شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

مَکـٖـي ڇارَ ڇَتَن

مَکـٖـي ڇارَ ڇَتَن
جِيجان تن جتن
ساريان پئي سِڪَّ کي

او شل! اچن اوچتو
وارٖي واڳَ وطن،
جِيجان تن جَتن
ساريان پئي سِڪَّ کي

ڏوُنگر مَنجهه ڏکوئيو
ڏاڍو ڏينهَن تَتن،
جِيجان تن جَتن
ساريان پئي سِڪَّ کي

ڀِٽُن ۾ ڀٽڪائيو
تَن جي پارَ پَتن،
جِيجان تن جَتن
ساريان پئي سِڪَّ کي

تانگهَه اُنهن جي تانگهيان
تاتِ اُنهن جي تَن،
جِيجان تن جَتن
ساريان پئي سِڪَّ کي