شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

لُنءَ لُنءَ نڪتِي لاٽَ

لُنءَ لُنءَ نڪتِي لاٽَ
ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

جهر مر جوت ٻريِ پئي
آئي ڇَپَر ڇاٽ
ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

جرڪِي پيئي جِيءَ ۾
وانگيئڙن جي واٽَ،
ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

ڏورانهين جي ڏاهه سان
اُڀريا اوچا ڳاٺ،
ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

مارڳ ۾ مَرڪن پيا
لکئي ساڻ لِلاٽ،
ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾