ڇَن ڇَن ڪَن ٿا ڇَنَّ
پايل پايل پَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
پلر جي پالوٽ مان
ڌوتا مارن مَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
مُڇّن مُرڪ ملير جي
ڪَڇّن ڳاڙها ڳَنَّ
اُٺو مينهن اگُوندرو
لڄّن لويون لاک سان
ڇَڄّن اڇّا اَنَّ
اُٺو مينهن اگُوندرو
گهَڙا چائي چيلهه تي
تاڻيا تن جا تَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
ڪيڏو مَن کي ڀانئيا
ساجُهر سانجهيءَ وَنَّ!
اُٺو مينهن اگُوندرو