شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

هُو جي ڪالهه تَڏي

هُو جي ڪالهه تَڏي
ڇَپَّر مَنجهه ڇڏيٖ
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!

هاءِ، ويا هُو قافلا
ڪهڙيءَ لوءِ لڏيٖ!
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!

آڌَرِ وريٖ نِجهرا
آڌيءَ رات آڏيٖ
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!

جن جا پيرا پُوڄيا
مُنهنجي جيءَ جڏي
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!

واڪا واڪا واءُ مان
ٿيِ اَڄُ سُڃَّ سڏيٖ
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!

ڳوڙها روڪيٖ ڳوليان
جَبلَ، جاءِ ته ڏي!
ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويا!