شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

توکان سوا مينڌرا ٻي ڪنهن کي چاهيان؟

توکان سوا مينڌرا ٻي ڪنهن کي چاهيان؟
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

ڪيسين ٻاري ڏيئڙا سنجهي ڪَرَ ساهيان؟
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

مون جي مُگرا پاند ۾ ڪنهن سان وراهيان؟
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

ڪيسين ساريءَ لوءِ سان لاڳاپا لاهيان؟
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

جُٺياري ٿي جڳَّ ۾ ڪيسين نباهيان؟
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

تو ايندي مان آهيان، تُون ناهين، ناهيان،
آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!