شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

اُڏر، اڙي او ڪانگ

اُڏر، اڙي او ڪانگ
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين؟

تون ڇا ڄاڻين بانورا، اڄڪلهه سڄڻ سانگ!
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!

سُرمو سُڪو اکڙئين، مُگرا سُڪا مانگَ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!

رڻ ۾ روجهه ڇُپي ويا، ڏيئي ڇوهه ڇلانگ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!

آءٌ به پوان آهلي، سُڻِي سانجهيءَ بانگ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!