تنهنجيءَ جوڙ جهلڪ
موهن، مون من موهيو.
مون ۾ ور ور وسوسا، پيارَ نه ڪائي پَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
مون مَنُ ڪامهه ويڙهيو، ٻاهر جهولا جهَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
پٽ پٽيهر ٿي ويا مون لئه ترڇا لَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
ڏک به ڏاڙهونءَ گُلڙا، ڌڪَّ به ڪهڙا ڌَڪَّ!
موهن، مون من موهيو.
مون ۾ سڀ کان اڳّ ۾، تنهنجي مينهن مَهڪ-
موهن، مون من موهيو.
او شل، اچين اوچتو، واريءَ ڦُلن اَڪَّ!
موهن، مون من موهيو.
صدين سان سَرچي وڃي مَنهنجو پَلُّ پلَڪَ-
موهن، مون من موهيو.