شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

توڙيٖ ٻوٽيهءِ دَرَ،

توڙيٖ ٻوٽيهءِ دَرَ،
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

ڳورا ڇَپَرَ پيارَ جا
پَکِيءَ گهايلَ پَر،
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

پويان پاڇا رات جا
ڪاريهَر جا ڪرَ،
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

اُف! هِي آپيٖ وَڍُّ جو
ڍٖيرو، اُن جيِ ڍَرَ،
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

اورانهين جا آٺِسٺِا
ڏوُرانهين جا ڏَرَ
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

سُپنا مُنهنجي ساههَ جا
ڪنهن کي تُنهنجي ڪَرَ!
نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!