۽ جرمني وغيره واري روٽ تي هو، آئون موڪلون ڪاٽي جنھن جھاز تي چڙهيو هوس اهو ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃي رهيو هو. لنگر کڻڻ واري ڏينھن عالم مون کي سوني مٺائي واري دڪان جي ٻاهران ئي ملي ويو. خوش خير عافيت بعد هن اسان جي جھاز جي Route پڇي. ”هتان ته في الحال اڄ رات لنگر کڻي ڪولمبو (سريلنڪا) ٿا وڃون اتان پوءِ ڏسجي ته ڏور اوڀر جا ڪھڙا بندر گاهه Call ڪرڻا ٿا پون.“
”يار هڪ ڪم ته ڪجانءِ“ هن پنھنجي پرس مان ڪجهه نوٽ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”هي سري لنڪا جي ڪرنسي جا ٽي سؤ چاليھه رپيا مون وٽ بچيل آهن اسان جو ته هاڻ ڪولمبو الائي ڪڏهن وڃڻ ٿئي سو مون لاءِ بيڪار آهن. تون انهن پئسن مان مون لاءِ ڪولمبو مان مصالو وٺي اچجانءِ _ لونگ، جاوتري، جئفل وغيره.“
مون عالم کان سريلنڪا جا 340 رپيا (جيڪي تن ڏينهن ۾ پاڪستاني 170 رپين برابر هئا) وٺي پنھنجي ٻٽونءَ ۾ وڌا ۽ جاوتري ۽ جئفل جا نالا ياد رکڻ بدران ان ئي وقت سوچيم ته پنھنجي مرضي سان لونگ، ڦوٽا جيڪو مصالحو آساني سان ملندو وٺي ايندس.
اسان جو جھاز ٽن ڏينھن جي سفر بعد ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ رات جي وقت پھتو ۽ جنھن سامان کڻڻ لاءِ اسان ڪولمبو آيا هئاسين اهو تيار نه هو ان ڪري اتي جي مڪاني آفيس جي انچارج اسان کي صبح جو ئي لڏو پٽي اڳتي جي سفر لاءِ هدايتون ڏنيون. اسان ان رات ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ جھاز تان لھي هيڏانھن هوڏانھن چڪر هنيا. دڪان مارڪيٽون بند ٿي چڪيون هيون ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ کاڌي جي هوٽل کليل هئي. ڊالر مٽائڻ بدران مون عالم جا ئي پئسا خرچ ڪري ڪٿي ڪوڪا ڪولا، ڪٿي ڪيڪ بسڪيٽ پاڻ ۽ ٻين ساٿين کي کارائي اچي جھاز تي ستاسين. صبح جو لنگر کڻي ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ جو رخ رکيوسين. ۽ پوءِ هڪ دفعو سامونڊي جھاز پنھنجي ملڪ جو بندرگاهه ڇڏي نڪري ٿو ته ڪا خبر نٿي پوي ته ڪھڙن ملڪن ۾ وڃڻو آهي، ڪيستائين وڃڻو آهي ۽ هر بندرگاهه ۾ ڪيترو وقت ترسڻو آهي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انجڻين وارا جھاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا ته هر ڪم هوا جي رخ تي هلندو هو. جو رخ ڦرڻ تي واپس ورڻ جي ڪبي هئي. پر هاڻ اهو فيصلوڪرڻ جھاز وارن جي هٿ ۾ نه آهي پر جھاز جي مالڪ يا جھاز ران ڪمپني جي آفيس وارن جي هٿ ۾ آهي ته هنن کي ڪٿان ڪٿان سامان ملي ٿو ۽ ڪٿي لاهڻو آهي. جھاز جي مرمت لاءِ ڪھڙو بندرگاهه سولو ۽ سستو رهندو. جھاز جي تيل پاڻي ۽ جھاز هلائيندڙن جي کاڌي خوراڪ جي خريداريءَ لاءِ ڪھڙو بندرگاهه بھتر رهندو _ ان موجب پنھنجيون هدايتون اسان جھاز هلائيندڙن ڏي موڪليندا رهن ٿا ۽ اسان کي انهن جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻي پوي ٿي.
مٿين سامونڊي سفر ۾ اسان ڪولمبو بعد پينانگ وياسين اتي هفتو ڏيڍ رهياسين. ان بعد ڏينھن اڌ جي سفر بعد ملائيشيا جي هڪ ٻئي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ۾ جھاز کي وٺي آياسين جيڪو ڪوالالمپور شھر کي تمام ويجهو آهي جيئن پورٽ قاسم ڪراچيءَ کي آهي. ان بعد سنگاور هفتو کن رهياسين ۽ پوءِ سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ اچي اتر ڏي رخ ڪيوسين. چئن پنجن ڏينھن بعد هانگ ڪانگ پھتاسين. اتي هفتو ٻه ائين ئي بيٺا رهياسين. اسان جي جھاز ران ڪمپني (ڪراچي واري هيڊ آفيس) اسان جي سفر جو اڳتي جو فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته اڳتي جي ڪھڙن بندگاهن مان ڪھڙو سامان کڻجي. بھرحال هانگ ڪانگ مان لنگر کڻي ڪجهه ڏينھن بعد جپان جي بندرگاهه اوساڪا پھتاسين ۽ پوءِ مھنو ڏيڍ جپان جي مختلف ننڍن وڏن بندرگاهن ۾ ئي ڦرندا رهياسين. ڪو به بندرگاهه اڌ ڏينھن کان مٿي پنڌ تي نه هو. وچ ۾ ٻه چار ڏينھن ”شمنو سيڪيءَ“ کان جھاز کي ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه ”پوسان“ ۾ به وٺي وياسين. نيٺ هڪ ڏينھن انهن اتراهن بندرگاهن مان اسان کي هيٺ چين جي بندرگاهه ”دئرين“ ۾ جھاز وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو. اتي ڪجهه ڏينھن ترسن بعد ڪئناڊا لاءِ سامان چڙهڻ جو فيصلو ٿيو. انهن ڏينھن ۾ ڪنٽينر ذريعي سامان نه چڙهندو هو. مختلف فئڪٽرين ۽ شھرن مان ٽرڪن ذريعي بندرگاهه ۾ سامان ايندو هو، جيڪو آهستي آهستي ٿي جھاز تي چڙهندو هو. اڄ جي تيز دور ۾ اهو سامان وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينھن ۾ چڙهي وڃي پر انهن ڏينھن ۾ اسان کي دئرين ۾ ٽي هفتا ترسڻو پيو. دئرين جي مڪاني آفيس جھاز تي سامان چاڙهي پورو ڪيوته اسان کي لنگر کڻي ڪئناڊا جي اتراهين بندرگاهه ”سينٽ جان“ ڏي جھاز کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو. تن ڏينھن ۾ سئيز ڪئنال مان لنگهڻ تي بندش هڻي ڇڏي هئائون سو اسان سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪندا، هندي وڏو سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙيندا پورن 49 ڏينھن بعد ڪئناڊا پھتاسين. رستي تي آفريڪا جي ٻن يا ٽن بندرگاهن ۾ پاڻي ۽ راشن لاءِ ڪجهه ڏينھن ترسياسين، جھاز جي انجڻ ۾ پئدا ٿيل ڪجهه خاميون جيڪي اسان سمنڊ تي مرمت نٿي ڪري سگهياسين سي مڪاني ورڪ شاپ وارن کي گهرائي دور ڪيونسين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ ڪيپ وردي آئلنڊ تي ترسي جھاز جي انجڻين لاءِ تيل ورتو سين. انهن ڏينھن ۾ اهو ٻيٽ آزاد نه هو. سڄو ڪاروبار پورچوگالين يا شايد اسپيني ماڻهن جي هٿ ۾ هو. پورچوگالي ۽ هسپانوي زبان پاڻ ۾ ايترو ملن ٿيون جيترو پنجابي ۽ سرائيڪي ۽ اسان جھڙي نئين ماڻهوءَ لاءِ اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪو پورچوگالي پيو ڳالهائي يا هسپانوي.
بھرحال ڪئناڊا پھتاسين. واپسي تي آمريڪا (USA) جي ٻن ٽن بندرگاهن مان ٿيندا جڏهن مس مس ڪراچيءَ پھتاسين ته جھڙوڪر اٺ مھنا ٿي ويا هئا. ڪھڙن دوستن جا جھاز ڪراچيءَ ۾ هئا يا ڪھڙا موڪل تي لٿل هئا انهن سان ملڻ ٿيندو رهيو. انهن ۾ عالم شيخ به هڪ هو، جنھن جو جھاز اسان کان ٻه هفتا کن اڳ ڪراچي پھتو هو (اسان جي غير حاضريءَ ۾ اهو جھاز هڪ دفعو اڳ به اچي چڪو هو يعني اسان هڪ سفر پورو ڪيو پر هو ٻه Voyages ڪري چڪا هئا. هو مون وٽ آيو يا شايد آئون هن سان ملڻ لاءِ ويس ته پھريون سوال ڪيائين ” مصالحا آندءِ.“
پھرين ته آئون سمجهان ئي نه پيو ته هو ڪھڙن مصالحن جي ڳالهه پيو ڪري! سامونڊي زندگيءَ ۾جتي ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڏينھن هڪ جھڙو ئي ٿيندو آهي هڪ ئي سين (نيرو اڀ ۽ نيرو سمنڊ ۽ جھاز تي گڏ هلندڙ ساڳيا مھانڊا) نظر ايندا آهن ته ڪن ڏينھن تي سوين ماڻهو ۽ ڳالهيون درپيش اينديون آهن خاص ڪري بندرگاهن ۾. ۽ اسان جو هي سفرڪجهه گهڻو ئي ڊگهو ٿي ويو هو، جنھن جي شروعاتي ڏينھن جون ڳالهيون ڪٿي ٿيون ياد بيھن ۽ خاص ڪري عالم شيخ جي چيل مصالحن کي ته مون پھرئين ڏينھن ئي Casual انداز ۾ ورتو هو، سي هينئر ڪٿان ٿا ياد اچن.
”منھنجا مصالحا ڪٿي؟“ عالم وري پڇيو.
”خبر ناهي هي ڪھڙن مصالحن جي ڳالهه پيو ڪري“ مون دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ نيٺ پڇيومانس ته ڪھڙا مصالحا؟
”يار ڪمال ٿو ڪرين! هي جو 340 سلوني رپيا ڏنا هئامانءِ“. عالم ياد ڏياريو ۽ مون کي ڌيان ۾ اچي ويو.
”عالم ڳالهه ٻڌ. مصالحن جي پچر ڇڏ. جھاز ڪولمبو ۾ ڪي چند ڪلاڪ مس ترسيو ۽ نه وري انڊونيشيا ويو جتان تولاءِ مصالحا آڻيان.“
اهو ٻڌي عالم بگڙي پيو. مون کلندي چيوماسن ته جڏهن جھاز اوڏانھن ويو ئي ڪونه ته پوءِ ڌوڙ مصالحا آڻيان.
”نه يار مون کي مصالحا کپن” عالم چيو.
”ڏاڍي ٻڌائي. تو ڪھڙو چلهه تي ديڳڙو چاڙهي رکيو آهي، جنھن لاءِ مون کي مصالحا آڻڻ کتا ٿي. انهن بدران ٻي ڪا شيءِ کپئي ته سڀاڻي منھنجي جھاز تان کڻي وڃجانءِ _ ڪياماڙيءَ پاسي نائين نمبر برٿ (جيٽيءَ) تي جھاز بيٺل آهي.“
”ان صورت ۾ پئسا موٽائي ڏي ته آئون ڪنھن ٻئي کي چوان، جيڪو ڪولمبو وڃڻو هجي.“ عالم چيو.
”اها به ڳالهه صحيح آهي.“ مون اهو چوندي پنھنجي ٻٽونءَ مان سلوني 340 رپين جي برابر جا آمريڪي ڊالر ڪڍيا جو اسان کي ڊالرن ۾ پگهار مليو هو.
”نه مون کي ته سلوني رپيا کپن.“ عالم ٺھه پھه چيو. اتي ادي بلقيس جيڪا ڀر ۾ بيھي اها گفتگو ٻڌي رهي هئي تنھن ٽھڪ ڏيندي عالم کي چيو:
”اِٽ اِز ٽُو مَچ. اهو ٿيو ڦڏو ڪرڻو. ادا ماٺ ڪري ويھي چانھه پيو.“
”رڳو چانھه ڇا؟ ماني به کائڻي آهي.“ : عالم رڙ ڪئي. ماني گهر ۾ تيار ٿيل نه هئي. عالم ٻاهران هوٽل تان گهرائي ۽ آئس ڪريم وغيره پڻ جنھن جو بل 400 رپين کان به مٿي آيس.
”ائين 400 رپيا چٽ ڪري ڇڏئي باقي سلوني 340 رپيا (پاڪستاني 170 رپيا) واپس وٺڻ بنا نٿو رهي سگهين.“ مون کلندي چيومانس.
پر پوءِ مون ڏٺو ته سنگاپور جي هندو سنڌي واپارين وانگر عالم به حساب ڪتاب صحيح رکڻ جو عادي آهي. نه پاڻ ڪنھن جو ٽڪو کڻندو ۽ نه چاهيندو ته ڪنھن ٻئي وٽ هن جو رهي. ڪڏهن ٽي وي ريڊيو ٺھرائبس ته ٺاهي چوندو فلاڻو پرزو مَٽڻو پيو جيڪو سٺ رپين جو آهي پر مون گهٽائي 50 ۾ ورتو آهي، سو پنجاهه رپيا ڏي. ۽ اسان جي سچي دل سان سندس ٿورا مڃيندا آهيون. ڇو جو دڪاندار وٽ پھچڻ تي ته هو ابتي کل ٿا لاهين. پھرين ته هفتو کن شيءِ رکي ڇڏيندا ۽ پوءِ پنجن خرابين جا نالا ڳڻائي هزار ڏيڍ ته آرام سان ڪڍيو وڃن. بھرحال مٿين ڳالهه ڪڍڻ سان ادي بلقيس جي اها ڳالهه پڻ نمايان ڪرڻ چاهيم ٿي ته هوءَ هميشه جهيڙا ٽاريندي رهي. چاهي گهر جا مائٽاڻا معاملا هجن يا جھاز تي نوڪري جا يا سندس مڙس عالم شيخ ۽ اسان دوستن جا__ هوءَ هميشه کِلي هر هڪ کي پرچائيندي رهندي هئي. هن عورت کي مون ڪنھن سان نه جهيڙو ڪندي ڏٺو ۽ نه وري ڪنھن جي گِلا ڪندي ٻڌو.
ڪئپٽن عالم شيخ جي بلقيس وفائيءَ سان 23 مارچ 1970ع تي شادي ٿي هئي. انهن ڏينھن ۾ عالم جھاز جو سيڪنڊ ميٽ (سيڪنڊ آفيسر) هو _ يعني ڪئپٽن کان ٻه رئنڪون هيٺ. ڪئپٽن کانپوءِ جيڪو آفيسر ٿئي ٿو اهو فرسٽ ميٽ سڏجي ٿو. يعني ڪئپٽن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ وارو پھريون ساٿي. فرسٽ ميٽ ڪن ڪن جھازن تي چيف ميٽ يا چيف آفيسر به سڏجي ٿو. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ سامان کي صحيح حساب سان رکرائڻ ۾ هن نيويگيٽر جو اهم حصو هوندو آهي. ان بعد سيڪنڊ آفيسر آهي. چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر تان هن وقت هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي ته ڪنھن جھاز تي چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سخت ضرورت ٿي پئي. شپنگ ڪمپنيءَ وارن اخبار ۾ اشتهار ڏنو ته ڪراچيءَ ۾ هن وقت ڪو به چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر موجود هجي ته فلاڻي جھاز تي هيتري پگهار تي هليو اچي. جھاز کي لنگر کڻڻ ۾ فقط ٻه ڏينھن آهن. اشتھار پڙهي جيڪي همراهه آيا انهن ۾ خبر پيئي ته ڪنھن ميونسپالٽي ۽ بئنڪ جو به چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر هو.
دنيا جي مختلف جھازران ڪمپنين ۾ چئن مٿين آفيسرن کي فئملي سان گڏ سندن جھاز تي Sail ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. اهي آهن ڪئپٽن، چيف آفيسر، چيف انجنيئر ۽ ان جو اسسٽنٽ سيڪنڊ انجنيئر. پر اسان جي پاڪستاني ڪمپنين ۾ سيڪنڊ آفيسر ۽ ٿرڊ انجنيئر، ريڊيو آفيسر ۽ ڪڏهن ڪڏهن اليڪٽريڪل انجنيئر کي به ٻارن سان گڏ جھاز تي رهڻ ۽ سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. ان ڪري اسان شادي بعد فئملي سان گڏ Sail ڪرڻ شروع ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته عالم ۽ مون کي هڪ ئي جھاز تي گڏ Sail ڪرڻ جو موقعو نه مليو، پر هڪ ٻئي جي خبر چار پوندي رهي ٿي. پوءِ ڪڏهن اسان جا جھاز دنيا جي ڪنھن هڪ ئي بندرگاهه ۾ اچي گڏ بيھندا هئا يا ڪڏهن ائين ٿيندو هو ته هانگ ڪانگ، لورپول، هئمبرگ جھري بندرگاهه ۾ منھنجو جھاز اندر گهڙي رهيو هوندو هو ته هن جو ٻاهر پيو نڪرندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪنھن سمنڊ ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان گذري ويندا هئاسين ۽ جھاز جي VHF (وائرليس سسٽم) ذريعي هڪ ٻئي سان خبرچار ڪري وٺندا هئاسين.
گهڻو ڪري زالن ۽ ٻارن کي سي سڪنيس گهٽ ٿي ٿئي ادي بلقيس ته ننڍي هوندي کان وٺي سامونڊي سفرن جي عادي ٿي چڪي هئي جڏهن هن کي اڃان پھريون ٻار به نه ٿيو هو. ان بعد کين جڏهن ٻار ٿيا تڏهن به هوSail ڪندا رهيا ۽ جھازين وانگر هنن لاءِ ”جھاز“ گهر مثل رهيو ٿي. زميني گهر تي مندن مطابق ڪڏهن سيءُ ٿيندو آهي ڪڏهن مينھن ۽ برفباري، ڪڏهن جهڪون لڳنديون آهن ته ڪڏهن گرمي ۽ چِٽَ. جھاز وارو گهر ڪڏهن طوفانن ڏي وڌندو آهي ته ڪڏهن ٿڌن برفاني ملڪن ۾ هوندو آهي. بھرحال سمنڊ تي هر انسان کي صحيح معنيٰ ۾ الله جو ئي آسرو رهي ٿو. هر جھاز تي ڊاڪٽر نٿو رهي. جي رهي ٿو ته هر قسم جي دوا جو هجڻ ضروري نه آهي ۽ فئملي سان گڏ جھاز تي رهندڙ کي ٻارن جو فڪر وڌيڪ رهي ٿو ته ڪٿي سمنڊ تي هنن کي ڪا بيماري نه ٿي پوي يا ڪو ڌڪ لڳي وڃي. ٻار جو معمولي بخار به مائٽ کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هو هر وقت نقشو ڏسڻ شروع ڪري ٿو ته جھاز سمنڊ ۾ ڪھڙي هنڌ آهي ۽ آيا ڪو بندرگاهه ويجهو آهي يا نه جيئن امرجنسيءَ ۾ جھاز کي يڪدم ان بندرگاهه ڏي موڙي سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن ته جھاز سمنڊ جي اهڙي حصي ۾ هوندو آهي جتان ويجهي کان ويجهي ڪناري ڏي رخ رکجي تڏهن به چار پنج ڏينھن گهٽ ۾ گهٽ لڳي وڃن. اهڙي حالت بيحد دکدائڪ ٿئي ٿي جنھن ۾هرڪو چاهيندي به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ڪئپٽن عالم سان به هڪ سفر ۾ ان قسم جي ٽرئجڊي ٿي پئي جنھن ۾ سندس وڏي پٽ فيصل جي ساڄي هٿ جون آڱريون ۽ آڱوٺو ڪپجي ويو ۽ جنھن ۾ سندس هٿ جي نسن مان وهندڙ رت کي هڪدم بند ڪرڻ ضروري هو نه ته ٻار لاءِ موت جو خطرو هو.
هي حادثو جنھن بدنصيب جھاز تي ٿيو ان جو نالو ”ايم وي سرگوڌا“ هو جيڪو فقط سال اڳ جپان جي اوشيما نالي شپ يارڊ ۾ ٺھيو هو. جھاز جو پھريون چيف انجنيئر منھنجي اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست اجتبيٰ حسين زيدي هو، جيڪو جھاز ٺھڻ دوران اوساڪا جپان ۾ رهيل هو. انهن ئي ڏينھن ۾ منھنجي پوسٽنگ ٽوڪيو جي I.H.I شپ يارڊ ۾ ٿي هئي. جتي ”مالاڪنڊ“ نالي هڪ ٻيو پاڪستاني جھاز ٺھي رهيو هو، جنھن تي چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون کي Sail ڪرڻو پيو هو. اسان جي جھاز (مالاڪنڊ) جي ٺھي راس ٿيڻ ۽ جپان مان نڪرڻ بعد سگهو ئي (ٻن ٽن مھنن بعد) مٿيون جھاز سرگوڌا تيار ٿي نڪتو. ان وقت ان جھاز جو ڪئپٽن عالم شيخ نه هو. پوءِ ڪراچي پھچڻ تي اسان جي جهاز جو مٿيون عملو (ڪئپٽن، چيف انجنيئر، چيف آفيسر، سيڪنڊ انجنيئر وغيره.) ساڳيو رهيو ۽ اسان اڳتي جي سفر لاءِ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا آمريڪا ڏي روانا ٿياسين. ڪجهه مھنن بعد سرگوڌا جھاز ڪراچيءَ پھتو ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا وغيره کان آندل سامان ڪراچيءَ ۾ لاهي آفريڪا جي اولھه وارن بندرگاهن عابد جان ۽ دوئلا لاءِ 15 هزار ٽن چانور چاڙهيا. سرگوڌا کي در اصل يورپ جي بندرگاهن ۾ وڃڻو هو، پر رستي تي لاهڻ لاءِ هنن چانور پڻ چاڙهيا هئا.
سرگوڌا ۽ مالاڪنڊ جھاز پاڪستان جا پھريان آٽوميٽڪ جھاز هئا جن جي هر شيءِ آٽوميٽڪ هلي ٿي. رات جي وقت انجڻ روم کي به تالو لڳايو ويو ٿي ۽ انجڻ سڄي رات پاڻهي هلندي رهي ٿي. هڪ پمپ يا جنريٽر بند ٿيڻ يا خراب ٿيڻ تي پاڻهي آٽوميٽيڪلي ٻيو هلي ويو ٿي. هر شيءِ لاءِ الارم هو ۽ سڄو جھاز ايئر ڪنڊيشن هو ۽ اهي جھاز ان وقت بيحد ماڊرن جھاز هئا جن جي مشينن کان وٺي سمهڻ جا بسترا، رڌ پچاءَ جي ديڳڙن کان نيويگيشن جا اوزار هر شيءِ اعليٰ درجي جي ۽ جديد هئي. منجهن هر خيال کان اتم درجي جي حفاظت ۽ سيفٽي رکيل هئي. سامونڊي وڏي ڇول اچڻ ڪري جھاز جي ڊيڪ تان ڪو تِرڪي نه پوي ان لاءِ صحيح قسم جو Bulwork (ٻَنوڙو)، لڏندڙ جھاز مان هيٺ مٿي اچڻ وڃڻ لاءِ مضبوط قسم جون ڏاڪڻيون، باهه کان بچاءَ لاءِ هر قسم جا وسائڻ جا طريقا_ بھرحال اهي سڀ ڳالهيون انسان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٿو ڪري وڌيڪ جيڪي قدرت طرفان لکيل آهي اهو ئي ٿئي ٿو. ائين جي نه هجي ها ته ٽائٽينڪ جھاز جھڙو سگهارو ۽ با سلامت جھاز، جنهن لاءِ ان جي ٺاهيندڙ آرڪيٽيڪٽ انجنيرن چيو ٿي ته ڪڏهن به نه ٻڏي سگهندو _ بوتل جو ٻوچ (Cork) ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائيٽينڪ جھاز هرگز نه. ۽ واقعي هڪ جھاز ساز (Naval Architect) انجنيئر چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته جنھن جھاز ۾ ايڏيون Buoyancy tanks لڳل هجن، اهو جھاز ٽورپيڊو لڳڻ سان به ٻڏي نٿو سگهي. پر قدرت طرفان هي جھاز ٻڏڻو هو ۽ پھرين رات ئي ٻڏو هو. تڏهن ته هڪ iceberg (برف جو توڏو) جھاز جي سڄي پاسي کي ائين گهرڙي ويو، جو ماڻهو پنھنجي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون به نه لاهي سگهيا.
سرگوڌا جھاز جي ڪراچي هجڻ دوران جھاز جو چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٻئي بدلي ٿيا. نئون ڪئپٽن اسان وارو عالم شيخ چڙهيو. گرميءَ جي موڪلن جا ڏينھن هئا ۽ جھاز تي ڪافي Boat capacity هئي، ان ڪري جھاز تي ڪيترائي آفيسر ٻارن ٻچن سان چڙهيا. عالم شيخ به پنھنجي زال بلقيس ۽ ٽن ٻارن سان چڙهيو. عالم جو وڏو ٻار ڌيءَ عنبرين ان وقت نون سالن کن جي هئي ۽ فيصل جنھن جي ڄم جي تاريخ 7 آگسٽ 1975ع آهي اهو ڇھن سالن جو هو. ان کانپوءِ فھد هو جيڪو 2 فيبروري 1981ع تي ڄائو هو ۽ 16 جنوري 1981ع تي ڪراچي ڇڏڻ وقت فقط چئن مھنن جو هو. فيصل جو حادثو ڪراچي ڇڏڻ کان پورن 28 ڏينھن بعد 14 جولاءِ تي هندي وڏي سمنڊ ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جي ويجهو ٿيو.
آمريڪا کنڊ جو نقشو ڏسندائو ته آفريڪا جي اوڀر پاسي مئڊاگاسڪر نالي هڪ ٻيٽ آهي. ان ٻيٽ کان وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ (جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ملن ٿا)، هي چئن ڏينھن کن جو سامونڊي رستو بيحد خراب رهي ٿو. سال جو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏينھن. هن هنڌ، ڪو سانتيڪو گذرندو هجي نه ته هن هنڌ ٻارهو ئي سمنڊ به خراب ته موسم به خراب_ ۽ ان ڏينھن سرگوڌا جھاز جنڊ جي اهڙن ٻن پڙن ۾ اچي ويو هو، هڪ سمنڊ جون ڇوليون ۽ ڪُن ۽ ٻي طوفاني هوا ۽ لڳاتار مينھن ٽيون سخت سيءُ ۽ پاري ڪري ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو، جنھن ڪري سامهون جو ڏيک (Visibility) نه برابر وڃي ٿيو هو. جون، جولاءِ ، آگسٽ وارا مھنا جڏهن اتر اڌگول (Northern Hemisphere) ۾ يعني پاڻ وٽ پاڪستان، هندستان، سعودي عرب، افغانستان وغيره ۾ سخت گرميون ۽ لُڪون لڳن ته خط استوائي ليڪ کان هيٺ Southern Hemisphere (ڏکڻ اڌ گول) ۾ ابتو حساب رهي _ يعني سخت سيءُ ۽ ٿڌيون هوائون لڳن.
اهڙي خراب موسم ۾ جڏهن سامهون ڪجهه نظر نه اچي ۽ ڇولين ۽ طوفاني هوائن ڪري جھاز گڏهه وانگر ڪڏندو رهي، سامهون ايندڙ جھاز ۽ سمنڊ ۾ اڀاميل جابلو ٻيٽن کان جھاز کي بچائڻ سولو ڪم ناهي. سخت سيءُ ۾ به پگهر اچيو وڃن ۽ اهو مرحلو ڪو ڪلاڪ ٻه نٿو هلي پر ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينھن جا ڏينھن هلي ٿو ۽ عام طرح فقط هڪ جونئر يا سينئر نيويگيٽر بدران ٻه ٻه ڄڻا ۽ ان سان گڏ ڪئپٽن جو به لڳاتار بيھڻ ضروري ٿيو پوي جيئن جھاز جو سکان سڌو رهي. ان وقت ٿوري به سستي يا ڪوتاهي ٻيڙي کي پار اڪارڻ بدران ان کي تباهه ڪري سگهي ٿي.
سرگوڌا جھاز به اهڙي طوفاني موسم ۽ سامونڊي ڪُنن مان ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي وڌي رهيو هو. جھاز جي برج (ڪنٽرول روم) ۾ ڊيوٽي نيويگيشن آفيسر کان علاوه جھاز جو ڪئپٽن عالم شيخ به موجود هو. خراب موسم ۽ سمنڊ ڪري وڏا ته وڏا پر ننڍا ٻار به پنھنجن ڪمرن ۾ پنڪيون پيا کائيندا آهن جو سڀني مٿان ٿورو گهڻو سي سڪنيس جو اثر رهي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ ڪنھن کان به ٻاهر نڪري واڪ ڪرڻ يا ڊوڙڻ ڊڪڻ نٿو پڄي.
اهڙي موقعي تي ڪئپٽن عام شيخ جو ڇھن سالن جو پٽ فيصل جھاز جو سئلون، سموڪ روم ۽ ايلي ويز (گهٽين) مان ٿيندو اچي جھاز جي برج تي نڪتو. ظاهر آهي هن کي ڪٿي به ڪو کيڏڻ لاءِ ٻار نظر نه آيو. ڪو به ٻار ايترو سخت جان نه هو جو فيصل وانگر هھڙي خراب موسم ۾ پاڻ کي سنڀالي سگهي.
اڄ ويھه ٻاويھه سالن بعد اهو ڇھن سالن وارو فيصل وڏي ڏاڙهي سان ڪجهه وڌيڪ ئي سنجيدو ۽ سانت وارو لڳي ٿو نه ته ننڍي هوندي، مون کي اڄ به ياد آهي ته فيصل تمام گهڻو ڦڙتيلو ۽ مستيءَ وارو ٻار هو. ماٺ ۾ ۽ هڪ هنڌ فقط تڏهن نظر ايندو هو جڏهن گهاٽي ننڊ ۾ هوندو هو نه ته هر وقت ڊوڙندي ڊڪندي نظر ايندو هو. جيتوڻيڪ جسامت ۾ تمام ڪمزور لڳندو هو پر Stamina ۽ سگهه ۾ ٿلهن متارن کان وڌيڪ چست هو.
فيصل ٻارن ۽ ماڻهن جي ڳولا ۾ هِتان هُتان ٿي اچي برج (جھاز جي ڪنٽرول روم) ۾ پھتو، جتي ٻين کي سي سڪنيس ڪري گهيرٽ محسوس ٿي رهيا هئا اتي هن تي سامونڊي موسم جو اثر نه ٿيڻ ڪري هو عام حالتون محسوس ڪري رهيو هو. برج تي ٻار کڻي نه هئا پر ماڻهو ڇيڻو ته هئا ۽ هونءَ به جھاز جو هي اهو هنڌ ٿئي ٿو جتي چوويھه ئي ڪلاڪ ڪنھن جو هجڻ ضروري آهي نه ته جهاز ڪيئن هلي ۽ ان وقت ته هڪ بدران ٻه چار ماڻهو هئا. هڪ طرف ڊيڪ ڪئڊٽ ۽ سکاني هو ته ٻئي طرف ٿرڊ ميٽ ۽ سندس پيءُ ڪئپٽن هو. هونءَ ته نارمل حالتن ۾ جڏهن سمنڊ ۽ موسم صحيح هوندي آهي ۽ سامهون جھازن جي ٽرئفڪ نه هوندي آهي ته برج (ڪنٽرول روم) ۾ موجود هڪ نيويگيشن آفيسر به هن سان خبرچار ڪرڻ يا کيڏڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيئي سگهيو ٿي پر هينئر حالتون نارمل نه هيون، ڪنھن کي فيصل جي اچڻ جوا حساس به نه رهيو. ڪئڊٽ ۽ سکاني برج جي پاسن (Wings) کان سامهون ڏسڻ جي ڪوشش ڪري وري اندر آيا ٿي، جو ٻاهر سخت ٿڌ ۽ طوفاني هوا هئي. برج روم ۾ بيھي شيشن تي ڌنڌ هجڻ ڪري صاف نظر نه پئي آيو، جيئن مينھوڳي ۽ گهم جي ڪري ڪار جي شيشن تي پاڻي چڙهيل هوندو آهي ۽ پوءِ وائيپر هلائڻ سان ٻاهر جو رستو نظر ايندو آهي. جهاز جي ڪنٽرول روم جي سامهون وارن شيشن تي ڪار جھڙا وائيپر ته نه ٿين پر ڪنڊ وارين ٻن درين جي شيشن تي هڪ فوٽ يا ڏيڍ فوٽ کن جو گول ڦرندڙ شيشو ٿئي جيڪو اليڪٽرڪ موٽر ذريعي پنکي وانگر تيز رفتار سان گول ڦرندو آهي ۽ ان گول ڦرندڙ شيشي مان ڪجهه نه ڪجهه سامهون جو view نظر اچي ٿو. ان گول ڦرندڙ شيشي کي Clear View Screen سڏجي ٿو.
ڪنٽرول روم ۾ آيل ننڍڙو فيصل جيرو ڪمپاس ۽ اسٽيرنگ ويل وٽان ٿيندو اچي سامهون واري ڀت وٽ بيٺو جيڪا سڄي ٿلهن شيشن وارين درين سان ڀريل ٿئي ٿي. سندس پيءُ اسٽيرنگ ويل وٽ جھاز جي پوزيشن چيڪ ڪري رهيو هو ته اهو صحيح ڊگرين تي اڳتي وڌي رهيو آهي يا نه کيس مدد ڪرڻ لاءِ ٿرڊ آفيسر هو جيڪو ذري ذري برج روم جي پاسي واري دروازي کان چارٽ روم ۾ وڃي آفريڪا جي اوڀر ڏکڻ وارو ڪنارو نقشي تي جانچي ٿي آيو ته جھاز ڪھڙي هنڌ تان لنگهي رهيو آهي ۽ انجڻ جي رفتار ۽ اسٽيرنگ ويل مطابق صحيح طرح اڳتي وڌي رهيو آهي يا deviation ٿي رهيو آهي، جيئن ان کي يڪدم دور ڪيو وڃي.
هوڏانھن فيصل ڏي ڪنھن جو به ڌيان نه پئي ويو. هو هيڏانھن هوڏانھن ٻه ٽي ڦيرا پائي درين وٽ رکيل هڪ اسٽول نما ڪرسي تي چڙهي مٿي دريءَ تي ٿي ويٺو، جتي اڪثر بائناڪيولر جھڙي شيءَ رکي وڃي ٿي. بارش ۽ ڌنڌ ڪري هن کي ڪنھن به دريءَ مان چٽو نظر نه آيو . هو پنھنجي ٻاراڻي خيال ۾، اها رب کي سڌ، ڪنھن طرح گول ڦرندڙ شيءِ (Clear View Screen) وٽ وڃي بيٺو ۽ پوءِ شايد هن ٻار جي قسمت ۾ اهو حادثو درپيش اچڻو هو _ فيصل جو هٿ هن تيز رفتار ڦرندڙ شيشي ۾ اچي ڪٽجي پيو. هونءَ اهو تيز رفتار گهمندڙ شيشو ٿلهي، هلڪي ۽ سخت شيشي (Toughened Glass) جو ٺھيل هوندو آهي ۽ ڀڄندو ناهي ۽ جي ڀڄندو به آهي ته ڪار جي شيشي وانگر پلاسٽڪ جھڙا ٽڪرا ٿي ويندو آهي. پر چون ٿا ته هي شيشو عام رواجي شيشو هو جنھن ۾ هٿ اچڻ سان جيئن ئي ڀڳو ته ان جي تکين، ڪپ جھڙين اندين معصوم ٻار جي آڱرين جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيا.
هونءَ هر جھاز تي ڊاڪٽر کڻي نه هجي پر امرجنسيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ هر قسم جون دوائون ٿين ٿيون ۽ ڪئپٽن کان ٿرڊ آفيسر تائين لاءِ ضروري آهي ته هو پنھنجي پروفيشنل امتحان ۾ پاس ٿيڻ سان گڏ ميڊيڪل جو مقرر ٿيل ڪورس پڻ ڪن، جيئن جھاز جي بندرگاهه ۾ پھچڻ تائين هو مريض جي دوا درمل يا مرهم پٽي ڪري سگهن. پر هن صورت ۾ فيصل جون سڀ آڱريون ۽ آڱوٺو ۽ هٿ جو ڳچ حصو ڪپجڻ ڪري رت بند ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو. ويجهو کان ويجهو بندرگاهه ڊربن هو جيڪو سائوٿ آفريڪا ۾ آهي. سائوٿ آفريڪا سان تن ڏينھن ۾ پاڪستان جا تعلقات بنھه نه هئا پر هھڙي امرجنسيءَ ۾ سامونڊي قاعدي موجب جهاز توڙي جھاز جا ماڻهو سائوٿ آفريڪا ته ڇا پر اسرائيل ۽ انڊيا کان به مدد وٺي سگهن ٿا.
نقشي ۾ سمنڊ تي جھاز جي پوزيشن ۽ ويجهي ۾ ويجهو بندرگاهه ڊربن ڏٺو ته اهو ويجهو ويجهو تڏهن به ٻن ڏينھن جي سامونڊي پنڌ تي هو ۽ فيصل جي هٿ مان رت ايڏو تيزيءَ سان وهي رهيو هو جو هن لاءِ هر گهڙي موت ۽ زندگيءَ جو سوال هئي. ائين ناهي ته سمنڊ تي ڪو هي پھريون حادثو هو. پاڻيءَ جي جھازن تي اڪثر حادثا ٿيندا رهن ٿا. منھنجي هڪ دوست انجنيئر جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ جھاز هلندي ٻانھن ڀڄي پئي هئي.هڪ جهاز تي سينئر انجنيئر جو سمنڊ تي آڱوٺو ڪپجي پيو هو. رسي (Chain Block) ذريعي مين انجڻ جو ڪرئڪ ٿيل پسٽن ڪڍي ٻيو وجهي رهيو هو ته چين (زنجير) ٽٽي پئي ۽ پسٽن سلينڊر مٿان رکيل هن جي هٿ جو آڱوٺو ڪپيندو سلينڊر اندر هليو ويو. پر اهي حادثا ان وقت ٿيا، جڏهن سمنڊ ماٺو هو. جهاز سمنڊ تي ائين بيٺا هئا جيئن خشڪي تي گهر ۽ طوفاني هوائون به نه هيون. ويجهي بندرگاهه تان، وائرليس ذريعي گهرايل هيليڪاپٽر، آرام سان جھاز جي ڊيڪ تي لھي، مريض کي پاڻ سان کڻي ويو ٿي.
هن صورت ۾ به سائوٿ آفريڪا وارن انساني همدردي هيٺ هڪدم هيليڪاپٽر موڪليو. جيتوڻيڪ هي جھاز ان بندرگاهه (ڊربن) کان ايترو ويجهو نه هو، موسم خراب ۽ ڌنڌ ڪري هيليڪاپٽر کي هي حادثي وارو جھاز (سرگوڌا) ڳولڻ ۾ به ڪافي تڪليف ٿي، جو هن هنڌ تان ڪيترائي جھاز لنگهن ٿا. جيڪڏهن ڏهه چورس ميل سمنڊ تي فقط هڪ جھاز تري رهيو هجي ته فقط 200 ميل ڊيگهه ۽ 200 ميل کن ويڪر واري سمنڊ ۾ يعني 40000 چورس ميلن ۾ چار هزار کن جھاز ٿيا انهن ۾ سرگوڌا جھاز ڳولڻ جو ڪم ايترو سولو ناهي. ۽ ٻي ڳالهه ته موسم ته خراب هئي جنھن ۾ هيليڪاپٽرکي اڏامڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو هو، پر سمنڊ به خراب هو ۽ جھاز جي هڪ هنڌ نه بيھڻ بدران هيڏانھن هوڏانھن سادا کائڻ ڪري هيليڪاپٽر کي جھاز جي ڊيڪ تي لهڻ ڏکيو ٿي رهيو هو. لھڻ ته ڇا جھاز جي مٿان ٽِڪ هڻي بيھي به نٿي سگهيو. جھڙو ئي بيٺو ٿي ته هيٺان جهاز نڪري ويو ٿي ۽ هيليڪاپٽر گهڻو هيٺ به نٿي لٿو جو لڏندڙ جهاز جا لوهي کوها (Masts) وغيره هن کي نقصان پھچائي سگهيا ٿي.
بھرحال اهو هو ته هر ڳالهه جو سوچي، ڪناري جي واسطيدار کاتي، پنھنجا قابل ماڻهو هيليڪاپٽر سان گڏ موڪليا هئا ۽ هن مھم ۾ ڪامياب ٿيڻ تي کين پنھنجي ملڪ طرفان ايوارڊ مليو هو، جنھن جو احوال ڪيپ ٽائون مان نڪرندڙ اخبار South Coast Sun ٽيهين آڪٽوبر 1981ع واري پرچي ۾ هن عنوان سان آيو هو:
ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ هيليڪاپٽر جو پائلٽ ‘پيٽر وول ڪاڪ’ ۽ ٻيو انجنيئر ‘ائنٽان سوٽن’ هو. اها اخبار ان حادثي بابت لکي ٿي ته:
They rescued badly injuried six years old boy from Pakistan vessel in very bad weather conditions and transported him to hospital during July.
“We certainly saved the boy’s hand, he has sliced into pieces. We managed to get him to hospital very quickly”
It called for a tricky bit of flyng.
“The difficulty was firstly, the rolling and pitching of the vessel caused by bad weather and rough sea, and secondly, the closeness of the centre cranes and there was no space to land. It was a difficult operation”.
The award they received was the “Sikorsky Helicopter Rescue Award.”
موسم ۽ سمنڊ خراب هجڻ ڪري هيليڪاپٽر وارن کي تڪليف ته ڏاڍي ٿي پر ڪلاڪ ٻن جي ڪوشش بعدپھرين فيصل کي مٿي هيليڪاپٽر ۾ ڇڪيو ويو ۽ ان بعد هن جي ماءُ کي چئن پنجن مھنن جي ننڍي ٻار فرخ سان گڏ کنيو ويو. هنن کي ڊربن جي سينٽ آگسٽن اسپتال ۾ پھچائڻ بعد هيليڪاپٽر کي وري سرگوڌا جهاز ڏي سمنڊ تي موڪليو ويو ته هٿ جون ڪٽيل آڱريون ۽ آڱوٺو کڻي اچن جيئن سرجن هٿ جي آپريشن ڪري ان جي آڱرين جا اصلي ٽڪرا ڳنڍي سگهن. هٿ جا ڪٽيل ٽڪرا هيڏانھن هوڏانھن هليا ويا هئا جن کي ميڙي چونڊي گڏ ڪيو ويو پر افسوس جو آخر تائين هٿ جو آڱوٺو نه ملي سگهيو جيڪو ٿي سگهي ٿو حادثي وقت سمنڊ ۾ ڪري پيو هجي.
فيصل جي هن حادثي جي خبر ٻئي ڏينھن سائوٿ آفريڪا ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇپي. هڪ اخبار جيڪا اسان تائين به پھتي ۽ مون وٽ اڃان تائين موجود آهي، اها ڊربن شھر جي ”دي ليڊر“ اخبار آهي، جنھن ۾ فوٽو: هڪ ۾ آپريشن بعد فيصل بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڏيکاريل آهي ۽ ٻي ۾ ان جي والده مسز بلقيس عالم پنھنجي ننڍي پٽ: ڇھن مھنن جي فھد کي ڪڇ ۾ کڻي فيصل جي پيرانديءَ کان، اسپتال ۾ ويٺي آهي. اخبار جمع جي آهي ۽ تاريخ 17 جولاٰءِ 1981ع جي آهي. خبر جو عنوان ۽ خبر ڪجهه هن ريت آهي:
Mercy Flight Drama
Copter lifts sick son from ship.
(نمائنده اخبار ”دي ليڊر“) مسز بلقيس عالم ڊربن شھر جي سينٽ آگسٽائين اسپتال مان هن اخبار جي نمائندي کي گذريل هفتي واري ڊرامي بابت ٻڌايو، جيڪو پاڪستاني جھاز سرگوڌا تي درپيش آيو، جيڪو ان وقت ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو وٺي لنگهي رهيو هو.
ڇھن سالن جي نينگر فيصل پنھنجي پيءُ سان گڏ، جيڪو جھاز جو ڪئپٽن آهي، جھاز جي برج تي هو ته سندس ساڄو هٿ جھاز جي هڪ مشين (شيشي جي گول ڦرندڙ روٽر) ۾ اچي ڇلهجي ويو ۽ نينگر جي بچاءُ لاءِ ڊربن مان هيليڪاپٽر گهرايو ويو. رف سمنڊ، خراب موسم (تيز هوائن ۽ اڻ بيھندڙ بارش) ۾ هيليڪاپٽر وارن کي پنھنجي Mission ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳي ويا.
مسز بلقيس عالم ٻڌايو ته سندس مڙس ڪئپٽن عالم شيخ، حادثي بعد جهٽ پٽ سائوٿ آفريڪا ۾ موجود جھاز جي ايجنسيءَ کي ريڊيو سگنل موڪليو ۽ ويجهي بندرگاهه مان ان ئي وقت هيليڪاپٽر کي گهرايو ويو. هيليڪاپٽر حادثي واري هن جھاز (سرگوڌا) کي ”رچرڊ“ Bay کان پنجاهه ميل کن پري واري علائقي ۾ ڳولي ورتو، جتي بيحد خراب سمنڊ ۽ واچوڙي واريون هوائون لڳي رهيون هيون. مسز بلقيس اهو به ٻڌايو ته ان ڏينھن مينھن وسڻ سان زاري ڪري ڇڏي هئي ۽ رف سمنڊ ڪري جھاز گهوماٽيون کائي رهيو هو.
”هنن رسي ذريعي ڊاڪٽر کي هيليڪاپٽر مان هيٺ لاٿو جيئن هو فيصل جي ڪپيل هٿ مان وهندڙ رت بند ڪرڻ جو اپاءُ ڪري، ڇو جو لڳاتار رت وهڻ ڪري موت جو خطرو هو. پوءِ هن کي پاڻ سان گڏ اسپتال کڻي وڃڻ بھتر سمجهيو. “ بلقيس عالم ٻڌايو.
”سڀ کان پھرين مون کي مٿي ڇڪي هيليڪاپٽر ۾ وهاريو ويو جيئن آئون فيصل سان گڏ رهي سگهان ان بعد هيليڪاپٽر جي انجنيئر کي هيٺ لاٿو ويو جيڪو منھنجي ڇھن مھنن جو ننڍڙو ٻار فھد مٿي مون وٽ کڻي آيو.“
هيليڪاپٽر کي سڌو اسپتال ۾ آڻي اسان کي لاٿو ويو. فيصل کي ان ئي وقت آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا جتي هن جي چٿيل ۽ ڪپيل هٿ تي ڪيتريون ئي سنهيون سنهيون آپريشنون ڪري هٿ جي آڱرين جا ٽڪرا ۽ نسون ڳنڍييون ويون . جسم جي مختلف حصن جون کلون ڪوري هٿ جي گرافٽنگ ڪئي وئي ۽ اهو ڪم ڪيترائي ڪلاڪ هلندو رهيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينھن بعد هن جون اڃان وڌيڪ ٻه آپريشنون ٿينديون.هن وقت هو في الحال I.C.U (اعليٰ نگھداشت واري ڪمري) ۾ آهي.
بلقيس عالم ٻڌايو ته هن جي پٽ فيصل جي حالت هاڻ بھتر آهي ۽ سرجنن هن جي آڱرين جا ٽڪرا ملائي هٿ جو وڏو حصو ٺاهي ورتو آهي پر هن کي اهو ڏک ضرور آهي ته ڪپيل آڱرين جا ٽڪرا نه ملڻ ڪري فيصل جو هٿ آڱوٺي بنا رهجي ويندو.
مسز بلقيس عالم جيڪا پاڪستان جي ڏاکڻي شھر ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ان جو هن ملڪ (سائوٿ آفريڪا) ۾ پھريون دفعو اچڻ ٿيو آهي ۽ هن جو ڪو به سڃاڻو يا مائٽ مٽ هن ملڪ ۾ نه آهي. بھرحال هن جي ٻار جو حال احوال ۽ ڪم ڪار پڇڻ لاءِ سندس مڙس جي جھاز ران آفيس وارا ايندا رهن ٿا.
ٽيھه ورهين جي بلقيس ٻڌايو ته مڙس سان گڏ هي سندس ڇھون سفر آهي. هن انهن سامونڊي سفرن دوران دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا آهن جھڙوڪ: ڏور اوڀر، جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا، ڪينيا، تنزانيا ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ.
مسز بلقيس عالم ٻڌايو ته سندس پٽ (فيصل) جي علاج خاطر لڳي ٿو ته هن کي هتي سائوٿ آفريڪا ۾ اڃان به ڇھه هفتا کن رهڻو پوي ان بعد هوائي جھاز رستي آفريڪا يا يورپ جي ان ملڪ ۾ وڃڻو پوي جتي سندس مڙس جو جھاز پھتل هجي، جيئن هوءَ پنھنجي مڙس سان ملڻ سان گڏ پنھنجي ڌيءُ عنبرين سان به ملي سگهي، جيڪا هن وقت پنھنجي پيءُ سان گڏ جھاز تي رهي ٿي.
سائوٿ آفريڪا جي اخبار “The Leader” ۾ اها خبر هن ريت هئي:
MERCY FLIGHT DRAMA
Copter lifts sick son from ship
Mrs Bilquis Alim Shaikh, in an exclusive interview with ‘The Leader’ this week recalled the drama, which started last Tuesday on board the Pakistani cargo vessel m.v. Sargodha, which was then about 100 nautical miles from Durban.
Six-year old Faisl was on the bridge with his father, who is the captain of the ship, when his right hand accidently got crushed in one of the machines, sparking off a daring four-hour helicopter rescue mission.
Mrs Bilqis Alim said that her husband, Captain Alim Shaikh, immediately radioed that ships agents in South Africa and a helicopter from the nearest port Durban was summoned.
The helicopter, located the ship –Sargodha, approximately 50ms of Richard ‘Bay in gusting gale-force winds and stormy seas on WednesdAy. Mrs. Bilquis said it was pouring with rain and the ship was pitching badly in the rough seas.
“They lowered the doctor from the helicopter to help stop Faisal’s bleeding to death and thereafter he together with the doctor, was hoisted up into the helicopter.” Said Bilquis Alim Shaikh.
It was the first to be hoisted from the ship so that I could accompany Faisal then they lowered the helicopters engineer who brought up my six month-old baby Fahad”.
(From South African Newspaper: The Leader Dtd 17 July 1981 Friday Price 10 Cents Vol .XXXX! No 27. Founder: D. Bramdaw)
ادي بلقيس ٻڌايو ته سائوٿ آفريڪا ۾ رهڻ دوران هن کي ڪڏهن به اڪيلائي محسوس نه ٿي. جيتوڻيڪ هنن جو ڪو به مائٽ مٽ يا سڃاڻو نه هو پر مڪاني اخبارن ۾ اسان جي حادثي جو پڙهي اتي رهندڙ ڪيتريون ئي انڊين نسل جون فئمليون: گجراتي، پنجابي، سک، سنڌي هندو خاص ڪري کوجا ۽ بوهرا ڪميونٽيءَ جون عورتون مون کي دلداري ڏينديون رهيون ٿي ۽ مون سان هر وقت گڏ رهيون ٿي. ”ڪيترين فئملين سان ته منھنجي ايڏي سٺي دوستي ۽ پنھنجائپ ٿي وئي جو اڄ تائين ساڻن خط و ڪتابت قائم آهي.“ ادي بلقيس ڪيترن سالن بعد مون کي ٻڌايو هو.
فيصل جي هن حادثي ۽ هھڙي خراب موسم ۾ هيليڪاپٽر جي هن ڪامياب مھم جوئيءَ جون خبرون ڊربن جي مٿين اخبار “The Leader” کان علاوه ٻين اخبارن ۾ به آيون هيون. هڪ ٻي اخبار جنھن جي ڪٽنگ پڻ هن وقت موجود آهي اها روزنامه The Daily News آهي. هيءَ اخبار پڻ سائوٿ آفريڪا جي آهي.
هيليڪاپٽر ذريعي ادي بلقيس، فيصل ۽ فھد جي رواني ٿي وڃڻ بعد سرگوڌا جھاز پنھنجي اڳتي جي سفر لاءِ وڌيو. ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ اڪرڻ لاءِ جھاز کي هونءَ ئي ڊربن، ايسٽ لنڊن، پورٽ اليزبيٿ ۽ ڪيپ ٽائون جھڙن بندرگاهن وٽان لنگهڻو پوي ٿو. اهي سڀ بندرگاهه سائوٿ آفريڪا ملڪ جا آهن جتي انگريزن جي حڪومت رهي آهي ۽ ان ئي ڪري هنن ڪئناڊا ۽ آسٽريليا وانگر سائوٿ آفريڪا جي ڪيترن ئي شھرن ۽ بندرگاهن جا نالا اصلي ملڪ برطانيا جي شھرن ۽ شھنشاهي خاندان جي ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا آهن.
هن وقت مون کي اهو ياد ناهي ته ڊربن بندرگاهه جي ٻاهران لنگهندي ڪئپٽن عالم شيخ پنھنجي جھاز کي ڏينھن اڌ لاءِ بندرگاهه ۾ وٺي ويو هو يا نه. يا شايد بندرگاهه جي ٻاهران کلئي سمنڊ (Outer Anchorage) تي جھاز جو لنگر ڪيرائي پاڻ موٽر بوٽ ذريعي ڊربن بندرگاهه ۾ وڃي پنھنجي پٽ کي ڏٺو هو يا شايد ڊربن وٽان لنگهندي وائرليس ذريعي خبر چار ڪئي هئي. بھرحال اها سا پڪ آهي ته فيصل سان گڏ اڪيلي سر بلقيس رهي وڏي دليري ۽ همت سان هن جو علاج ڪرائيندي رهي ۽ ساڳئي وقت پاڻ سان رهايل پنج ڇھن مھنن جي ننڍي ٻار فھد کي به منھن ڏيندي رهي. هڪ ڌارئين ملڪ ۽ ڏورانھين ملڪ ۾ جنھن سان اسان جا سفارتي تعلقات به نه هجن، جتي رنگ جو سخت ڇيد ڇاڻ هجي، اتي جي اسپتال جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اڪيلي سر ننڍڙي ٻار (فھد) جي هر ضرورت پوري ڪرڻ ۽ وڏي پٽ فيصل (جيڪو پڻ ڇھن سالن جو ٻار ٿيو) جون آپريشنون ۽ علاج ڪرائڻ ۽ آپريشنون به اهي جن جي ڪاميابيءَ جي ڪا اميد نه هجي (۽ پوءِ سالن جي فزيو ٿيراپي بعدد مس مس آڱريون چرڻ لڳيون هيون) هڪ وڏي دل جگر جي ڳالهه آهي _ چاهي اسان جي ايشيائي معيار کان پرکيو وڃي يا يورپي انداز سان. اهو ئي سبب آهي جو هن حادثي ۽ ماءُ (بلقيس) جي همت جون خبرون ڪيترائي هفتا مڪاني ۽ ٻاهرين مختلف زبانن جي اخبارن ۾ اينديون رهيون.
فيصل جي پيءُ ڪئپٽن عالم شيخ کي هر صورت ۾ سرگوڌا جهاز کي وقت اندر آفريڪا جيعابد جان ۽ دوئلا (Douala) بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو هو، جتي جھاز ۾ چڙهيل چانور لاهي جھاز کي خالي ڪرڻو هو، جيئن اڳيان يورپ يا آمريڪا وڃي ان ۾ سامان چاڙهي سگهي. هربندرگاهه ۾ سامان لاهڻ توڙي چاڙهڻ لاءِ اڳواٽ جو پروگرام رٿيل ٿئي ٿو. دير سان پھچڻ تي پنھنجو وارو وڃائي سگهجي ٿو ۽ وري وارو اچڻ لاءِ وڏي دير (ڪڏهن ته هفتا به) انتطار ڪرڻو پوي ٿو. عابد جان آئوري ڪوسٽ جو ۽ دوئلا ڪئمرون جو بندرگاهه آهي. ٻئي ملڪ اولھه آفريڪا جي ڪناري وارا ملڪ آهن جن جي ڀرسان گهانا ۽ نائيجيريا جھڙا مشھور ملڪ آهن.
ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ لتارڻ بعد سرگوڌا جھاز ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هفتو کن هلڻ بعد عابد جان پھتو. عابد جان ۾ هن جھاز کي ڏهاڪو کن ڏينھن ترسڻو پيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ستر واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان سامونڊي جھاز بيحد ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ ٿيندا ويا پر دنيا جي بندرگاهن جو حال اهو ئي ساڳيو هو. اهو سامان جيڪو اڄ جي ماڊرن بندرگاهن۾ ٻن ٽن ڏينھن اندر لھيو ۽ چڙهيو وڃي اهو اڄ کان چوٿو صدي اڳ مھنو وٺندو هو ۽ هڪ خيال کان بندرگاهه جي اها سست رفتاري اسانجھاز هلائيندڙن لاءِ خوش نصيبي هوندي هئي، جو هنن کي سمنڊ تي ڏکي ڊيوٽي ڪري بندرگاهه ۾ جھاز هلائڻ بدران آرام ۽ گهمڻ ڦرڻ جي زندگي گذارڻي پئي ٿي. بھرحال عابد جان بندرگاهه ڇڏي ڪئمرون جي بندرگاهه دوئلا ڏي روانو ٿيڻ تائين فيصل سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهه ڊربن جي اسپتال ۾ زير علاج هو جنھن جي پڪ عابد جان ڇڏڻ وقت ڪئپٽن عالم شيخ جي موڪليل Telex (تار) مان پوي ٿي، جيڪا هن پنھنجي ڀاڻيجي سليم وفائي (علي نواز وفائي جي فرزند) کي اتان موڪلي هئي.ان جي ڪاپي هن وقت به مون وٽ آهي جيڪا هن ريت آهي.
CT 1Abidjan 54976
July – 1981. 29tlxnr – 517728
fm :captain Sargodha
to: telex 24524 Boman pk
SARGODHA – ATT .MR. SALEEM WAFAI
SLGFM ABIDJAN FOR DOUALA-EXPECT STAY 10DAYS N E.T.A. AUG 1ST. THEN SLG NEW OORLEANS. PLS ASK APPA TO INFORM ANBREEN N FAISAL SCHOOL ABT ABSENCE
BEST WISHES
ALIM SHAIKH.
انهن ڏينھن ۾اڃان اي ميل ۽ موبائل فون جھڙي ڪميونيڪيشن شروع نه ٿي هئي. هر جھاز تي هڪ ريڊيو آفيسر به هليو ٿي جنھن جو ٻئي ڪم سان گڏ مختلف جھازن ۽ ڪناري کان ايندڙ نياپا وٺڻ ۽ موڪلڻ هوندو هو جيڪو ڪم مورس ڪوڊ ذريعي ڪيو ويندو هو. ڪجهه وقت اڳ تائين اهو ئي سسٽم اسان جي پوسٽ آفيس ۽ ريلوي اسٽيشن تي رائج هو. ان ۾ لوهي چاٻيءَ کي آهستي ۽ ڏاڍي DID ۽ DA ڌڪ هڻي الفابيٽ جا اکر ٺاهيا ويا ٿي. مٿين ٽيليڪس جھاز تان موڪليل آهي. ڪجهه لفظ شارٽ فارم ۾ آهن جھڙوڪ: Sailing لاءِ فقط SLG آهي. فرام لاءِ FM ، ائنڊ لاءِ N ۽ پھچڻ جي اٽڪل تاريخ (Expected Time of Arrival) لاءِ فقط ETA لکيل آهي. ڪئپٽن عالم جا ٻه وڏا ٻار عنبرين ۽ فيصل ان وقت اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا. اونهاري جا ٻه اڍائي کن مھنا موڪل هجڻ ڪري هو پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ سامونڊي سفر ۽ دنيا جا ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتا هئا. اڳتي جي ڊگهي سفر جو سوچي عالم کي لڳو آهي ته متان سندس جھاز ٻارن جي اسڪول کلڻ کانپوءِ دير سان ڪراچي پھچي سو ٻارن جي وڌيڪ موڪل ڪرڻ جي بندوبست لاءِ هن پنھنجي ڀاڻيجي سليم وفائي ذريعي پنھنجي ڀيڻ (آپا عصمت) ڏي نياپو موڪليو آهي جو هن جي ننڍي ڌيءُ انيتا وفائي (سليم جي ڀيڻ) به ساڳئي اسڪول ۾ هئي.
مٿئين ٽيليڪس (تار) مان اهاپڻ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته عابد جان پھچڻ تائين ڪئپٽن عالم وارن کي اها ته خبر هئي ته ان بعد دوئلا (ڪئمرون) وڃڻو آهي پر ان بعد تيستائين آمريڪا وڃڻ جو پروگرام هو جيڪو ڪئمرون وڃڻ بعد بدليو آهي، جو بعد ۾ جهاز کي نيويارڪ ڏي وڃڻ بدران لنڊن ۽ يورپ جي ٻين بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو. ڊربن جي اسپتال ۾ ٻه مھنا کن رهڻ دوران فيصل جي هٿ جي آپريشن، آڱرين جا ٽڪرا ۽ رت جون ناليون ۽ نسون ڳنڍڻ، مٿين چمڙيءَ جي گرافٽنگ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ سرجري تي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ سرجنن ڪم ڪيو. سڀ کان وڏو ڪم ڏکڻ آفريڪا جي مشھور پلاسٽڪ سرجن ڊاڪٽر جان ينگلسن (John Youngleson) جو هو ۽ هٿ جي آپريشن ۽ پلاسٽڪ سرجري ٿيڻ بعد به ڪيترائي سال فيصل جي هٿ جي فزيوٿيراپي دنيا جي مختلف شھرن ۽ ڪراچيءَ ۾ PNS شفا اسپتال ۾ ٿيندي رهي ۽ هٿ جي صحيح ٿيڻ جو سڌارو تمام آهستي آهستي جونءِ برابر ٿيندو رهيو،. بھتر هٿ لاءِ ٻه شيون تمام اهم آهن: ڪنھن شيءِ کي مٿي کڻڻ يا هڪ هنڌ جهلي بيھڻ ۽ ٻيو Sensation يعني ڇھاءُ جو احساس. ڪنھن شيءِ کي هٿ لاهڻ سان احساس ٿئي ته اها شيءِ گرم آهي يا ٿڌي، سخت آهي يا نرم، لسي آهي يا کھري وغيره. ڪنھن به شيءِ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ لاءِ يا لکڻ وغيره لاءِ آڱوٺي جو هجڻ ضروري آهي پر افسوس جو فيصل جو هٿ شروع کان آڱوٺي بنا رهيو. باوجود ڳولا جي مينھوڳي ۽ سامونڊي وڏين ڇولين ڪري آڱوٺو نه ملي سگهيو جو هٿ ۾ Transplant ڪيو وڃي. باقي گلاس جھڙي شيءِ کي جهلڻ يا ڇُھاءُ محسوس ڪرڻ لاءِ به هن کي ڪيترائي سال لڳي ويا ۽ اهو به مڪمل طرح حاصل ٿي نه سگهيو آهي جنھن لاءِ ڊربن اسپتال جو پلاسٽڪ سرجن جان ينگلسن شروع کان آگاهه ڪندو رهيو.
ان سرجن جي هڪ خط جي ڪاپي هن وقت مون وٽ موجود آهي، جيڪو خط هن ڪئپٽن عالم شيخ جي تشويش جي جواب ۾ حادثي کان اٽڪل اڍائي سال کن پوءِ ڪئپٽن عالم شيخ کي لکيو آهي:
8 نومبر 1983ع
ڊربن-سائوٿ آفريڪا.
ڊيئر ڪئپٽن عالم شيخ
پنھنجي پٽ فيصل جي علاج بابت لکيل خط ۽ فون ڪرڻ جي مھرباني. افسوس جوآئون دير سان جواب لکي رهيو آهيان. آئون بوسٽن (USA) ۾ ”هٿ جي سرجنن“ جي سڏايل ورلڊ ڪانگريس اٽينڊ ڪرڻ ويو هوس جيڪا ٽي هفتا کن هلي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا Hand Surgeons اتي آيل هئا. توکي ڪنھن ملڪ جي انهن سرجنن جو ڏس پتو کپي ته آئون توکي انهن جا نالا ۽ ائڊريسون موڪلي سگهان ٿو ۽ تون وڌيڪ تصديق خاطر انهن مان ڪنھن کي فيصل جو هٿ ڏيکاري وڌيڪ صلاح مشورو ڪري سگهين ٿو. مون کي اها خبر ناهي ته اڄ ڪلهه تون ڪھڙي جھاز تي آهين ۽ ان جي روٽ ڇا آهي. ان ڪري هوائي جھاز رستي پنھنجو ڀاڙو ڀري مون وٽ اچڻ صحيح نه رهندو. هٿ جو علاج ڪرڻ وارا سرجن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن ۽ تمام قابل ۽ تجربيڪار آهن.
بھرحال اهو معلوم ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته فيصل جو هٿ ڏينھون ڏينھن بھتر ٿي رهيو آهي ۽ اڍائي سالن ۾ جيڪا ٿوري ٿوري تندرستي آئي آهي اها پنھنجي اميد کان وڌيڪ آهي. فيصل وڌندڙ ٻار آهي ۽ آهستي آهستي قدرتي طور هن جو هٿ ڪجهه نه ڪجهه بھتر ٿيندو. پر هر صورت ۾ اسان کي اهو نه وسارڻ کپي ته هن جو هٿ تمام گهڻو ڪپجي ۽ چچرجي پيو هو ۽ اهو هٿ هڪ نارمل هٿ جھڙو وري ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. تنھنجي چوڻ مطابق جيڪڏهن هن جي هٿ ۾ ٿوري گهڻي Sensation محسوس ٿي رهي آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي ۽ هن کي شيون ڇھڻ ۾ وڏي مدد ملندي. اهو هٿ جنھن ۾ ڇُھاءُ (Touch) جو اثر ناهي اهو انسان لاءِ ڪو خاص ڪارآمد ثابت نٿو ٿئي. فيصل جي هٿ ۾ مستقبل ۾ جيتري Sensation وڌندي اوترو بھتر ڪم ڪار پنھنجي هٿ کان وٺي سگهندو. جيئن ته فيصل اڃان ننڍو آهي ان ڪري هن جي آڱرين جا سخت جوڙ اڳتي هلي نرم ۽ بھتر ٿيندا.
فيصل جي هٿ ۾ اهم مسئلو اهو آهي ته هن جي هٿ جون نسون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ رت جي سپلاءِ صحيح طرح نٿي پھچي. منھنجي توهان کي اها ئي سھڻي صلاح آهي ته هن جي هٿ جي هاڻ ڪا ٻي آپريشن تيستائين نه ڪرائجو جيسين هن جي رت جي سپلاءِ جي چڱي طرح ڄاڻ نه ملي ۽ اها ڄاڻ Arteriogram يا خاص X-Ray ذريعي ملي سگهي ٿي جنھن ۾ هڪ قسم جو رنگ (Dye) ٻانھن وٽان رت ۾ داخل ڪري ڏسبو آهي ته هٿ ۾ ڪٿي ڪٿي رت پھچي ٿو. ان جي صحيح معلومات توهان کي هٿ جو اهو سرجن ئي ڏئي سگهي ٿو جنھن هٿ جا Transplants ڪيا هجن. جيڪڏهن تنھنجو جھاز جپان گهڻو ويندو هجي ته اتي ڊاڪٽر هاروئي نڪاساوا سان ضرور ملجانءِ، باقي آپريشن لاءِ ڪو به ڊاڪٽر چوئي ته هن کي فيصل جي پھرين آپريشن بابت ضرور ٻڌائجانءِ ۽ اهو به ٻڌائجانءِ ته حادثو ايڏو ته سخت ٿيو آهي جو رت کڻي ويندڙ نليون arteries گهڻي حد تائين ضايع يا ڪمزور ٿيل آهن.
منھنجي صلاح مشوري جي وڌيڪ ضرورت پوي ته وٺي سگهو ٿا.
ڊاڪٽر جان ينگلس
پلاسٽڪ سرجن؛ ڊربن،
سائوٿ آفريڪا
ڪئپٽن عالم جو جھاز جپان ۽ آمريڪا طرف ئي ويندو رهيو بلڪه هن پنھنجي پٽ جي هٿ کي بھتر کان بھتر بنائڻ لاءِ هو انهن ملڪن ڏي ويندڙ جھاز هلائيندو رهيو جتي ان ڪم جي خاص ڊاڪٽرن سان ملي علاج ڪرائي سگهي. سڀني ڊاڪٽرن جي اها ئي صلاح هئي ته هو هٿ جي فزيو ٿيراپي (مالش) وغيره ڪرائيندو رهي جيڪا هو ڪيترن سالن تائين گهر ۾ توڙي اسپتال ۾ ڪرائيندو رهيو. فيصل سان ڪيترائي دفعا ڪراچي ۾ نيوي جي اسپتال PNS Shifa ملاقات ٿيندي هئي جتي هو فزيو ٿيراپي لاءِ ايندو هو.
فيصل جي مٿين حادثي کي هينئر ٻاويھون سال پيو هلي. ڇھن سالن وارو ڇوڪرو هاڻي اٺاويھن سالن جو نوجوان آهي. هو ڪجهه سال اڳ آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو ۽ اتي ئي نوڪري ڪرڻ چاهيائين ٿي. اتي رهي سندس مذهب ڏي وڌيڪ لاڙو ٿيو. اڄ اهو فيصل شرارتي ڇوڪري بدران وڏي ڏاڙهيءَ سان هڪ سنجيده مولوي لڳي ٿو. 11 سيپٽمبر کان اڳ سندس شادي منھنجي ۽ سندس پيءُ عالم شيخ جي هڪ دوست زين العابدين پٺاڻ جي ننڍي ڌيءُ سحر سان اتي آمريڪا ۾ ئي ٿي. نيويارڪ واري (نائن اليون واري) حادثي بعد فيصل جي اتي آمريڪا ۾ دل نه لڳي ۽ موٽي پنھنجي وطن آيو. ادي بلقيس وفات کان ڪجهه ڏينھن اڳ اسپتال ۾ ٻڌايو ته هوءَ چاهي ٿي ته سندس ٻار ڌارين جي ملڪ ۾ رهڻ بدران هتي ئي اسان جي اکين اڳيان هجن. ”اسپتال مان تندرست ٿي گهر وڃڻ تي ان بابت فيصل سان صلاح مشورو ڪنديس ته هتي ئي رهي کڻي ڪو ڪم يا ڌنڌو ڌاڙي ڪري.“
پر ادي بلقيس کي هن ڀيري اسپتال مان شايد موٽي گهر نه اچڻو هو. اڄ هوءَ اسان سان گڏ ناهي پر سندس ڳالهين، ٽھڪن ۽ يادن جا اڻ کٽ سلسلا آهن، جو هن عورت هر انسان لاءِ هميشه ڀلائي ۽ خير چاهيو ٿي. هن جي سڄي زندگي محنت، پورهئي ۽ سفر ۾ گذري.