شاعري

لڙيو سج لڪن ۾

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب  سندس واين جو مجموعو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ ان وقت تائين يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فھرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتھائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لڙيو سج لڪن ۾

تُون ته وسين ٻي پارَ، موُن

تُون ته وسين ٻي پارَ، موُن
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

ڀِڪّوُن سامهون سيِر جي
ڀَڄن ڪونه ڀتارَ، موُن
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

پرکين ٿو مون کي ميان
ويهي پاڻ پَرارَ! مُون
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

روز جُکائن جيءَ کي
واڳيتيل وِيچارَ، مُون
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

اُڀُّ – ڪَپي اوڙاهه جا
ٻُرَن ڪُنَّ ڪَپارَ، مُون
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

ڌار به هوندي، آنهه تون
مون کان موُر نه ڌارَ، موُن
ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان