شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

ڀيڄ ڀنيءَ ڀوتارَ

ڀيڄ ڀنيءَ ڀوتارَ
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا رَتُّ چِڪندڙا
اُجرٖي اَنَّ ميارَ__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا پگهر واسئان
پورهيت اَتِّ پُڪارَ__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا ٻارن ڪُڏڪيون
پوڙهن پالڻهار
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا سُرمي سينڌ جا
وَنين ۾ ويچارَ__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا جوڀن ڏينهڙا
ڳڀرن جي ڳٽڪار__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا پيرن هَٿّڙا
آڌر لــهءِ آزار__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

گُنديوُن گوندر سان ڀريون
کرا وِچّ بزار__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

گهَر گهَر ڀينگ، ڀلاوِڻا
ويهي ڪن واپارَ__
کَرا ڏٺا کيپ ۾

مَرڪيِ مُڇَّ مٿي ڪئي
ڪارائي، ڪمدارَ__
کَرا ڏٺا کيپ ۾