الطاف شيخ ڪارنر

بوتلن جو سفر

ھي ڪتاب سامونڊي سفر جي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ واقعن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪھاڻين جو واسطو سمنڊ يا سامونڊي سفرن سان آهي يا وري ڌارين ملڪن ۽ مسافرن سان آهي. ھي ڪھاڻيون مختلف ملڪن ۽ سمنڊن تان جدا جدا وقتن تي لکيون ويون آهن. جان خاصخيلي لکي ٿو: ”الطاف شيخ جو هي ڪتاب هڪڙي ايڊونچر تخليق جو سنگم آهي. وسيع ڄاڻ سان ڀرپور مختصر دنيا جو طويل سفرنامو جتي رڳو سمنڊ ۽ خطرا آهن ۽ ان تي جهاڳندڙ جھاز آهي. ڪتاب پڙهندي لڳي ٿو ته ماڻھو پاڻ سفر ۾ آهي ۽ الطاف جا ٻڌايل نقشا ۽ جاگرافي پڙهندڙ لاءِ سونھان آهن. اهو سڄو ايڊونچر پڙهندڙ پاڻ پرکيندو ٿو رهي. “

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بوتلن جو سفر

جھاز ٻڏندو ئي ٻڏندو

اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي _ خبر ناهي ان جو حقيقت سان ڪيترو واسطو آهي پر سڄي دنيا ۾، يورپ توڙي ايشيا ۾ مشھور آهي ته جهاز ٻڏڻ جي خبر پھرين جھاز تي موجود ڪُوئن کي پوي ٿي ۽ جنھن وقت ڪوئا جھاز تان ٽپ ڏيئي ڀڄڻ جي ڪن ته معنيٰ هاڻ جھاز نه بچندو _ پڪ ٻڏندو ئي ٻڏندو.
هونءَ ته ان قسم جا ڪمال يا قدرت طرفان اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيتن مڇين ۾ رکيل آهن جن ذريعي هنن کي ڪيترين ئي ڳالهين Phenomenon جي ڄاڻ ڪجهه اڳواٽ پئجيو وڃي ٿي. ”ڪُجهه اڳواٽ“ ان ڪري جو ڪنھن به پکي يا جانور کي هڪ ڏينھن اڳ مينھن وسڻ جي خبر نٿي پوي، پر جڏهن آسمان تي ڪڪرن جو مانڊاڻ متل آهي ۽ هوا رڪجي جڏهن ڪنھن خاص طرف کان جهڪ جي صورت ۾ لڳي ٿي ته ڪيترن ئي پکين کي idea ٿيو وڃي ته مينھن لڙڻ بدران هاڻ چند گهڙين اندر وسڻ شروع ٿيندو. ڏينھن ۾ ٻه دفعا چنڊ جي چرپر جي حساب سان سمنڊ جي وير چڙهي ٿي ۽ لھي ٿي. ان جي ڄاڻ ٻين سامونڊي ساهوارن سان گڏ کيکڙن (Crabs) کي به پئجيو وڃي _ چاهي توهان هن کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکو. سو هڪ حد تائين جھاز ٻڏڻ کان اڳ ڪوئن کي خبر پوندي هوندي ۽ جھاز تي سوار مسافرن ۽ جھازين کان اڳ هنن جھاز ڇڏيو هوندو (يعني ڪوئن) ۽ انهن ڳالهين جون خاطريون پراڻي وقت جي جھازين (وڻجارن، خلاصين، ناکئن، مسافرن) ضرور ڪيون هونديون ۽ ڪتابن ۾ لکيون هونديون. پر آئون سمجهان ٿو ته ڪوئا_ جن کي آئون شريف چوڻ بدران وڏا لاهه چوندس _ جو ڪوئا جھاز جي عملي لاءِ وڏو مٿي جو سورو هوندا آهن. منجهائن خوش ته ڪناري جا ماڻهو به نه آهن جو اهي کاڌي پيتي جو نقصان ڪن ٿا ۽ بيماريون پکيڙين ٿا. بھرحال ان بابت انهن ٺڳن جو احوال پوءِ ٿا ڪريون پر پھرين جھاز ٻڏڻ جي کين پھرين خبر ڪيئن ٿي پوي ان بابت سوچيون _ بلڪه آئون ته اهو چوندس ته کين (يعني ڪوئن کي) جھاز ٻڏڻ جي اڳواٽ خبر اڳ ۾ پوندي هئي پر هاڻ نٿي پوي. جھاز سان گڏ پاڻ به ٻڏيو وڃن يا بيوقوفيءَ ۾ جھاز ٻڏڻ کان اڳ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيو وٺن ۽ پوءِ جيتوڻيڪ جھاز ٻڏڻ کان بچيو وڃي پر پاڻ سمنڊ ۾ غوطا کايو مريو وڃن.

ٻڏندڙ جھاز مان پھرين ڪوئا ڀڄن
جهاز ۾ مپجود ڪوئن کي پراڻي زماني ۾ جھاز جي ٻڏڻ جي خبر ضرور پوندي هئي. ان لاءِ منھنجو خيال هي آهي ته پراڻي زماني جا جھاز ڪاٺ جا توڙي لوهه جا (ويھين صديءَ جي پھرئين چوٿي تائين) سادي قسم جا ٺھيل هوندا هئا. جيئن ٻيڙي ٿئي، ائين جھاز هوندو هو پر وڏي سائيز جو. هيٺيون حصو سامان رکڻ لاءِ گدام طور ڪم ايندو هو، مٿي عملي جي رهائش ۽ جھاز کي هلائڻ لاءِ وڏا وڏا سڙهه کُتل هوندا هئا. انجڻ اڃان ايجاد نه ٿي هئي. ريفريجريشن سسٽم به نه هو جنھن ذريعي جھاز ۾ سوار ماڻهن جو کاڌو حفاظت سان رکجي. هر شيءِ _ کاڌو پيتو يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ڍوئڻ جو سامان _ چانور، ڪڻڪ کان ڪپھه، سڻي وغيره سڀ ائين پيو هوندو هو. ڪوئن جا ڍير هوندا هئا ۽ ان کاڌي پيتي تي موج مزا ڪندا هئا. جھاز هلائڻ وارا اڄ جي جھاز هلائيندڙن وانگر مقرر وقت جون ڊيُوٽيون ڪرڻ بدران ڏينھن رات لوڙيندا هئا. رڊار سسٽم به نه هو جو خبر پئجي سگهي ته سمنڊ اندر ڇا آهي فقط دوربين (telescope) وغيره هئي جنھن سان اهو ڪجهه نظر ايندو هو جيڪو سمنڊ جي مٿان هوندو هو. سمنڊ هيٺان لڪل جبل، ڀڳل جھازن ۽ ٻيٽن سان جھازن جو ترو ٽڪرائڻ سان ٽٽي پيو ٿي يا ڇولين جي سختي ۽ طوفان جي دٻاءُ ۾ جھاز جو ڪجهه حصو جيئن ئي ڀڳو ٿي يا چيراٽيو ٿي ته جھاز ۾ پاڻي گهڙي آيو ٿي ۽ اهو پاڻي پھرين جھاز جي هيٺين حصي ۾ آيو ٿي جتي سيڌو سامان، ڪارگو ۽ ڪوئا رهيا ٿي. پاڻي اچڻ سان ڪوئا مٿي ڊيڪ ڏي ڀڳا ٿي جتي هر وقت ڇولين جو شپڪو رهيو ٿي ۽ پوءِ هنن ڊپ ۾ جھاز تان ڀڄڻ جي ڪئي ٿي جو هنن لاءِ ڪو ٻيو alternative نه هو. هوڏانھن جھاز وارا ڪوئن کي جھاز ڇڏيندو ڏسي سمجهي ويندا هئا ته جھاز کي ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ جھاز پڪ ٻڏندو ۽ انهن ڏينھن ۾ اهڙي نموني جي جھازن ۾ جڏهن پاڻي اچڻ شروع ٿيندو هو ته ڪڍڻ ناممڪن هو. يا ڀڳل جھاز جي مرمت سمنڊ تي مشڪل هئي. ڪوڪو ڪلي ٺوڪڻ تائين صحيح هو باقي تن ڏينھن ۾ جهاز جي ورڪشاپن ۾ نه ويلڊنگ پلانٽ هئا نه ليٿ ۽ ڊرل مشينون، جنھن ذريعي ڳري مرمت ڪري سگھجي ۽ پوءِ جھاز ٻڏندو ئي ٻڏندو هو. هرڪو ڪاٺيءَ ڀور ڳولڻ ۾ لڳي ويندو هو، جنھن کي چھٽي جان بچائي. انهن ڏينھن ۾ ته لائيف جئڪيٽ به نه هئي.
بھرحال انهن ڏينھن ۾ جھاز اهڙي نموني جا هئا جو جھاز ڪٿان به ٽٽندو هو ته پاڻي سڄي جھاز ۾ اچي ويندو هو ۽ تري ۾ موجود ڪوئا ڀڄندا هئا. بلڪه جھاز هلائڻ وارا انهن ڪوئن کي ئي ڏسي خبردار ٿي ويندا هئا ته جھاز کي ضرور ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ انهن ڏينھن ۾ جھاز ٻڏڻ جو وڏو سبب جھاز ۾ پاڻي ڀرجڻ هوندو هو.
اڄ ڪلهه جا جھاز مختلف آهن. ڪنھن هنڌ تان جھاز جو ترو ٽُٽي پوڻ سان هو هرگز نٿو ٻڏي. بلڪه هڪ ٻن هنڌا ٽٽي پوڻ تي به نه ٻڏي سگهندو. فقط هڪ ننڍڙي حصي ۾ پاڻي ڀرجي سگهندو، جيڪو ايترو گهٽ ٿئي ٿو جو جھاز ترندو ئي رهي ٿو. اڄ ڪلهه جي جھازن کي ٻه ترا (double bottom) ٿين ۽ ان ”اڄ ڪلهه“ کي به اڌ صديءَ کان مٿي ٿي ويو آهي. جھاز کي ٻه ترا هجڻ مان اهو فائدوآهي جو جھاز کي هيٺان ڪا چھنبائتي شيءِ لڳي ٿي ته ٻيو مٿيون ترو پاڻيءَ کي جھاز ۾ اندر اچڻ کان روڪي ٿو. انهن ٻن ترن جي وچ ۾ جيڪا جاءِ ٿئي ٿي، ان کي “ڊبل باٽم اسپيس” سڏجي ٿو. ان Double Bottom Space کي وري ڊگهيون ۽ پاسيريون ڀتيون ڏئي ڏهه پنڌرهن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جيئن تري ۾ جتي جتي ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي ته فقط اهو حصو پاڻيءَ سان ڀرجي، باقي جھاز سلامت رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شروع جي ڏينھن ۾ هڪ اهڙو جھاز ٽائيٽينڪ نالي ايڏو بدقسمت ثابت ٿيو جو برف جي ڇپ (Iceberg) هڪ يا ٻن هنڌن تي جھاز کي ٽڪر هڻڻ بدران جھاز جي سڄي پاسي کي رهڙي وئي ۽ جھاز جيڪو ٻڏڻ ۾ ڏينھن جا ڏينھن به وٺندو آهي سو هن حالت ۾ منٽن جا فيصلا ٿي ويو.
اڄ ڪلهه جھاز تمام وڏا ٿين ٿا جن ۾ ڪارگو رکڻ جا الڳ گدام آهن ته جھازين جي کاڌي پيتي جو سامان رکڻ جا ڪمرا الڳ. ڪوئا اتي ڦرندا رهن ٿا جتي کاڌي پيتي جون شيون آهن ۽ پوءِ جھاز جي ٻڏڻ وقت جيسين انهن هنڌن تي پاڻي نٿو پھچي جتي ڪوئا آهن ته اهي بي فڪر آهن. ڀلي کڻي جھاز جا سڀ ماڻهو لھي وڃن ۽ جھاز به ٻڏي وڃي.
جھاز ٻڏڻ جا ڪيترائي سبب آهن. وڏو ٽڪر لڳڻ ڪري ڀڄي پوي ۽ جھاز جي تور کان وڌيڪ پاڻي اندر گهڙي اچي، يا باهه لڳيس يا خراب موسم ۽ غلط طرح سان سامان رکڻ سان ٻه اڌ ٿي پوي.
باهه لڳڻ يا جھاز ۾ پاڻي اچڻ جي بچاءُ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. جھاز هلائيندڙ عملو باهه وسائڻ ۽ جھاز مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪري ٿو جنھن لاءِ اهو Trained ٿيل آهي ۽ جھاز جي عملي کي جھاز فقط تڏهن ڇڏڻ کپي جڏهن پڪ ٿي وڃي ته بچڻ جو ڪو آسرو ناهي. جھاز ڇڏڻ ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ هر جھاز تي بندوبست آهي. سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ هرهڪ لاءِ لائيف جئڪيٽ آهي جيڪا سمنڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ ڳري کان ڳري ماڻهوءَ کي ٻڏڻ کان بچائي رکي ٿي. ڪنھن کي ڀلي ترڻ نه اچي ۽ هٿ پير به نه هڻي ته به ان لائيف جئڪيٽ ذريعي ترندو رهندو_ تيسين ڪو ڌاريون جھاز يا ان ئي جھاز تان لاٿل ٻيڙي ان کي بچائي سگهي ٿي. هر جھاز جي ٻيڙي (لائيف بوٽ) ۾ هفتي کن جي خوراڪ موجود ٿئي ٿي جيئن بچائڻ وارو جھاز دير سان پھچي ته به ٻڏڻ واري جھاز جا ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ انتطار ڪندا رهن. بھرحال جھاز ۾ موجود ڪوئا جھاز کي فقط ان وقت ڇڏين ٿا جڏهن پاڻي انهن تائين پھچي ٿو يا باهه جو سيڪ هنن کي تپائي ٿو ۽ اڳ زماني ۾ جھاز ۾ پاڻي جو اچڻ معنيٰ جھاز جو سؤ سيڪڙو ٻڏڻ پر هاڻ ائين نه آهي.

زهريلي دوائن جو ڦوهارو
هڪ جھاز تي اسان کي هڪ اهڙو حادثو پيش آيو جنھن جي نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي تيزيءَ سان جھاز ۾ گهڙڻ لڳو ۽ جھاز ويو هڪ طرف جهڪندو. صبح کان پاڻي اچڻ شروع ٿيو هو سو شام تائين جھاز ڪافي هيٺ جهڪي ويو. پمپن ذريعي پاڻي ڪڍندا رهياسين پر پاڻيءَ جي اندر اچڻ جي رفتار گهڻي هئي ۽ ويو جھاز جهڪندو، ڀر واري بندرگاهه ۾ اسان صبح جو ئي اطلاع ڪري ڇڏيو هو ،جتي موجود اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جھاز اسان جي مدد لاءِ نڪري چڪو هو. اسان کلئي سمنڊ ۽ خطري ۾ هوندي به پُرسڪون هئاسين جو اسان سمجهيو ٿي ته جھاز جي ٻڏڻ تي جھاز جون ٻيڙيون Life Boats موجود هيون ۽ اسان جي مدد لاءِ جھاز به اچي رهيو هو. ان دوران اهو ٿيو جو اسان جي جھاز ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ڪوئا ٻاهر نڪري آيا ۽ جان بچائڻ لاءِ پنهنجي پَرِ ۾ جھاز تان هيٺ ٽپ ڏيڻ لڳا. جھاز جي حادثي واري ٽرئجڊي ۾ اها خوشي جي ڳالهه هئي جو ڪوئن کان جھاز آزاد ٿي رهيو هو . سمنڊ ۾ ٽپ ڏيڻ مھل هو پڪ سمجهي رهيا هوندا_ جي کين ٿورو به عقل هوندو ته _ اسين يعني جھاز وارا بيوقوف آهيون، جو ان جھاز تي بيٺا آهيون جيڪو ٻڏي رهيو آهي _ کين ڪھڙي خبر ته اسان جي بچاءِ لاءِ ٻيو جھاز اچي رهيو آهي. ڪوئا اسان جي زبان سمجهن ها ته به آئون نٿو سمجهان ته ڪو جھاز جو ماڻهو کين اها خوشخبري ٻڌائڻ چاهي ها جو هرڪو سندن (ڪوئن جي) ٻڏي مرڻ ۾ خوش هو جو ڪوئا جھاز کي وڏو نقصان رسائين ٿا.
رات ڌاري ٻيو جھاز پھتو ۽ حساب لڳايو ويو ته جنھن رفتار سان جھاز ٻڏي رهيو آهي ان ۾ اڃا به ڏينھن ٻه ڏينھن کپن. بھتر ٿيندو اسان پنھنجي ئي جھاز تي رهون ۽ اسان جي مدد لاءِ آيل جھاز اسان جا جهاز کي ڇڪي بندرگاهه تائين وٺي هلي، جتي ڪجهه پنھنجي مدد سان ڪجهه ڪناري جي پمپن ۽ مشينن ذريعي پاڻي ڪڍي جھاز جي مرمت ڪئي وڃي ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو. جھاز ٻن ڏينھن اندر ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ۽ اسان پنھنجي اڳتي جي سفر تي روانا ٿي وياسين. هاڻ مون کي ٻڌايو ته ڪوئن جي اڳڪٿي صحيح نڪتي يا غلط. ؟
بھرحال ڪوئن جي نڪرڻ ڪري اسان کي بي فڪر رهڻو پيو نه ته جھاز تي ڪوئن جي موجودگي جي ڪري، خاص ڪري آمريڪا جھڙي ملڪ جي بندرگاهن ۾ جيڏانھن اسان وڃي رهيا هئاسين، سڄي جھاز جي فيوميگيشن (Fumigation) ڪرائڻي پوي ها.
هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪا به بيماري يا ان جا جراثيم ڍوئڻ تي تمام سخت اپاءُ ورتا ويا آهن، جيئن اها بيماري نه پکڙجي. ان ڪري هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ڪو پالتو جانور ڪتو ٻلو يا پکي کڻي وڃڻ تي به سختي ڪئي وئي آهي. ان لاءِ ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽن جي صورت ۾ ثبوت ڏيڻا پون ٿا ته هن جانور يا پکيءَ کي ڪنھن به قسم جا جراثيم يا بيماري ناهي جيڪا ٻئي ملڪ ۾ پکڙي يا وچڙندڙ ثابت ٿئي. ان ڪري هر هوائي جھاز يا پاڻيءَ جي جھاز مان لھندڙ مسافر ۽ سامان تي نظر رکي وڃي ٿي. بنا ڊاڪٽري تپاس ۽ سرٽيفڪيٽ واري جانور توڙي پکيءَ کي هوائي اڏي جي هڪ حصي ۾ ٻن ٽن ڏينھن لاءِ جانچ لاءِ رکيو وڃي ٿو ته متان هن ۾ ڪا بيماري هجي. هوائي اڏي جي ان حصي ۾ ان مدي کي Quarantine (ڪورنٽائين) سڏجي ٿو. اهڙي طرح هر بندرگاهه جو هڪ حصو ڪورنٽائن سڏبو آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن، ڪنھن ڪنھن جھاز کي ڪجهه عرصي لاءِ بيھاريو وڃي ٿو ۽ اتي ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي هوندي آهي. اهو خاص ڪري انهن جھازن سان ٿيندو آهي جيڪي ڪارگو (سامان) ۾ جانور (رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون) يا کاڌي پيتي جو سامان (چانور، ڪڻڪ وغيره) کڻن ٿا. ڇو جو جراثيم ۽ جيوڙا کاڌي ۾ به موجود ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ملڪن ۾ کليل (Un-Sealed) دٻن ۾ آندل مٺائي، آچار يا ٻين کاڌي جي شين کي ايئرپورٽ تي ضايع ڪيو وڃي ٿو ۽ مسافرن کي پاڻ سان کڻي نڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي.
اهي جھاز جيڪي ڪڻڪ، چانور يا ٻيو اناج کڻي پھچن ٿا انهن کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ سندن سختيءَ سان چڪاس ڪئي وڃي ٿي ته ڪي اهڙا جيت جڻيا يا جراثيم ته موجود نه آهن جن سان بيماري پئدا ٿئي _ خاص ڪري آمريڪا جي بندرگاهن ۾ ته هيڪاندي گهڻي سختي ڪئي وڃي ٿي. جهاز پھچڻ سان جھاز جي عملي جي چڪاس لاءِ اميگريشن، پورٽ پوليس ۽ ڊاڪٽر الڳ ايندا (جيڪي جھازي عملي جا سفري ڪاغذات، جھاز هلائڻ جي قابليت جا سرٽيفڪيٽ ۽ انهن جي صحت جا هيلٿ ڪارڊ جاچيندا) ته ائگريڪلچرل ڊپارٽمينٽ جا انسپيڪٽر جھاز جون ڪنڊون پاسا جانچڻ ايندا ۽ پُءِ جي ڪو سُرو يا تُٿو نظر اچي ويو ته هاءِ گهوڙا مچي ويندي ۽ جي ڪو ڪوئو نظر اچي ويو يا ڪوئن جي هجڻ جو ثبوت ملي ويو يعني انهن جي هڪ اڌ پولڙي نظر اچي وئي ته اڃا وڏي هاءِ گهوڙا مچي ويندي. جھاز کي اڇوت سمجهي بندرگاهه جي ڏوراهين ڪنڊ تي بيھاريو ويندوآهي ۽ ڪو به مزور تيسين سامان نه لاهيندو جيسين جھاز جي فيوميگيشن ڪرائي جھاز يا ان اناج ۾ موجود ڪوئن ۽ جيوڙن کي ختم نه ڪرايو وڃي.
فيوميگيشن ۾ سڄي جھاز کي زهريلي دوا سان ڦوهارو ڪيو ويندو آهي. جپان ۽ آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ جھاز جي فيوميگيشن جو ٻڌي جھاز جي مالڪ کي ضرور تپ چڙهندو هوندو جو ان تي چڱو خاصو خرچ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ جھاز جو عملو فيوميگيش وارو ڏينھن ٻه مزا ماڻي ٿو جو هن کي اهي ڏينھن هڪ طرف ڊيوٽيءَ مان جان ڇٽي ٿي ۽ ٻئي طرف فائيو اسٽار يا فور اسٽار هوٽل ۾ جھاز جي مالڪ جي خرچ تي رهڻو پوي ٿو.
جھاز جي فيوميگيشن (زهريلي ڦوهاري هئڻ) وقت جھاز جون سڀ مشينون بند ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن کي جھاز ڇڏڻ لاءِ چيو وڃي ٿو _ جن جي رهائش جو بندوبست ڪنھن هوٽل ۾ ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ جھاز جا ٻاهريان در دريون ۽ Openings چڱي طرح Seal ڪيون وڃن ٿيون جيئن نه ٻاهرين تازي هوا اندر اچي سگهي ۽ نه اندر جي ڇڻڪاريل زهريلي گيس ٻاهر Leak ٿي وڃي. دوا جي زهريلي اثر مطابق جھاز کي هڪ يا ٻه ڏينھن ائين ڇڏيو ويندو اهي. پوءِ در دريون کولي جنريٽر هلائي پھرين هوا جا تيز پنکا (Blowers) هلايا ويندا آهن جيئن گئس نڪري وڃي ۽ ماڻهو اچي سگهن ۽ پوءِ جھاز کي هلائي بندرگاهه جي ان جيٽيءَ تي اچبو آهي جتي آندل اناج ۽ ٻيو ڪارگو لاهڻو هوندو آهي.

جھاز هلائڻ جو مسئلو
ڪڏهن ڪڏهن فيوميگيشن بعد جھاز هلائڻ مسئلو ٿي پوندو آهي. هڪ دفعي سياري جي سخت سرديءَ ۾ اسان جي چڱي ويڌن ٿي. ٻه ڏينھن هوٽل ۾ رهڻ بعد شام جو جڏهن برف جھڙي ٿڌي جھاز تي پھتاسين ته جھاز جون انجڻيون اسٽارٽ ئي نه ٿين. سڀ کان پھرين جنريٽر هلايو ويندو آهي جيڪو اليڪٽرسٽي پئدا ڪري ٿو، جنھن ذريعي بتيون، هيٽر، پمپ وغيره هلائجن ٿا. ان بعد جھاز جون ڊيرڪون (ڪرينون)، رسا ڇڪڻ جي ونڊلس ۽ ڪئپسٽن هلائي سگهجي ٿو. بئالر ۽ بورچيخاني جا چلها ٻاري سگهجن ٿا. پر جي جنريٽر ئي نه هلندو ته اليڪٽرسٽي ئي پئدا نه ٿيندي.
موٽر لاريءَ جي انجڻ بيٽري ذريعي اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي. بيٽري چارج نه هجڻ جي صورت ۾ وڪڙيل لوهي ڏنڊي (هئنڊل) سان گهمائي اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي. يا ڌڪي ذريعي هن جا پسٽن هيٺ مٿي ڪيا وڃن ٿا، جيئن سلينڊر ۾ گرمائش پئدا ٿئي ۽ تيل جي داخل ٿيڻ تي پچڪاريءَ کي باهه لڳي ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿئي. جھاز جي انجڻ جيڪا جھاز جو ٻاهريون پنکو (Propeller) هلائي ٿي ۽ جنھن جي گول ڦِرڻ سان جھاز اڳيان يا پويان هلي ٿو، تمام وڏي انجڻ ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ اليڪٽرسٽي پئدا ڪرڻ وارا جنريٽر پڻ ڪافي وڏا ٿين ٿا. اهي انجڻيون بئٽري، هئنڊل يا هٿ سان اسٽارٽ ٿي نٿيون سگهن. هر جھاز تي اهي انجڻيون هوا جي پريشر سان هلن ٿيون. ان ڪم لاءِ ٻه هوا جا وڏا سلينڊر .(جن کي عام طرح بوتلون يا رسيور به چون) اٽڪل 30 ڪلوگرام پريشر هوا سان ڀريل هوندا آهن جنھن هوا سان جنريٽر جو پسٽن هيٺ مٿي ڪري اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو. بوتلن ۾ هوا جو دٻاءُ جيئن ئي گهٽ ٿيندو آهي ته ايئرڪمپريسر هلائي هوا جي دٻاءَ کي 30 کن ڪلو گرام تي ڪري ڇڏبو آهي _ بلڪه جھاز جا اهي ايئرڪمپريشر ٻين مشينن وانگر آٽو ميٽڪ هوندا آهن. هڪ مقرر ليول کان گهٽ پريشر پھچڻ تي اهي آٽومئٽيڪلي هلي ويندا آهن ۽ جڏهن 30 Kg/cm پريشر ٿيندو اهي ته پاڻهي بند ٿي ويندا آهن. (اهو 30 ڪلوگرام پريشر جي گهڻائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هرهڪ چورس سينٽي ميٽر تي، جيڪا ايراضي آڱر جي ڳتري جيتري ٿي، ٽيھه سير وزن (اٽڪل اڍائي مڻ) ٿئي ٿو. هوا ڀرڻ جا اهي ڪمپريسر اليڪٽرڪ موٽر ذريعي هلن ٿا. جھاز تي اٽڪل ٽي کن جنريٽر ٿين. جنريٽر يا مين انجڻ (جھاز جي پنکي هلائڻ جي انجڻ) هلائڻ بعد يڪدم ايئر ڪمپريسر هلائي کٽل هوا جو پورائو ڪيو ويندو آهي. ان ۾ سستي نه ڪبي آهي جو خبر پوي ته جنريٽر اوچتو بند ٿي ويو آهي ۽ ان کي هلائڻ لاءِ Compressed Air لڀي ڪانه ۽ پوءِ جنريٽر بند هوندو ته ڪمپريسر به نه هلندو جو ڪمپريسر اليڪٽرسٽيءَ تي هلي ٿو.
ان رات فيوميگيشن (ڦوهاري جو ڪم) ختم ٿيڻ تي جھاز جو عملو بس ۾ چڙهي هوٽل کان جھاز تي پھتو. جھاز جا در دريون کولڻ ۽ جنريٽر هلائڻ لاءِ هڪ ٻه انجنيئر (مئرين انجنيئر)، هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ ٻه ڊيڪ آفيسر جھاز تي چڙهيا. تيسين اسين جھاز جي ٻاهران جيٽيءَ تي بيھي سيءَ ۾ ڏڪندا به رهياسين ته ڪچھري به ڪندا رهياسين.
جھاز جو جنريٽر هلائڻ ۾ ڪا قابليت ناهي. هڪ جونيئر انجنيئر به هلائي سگهي ٿو. بٽڻ کي دٻائڻ سان (يا ڪن جنريٽرن تي بٽڻ بدران هڪ ليور ٿئي ٿو) جنھن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ سان هوا جي بوتل جو منھن کُلي وڃي ٿو ۽ ڪمپريسڊ هوا انجڻ جي پسٽنن سان ٽڪرائجي انهن کي هٺ مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جنريٽر اسٽارٽ ٿيڻ بعد ان کي Load تي چاڙهيو وڃي ٿو _ يعني ان مان پئدا ٿيندڙ اليڪٽرسٽيءَ جي سپلاءِ کي سسٽم سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هاڻ ان رات ڪوبه جنريٽر اسٽارٽ نه ٿي سگهيو. ڪنھن سبب ڪري بوتلن (Air Receivers) ۾ هوا جو مقدار ۽ دٻاءُ گهٽجي ويو هو (شايد ڊرين والو يا ڪنھن ٻئي Valve جي اڻپوري بند هجڻ ڪري ٻه ڏينھن هوا Leak ٿيندي رهي) ۽ سخت سيءُ ڪري لوهي جنريٽر برف جھڙو ٿڌو ٿيل هو. جنريٽر اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ انجنيئر چار پنج دفعا بٽڻ دٻايو (جھاز تي ان کي ڪِڪَ Kick هڻڻ چئجي ٿو) پر هر دفعي ٿورو گهمي بيھي ٿي رهيو. ان ۾ مقرر گرمائش پئدا نه پئي ٿي جو لڳاتار هلڻ شروع ڪري ڏي. ايتري ۾ خبر پيئي ته بوتلن مان هوا سڀ ختم ٿي وئي. انجڻ روم جي اونداهيءَ ۾ ٽارچ ذريعي پريشر گيجن کي ڏٺائون ته اهي نه برابر پريشر ڏيکاري رهيون هيون. هي ائين آهي جيئن ڪار جي انجڻ اسٽارٽ نه ٿئي ۽ خبر پوي ته بيٽري ختم ٿي چڪي آهي. پوءِ اهڙي صورت ۾ هئنڊل سان انجڻ اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿي. جھاز تي به ان قسم جي امرجنسيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ بندوبست هوندو آهي جنھن کي First Starting Arrangements سڏجي ٿو. يعني جھاز جڏهن نئون ٺھي ٿو ته ان طريقي سان انجڻ اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو طريقو قائم رکيو وڃي ٿو جيئن ڪڏهن اهڙي حالت پئدا ٿي پوي ته ان کي منھن ڏئي سگهجي _ جيئن ان رات ٿي پئي.
اسان کي جنريٽر اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپريسڊ هوا جي ضرور هئي جيڪا اسان وٽان کپي چڪي هئي ۽ ڪمپريسڊ هوا لاءِ اسان کي اليڪٽرسٽي (يعني جنريٽر) جي هلڻ جي ضرورت هئي جيڪو هڪ هنڌ بيٺو هو. اهڙي صورت ۾ جھاز تي هڪ ننڍڙو ڊيزل ڪمپريسر رهي ٿو ان کي هٿ سان هلائي ايئر بوتل کي ڀريو ويو ۽ پوءِ ان هوا سان جنريٽر هلايو ويو. جنريٽر هلڻ بعد پھريون ڪم اهو ڪيوسين جو اليڪٽرڪ ڪمپريسر هلائي ٻئي وڏيون هوا جون بوتلون ڀريونسين، جيئن متان اوچتو جنريٽر بند ٿي وڃي ته ان کي وري هلائڻ لاءِ پريشر واري هوا ته هجي. ان سان گڏ جھاز جون بتيون ۽ هيٽنگ سسٽم هلايونسين. ان بعد هڪ هڪ ڪري سڀ اهم پمپ هلائي جھاز جي مين انجڻ کي ريڊي رکيوسين. صبح جو چئين بجي ڌاري پائلٽ آيو ۽ اسان جي جھاز کي بندرگاهه جي ڏورانھين ڪنڊ کان وٺي شھر جي ويجھو واري ڌڪي (Jetty) تي اچي بيھاريو. جھاز کي جيٽيءَ سان لڳندي ۽ ٻَڌندي صبح جا اٺ ٿي ويا. نيرن ڪري ميس مان ٻاهر نڪتاسين ته جهاز تان سامان لھرائڻ لاءِ ان بندرگاهه جا مزور ۽ اسان جي مڪاني آفيس جو آمريڪن ايجنٽ اچي چڪو هو.

ڪوئا نقصان رسائين ٿا
اهي ته ٿيون ڪجهه ٽيڪنيڪل ڳالهيون جيڪي انجنيرنگ کان واقف يا دلچسپي رکندڙ ئي سمجهي سگهيا هوندا ته جھاز جي مشيني ڪارخاني هلائڻ ۾ ڇا ڇا رنڊڪون پئدا ٿي سگهن ٿيون. هونءَ هتي پاڻ ڪوئن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪي هڪ جھاز هلائيندڙ ۽ جھاز جي مالڪ جي مشڪلاتن ۾ ويتر واڌارو آڻين ٿا ۽ ڪير آهي (سواءِ ٻليءَ) جي جيڪو ڪوئي جي رڙ نٿو ڪري.
منھنجي خيال ۾ فصلن توڙي گهرن ۽ آفيس جي شين کي جيترو گهڻو نقصان ڪوئو رسائي ٿو اوترو ڪو ٻيو جيت جڻيو، پکي پکڻ يا مرون جانور نٿو پھچائي. ڪوئو جيترو کائي ٿو ان کان وڌيڪ شين جو زيان ڪري ٿو. توهان ڪنھن چچي، سانڊي، وڇون، نانگ کي ته سولائيءَ سان ماري سگهو ٿا پر ڪنھن ڪوئي کي ته ماري ڏيکاريو. ڪوئو مارڻ ۾ به اهڙو سولو نٿو اچي. کائڻ لاءِ ڪا زهريلي شيءِ رکو ته اها به سولائي سان نٿو کائي. ڪوئي اندر پنھنجي بچاءَ لاءِ قدرت اهڙي Mechanism ٺاهي آهي جو هن کي خبر پئجيو وڃي ته ڪھڙي شيءِ کائڻ ۾ هن جو ڀلو نه آهي. ڪوئي کي مارڻ لاءِ ڪنھن شيءِ ۾ زهر ملائي ڪوئي جي کائڻ لاءِ ڦٽي ڪيو. هرگز نه کائيندو. ٻه چار ڏينھن ته ان کاڌي جي ويجهو ويندي ويندي لنوائيندو ۽ پوءِ جڏهن ان شيءِ سان هِري مِري ويندو ته ان مان فقط هڪ ٻه ننڍڙا چڪ هڻي چکندو. جيڪڏهن اها شيءِ کيس ڀانءِ نه پئي ته ان کي وڌيڪ کائڻ بدران ان مٿان پيشاب ڪري خراب ڪري ڇڏيندو، جيئن سندس ٻين ڪامريڊن لاءِ به چتاءُ رهي ته هن شيءِ کي ڏاٺ ته ڇا مڇ به ناهي هڻڻي.
منھنجي پراڻن جھازن تي ته ڏاڍا ڪوئا هوندا هئا. چڱو جو انهن جھازن تي اناج جھڙيون شيون کڻي جپان، يورپ يا آمريڪا جي بندرگاهن ۾ نه ويندا هئاسين. ڪاٺ، لوهه ۽ مشينري جھڙيون شيون کڻي هلندا هئاسين. ڪوئن جو گذارو اسان جي راشن تي هوندو هو. پوءِ ڊگهي سفر ۾ جڏهن راشن ٿورو ٿي ويندو هو ۽ خاص ڪري کين دٻن ۽ ڳوڻين پويان لڪڻ جو وجهه نه ملندو هو ته پوءِ انجڻ روم ۾ به ڌوڪي ايندا هئا. هڪ دفعي ته ڪوئي جي ڪري انجڻ روم ۾ باهه لڳي وئي. اليڪٽرڪ جي تارن مٿان چڙهيل پلاسٽڪ کائڻ ڪري تارون شارٽ سرڪٽ ٿي پيون ۽ باهه اچي لڳي. يڪدم شروعاتي مرحلي ۾ ئي ڄاڻ ٿيڻ تي پائوڊر ايڪسٽنگشر ذريعي باهه وِسائي ورتيسين نه ته سڄي انجڻ روم ۾ باهه پکڙجي وڃي ها ۽ پوءِ جڏهن ان اوچتي باهه جي سبب جي ڳولا ڪئيسين ته نه فقط اليڪٽرڪ جون تارون ڪتريل نظر آيون پر اتي ئي تارن ڪُترڻ واري ٺڳ جو مڙهه به اتي ئي نظر آيو. پوءِ ته باقي ڪوئن مان باهه ڪڍڻ لاءِ ڏنڊا کڻي ڏاڍو ڊوڙياسين پر هڪ به نه ماري سگهياسين ۽ نه ڪوئا مارن (ڪوڙڪن) ۾ ڦاسائي سگهياسين. تڏهن ته مٿي لکي آيو آهيان ته ڪوئي کي مارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪانگ ڏاهو پکي آهي پر ان کي به توهان سولائيءِ سان کاريءَ هيٺ جهلي سگهو ٿا. بين الاقوامي قاعدي قانون موجب هوائي جھاز ۾ ڪوئي جي هڪ پولڙي ملڻ تي به ان جي اڏام ڪئنسل ڪري، سڄي جھاز جي فيوميگيشن ضروري ٿئي ٿي. ذرا تصور ڪريو ته مٿي اڏامندڙ هوائي جھاز ۾ جيڪڏهن ڪو ڪوئو هوائي جھاز جي انجڻ يا اوزارن جون تارون ٽُڪي وٺي ته فلائيٽ انجنيئر کي نه تارون ڳولڻ ۽ ڳنڍڻ جو موقعو ملندو ۽ نه ئي ”ڪيبن ڪِريو“ کي باهه وِسائڻ جي اٽڪل ايندي. ان کان اڳ ئي جھاز اچي هيٺ ڦھڪو ڪندو.
ڪوئي ۾ ويجهه هڪ طرف آهي ته بيمارين پکيڙڻ جو خدشو ٻئي طرف آهي. ٻين جانورن وانگر ڪوئي جي جنسي ميلاپ ۽ وياٽي جو وقت مقرر ناهي. هو ٻارهوئي ڄڻيندو رهي ٿو. ڪوئي لاءِ چيو وڃي ٿو ته سال ۾ ٽن کان ڇھه دفعا ٻچا ڏئي ٿو ۽ هر دفعي ۾ ڏهه کن ٻچا ڄڻي ٿو (ائين ته پندرهن سورهن تائين به ڏين ٿا) ان حساب سان ڪوئن جي هڪڙي جوڙي مان سال اندر هزارين ڪوئا ٿيو وڃن، جو سندن ٻچا به مھني ٻن بعد ڄڻڻ شروع ڪريو ڏين.
جيترين بيماري جا جراثيم ڪوئو کڻي هلي ٿو اوتريون شايد ئي ٻيو ڪو جانور کڻي هلندو هجي. ميورين ٽائفس، اسڪرب ٽائيفس Trichinosis, leptospirosis ۽ ٻيون انيڪ بيماريون ٻڌايون وڃن ٿيون. چون ٿا ته ايترا ماڻهو جنگين ۾ نه مُئا جيترا ڪوئن مان لڳل بيمارين ۾ مُئا آهن ۽ سڀ ۾ جيڪا خطرناڪ بيماري آهي جنھن جو خوف اڄ به ڇانيل رهي ٿو اها آهي پليگ. هينئر ويجهڙائي ۾ ڪوئن جي ڪري انڊيا ۾ سخت وچڙندڙ بيماري پکڙي ۽ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. چوڏهين صديءَ ۾ ڪوئن جي ڪري يورپ ۾ ته پليگ (جنھن کي (بلئڪ ڊيٿ) سڏيو ويو) پکڙي جو هر ٽن ماڻهن مان هڪ مري ويو. ان بعد اهڙي ئي موت جي لھر مختلف صدين ۾ انڊيا، مغربي ايشيا ۽ چين ۾ آئي.
ڪوئي جي سلامتيءَ جو اهو سبب آهي جو هي جانور بيحد ”نرڄو“ آهي. هر موسم ۽ هر کاڌي تي جيئرو رهي سگهي ٿو. هر اها شيءِ کائي ٿو جيڪا انسان کائي ٿو ۽ هو تپندڙ واريءَ ۾ به رهي سگهي ٿو ته اتر قطب جي برفاني ملڪن ۾ به. هو گٽرن ۾ موجود پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو ته ساڳئي وقت پائيپن ۽ تارن ذريعي مٿي چڙهي سگهي ٿو. ڪوئو رسين ذريعي جھازن تي پھچي ٿو. هي اهي رسيون آهن جن سان جھاز کي جيٽيءَ سان ٻڌو وڃي ٿو. انهن رسين ذريعي ڪوئن کي جهاز ۾ چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ جھاز جي انهن رسين تي هڪ يا ٻه گول ٿالهيون اٽڪايون وڃن ٿيون. ڪناري تان ڪوئو انهن رسين ذريعي جھاز تي پھچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ٿالهي اڪرندي ترڪيو پوي ۽ سمنڊ ۾ وڃيو ڦھڪو ڪري.