سانجهيءَ سجّ ٻڏو،
رڻ ۾ پَئي راتڙي.
ڪَڻڪي اڄ نه ڪونجڙين
هَنيو روهه ٿُڏو،
رڻ ۾ پَئي راتڙي.
تاري ٽمڪو ناهه ڪو
سارو اُڀُّ ڀُڏو،
رڻ ۾ پَئي راتڙي.
ها، پر مون ساٿاريو
متان لڪ لُڏو!
رڻ ۾ پَئي راتڙي.
تن کي چئو ايترو
’ڪَرها گهَٽ ڪُڏو!‘
رڻ ۾ پئي راتڙي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو