ناول

ڪئنڊيڊ

عظيم فرانسيسي ليکڪ والٽيئر پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. ھن جون تحريرون ان وقت جي بادشاھن ۽ مذھبي پيشوائن جي خلاف ۽ نج دليلن ۽ سائنسي فلسفن تي آڌاريل ھيون جنھن ڪري ھو سدائين عتاب جو شڪار رھيو. ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويھ ورهين جي عمر جو هو.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • والٽيئر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪئنڊيڊ

تعارف: محمد ابراهيم جويو

جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي تہ هيلتائين سنڌي ۾ والٽيئر جو ڪوبہ ڪتاب شايع ڪونہ ٿيو آهي. ان جو سبب غالبن هيءُ بہ هجي، جو والٽيئر علم جي معاملي ۾ خالص عقل جي برتي جو قائل هو--- ’ايمان‘ تي هن جو اعتبار ڪونہ هو. سنڌي ٻولي جي علمي ۽ ادبي دنيا، پنهجي تاريخي حالات سبب، مشرق جي اڪثر ٻولين وانگر، تقريبن، سڄي جي سڄي ’ايماني‘ ماحول ۾ رچيل يا ورتل رهي اهي. ۽ هوڏانهن والٽيئر هڪ اهو باغي ليکڪ هو، جنهن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو هن جي مُئي کان 160 سال پوءِ، هاڻي تازو 1935ع ۾ انگلينڊ جهڙي سجاڳ ۽ آزاد خيال ملڪ ۾ اتان جي Thinkers Library وارن شايع ڪيو، تہ بہ هُنن کي هُن جي هڪڙي ڪهاڻي (”زباپوٽ سوال ٿو پڇي“ Question of Zapata-- ) مان ڪي ٽُڪرا پنهنجي انگريزي ترجمي ۾ ڪڍي ڇڏڻا پيا، ڇو جو انهن ٽڪرن ۾، سوالن رستي، ”انجيل مقدس جي ڪن ناهموار ڳالهين کي ڪجهہ زياده بر حرمتي سان کوليو ۽ اُکوليو ويو هو.“ انهي ڪري، جيڪڏهن سنڌي ۾ والٽيئر جو هيءُ پهريون ڪتاب هاڻي پيش ٿي رهيو آهي، تہ ان ۾ ڪو عجب کائڻ نہ گهرجي.
والٽيئر، 84 سالن جي وڏي عمر ماڻي، هيءُ جهان ڇڏيو. هُن جو پهريون ڪتاب ”او ڊيپ“ ڏک جو هڪ ناٽڪ جنهن هن کي ادبي دنيا ۾ مشهور ڪيو. اهو هن چوويھہ سالن جي عمر ۾ لکيو. اهو ڪتاب هن جيل ۾ لکيو، جتي عجيب حالتن هيٺ پهريون ڀيرو هڪ سال جي مدت هن کي گهارڻي پئي هئي. ان جو وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو. هيءُ ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“ جنهن جو، ڪجهہ اختصار سان، ترجمو هتي پيش ٿي رهيو آهي. اُهو هن پنجويھہ ورهين جي عمر ۾ لکيو. 1774ع ۾ جڏهن پاڻ اسي سالن جو هو، تڏهن هن جو هڪ مضمون ’ڪاڻو پوٽر‘ (One eyed Porter) هڪ رسالي ۾، گمنام نالي سان، شايع ٿيو، جنهن جو مرڪزي ويچار هي هو تہ ’زندگيءَ جو مَرڪ ۽ ڏاج خوشي اُهي ۽ هر شخص اها پنهنجي سرت ۽ سڀاءَ سارو حاصل ڪري ٿو، ڇو تہ خوشي شين ۾ نہ پر پنهنجي پاڻ ۾ آهي.‘ يعني پنهنجي آسپاس ۽ان جي شين ڏانهن انسان جو پنهنجو ردعمل ڪهڙو آهي، خوشي جو دارومدار ان تي آهي. مرڻ کان ٽي سال اڳ هن پنهنجو آخري مضمون ”ياد جو ڪشالو“ (Memory’s Adventure) لکيو جيڪو هن بنيادي خيال تي بيٺل هو تہ ’حواس ئي آهن جيڪي حافظي کي ترتيب ڏين ٿا، ۽ حافظي کان سواءِ ذهن جو ڪو وجود ڪونہ هو: حواسن ۽ حافظي کان سواءِ خيال يا فڪر جو ٻيو ڪو سرچشمو نہ هو، نہ ٿي سگهيو ٿي.‘
والٽيئر جي مرڻ کان پوءِ هن جي سمورين لکيتن کي گڏ ڪري، 99 جلدن ۾ شايع ڪيو ويو. سندس زندگي ۾ اهڙي ڪا مشڪل سندس تصنيف هئي، جنهن تي سرڪار يا مذهب (مسيحي ڪليسا، ڪيٿولڪ يا پروٽيسٽنٽ) اعتراض نہ ورتو هجي ۽ ان جي اشاعت يا ان جي پڙهڻ خلاف ممانعت جا حڪم يا فتوائون نہ جاري ڪيون هجين. ۽ اهو سڀ تڏهن جڏهن هن کي خود ئي خيال هوندو هو تہ کيس پنهنجا نوان ويچار ۽ رايا پوري ذميداري ۽ احتياط سان ظاهر ڪڻ کپن، ڇو تہ ”آءٌ نٿو گهران تہ منهنجو پنهنجو بورچي ئي ڪٿي جوش ۾ اُٿي، اجايو خون ڪري ڇڏيم!“
هُن، بهرحال، پنهنجي حياتي جو وڏو حصو جيل ۾ يا جلاوطني ۾ گذاريو. پنهنجي زندگي جي پوئين سال، يعني 1778ع ۾، چوويھہ سال يڪا جلاوطن رهڻ کان پوءِ، هو پنهنجي جنم جي شهر پئرس ۾ سو بہ بنان اجازت، موٽي آيو، جتي هن جو آخري عمر ۾ لکيل (وري بہ) هڪ ڏک وارو ناٽڪ ”آئرين“ (Irene) اسٽيج تي پيش ٿي رهيو هو. گهٽين ۾ ماڻهن جا انبوھہ نڪري آيا، جن هن کي ڏسي نعرا هنيا: ”والٽيئر آيو، جيءُ آيو! والٽيئر زندھہ باد! ڪالَس[1] جي حامي کي سَوَ سلام!“ هن جي ناٽڪ جي ڇهين پيشڪش تي پهريائين خود سندس هن جي پنهنجي نشست تي ويٺي، ۽ پوءِ هن جي مجمسي جي کُلي اسٽيج تي گلن سان تاجپوشي ڪئي وئي. هن سان ملڻ لاءِ هن جا دوست ۽ واقفڪار جيڪي هن کي سالن کان پوءِ ڏسي رهيا هئا ۽ هن جا پرستار ۽ قدردان ٽولن ۾ ۽ قطارن ۾، جتي هن جي رهائش هئي اتي وٽس ايندا رهيا. پڇاڙي جو، هن جي ان کيڪار جي، ٻہ ڏينهن لاڳيتا اهي ئي حالت رهي، والٽئير پنهنجن دوستن ۽ قربدارن سان گڏبو رهيو ۽ هٿ ملائيندو رهيو، ۽ ائين ڪندي ڪندي، هو بنھہ هُپجي پيو، ۽ ائين ڏسجي رهيو هو تہ 74 سالن جي هن پير مرد لاءِ وڌيڪ زندگي جو بار کڻڻ وس کان ٻاهر ٿي چڪو هو.
ترت ئي پوءِ جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن پئرس جي ديني اختياري وارن هن کي مسيحي ڪفن دفن ڏيڻ کان انڪار ڪيو- ڇو؟ چي، ’هو ملحد هو‘ هن جي دوستن هن کي ٺاهي جوڙي جيئري شخص وانگر، هڪڙي گاڏي ۾ کڻي ويهاريو، ۽ ايئن هن جو لاش رات وڳڙي ۾، هو شهر کان ٻاهر ڪڍي ويا. شهر کان ٻاهر ويجهي هڪ ديول ۾ هڪڙو ڪشادي دل وارو پادري سندن واقف هو. يا ايئن ئي اهو کين ملي ويو، جنهن ”آمر لوڪن کي مسيحي شريعت جي احڪامن کان بالاتر“ سمجهي، والٽيئر جي لاش کي پنهنجي ديول جي ”مقدس“ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني.
تيرهن سال پوءِ، 1891ع ۾، فتح سان سرشار انقلابين، پنهنجي قومي انقلابي اسيمبليءَ طرفان ٺهراءُ پاس ڪري، ”انقلاب جي آمر استاد“ ۽ ”عقل جي پياسيءَ“ والٽيئر جا هڏا واپس پئرس آڻڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ هن جا هڏا هڪ لک ماڻهن، مردن ۽ عورتن، گڏجي جلوس ٺاهي، پاڻ سان گڏ واپس پئرس ۾ آندا، ۽ ڇهن لکن کان وڌ ماڻهن رستن تي ۽ گهٽين ۾ بيهي انهن جو سلام ڪيو- جلوس ۾ ويندڙ جنازي جي گاڏي تي هي لفظ لکيل هئا: ”هن شخص جو انساني ذهن تي عظيم احسان آهي؛ هن ئي اسان کي آزادي جو سبق سيکاريو.“ والٽيئر جي جنازي کي پوءِ، ساڳي پئرس ۾ ”قومي ديوتائن جي قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ هن جي قبر جي پٿر تي رڳو هي لفظ اڪيريا ويا: ”هي والٽيئر جو مدفن آهي“ – ايئن سمجهيو ويو تہ والٽيئر ڪير هو، ان لاءِ والٽيئر جي قبر تي والٽيئر جو نالو ئي ڪافي هو.
فرانس جو هيءُ غير معمولي انسان سڄي زندگي ٻن ڳالهين جي سلسلي ۾ بيحد خوش نصيب رهيو- هڪڙو دوستن ۽ ٻيو دولت جي سلسلي ۾، هڪ تہ هن کي ڪجهہ اباڻي ۽ ڪجهہ وڌيڪ ناناڻي ملڪيت ورثي ۾ آيل هئي. هن جو پيءُ ان زماني جي پئرس جو هڪ ڪامياب وڪيل هو، ۽ سندس ماءُ تہ ”چند امير نسل“ جي هئي. ۽ حيو تہ خود کيس بہ تجارتي ڪاروبار جو اهڙو ڪو ڍنگ هو. انهي ڪري هو ڪڏهن بہ مالي پريشاني جو شڪار نہ رهيو. هن جي دوستن جي ڳالھہ هئي هئي تہ جو جڏهن هن کي جلاوطني توري جيل جي حالت ۾ پنهنجي بچاءُ توڙي پناھہ جي خيال کان، ڪنهن دوستانہ اثر ۽ رسوخ جي ضرورت درپيش آئي، تہ هو ان کان ڪڏهن بہ محروم ڪونہ رهيو. چوڌاري دشمنن ۽ بدخواهن جي وچ ۾ هوندي به، هڪ پاسي ڪيترا همعصر عالم ۽ اديب هن جا دوست ۽ ساٿي هئا، تہ ٻئي پاسي ڪيئي علم دوست ۽ ادب نواز امير، مرد توڙي عورتون، ويندي وقت جي بادشاهن ۽ انهن جي ويجهي کان ويجهي منصبدارن تائين هن جا خيرخواھہ ۽ قدردان هئا- جرمني جو بادشاھہ فريڊرڪ اعظم تہ هن جو پڪو منعقد هو. هن جي انفرادي دوستي ۽ گهڻگهرائي جي دائري جي وسعت جو سبب هن جي ذاتي خوشحالي خوش طبعي ۽ خوش ذوقي سان گڏ هن جي فڪر توڙي عمل جي بي غرض ۽ بي خوف سچائي پڻ هئي. عوام يعني پورهيت ۽ غريب ماڻهن ۾ تہ ڪيئي هن جا بنھہ فدائي هئا- ڇو تہ اهي هن کي، سڄي جهان جي خلاف، خاص پنهنجو همدرد ۽ حامي سمجهندا هئا.
والٽيئر جي ڪهل، سخا ۽ شيواڌاري سڀاءُ جون ڳالهيون انيڪ آهن. هو اڪثر چوندو هو تہ ”افسوس آهي، جو نيٺ مري وڃبو، ۽ چڱو ڪم ڪرڻ کان رهجي ويندو!“ اوري جا پري جا ماڻهن هن وٽ صلاح مصلحت لاءِ، قلم توڙي پيسي جي مدد لاءِ، خالص همدردي ۽ هانءَ ڏڍ لاءِ سدائين ايندا رهندا هئا. سزا کاڌل غريبن لاءِ هن جي دل ۾ خاص جاءِ هوندي هئي. انهن کي اڪثر معافي ڏيارڻ جي ۽ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ هو ڇٺي ايندا هئا. تہ انهن کي مدد ڪري ڪنهن ڌنڌي سان لائي ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ انهن جو وقت بوقت سماءُ رکندو هو ۽ انهن کي صلاحون ۽ مشورا ڏيندو رهندو هو تہ جيئن زندگي ۾ پنهنجن پيرن تي بيهي هو ڪامياب بنجن. هڪڙي ڀيري هڪڙا نوجوان زال مڙس، جن هن سان ڪا ٺڳي ڪئي هئي ۽ هن کي ڦريو هو، وٽس آيا ۽ گوڏن ڀر جُهڪي کانئس معافي وٺڻ لڳا، والٽيئر پاڻ هنن جي اڳيان گوڏن تي ويهي جهڪي هنن کي اٿاري مٿي ڪيو، ۽ کين پنهنجي طرفان معافي جي خاطري ڏياريندي چيائين تہ ”انسان کي جهڪڻو آهي تہ فقط خدا جي اڳيان جهڪڻ گهرجي، ۽ ڪنهن کان معافي گهڻ بدران پنهنجي نفس کي گناھہ کان روڪڻ کپي.“ هن جي انيڪ پر اپڪاري ڪمن مان، مثال طور، هڪڙُ نيڪ ڪم هي بہ ٻڌايل اهي تہ پنهنجي هڪڙي مخالف جي بيواهي نياڻي کي هن گود ۾ ورتو، پالي پڙهائي وڏو ڪيو، ۽ هن جي شادي لاءِ شاهاڻي قسم جي ڏاچي جو بندوبست ڪيائين تہ جيئن هو سُکي زندگي گذاري سگهي. ”هي جيڪو نيڪي جو ننڍڙو ڪم مون کان ٿي سگهيو آهي.“ هن چيو، هن کي آءٌ پنهنجو بهترين ڪم سمجهان ٿو.... جڏهن مون تي ڪو هلان ڪري ٿو تڏهن آئون حيوان بنجي وڙهان ٿو، ڪنهن جي اڳيان جُهڪي نٿو پوان، پر اندر ۾ آئون نيڪ حيوان آهيان ۽ پڇاڙي ۾ آءٌ کلي ٿو وجهان.“
هيءُ ”کلڻو فيلسوف“ جڏهن 75 ورهين جي ڄمار جو ٿيو، تہ سندس دوستن فيصلو ڪيو تہ پاڻ ۾ پيسا گڏ ڪري، ڪنهن اعليٰ سنگتراش کان هن جو هڪ يادگار مجسمو تيار ڪرايو وڃي. ان لاءِ اهو شرط رکيائون تہ ڪوبہ هڪ ”مائيٽ) (- اڌ پينس، يعني ٽامي جي هڪ ٽڪي) کان وڌيڪ رقم نہ ڏئي- کڻي ڪيترو بہ ڪو شاهوڪار هجي- تہ جيئن گهڻي کان گهڻا دوست ان ۾ حصو وٺي سگهن. جرمني جي بادشاھہ فريڊڪ اعظم پڇا ڪئي تہ هو ان لاءِ ڇا ڏئي؛ جواب مليس تہ ”حضور هڪ ’ڪرائون‘ – ”تاج“- (پنج شلنگ، يعني اٽڪل چار روپيا) موڪلي تہ چڱو ٿيو، جو توهان ٻين علمن ۽ هنرن جي سرپرستي سان گڏ هڪ هڏائين پڃري جي مجسمي لاءِ پنهنجو ”ڪرائون“ ڏيئي ”علم بدن“ جي واڌاري طرف بہ توجھہ فرمايو آهي“ پنهنجن دوستن کي ان تجويز کان ڪجهہ باز رکڻ جي ڪوشش ڪندي، لکيائين! ” اڙي منهنجا دوستؤ، مون ۾ تہ اهڙو ڪو منهن ئي ڪونہ بچيو آهي، جو ان جو ڪو نمونو ٺهي سگهي. اوهان يا اوهان جي سنگتراش لاءِ تہ اهو اندازو ڪرڻ ئي ڏکيو ٿي پوندو تہ اهو هئڻ ڪٿي گهرجي؟ منهنجو اکيون ئي انچ اندر پيهي ويون آهن؛ منهنجا ڳل پراڻي کل وانگر سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن؛........ جيڪي ٿورا ڏند هئم، سي بہ ڪري پيا اٿم......“ کيس جواب مليو تہ ”ڏات ڌڻي (genius) جا مهانڊا پڌرا هوندا آهن ۽ ڏات ڌڻي هن جو ڀاءُ، هر هنڌ ۽ هر وقت هن کي آساني سان سڃاڻي سگهي ٿو.“
والٽيئر پنهنجن پوين ڏينهن ۾ جڏهن بستري داخل ٿيو، تڏهن هڪڙو پادري مسيحي شريعت موجب مغفرت جي دعا ڪرڻ لاءِ پاڻهئي ڄاڻي وٽس لنگهي آيو. والٽيئر کلندي پڇيس ”پادري سڳورا توهان کي ڪنهن موڪليو آهي“ پادري جواب ڏنس تہ خداوند قدوس پاڻ“ اهو ٻڌي، پادري سڳورو جيئن آيو هو تيئن مغفرت جي دعا ساڻ کڻي، موٽي ويو. والٽيئر پنهنجن گناهن بخشائڻ لاءِ پوءِ ٻيو هڪڙو پادري سڳورو پاڻ گهرايو، جنهن وري چيس تہ ”پهرين پنهنجي ايمان جي قبوليت صحيح ڪري ڏي تہ تون مسيحي دين جي ڪئٿولڪ شريعت جو معتقد آهين، تہ پوءِ تنهنجي گناهن جي قبوليت وٺان.“ والٽيئر کلي منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ ان جي عوض هيٺيون مختصر بيان لکي، پنهنجي سيڪريٽري جي حوالي ڪيائين، ۽ ان کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ دم ڏنائين: ” آئون ڌڻي جي پياسي دل ۾ رکي مران ٿو، پنهنجند وستن لاءِ محبت اٿم، ۽ دشمنن لاءِ نفرت ڪانہ اٿم، ۽ آئون هر قسم جي وهم ۽ وسوسي کي ڌڪاريان ٿو (بقلم) والٽيئر 28 فيبروري 1778ع“
والٽيئر جي صحت ننڍي هوندي کان نازڪ هوندي هئي. ڄمڻ وقت هو بنھہ ٽنب ماس جي هو. هن جي ماءُ کيس ڄڻيندي ئي گذاري ويئي هئي، پر هو ڪنهن طرح جي پيو ۽ سڄا سارا 84 سال جيئندور هيو- نہ رڳو جيئندو رهيو، پر سڄو وقت ڳهندو رهيو، وڙهندو رهيو، لکندو رهيون، ۽ پاڻ تي سڄي دنيا تي کل چرچا ۽ مسخريون ڪندو رهيو. هو اڪثر ڪانہ ڪا بيماري ساڻ کنيو گهمندو هو. ايتريقدر جو، هڪ موقعي تي هن کي چوڻو پيو تہ اسي سالن کان وڌيڪ ڏينهن مون رڳو مرڻ ۾ ورتا آهن.“ پر، هن جي طبع جي مک خاصيت هي هوندي هئي، جو ڪنهن بہ صورت ۾ ڪنهن بہ حالت ۾، ڪم کان هن گهڙي بہ پاڻ کي واندو نہ رکيو. سندس سيڪريٽري جو چوڻ هو تہ ”زندگي ۾ جيڪڏهن هن ڪا ڪنجوسائي ڏيکاري هئي تہ فقط پنهنجي وقت جي سلسلي ۾.“ هن جو پنهنجو چوڻ هو تہ ”مصروف نہ هجڻ ۽ زندھہ نہ رهڻ ساڳي ڳالھہ آهي.... ماڻهو سڀ چڱا آهن، سواءِ انهن جي جيڪي بيڪار ۽ ٽوٽي آهن.... جي ماڻهو چاهي تہ حياتي ڪجهہ گذاري جهڙي بنجي، تہ کيس گهرجي تہ جيترو ٿي سگهي اوترو پاڻ کان ڪم وٺندو رهي.... جيئن عمر ۾ آئون وڌان ٿو، تيئن ڪم جي پنهنجي لاءِ وڌيڪ ضرورت محسوس ڪريان، ڪم زندگي جو نشو آهي، ڪم ئي زندگي جي مسرت آهي.... جيڪڏهن ڪو خودڪشي ڪرڻ نٿو گهري تہ هن کي سدائين ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪندو رهڻ گهرجي.“ واقعي پنهنجي زندگي جا سٺ سال جيڪي هن سوچن ۽ لکڻ ۾ صرف ڪيا... ”منهنجو اهو ڌنو آهي تہ جو ڪجهہ سوچيان سو لکان“.... انهن جي هڪ هڪ گهڙي هو ڪم ڪندو رهيو. فلسفي ۽ تاريخ جي ڄاڻو، ول ڊيورانٽ، جو چوڻ آهي تہ ”والٽيئر جي دور جو ٻيو ڪو مشڪل ماڻهو اهڙو هو، جنهن فڪر ۽ فن جي ميدان ۾ هن کان وڌيڪ محنت سان ڪم ڪيو هجي ۽ ان ۾ هن کان وڌيڪ ڪا حاصلات دنيا کي ڏني هجي. والٽيئر جي صدي (1778ع—1694ع) يورپ ۾’ڪمالات جي صدي‘ سڏجي يٿ ۽ هو ان صدي جو خالص ترين روح ۽ جوهر هو. “ فرانس جي عظيم عالم ۽ اديب، وڪٽرهوگيو جو چوڻ آهي تہ ”والٽيئر جي نالي وٺڻ سان سڄي جي سڄي ارڙهين صدي جي ڪارڪردگي، معني ۽ مقصد سامهون اچي وڃن ٿا.“
والٽيئر جو خانداني نالو فرانڪوس ماري اروٽ هو، ”والٽيئر“ (جنهن جي معنيٰ ”برق“، ”شعلو“ يا ”سو“ ڪري سگهجي ٿو) هن جو ادبي نالو هو، جو هن ٽيويهن سالن جي عمر ۾ پاڻ تي رکيو هو، جڏهن هو فرانس جي مشهور شاهي قيدخاني، باسٽيل، ۾ بند هو، شعر چوڻ تہ هن لکڻ پڙهڻ سان گڏ شروع ڪيو هو، هن جو پيءُ مذهب جي معاملي ۾ پڪو اعتقادي ڪئٿولڪ هو، پر هن جو وڏو ڀاءُ آرمنڊ، پيءَ جي ان عقيدي تان ڦري، وڃي ’جئنسيني‘ فرقي (پايو وجهندڙ: ڪارنيليس جئنسين- وفات 1638) ۾ داخل ٿيو هو، جنهن فرقي جو هي عقيد هو تہ ”فطري انساني ارادو بدي ڏانهن ويندڙ هو ۽ ۾ ان ۾ نيڪي جي بنيادي اهليت ڪانہ هئي: انهي ڪري جيڪڏهن ماڻهو کي بدي کان بچڻو هو تہ هن کي ان لاءِ پنهنجي فطري ارادي جي خلاف پنهنجي عمل ۾ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي. گناهن جي قبوليت يا مغرفت جو ڪو سوال ئي ڪونہ هو.“ مسيحي دين جي بنيادي عقيدي کان هن ڪفر جي پاداش ۾ ڪئٿولڪ شريعت جي ديني عدالت آرمنڊ کي پاسي جي سزا ڏني ۽ هو آخري دم تائين پنهنجي ڳالھہ تي محڪم بيٺو رهيو. پنهنجي هڪڙي دوست کي ڇينڀندي جيڪو کيس توبھہ تائب ٿيڻ لاءِ چئي رهيو هو چيائين: ”جيڪڏهن تون پاڻ سوري تي چڙهڻ نٿو گهرين، تہ ڪم از م ٻين کي تہ ان کان نہ روڪ!“ والٽئير تي پنهنجي پي جي ڀيٽ ۾ ان پنهنجي ”باغي“ ڀاءُ جي طبيعت ۽ قرباني جو وڌيڪ اثر هو. سو جڏهن والٽيئر جي شعربازي جي آخر هن جي پي کي خبر پئي تہ تڏهن هن ”ٻئي بيوقوف پٽ“ مان بہ هو آسرو لاهي ويٺو تہ هو ڪو دنيا ۾ ڪجهہ ڪندو يا ڪنهن درجي کي پهچندو- ڇاڪاڻ تہ هن جي چوڻ مطابق ”ادب ان ماڻهو جو ئي پيشو ٿي سگهي ٿو، جيڪو معاشري لاءِ بيڪار ۽ مائٽن تي بار هجي، ۽ جنهن کي زندگي ۽ بک وگهي مرڻو هجي...“ شايد فرانس ۾، اسان جي اڄوڪي سنڌ وانگر ان زماني ۾ ادب جي ڪجهہ اها ڪيفيت ۽ اديبن جو ڪجهہ اهوئي حال هوندو هو!
هوڏانهن عجب جهڙي ڳالھہ هي تہ پئرس کان ٻاهر سندن اباڻي ڳوٺ ۾ رهندڙ ان زماني جي هڪ مشهور ميلاني رقاصہ نني انڪلاس، هن ”ڇوڪري آروٽ“ جي غير رواجي ذهن ۽ ذوق کان ايتري تہ متاثر ٿي، جو مرڻ وقت پنهنجي وصيت ۾ ٻہ هزار ”فرئنڪ“ هن جي تعليم ۽ پسند جي ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويئي. هن جي پهرين استادن ۾ هڪڙو گهڻ ڄاڻ قسم جو پادري، جيروم ڪونارڊ نالي، چيو وڃي ٿو، جنهن هن کي انجيل جون آيتون تہ سيکاريون پر انهن بابت هن جي دل ۾ ڪيترا شڪ بہ جاڳائي ڇڏيا. هن جي اعليٰ تعليم ”جيسوئي“[2] استادن جي هن ۾ ٿي، جن هن کي ”علم ڪلام“ ۾ اهڙو ڀڙ ڪري ڇڏيو، جو خود انهن وانگر هو ڪنهن ڳالھہ جي ثابت ڪرڻ تي ايندو هو تہ هر ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏيندو هو. يعني، ايمانم، اعتقاد، يا تقليد جنهن جو نالو، سو هن ۾ نہ رهيو، بلڪ هر ڳالھہ تي شڪ ڪرڻ هن جي عادت بنجي وئي. رڳو پيو دليل دلائل ڏيندو هو. ٻيا هن جي هم عمر ڇوڪرا پيا رانديون ڪندا هئا تہ هو ڪلاسن ۾ ويٺو استادن ۽ عالمن سان شرعي ۽ فقهي مسئلن تي بحث ڪندو هو. رات جو دير دير سان گهر اچڻ ۽ شهر جي آزاد ماڻهن جي سنگ ۾ اٿڻ ويهڻ هن جو دستور بنجي ويو. هن جي پي سندس استاد صاحبن سان صلاح ڪئي، جن بہ هن لاءِ ڪو کيس سٺو سرٽيفڪيٽ ڪونہ ڏنو چي ڏاڍو هوشيار ۽ تيز فهم آهي پر گهڻي رول طبع اٿس.“ نيٺ پڻس، ڪڪ ٿي، پري ٻئي هنڌ ڪٿي رهندڙ پنهنجي هڪڙي سخت مزاج مائٽ وٽ موڪلي ڏنس، تہ جيئن اتي ”پرديس“ ۾ هن وٽ هو قيد ۾ ٻڌو رهي. پر هن پنهنجي ان جيلر کي پنهنجي عقلمندي ۽ چتر زباني سان ايترو تہ موهت ڪري ڇڏيو جو نہ رڳو هن مٿانس سڄي چوڪسي هٽائي ڇڏي، پر هن جي ڳالهين ۾ هن جو هو پاسو وڍي بييه رهيو! پڻس لاچار ٿي، اتان بہ کيس گهرائي، هالينڊ جي فرينچ سفير کي منٿ ڪري تہ هو مٿس ڪرڙي نظر رکندو، هن جي اٽالي ۾ هن کي ڪا جاءِ ڏياري، مرڳو فرانس مان ئي ٻاهر موڪلي ڇڏيس. پر ترت ئي اتي وري هڪ معمولي ڇوڪري سان عشق ۾ ڦاسي پيو، ان لاءِ دلگداز نظم لکندو رهيو، ان کي خطن مٿان خط لکندو رهيو ۽ ڏينهن رات لڪي لڪي ان سان ملاقاتون ڪندو رهيو. نيٺ ڳالھہ ڦاٽي پيئي ۽ بدنامي ٿي، ۽ ههڙي ”غير ذميدار سفارتي عملدار“ کي ٿڙا مٿي تي ٻڌائي، هڪدم واپس پئرس ڏياري موڪليائون.
1715ع ۾ جڏهن هو ايڪيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن فرانس جي بادشاھہ لوئي 14 جي مرڻ تي هن جي جانشين پٽ هڪڙي امير ڪبير سنڀاليون. هن سرڪاري خرچ گهٽائڻ جي نيت سان، اڌ گهوڙا وڪڻي ڇڏيائين. جڏهن اها خبر والٽيئر ٻڌي، تڏهن هڪدم هن جي زبان مان هي گفتو نڪتو تہ ”ڪيڏي نہ وڌيڪ سمجهداريءَ جي ڳالھہ ٿئي ها، جيڪڏهن اصطبل ۾ بيٺل گهوڙن کان اڳ درٻار ۾ ويٺل اڌ گڏھہ ڪڍي ڇڏي ها!“ اهو هن جو گفتو فورن پئرس جي هر ماڻهو جي زبان تي چڙهي ويو. انهن ڏينهن ۾ ٻہ هڪڙا ننڍا نظم بہ شهر ۾ عام پکڙجي ويا، جن ۾ قائم مقام امير ڪبير تي جُلھہ ڪيل هئي تہ هن سازش ڪري، تخت جو وارث بنجڻ چاهيون ٿي. ڪاهي ٻہ نظم بہ ڪنهن طرح نوجوان آروٽ ڏانهن منسوب ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن باغ ۾ ان قائم مقام امير ڪبير جي ور چڙهي ويو، جنهن ڳچي کان جهلي چيس، ”آروٽ، ترت ئي توکي مان اهڙي هنڌ جو سير ڪرائيندس، جو سڄي عمر ياد ڪندين!“ ڪهڙي هنڌ“ ”باسٽيل جي باغ جو!“ ٻئي ڏينهن يعني 12 اپريل 1717ع تي، آروٽ باسٽيل جي قيد خاني ۾ ويٺو هو!
ايئن هو ان باسٽيل جي شاهي ترم ۾ تقريباً ٻارهن مهنيا رهيو. پنهنجو ادبي نالو ”والٽيئر“ بہ اتي هن پاڻ تي رکيو. هن انهن ٻارهن مهينن ۾ ٻہ ڪتاب لکيا. هڪ ”او ڊيپ“ ڏک وارو ناٽڪ، جنهن جو ڪجهہ ذڪر مٿي ٿي چڪو اهي. ۽ ٻيو ”هينر ئيڊ“ جيڪو فرانس جي ڏيڍ سو سال ڳوڻي بادشاھہ هينري چار جي سوانح حيات بابت هڪ طويل نظم هو، ان بادشاھہ کي والٽيئر سڄي زندگي پنهنجو هيرو ڪري مڃيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بادشاھہ مذهبي صلح ۽ رواداري جو علمبردار هو ۽ هن ئي يورپ ۾ ٽيهن سالن جي لاڳيتن مذهبي لڙاين جي خاتمي تي دين مسيح جي مختلف فرقم جي وچ ۾ نئنٽيز جو مذهبي صلح نامو“ (1596ع) تجويز ڪيو هو ۽ ان جي شرطن وغيره جو مسودو تيار ڪيو هو، باسٽيل ۾ هن کي اڃا ٻارهن مهينا ئي ڪونہ ٿيا هئا، تہ سرڪار وٽ ڪنهن طرح ثابت ٿيو تہ اهي اعتراض جوڳا ٻہ نظم والٽيئر ڪونہ لکيا پئا پر ٻئي ڪنهن لکيا هئا، جنهن تي قائم مقام امير ڪبير نہ فقط کيس قيد مان ازاد ڪيو، پر پينشن جي ڪجهہ رقم بہ مقرر ڪري ڏنائينس. والٽيئر ان لاءِ هن ڏانهن شڪر گذري جو خط لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائينس تہ کاڌي جو تہ بندوبست منهنجو توهان ڪيو، ان لاءِ مهرباني پر وڌيڪ مهرباني ڪري منهنجي رهائش جو بہ بندوبست نہ ڪجو، اجازت ڏجو تہ اهو بندوبست آئون پنهنجو پاڻ ڪندو رهان!“
هن جي ايئن جيل مان نڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن جو ناٽڪ او ڊيپ اسٽيج تي پيش ٿيو تہ اهو هيڪر تہ پنجيتاليھہ راتيون لاڳيتو ڏيکاربو رهيو- جو پئرس ۾ ناٽڪ جي تاريخ ۾ رڪارڊ هو. هن جو پوڙهو پي بہ پهرين ڏينهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي هن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ، ٿيئٽر تي جُلھہ ڪري آيو، پر جڏهنکيس وٺي وڃي اندر ويهاريائون، ۽ ناٽڪ شروع ٿيو، ۽ هن ڏسڻ شروع ڪيو تہ ڏسندي ڏسندي هو مزيدار ڳالھہ تي پنهنجي خوشي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، گهٽيل سان چپن ۾ ڀٽڪندو رهيو- ”اڙي بدمعاش، اڙي بدمعاش! تو هي ٺاهيو!“ ناٽڪ تي ڪنهن تبصرو ڪندي والٽيئر کي چيو، ”محض ڏک جي ناٽڪ کان تہ هي مٿي ڳالھہ هئي، جواب ڏنائينس تہ ”تو ڏک ڏٺو آهي؟ ڏک جا ناٽڪ وري وڃي ڏس ۽ پڙهه!“ پر واقعي والٽيئر جو هي ناٽڪ ان دور جي عام ناٽڪن کان مٿي بہ هو ۽ مختلف هو ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هن ”محض ڏک“ کان مٿڀريون ڳالهيون بہ لکيون هوين، جن ئي اڳتي هل هن جي ان ڊرامي کي درٻار ۽ ڪليسا ٻنهي جي ڪاوڙ جو نشانو بنايو ۽ ان جو نالو ”منع ٿيل“ ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو. اهي ان ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون! مثلاً ههڙيون:
”اسان جا پادري ائين نہ آهن جيئن سادو عوام انهن کي سمجهي ٿو، انهن جو علم بس ايترو اهي، جيترو اسان جو انهن ۾ ويساھہ آهي.“
ان ۾ هڪڙي ڪرداري جي واتان انسان لاءِ علم جي هڪڙي ئي قابل اعتماد ذريعي جو، ۽ ان کان سواءِ ٻئي هر ذريعي جي انڪار جو، اعلان ڪرايل هو:
”اچو تہ پنهنجي پاڻ تي اعتبار رکون، سڀڪجهہ پنهنجي اکين سان پاڻ ڏسون، اهي ئي اسان لاءِ غيبدان، اسان لاءِ واعظ ۽ اسان لاءِ الهام آهن.“
ان کان پوءِ اٺ سال لاڳيتا والٽيئر پئرس جي ادب ۽ فن جي دنيا جو بي تاج بادشاھہ بنيو رهيو. اوچتو هن جي زندگي ۾ هڪ ٻيو سانحو رونما ٿيو، جنهن هن جي سڃي مستقل جو رخ موڙي ڇڏيو، والٽيئر وٽ سواءِ سندس ڏات جي ٻي ڪا عزت ۽ رتبي يج سند ڪانہ هئي ان دور جي جاگيرداري برادري ۾ توڻي اڄ بہ انهن ۾ اهو ڪنهن جو ڏوھہ ڪونهي هن جي عزت ۽ رتبو ”خانداني“ نہ پر پنهنجي ذاتي لياقت سبب هجي ۽ هو دعوا بہ ان لاءِ پنهنجي لياقت جي آڌار تي ڪندو هجي ۽ نہ ڪنهن ورثي ۾ مليل خانداني وڏ ماڻهپ تي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن رئيس وٽ دعوت هئي ۽ ماني کائي سڀني ويٺي پاڻ ۾ گپشپ هنئين جنهن ۾ سڀ کان اڳرو والٽيئر ئي هو. ڇاڪاڻ تہ هن کي ڳالهئاڻ ۾ ڪوبہ پڄي ڪونہ ٿي سگهيو. هو سڄي محفل تي ڇانيو پيو هو. اوچتو سواءِ، ڪنهن سبب جي نواب شوليئر ڊي روهان، آواز ۾ حقارت ڀري، وڏي واڪ پڇيو ” اهو ڪير آهي جو ايڏي ارڏائي سان پيو ڳالهائي،“ والٽيئر فورن جواب ڏنس: ” منهنجا سائين هيءَ اهو اهي، جنهن وٽ ڪو وڏو نالو ڪونهي، پر جو پنهنجو نالو اٿس ان ڪري ئي عزت مليس ٿي!“ ڪنهن نواب بهادر کي جواب ڏئي نہ سگهي، اهو تہ هن جي پڳ ۾ هٿ هو، هن جي نوابي کي لوڏو هو! هو هن وڏيري وڏ ڌڻي ڇا ڪيو، جو رات جو گونڊا موڪلي والٽيئر کي ڏاڍي مار ڪڍائي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن ٿيئٽر ۾ والٽيئر آيو تہ منڊڪائيندو آيو ۽ هن جي مٿي ۽ منهن تي پٽيون ٻڌيون پيون هيون. هو انهي ئي صورت ۾ وڌي نواب ڊي روهان جي خاص نشست تائين ويو ۽ هن کي سروسر تلواربازي جي استعمالي ڪيائين. پر نواب بهادر کي هڪ خسيس ”ڏات ڌني“ سان سروسر وڙهي، بهشت ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو ڪونہ هو، سو هن پنهنجي سوٽ سانڳالھہ ڪئي، جيڪو درٻار ۾ پوليس جو وزير هو، ۽ ان ڇا ڪيو جو فورن والٽيئر کي گرفتار ڪرائي هڪ ڀيرو وري باسٽيل جي تر ۾ وجهائي ڇڏيائين. ٻہ هفتا ان ۾ ويهارڻ کان پو کيس انهي حڪم تي ڪڍيو ويو تہ هو ملڪ ڇڏي انگلينڊ هليو ويندو. والٽئير کي انگريزي کاري ٽپائي ٻي ڀر ڊوور بندر تي ڇڏي آيا، پر هو ويس بدلائي کاري واپس ٽپي، انتقام جي باھہ ۾ پچندو فورن فرانس جي ڪناري تي پهچي ويو، ايتري ۾ کيس ڪٿان کڙڪ پئجي ويئي تہ هو ڏسجي پيو هو، ۽ ٽيون ڀيرو اجهو ٿي گرفتار ٿيو! لاچرا هو ٻئي جهاز ۾ سوار ٿي، موٽي انگلينڊ ويو، جتي پوءِ هو ٽي سال (29- 1926) رهيو.
انگلينڊ ۾ رهائش جي انهن ٽن سالن سان والٽيئر جي فڪر ۾ بنيادي گهرائي ۽ پختگي پيدا ٿي. زندگي ۾ هن کي ڇا ڪرڻو هو، ان جي چٽي خبر ۽ روشن احساس هن کي انهي مدت ۾ ٿيو. امير شاھہ جنهن جي هٿان پاڻ تڙجي نڪتو هو، ۽ پادريت جنهن جوآزادي جي هر ساھہ سان وير هو، ان هٿان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي موت کي ياد ڪندي هو انهن ٻنهي کي معاشري جي هر ناانصافي ۽ هر گناھہ جو منڍ سمجهڻ لڳو هو.
فرانس ۾ موٽي اچڻ تي هن پنهنجي نئين دنيا جي ان نظريي کي چپ چاپ ”فيلسوفيانہ خط“ يا ”انگريزن بابت خط“ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هن انگريزي سماج جي تقرير، فڪر ۽ عقيدي جي آزادي علمي تحقيق ۽ تجربي ۽ جمهوري حڪومت جي پارلياماني سرشتي متعلق پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، ائين اتان جي حڪومتي ۽ سماجي ادارن کي بيان ڪندي، هن فرينچ عوام ۽ خواص کي سندن پنهنجي ملڪي ۽ سماجي صورتحال تي ويچار ڪرڻ ۽ ان کي بدلائڻ لاءِ بي خوف ۽ کلي دعوت ڏني. اهو هن جو ڪتاب رکي رکي 1734ع ۾ شايع ٿيو، ۽ شايع ٿيڻ سان شاهي ’پارليامينٽ‘ جي فرمان تحت ان کي جلايو ويو ۽ ان جي مصنف لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا، ڪتاب تي اعتراض هي هو تہ اهو ”خلاف مذهب هو، اخلاق جو بگاڙيندڙ هو ۽ قانون هيٺ قائم ٿيل اختيار جو دشمن ۽ باغي“ هو.
والٽيئر ان صورتحال لاءِ اڳي ئي تيار هو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي پاسي واري خودمختيار لورين رياست ۾ پنهنجي هڪ قربدار اميرياڻي- ايميلي ڊيوشٽليٽ- جي محل ۾ پناھہ ورتائين، ۽ اتي پوءِ ان جي سايي 7 سنگ ۾ 16 سال 1734ع کان وٺي ان خاتونءَ جي مرڻ تائين، گذاريائين.
سورهن سالن جو اهو ڊگهو عرصو هن جو ڏاڍو سکيو ۽ سڦل گذريو. هي خاتون پاڻ بہ وڏي سمجهدار ۽ علم جي خاص طرح رياضي ۽ فلسفي جي – صاحب هئي. هو ٻئي گڏجي جديد علمن، خاص طرح فلڪيات، علم ڪيميا، ڪلن جي علم، ۽ پڻ تاريخ جو اڀياس ڪندا هئا. والٽيئر ان پنهنجي دل گهري خاتون لاءِ بلڪ ان جي چوڻ تي ٻين ڪيترين ننڍين وڌين تصنيفن سان گڏ پنهنجو علمي تحقيق ۽ ادبي ڪاوش جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم ڪم – ’تاريخ اقوام عالم‘ جنهن کي هن ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏنو- هٿ ۾ کنيو. پر افسوس، جو هو اهو ڪم ان مائي صاحبہ ڪري ويئي ان تي ڪتاب بابت هڪ هنڌ هن ٻڌايو تہ ”ڪنهن باب جي رڳو ٻن جملن لکڻ لاءِ ٻہ ٻہ هفتا تحقيق ڪرڻي پويم ٿي.“ اهو ڪتاب هن پوءِ چئن سالن گذرڻ بعد 1753ع ۾ شايع ڪيو.
والٽيئر هن پنهنجي هن هم طبع، هم مشرب، ۽ حوصله مند ساٿي جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍي اٻاڻڪائي محسوس ڪئي ۽ نيٺ دل پڪي ڪري، پناھہ ۽ آٿت جي ڳولا ۾، پنهنجي معتقد ۽ جرمني جي بادشاھہ فريڊاعظم وٽ ويو. هن جي نظر ۾ فريڊرڪ اهڙو هڪ فراخدل ۽ روشن دماغ حاڪم هو، جنهن جو تصور، هڪ بي پهچ تمنا وانگر هو سدائين پنهنجي ذهن ۾ رکندو ٿي آيو. فريڊرڪ جي ساڻس خط و ڪتابت گهڻي وقت کان هلندڙ هئي، ۽ والٽيئر هن کي اهو دانشمند بادشاھہ سمجهڻ لڳو هو، جنهن جو ذڪر افلاطون پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”ريپبلڪ“ (رعيتي راڄ) ۾ ڪيو هو. جڏهن فريڊڪ اڇا نہ بادشاھہ ٿيو هو، نہ اعظم، تڏهن پهريون خط جيڪو هن 1736ع ۾ والٽيئر کي لکيو هو، تنهن مان هن شهزادي جي دلي امنگن ۽ ذهني فضيلت جي خبر پئي ٿي. هن والٽيئر کي ”فرانس جو عظيم ترين انسان“ ڪري خطاب ڪيو هو. ”هڪ اهو فاني شخص، جنهن ٻولي جو مان وڌايو هو.... آءٌ اهو وڏي ۾ وڏ اعزاز سمجهان ٿو، جو آءٌ اهڙي انسان جي همعصر چوائڻ جو حقدار آهيان، جيڪو اهڙين بي مثل صلاحيتن جو صاحب آهي، جيئن اوهين آهيو...... اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالھہ ڪانهي، جو هو ماڻهو جي روئندڙ دل کي کلائي، ۽ واقعي دل جي خوشين کان وڌيڪ خوشيون زندگي ۾ آهن بہ ڪين.“ بادشاھہ بنجڻ کانپوءِ بہ سدائين هو والٽيئر کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ زور ڀريندو هو. خط و ڪتابت ۾ تہ هن ڪڏهن بہ ڪا بي رخي يا ٿڌاڻ ڪانہ ڏيکاري هئي. سو دل ۾ ڪيتريون نيڪ تمنائون ۽ گهڻيون خوشفهميون کڻي،والٽيئر فريڊرڪ اعظم وٽ ويو ۽ اتي ٽي سال رهيو. پر ترت ئي هن محسوس ڪيو تہ آپيشاهي جا ڪم ۽ طريقا ٻنهي صورتن ۾ تقريبن ساڳيا هئا. پوءِ آپيشاهي ڪنهن فيلسوف بادشاھہ جي هجي يا ڪنهن دودستي جاهل بادشاھہ جي، پنهنجي دل جي ان ڪيفيت جو ذڪر هڪ خط ۾ ڪندي لکي ٿو تہ ”ڪو ماڻهو ڪنهن وڏي ٽاور تان ڪري ۽ ڪرندي ڪرندي هوا جي نرمي کي محسوس ڪري، چوي تہ هي نرمائي تہ ڏاڍي سٺي، پر شل سدائين رهي! منهنجي حالت بہ اڄڪلھہ هتي اهڙي آهي.“ بهرحال اها گهڙي بہ آئي، جڏهن هو ان ”نرم هوا“ مان ٿيندو ٿيندو، اچي پٽ تي پهتو. هو هاڻي منجهي پيو تہ وڃي تہ ڪيڏانهن وڃي!
نيٺ هيترن سالن جي دوري کان پوءِ هن واپس پنهنجي وطن فرانس وڃڻ جو خيال ڪوي، پر افسوس اڃا سرحد ٽيپو ئي مس تہ اطلاع مليس تہ پئرس درٻار مان هن جي خلاف طلاوطني جو نئون فرمان جاري ٿي چڪو هو! لاچار هن سئٽزرلينڊ جي ”رعيتي راڄ“ جو رخ ڪيو- اهو 1754عجو سال هو: هن سمجهيو تہ اتي هو شاهي پوليس جي اک کان بچيل رهندو، پر ترت ئي هن کي معلوم ٿيو تہ تنگ نظري ۽ هٺ ڌرمي پروٽيسٽنٽ شريعت ۾ ايمان رکندڙ سئٽزرلينڊ جي جنيوا يا ٻيئ ڪنهن شهر ۾ اهڙو ئي خطرناڪ عذاب هئي، جهڙو ڪئٿولڪ شريعت ۾ ايمان رکندڙ فرانس جي پئرس ۾، اهڙي طرح ڪئٿولڪ فرانس ۽ پروٽيسٽنٽ سئٽزرلينڊ ٻنهي ۾ پاڻ کي سلامت نہ سمجهي هن ڇا ڪيو، جو ٻنهي ملڪن جي عين سرحد تي هڪڙي پاسي ۾ ٻن گهرن جو بندوبست ڪيائين ۽ ٻي پاسي بہ ٻہ گهر ورتائين، تہ هڪڙي هنڌان نڪري، ٻئي هنڌ هليو ويندو هو- ”ائين هڪڙيءَ ڌر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن ٻنهي جي لوڌين کان بچندو ٿو گهمان!“
فرانس مان والٽيئر جي جلاوطني جو جيڪو نئون شاهي فرمان صادر ٿيو، ان جو سبب وري بہ سندس هڪ ڪتاب هو اهو ڪتاب جنهن جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو ڪتاب جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو جيڪو هن مئڊم ڊيوشٽليٽ لاءِ، بلڪ هن جي چوڻ تي پنهنجي علمي تحقيق پنهنجي فڪر ۽ ادبي ڪاوش جو ”سڀ کان وڏو سڀ کان اهم پنهنجي قسم جو پاڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ بي ڌڙڪ“ ڪتاب لکيو هو- ”تاريخ اقوام عالم“ جنهن کي هن پاڻ ”قومن جي اخلاقي ارتقا هئي، جنهن ان کي ايترو قابل اعتراض بنايو هو، جو فرانس جي شاهي سرڪار اوڻيھہ سالن کان جلاوطن ان جي مصنف کي پنهنجي وطن جي سر زمين تي پير رکڻ کان اڳ وري بہ جلاوطن ڪري ڇڏيو! اها خاص ڳالھہ اهو تاريخ جو فسلفو هو، جيڪو هن ان ڪتاب ۾ پيش ڪيو هو. مئڊم ڊيوشٽليٽ کيس چيو هو تہ ”تاريخ، جيئن اسان کي ٻڌائي وڃي ٿي، اسان کي هڪ پراڻي جنتري وانگر پئي معلوم ٿئي. آءٌ هڪ فرينچ عورت آهيان هتي پنهنجي زمين تي ويٺي آهيان منهنجو ان ۾ ڇا، جي روس ۾ الف کان پوءِ ب تخت تي ويٺو، ۽ چين جي ج جو پٽ در نہ پر ھہ هو ۽ ترڪيءَ و جي قبر کڏ ۾ اهي ۽ ز جي قبر مٿي هوا ۾ آهي! مون يونانين ۽ رومين جون قديم تاريخون بہ پڙهيون آهن، انهن مان ڪجهہ مون کي لاڀ ملي ٿو، ڇو تہ انهن ۾ اهڙيون ڪي ڳالهيون ٻڌايل آهن، جيڪي منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، ڇو تہ اهي مون کي مفيد ۽ معنيٰ واريون لڳن ٿيون. باقي ٻين تاريخن ۾، خاص طرح جديد قومن جي تاريخن ۾، تہ مون کي رڳو ننڍيون ننڍيون، بي ڍنگيون ۽ بي ربط ڳالهيون پيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي مان پورو پڙهي بہ نٿي سگهان.
بيشمار جنگيون، جن جو نڪو مقصد نڪا مراد ۽ جن سان ڪا ڳالھہ ئي نبري نہ سگهي.... مان اهڙي ڪنهن تاريخ جي پڙهڻ لاءِ تيار نہ آهيان، جيڪا منهنجي ذهن کي روشن ڪرڻ بدران، ان کي منجهائي ۽ ٻوساٽي رکي.“ ۽ والٽيئر هن سان متفق ٿيندي چيو هو تہ ”تاريخ جيئن اسان جي اڳيان رکي وئي آهي، اها تہ واقعي ماڻهن ۽ قومن جي بدبختين ۽ گناهن جي تصوير کان وڌيڪ ڪجهہ نہ آهي. اها جڏهن اسين پڙهون ٿا تہ ايئن ٿا سمجهون ڄڻ ڪن ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي تاريخ پڙهي رهيا آهيون. پر جيڪڏهن تاريخ سان فلسفي کي ملائجي، ۽ سياسي واقعن جي ردوبدل جي پٺيان انساني ذهن جي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ ڳالھہ جو رخ ۽ رنگ ٻيو ٿي ٿو پوي... آءٌ جنگين جي نہ پر سماج جي تاريخ لکڻ گهران ٿو.... منهنجو مقصد انساني ذهن جي تاريخ لکڻ جو آهي... منهنجو واسطو تاريخ جي وڏن ماڻهن سان نہ آهي، منهنجو واسطو انسانن سان آهي. اهي وحشي هئا سي ڪيئن مهذب بنيا، ڪهڙي رستي سان اهي حيوانيت مان نڪري انسانيت جي هاڻوڪي منزل تي پهتا، آئون انهي رستي جي ڳولا ڪرڻ ۽ ان جا تفصيل بيان ڪرڻ چاهيان ٿو.“
ظاهر آهي تہ تاريخ جي انهي فلسفي جي آڏو ٻہ ڳالهيون پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿيون- هڪڙي بادشاهن جي برتري ۽ اهميت ۽ ٻي تاريخ جي مابعد الطبيعاتي تشريح ۽ توضيح- ٻين لفظن ۾ اقتدار ۽ ايمان ٻنهي جو تقدس ختم، ٻئي عقل ۽ تحقيق جي ڪسوٽي تي ئي پرکيا ويندا. ههڙي پنهنجي حالت نہ ڪنهن بادشاھہ کي، نہ پنهنجي لاءِ، نہ پنهنجي گهراڻي يا نوع لاءِ ۽ نہ ڪنهن دين، ڌرم ۽ ڪليسا کي ئي قبول پئجي سگهي ٿي، ويتر جو والٽيئر پنهنجي تاريخ کي ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏيئي ان ۾ چين، جپان، هندستان ۽ ايران جهڙين قديم تهذيبن ۽ انهن جي فڪرن ۽ فلسفن کي بہ يورپ جي ذهني ۽ ايماني صورتحال سان پوري طرح هڪ غير جانبدار وزن ڪش وانگر، بيهي توريو ۽ تڪيو، تنهن تہ هيڪاري فرانس جي درٻار ۽ ديول ٻنهي کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو، نيٺ فرانس جي بادشاھہ سلامت، مقدس مسيهي ڪليسا جي پٺڀرائي بلڪ تحرڪ، سان فرمان جاري ڪيو تہ ”اهو شخص جيڪو پهريائين پاڻ کي انسان سمجهي ٿو ۽ پوءِ فرينچ ۽ مسيحي ان کي فرانس جي پاڪ ۽ برک ڌرتي تي پير رکڻ جو ڪو حق ڪونہ هو.“ ائين والٽيئر کي تادم حيات پنهنجي وطن کان بيوطن رهڻو پيو، ۽ رڳو پوين ڏينهن ۾ اتي مرڻ لاءِ، بنان موڪل جي واپس هو پنهنجي پياري ننڍپڻ جي شهر پئرس ۾ وڃي نڪتو، جتي سڌو هو پنهنجي جواني جي هڪڙي دل گهرئي دوست (ڊي ارجينٽال) جي گهر ويو- چي، ”مان پنهنجي موت کان مهلت وڍي، وري بہ توکي ڏسڻ ۽ توسان ملڻ آيو آهيان!“

1754ع کان 1778ع تائين 24 سالن جي جلاوطني جو عرصو، جيڪو هن فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جي سرحد تي ”هڪ ڏر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن… کان بچندي“ گذاريو، اهو هن جي زندگي جو مصروف ترين دور چيو وڃي ٿو. هڪ تہ سرحد جي ٻنهي پاسن جي پناھہ گاهن جي سهوليت ۽ ٻيو تہ هن جي پيري ۽ وڌندڙ علمي ساک انهن جي آڌار تي هن پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ محفوظ سمجهيو. انهي ڪري جو ڪجهہ دنيا جي مسئلن تي هن سوچيو ٿي، اهو هو بي ڌڙڪ چوندو رهيو. سڄو وقت هو ڪم ۾ مشغول رهيو. سڄي يورپ تي هن جي قلم مان نڪتل ڪتابچن، رسالن ۽ پترن جي بارش ٿيندي رهي. ڪٿي بہ ڪا زراوريءَ يا ڏاڍ جي ڳالھہ ڏٺائين يا ٻڌائين ٿي، تہ ان ۾ هو هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هن بدنصيب ڪالس ۽ ٻين اهڙن پروٽيسٽنٽ شهيدن جا ڪيئي ڪيس هٿ ۾ کنيا ۽ انهن کي پوري طرح بيگناھہ ثابت ڪري، ڪئٿولڪ ڪليسا جي انڌي تعصب ۽ بي ترسي کي دنيا جي اڳيان ايتري تہ درد انگيز انداز ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريائين جو ان کان پوءِ ئي پروٽينسٽنٽ عقيدي جي مسيحي مومنن جو فرانس جي ڪئٿولڪ سر زمين تي گذارو ممڪن بنجي سگهيو. هن ئي دور ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جو هي ننڍو طنزيه ناول لکيو ۽ هن ئي درو ۾ ٻين ڪيترين بيشمار ننڍين وڏين تحريرن کان سواءِ ( جن ۾ تاريخي مقالا، ڊايالاگ، خط، سٽون، سبق ۽ نصيحتون، نظم، ڳالهيون، ناٽڪ، ٽوٽڪا، تبصرا ۽ تفسير ۽ ٻيا هر قسم جا خالص ادبي ۽ علمي مضمون اچي ٿي ويا.) هن پنهنجا ٻيا بہ بيحد اهم ۽ عظيم ڪتاب پڻ تخليق ڪيا، جن مان هڪڙو ”سهپ ۽ رواداري“ جي بچاءَ ۾ طويل مضمون هو، جنهن ۾ هن ڪالس جو ڪيس پيش ڪيو آهي، ان جو مرڪزي خيال سندس هڪڙي هن جملي مان ئي پڙهي سگهجي ٿو: ” جيڪو مون کي چوي ٿو تہ ’جئين آءٌ مڃان ٿو تئين تون بہ مڃ، نہ تہ خدا تو تي ڪاوڙيو‘، اهو اتي ئي مون کي هيئن بہ چوندو تہ ”جيئن آءٌ مڃان ٿو تئين مڃ تہ آءٌ توکي ڪهندس،“ وهم ۽ جهالت جي ڪٽرپڻي جي هن وبا ۾ انسان صدين کان ورتل آهي ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ماڻهو جي وڏي ۾ وڏي نيڪي ۽ بهترين عمل آهي.“
ٻيو ان دور جو سندس لافاني ڪتاب ”فلسفي جي لغت“ آهي، جو هن ٻارهن سالن ۾ لکي پورو ڪيو. ان ۾ هن الف ب وار، فلسفي ۽ ٻين علمن جي مختلف عنوانن تي – مثلن مذهب، ارادو، روح، معجزا، رواداري، حسد، برابري، آزادي، محبت، انسان، مادو، روح، شڪ، علم، عقل، ايمان وغيره تي- پنهنجي بهترين طرز تحرير ۽ هلڪي ۽ دلپذير نثر ۾ پنهنجا انقلاب آفرين خيال ظاهر ڪيا آهن؛ هن ڪتاب لا ‎ءِ ئي چيو ويو آهي تہ ان ۾ والٽيئر پاڻ کي فيلسوف ثابت ڪيو آهي. ان ۾ پهريائين هن پنهنجي ان استاد جا ٿورا مڃيا آهن، جنهن مون کي شڪ جو سبق سيکاريو… .علم جي انتها ۾ يقين فقط اڻ پڙهيا عالم ۽ فريب کاڌل مست رکي سگهن ٿا،. شڪ جي ڪيفيت تي تہ رڳو کلي سگهجي ٿو، يا روئي سگهجي ٿو، جهالت ۾ بہ اطمينان آهي پر اهڙي اطمينان جي مون کي خواهش ڪونهي، علم جو ڊگهو سفر نماڻائي سان وک وک کڻي طئي ڪجي، اهو بهتر آهي انهي کان جو هڪ هنڌ ويهي، ڪامل علم جون اٺسٺائي دنيائون اڻبيون رهجن ۽ انهن جي معتبري تي پاڻ ۾ وڙهبو رهجي. اسين انسان آهيون ۽ اسان جي وس ۾ آهي حساب ڪرڻ، تورڻ تڪڻ، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، تپاسڻ ۽ جانچ جونچ ڪرڻ، اهوئي اسان جو فطرتي فلسفو آهي. اهائي اسنا جي قدرتي ڏاهپ آهي. ان کان سواءِ ٻي هر ڳالھہ کي محض سودا ۽ خام خيالي ئي چئي سگهجي ٿي.“
هيءَ زير نظر ڪتاب ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويھہ ورهين جي عمر جو هو.، ان جي لکڻ جو پس منظر هن ريت آهي: سال 1755ع جي آخر ۾ اوچتو مسيحي عيد جي موقعي تي، جڏهن سڀ مسيحي مومن ديولين ۾ دعائون گهري رهيا هئا تہ اسپين جي گادي جي شهر لزبن ۾ هڪڙو هولناڪ زلزلو آهي، جنهن ۾ بنھہ اک ڇنڀ ۾ ٽيھہ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. والٽيئر جي نازڪ دل تي ان درُگهٽنا جو بيحد گهڻو اثر ٿيو ۽ رد عمل طور ان تي هڪ هڪ طويل نظم جوڙيو، جنهن ۾ حساس انساني دل جو سدا موجود پراڻو سوال نهايت درديلي نموني ٻيهر اٿاريو تہ ”سڀ شيءِ جو مالڪ ۽ خالق خدا يا تہ ڏک کي روڪي سگهي ٿو پر روڪڻ نٿو چاهي، يا روڪڻ چاهي ٿو پر روڪي نٿو سگهي!“ هن کي روحياني فلسفي جو هي دليل بہ مطمئن نہ ڪري سگهيو تہ ڏک ۽ سک چڱائي يا برائي انساني اصطلاح آهن، ڪائناتي ڳالھہ ڳت سان انهن جي ڪا نسبت ڪانهي ۽ هر قسم جون درگهٽنائون ۽ حادثا ازل ۽ ابد جي لامحدود پولار ۾ بنھہ بي معنيٰ ۽ خسيس چيزون آهن. هڪ پاسي هن جي هن ”لزبن نظم“ جو شايع ٿيڻ هو، ۽ چوڌاري هاهاڪار مچي ويئي. مسيحي ڪليسا هڪدم ڳالھہ جو پير کنيو تہ اهو قدرت جو ڪوپ هو، جيڪو خداوند قدوس لزبن جي ماڻهن تي سندن گناهن جي سزا طور نازل ڪيو هو. ٻئي پاسي جين جئڪس روسو جنهن جو عقيدو هو تہ ماڻهو پنهنجي اصلوڪي ماحول ۽ اوائلي فطري صورتحال ۾ معصوم ۾ هئا ۽ سکي ۽ خوش بہ هئا ۽ سندن گناھہ ۽ دک درد ۽ رڳو منجهن پوءِ جي هٿرادو تهذيبي ۽ تمدني صورتحال جي پيدا ٿيڻ سان پيدا ٿيا آهن- تنهن لزبن جي زلزلي ۾ ايتري عام ۽ وسيع انساني موت لاءِ ماڻهن جي تمدني يا شهري زندگي کي ذميوار سڏيو، ’انساني جانين جي هن تلفي لاءِ انسان پاڻ جوابدار آهي…. جيڪڏهن اسين ٻاهر کليل ميدان تي رهندڙ هجون ها، ۽ شهر ۾ائين ڳاهٽ ٿي بيٺل نہ هجون ٿا، تہ ايتري وڏي پيماني تي هوند هرگز مري نہ سگهون ها، ۽ جيڪڏهن گهرن ۾ نہ پر آسماني ڇت هيٺيان رهندا هجون ها، تہ گهر ۽ عمارتون اسان جي مٿان هوند هرگز ڪونہ ڪرن ها…، هونئن تہ خدا انسان ۽ لزبن زلزلي متعلق هن چؤٻول ۾ والٽيئر ۽ سندس ”لزبن نظم“ جو گرمام گرم ذڪر بہ علمي ادبي ديني ۽ عامي دائرن ۾ ٿيندو ئي پئي رهيو. پر ان سلسلي ۾ ڪليسائي ’ايمان‘ جي ذهني افلاس ۽ خود فريبي جي حق ۾ ”فطرت جي مبلغ روسو جي مٿين دليل بازي پڙهي، والٽيئر کي سخت صدمو رسيو، ۽ ان جي جواب ۾، يا ردعمل طور، ٽن ڏينهن ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جي نالي سان هيءُ طنزيه ننڍو ناول لکي تيار ڪيو.
افسانوي ادب ۾ ناولن جا بنيادي طرح ٽي قسم ٻڌايا ويا آهن: پهرئين قسم ۾ عشق (Love) جون ڳالهيون ٻئي ۾ کاهوڙڪيون يا پرخطر (Adventure) ڳالهيون ۽ ٽئي اٺسٺائي (Fantastic) ڳالهيون آنديون وڃن ٿيون. اٺسٺائي ڳالھہ عشق جي ۽ کاهوڙڪي ڳالھہ ٻنهي کان خاص طرح هن شي ۾ جدا ٿئي ٿي. جو اها بلڪل ناممڪن نہ تہ بہ سنئن سڌي اڻ سچي ضرور هوندي آهي، ۽ ان جي اٺسٺائي پلاٽ ۽ صورتحال کي خيالن جي اظهار جي وسيلي طور ڪم آندو وڃي ٿو، ان ۾ منظرڪشي، ڪردرا نگاري يا ڪنهن تفصيلي عبارت آرائي کان ڪو خاص ڪم ڪونہ ورتو ويندو آهي. ان سچي ڳالھہ ۾ خيالن کي ئي اولين ۽ اهم جڳھہ ڏنل هوندي آهي. عالمي ادب ۾ اسپيني ٻولي جو ناول ”ڊان ڪُئگزاٽ“ انگريزي ٻولي جو ناول ”گليو رس ٽرئولس“، فرينچ ٻولي جو هي ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۽ اهڙا ٻيا ناول انهي اٺسٺائي قسم جي ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان جي سنڌي ۾ جديد اٺسٺائي مختصر افسانا تہ ڪافي تعداد ۾ تخليق ٿي چڪا آهن، پر روايتي ڳالهين کي ڇڏي ڪري جن ۾ ديومالائي ، عشقيه، تاريخي ۽ نيم تاريخي قسم جا داستان ۽ قصا اچي وڃن ٿا، جديد ناول جي صنف ۾ اٺسٺائي قسم جو ناول هيلتائين منهنجي نظر مان هڪ ئي گذريو آهي- ياسين بروهي جو ”نارنگي ڪيلا 20-20“ (1976) جيڪو سائنسي مواد جو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪامياب اٺسٺائي ناول سڏي سگهجي ٿو.
والٽيئر جي ”ڪئنڊيڊ“ کي فرينچ ٻولي جي جڳ مشور سنت ساهتڪار، اناتون فرانس (1924ع- 1844ع) ”ڪل (عالمي) ادب جو هڪ بهترين مختصر افسانو“ سڏيو آهي. ول ڊيورانٽ جو خيال آهي تہ ”ايتري سادي ۽ لڪل فن سان شايد ئي (دينا ئي ادب ۾) ڪٿي اهڙي ڪا ڳالھہ پيش ٿي سگهي هجي... هي هڪ سڌي سنئين ۽ خالص آکاڻي آهي، ۽ بنيادي طور گفتگو جي عنصر تي بيٺل اهي، اها طول بياني کان سواءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ ن جا واقعا تيز تيز عمل ۾ اچن ٿا.....“
بهرحال پهريون ڀيرو 1759ع ۾ جڏهن والٽيئر جو هي ”ڪل ادب جو بهترين مختصر افسانو“ شايع ٿيو، تڏهن اهو سندس پنهنجي نالي ۾ نہ پر هڪ خيالي مصنف جي نالي ۾ شايع ٿيو.. والٽيئر جي اها عادت هوندي هئي تہ جڏهن بہ اهڙي قسم جي ڪا ’چيڙائيندڙ‘ يا ’خار ڏياريندڙ‘ تصنيف شايع ڪرڻ چاهيندو هو تہ پهريائين ان کي ايئن ڪنهن نہ ڪنهن خيالي مصنف جي نالي ۾ پيش ڪندو هو. ان ۾ ٻه مقصد هن جي پيش نظر هوندا هئا: هڪ هيءُ تہ ايئن ڪاوڙ ڀريل ۽ هوش کان نڪتل مخالفن جو پهريون اکين پور حملو هو گسائي ڇڏيندو هو، ۽ ٻيو تہ انهي طريقي سان پنهنجي ان تصنيف جي پيغام ڏانهن علمي، ادبي ۽ فڪري دنيا جو ڀرپور توجھہ فورن ڇڪائي سگهندو هو.
ايئن جڏهن ان وقت جي امارت زده جاگيرداري سماج جي پٺي تي ”ڪئنڊيڊ“ جي هن پسيل چهبڪ کان سخت ۽ سنهي ۽ سراڻ تي چڙهيل شمشير کان تکي طنزيہ ناول اچي ٺڪاءُ ڪيو، تڏهن ان تي نالي واري عبارت هيءَ لکي هئي:

ڪئنڊيڊ يا آشاواد

(ڊاڪٽر رالف جي جرمني ٻولي تان ترجمو ڪيل، بمع اضافي مواد جي، جيڪو ڊاڪٽر مرحوم جي کيسي مان هٿ آيو، جڏهن هن اسان جي سڳوري يسوع مسيح جي سال 1759ع ۾ انتقال فرمايو)

ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ ڪيترو عرصو، جڏهن والٽيئر کان ان بابت ڪو پڇندو هو، تہ هو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي عادت مطابق ان جي تصنيف کان نہ فقط لاتعلقي ڏيکاريندو هو پر صاف انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
ڪتاب جي جيئن نالي مان ظاهر آهي، ۽ جنهن سماجي ۽ واقعاتي پس منظر ۾ ان جي تخليق عمل ۾ آئين، ان مان بہ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، تہ ان جو بنيادي مقصد ڏک ۽ ڏاڍ سان ڀريل سماجي دنيا ۾ سکين پيٽ ڀريلن ۽ بي حس قسم جي حريص ۽ خودپسند حاشيه بردارن طرفان پيش ٿيندڙ ”سڀڪجهہ ٺيڪ آهي“ واري ڳالھہ يعني انهن جي فلسفيانہ آساوادي نظريي تي سٺ ۽ ٽوڪ ڪرڻ هو ۽ ان کي طنز ۽ مزاح جو نشانو بنائڻ هو. نراشائي حقيقت جو وستار ايتري آشائي نموني ۽ ايتري خوش طبعي سان شايد ئي ڪنهن ادب ۾ ڪٿي پيش ٿيو هجي، جيئن هن مختصر ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ڪيو ويو آهي.
ناول جو مک ڪردار ’ڪئنڊيڊ‘ جيئن سندس نالي جي معني مان پڌرو ٿئي ٿو، هڪ سادو، صاف دل ۽ ايماندار قسم جو نوجوان آهي. هو ” ٿنڊر- ٽن – ٽرنڪ“ (ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ) نالي هڪ وڏي سردار/ نواب جي ’قلعي‘ ۾ ان جي ويٺل (شايد حق بخشايل) ڀيڻ جو حرامي پٽ آهي- هن جي پيءُ سان ان مائي صاحبہ جي شادي ان ڪري عمل ۾ اچي نہ سگهي جو اهو جيتوڻيڪ پاڻ بہ نواب هو، پر ننڍو نواب هو ۽ ”ٽين جي وڄندڙ ٽرنڪ“ واري نواب جو هو ثاني شريڪ نہ هو! نواب عالي مقام جي درٻار سان وابستہ هڪ دين مسيح جو پارسا صفت پادري آهي. جيڪو شهر جي وڏي ديول جو واعظ يا پيش امام بہ آهي ۽ نواب بهادر جي نج ستر پيڙهين جي نسلي ۽ خانداني تاريخ جو دستاويزي ڄاڻو بہ آهي. نواب ”ٿندڙ ٽن ٽرنڪ“ جي هڪ چار مڻ پندرهن سير تور بيگم صاحب بہ موجود آهي، جيڪا ان تور ماپ سبب پاڻ وڌي معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي. نواب صاحب جي خاندان سان واڳيل ”پئنگلاس“ (مجلس بزاز، ڳالهائڻو) نالي هڪ دانشور پڻ موجود آهي (ممڪن آهي تہ اهو اديب ۽ شاعر بہ هو) جيڪو آشاوادي يا خوش خيالي نظريي جو نہ رڳو عالم پر مبلغ بہ آهي. اهو ڪئنڊيڊ جو محترم استاد آهي ۽ ان جو ئي چوڻ هو تہ
”سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي، ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهترين بيگم آهي....“
اهوئي ’قلعي‘ ۾ رهندڙ ماڻهن کي روحانيت، دينيات ۽ ڪائنات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو، ۽ چوندو هو تہ
”...... ڪائنات جي هر ڪا شيءِ..... بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي آهي. مثال طور، ڏسو تہ اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا، تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون، ظاهر آهي تہ ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا، پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو تہ ان کي گهڙي ٺاهي، منجهانس قلعا جوڙيا وڃن- ۽ اهوئي سبب آهي، جو منهنجي آقا کي هڪ عاليشان قلعو آهي، ڇو تہ ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳھہ بہ اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون (مصنف هتي ’سوئر‘ لفظ ڪتب آندو هو) ان لاءِ خلق ڪيون ويون تہ انهن کي ذبح ڪري، انهن جو گوشت کاڌو وڃي؛ تنهنڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا، تنهنڪري جن فقط ايئن چيو اهي تہ ”سڀ ڪجهہ ٺيڪ آهي“ سي گمراھہ اهن، کين ائين چوڻ کپي تہ ”سڀ ڪجهہ تمام ٺيڪ آهي، ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“،‘ “
نواب ” ٽنڊر ٽن ٽرنڪ“ جي پناھہ ۽ سرپرستي ۾ رهندڙ ڪليسا جو پادري، علم ۽ فلسفي جو صاحب پئنگلاس ٻيئي پنهنجي آقا جي سماجي فوقيت جا ثناخوان ۽ بهي خواھہ آهن، ۽ ان فوقيت کي جائز سمجهدنڙ ۽ استحڪام ڏيندڙ مروج سماجي رشتي کي ”سڀ کان بهترين امڪاني سرشتو“ سمجهن ٿا ۽ مشهور ڪن ٿا- هنن جي آشاواد جو نظريون ماڻهن ۾ اها سوچ ۽ اها ’ڄاڻ‘ عام ڪري ٿو. پادري مذهب جي علامت آهي ۽ استاد پئنگلاس علم ۽ ادب يعني ثقافت جي جيڪي ان نواب عالي مقام ۽ امير بي مثال جي اقتدار يعني ان جي رياست يا حڪومت جا حامي ۽ ٿنڀ آهن.
پر انهن ٻنهي جي اقتدار پرست ۽ انهي ڪري حق ناشناس ۽ انسان دشمن تعليم جي برعڪس حقيقت جي دنيا چوڌاري دل ڏاريندڙ بک، ڏک ۽ ظلم سان ڪنان تار ڀري پيئي آهي. ”ڪئنڊيڊ“ ۾ ان دنيا جو وڌ ۾ وڌ نراشائي نقشو چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ اسين هولناڪ مصيبتن جو شڪار ٿيون ٿا، اسين ڪنهن گناھہ ڪئي بغير سزائون کائون ٿا، يا وري گناھہ ڪريون بہ ٿا تہ بہ ڪجهہ ڪونہ ٿو ٿئسون، ماڻهو بلگرن (يعني تشدد جي تلواربازن) هٿان قتل ٿين ٿا، يا احتسابي ديني عدالتن هٿان جيئري جلايا وڃن ٿا. عورتن کي بحري ڊاڪو بڇڙو ڪن ٿا، يا دين جا وڏا عالم ۽ روحانيت جا وڏا صاحب انهن جي عصمت لٽين ٿا-ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ هي دنيا ڪو ڀيانڪ سپنو آهي، جيڪو ڪو ذهني پريشان ماڻهو بيماري ۾ ڪڏهن ڏسندو آهي، ۽ اکيون پوري ۽ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي هانءِ ڏاريندڙ دانهن ڪري، اٿي ويهندو آهي، ان سڀ کان پوءِ بہ (باب پنجين ۾) هڪ موقعي تي جڏهن ڪئنڊيڊ ۽ استاد پئنگلاس الائي ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ڪاٽيندا ۽ ڪيترا سور سهندا ۽ عذاب ڏسندا، پڇاڙي ۾ ٻڏندڙ جهاز مان ٽپو ڏيئي ڀڳل تختي کي چنبڙي تڙڳندا تڙڳندا، اسپين جي بندرگاهه، لزبن، جي ڪناري تي پهچن ٿا، تہ عين انهي گهڙي لزبن ۾ زلزلو اچي ٿو، جايون ڪرن ٿيون، سامونڊي سيلاب شهر ڏانهن ڌوڪيندو وڌي ٿو، ٽيھہ هزار بي گناھہ ماڻهو اک ڇنڀ ۾ ناس ٿي وڃن ٿا- ان موقعي تي بہ جڏهن ڦٽيل ۽ رت ڳاڙيندڙ ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس کي دانهن ڪندي چوي ٿو تہ ”ترت ڪٿان ڪو شراب ڍڪ ۽ تيل هٿ ڪر، تڪليف کان منهنجو ساھہ ٿو نڪري“، تہ پئنگلاس اتي بہ هن کي زلزلي جي پٺيان لڪل ”راز“ ۽ ان جا ”سبب“ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهي.
”ممڪن آهي تہ ائين هجي“ ڪئنڊيڊ چيو ”پر خدا جي واسطي ڪجهہ شراب جو ڍڪ ۽ تيل ڪٿان هٿ ڪر!“
”ممڪن آهي ڇا تنهنجو مطلب آهي“ فيلسوف پئنگلاس جواب ڏنس، ”آئون ٿو چوان تہ ڳالھہ ثابت ٿي پئي آهي، ساڳئي قسم جا ”سبب ساڳيا ”نتيجا“ پيدا ڪن ٿا.....“
ڪئنڊيڊ چيو، ”ضرور ايئن هوندو، پر منهنجي لاءِ شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر......“
”’هوندو‘ نه، بلڪ چو تہ ’آهي‘“ پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالھہ تي زور ڏيندي چيو – ”اها حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو!“
ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو.........
ائين والٽيئر غير عملي دليل آرائي ۽ عمل کان روڪيندڙ يا عمل ڏانهن نہ نيندڙ مفروضي بازي کي وقت جو زيان، حقيقت کان فرار يا چشم پوشي ۽ محض هڪ فضول ذهني عياشي سمجهي، نندي ٿو.
پر خوش خيالي نظريي ۾ ايمان رکندڙ پئنگلاس جي دليل بازي ناول جي آخر تائين جاري آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، قسم قسم جي ماڻهن هٿان، لاتعداد ٺوڪرن کائڻ کان پوءِ ڪئنڊيڊ آخر ترڪيءَ ۾ پاڻ کي ڪنهن زمين ٽڪري تي آباد ڪري ويهي ٿو، ۽ ناول جي ”پڄاڻي“ ۾ هن جي ۽ هن جي ان آشاوادي استاد جي وچ ۾ گفتگو پيش ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ پر چٽي ۽ واضح انداز سان والٽيئر پنهنجي زندگي جو فلسفو بيان ڪيو آهي.
پئنگلاس کي ويٺي ويٺي، ڪئنڊيڊ سان ڳالهائيندي، ناول جي بنھہ آخر ۾، پنهنجي دلپسند نظريي جي حمايت ۾ دليل آرائي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي—
”..... هُن وري وري ۽ هر موقعي تي ڪئنڊيڊ کي هيئن پئي چيو: ’ سڀني امڪاني جهانن مان هيءُ جهان بهترين جهان آهي.... اُن جون سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن.... جيڪڏهن توهان کي..... انهيءَ خوبصورت قلعي مان.... لتون هڻي، ٻاهر نہ ڪڍيو وڃي ها، جيڪڏهن توهان کي ’مذهبي عدالت‘ جيل ۾ بند نہ ڪري ها، جيڪڏهن توهان کي... انڪاس جي بادشاهن جا هيرا ۽ موتي هٿ نہ اچن ها، جيڪڏهن شروع ۾ توهين بئرن جي پيٽ ۾ ترار ٽنبي نہ ڪڍو ها، جيڪڏهن توهان.... تہ اڄ توهان هتي ويٺا هيئن نارنگين جو مُربو ۽ پستن جا مغز ڪونہ کائو ها!“
اُن تي ڪئنڊيڊ جواب ڏئيس ٿو:
”اها ڏاڍي سٺي ڳالھہ ڪئي اٿوَ، ۽ اها سڄي سچ ئي سچ بہ ٿي سگهي ٿي، پر ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پهرين اچو تہ هلي پنهنجو باغ پوکيون.“
والٽيئر انهي پنهنجي آخري جملي ۾ جنهن سان ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي، فطرت پرست جين جئڪس روسو جي قدامت پسنديءَ ۽ قدرت پرست ڪليسائي پادريت جي تقدير پسندي جو جواب پيش ڪيو آهي. ماڻهو کڻي ڪيترو بہ حقير جيو هجي، توڻي جو هن جي زندگي کهنبي جو چٽڪو يا ڪا گهڙي پل مس هجي، جنهن ڌرتيءَ تيهو رهي ٿو اها کني مٽي جو هڪڙو ذرڙو ئي ڇو نہ هجي--
بهرحال هو اهوئي آهي، ايتري لاءِ ئي آهي، ۽ جا ڪجهہ پسورائي پڌري ڪرڻي اٿ ان جو ميدان بہ اهوئي اٿس. زندگي بري آهي يا ڀلي- بهرحال اسان کي اها قبول آهي: ان جو وڌاءُ ڪرڻ يا ان کي گهٽ سمجهڻ معنيٰ ان کي رد ڪرڻ ۽ ان کي رد ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. اسان جي وس ۾ رڳو ايترو ڪجهہ آهي تہ ان کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريون. ۽ اهو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ ڪم سان، سُرت سان، اورچائي سان: محنت سان، ضبط سان ۽ صبر سان. زندگي کي بهتر بنائڻ جي وسيلن ۽ ان جي آڏو بيٺل رڪاوٽن جي ڄاڻ ئي سڀ کان ڪارائتي ڄاڻ آهي، ۽ انهن وسيلن کان ڪم وٺڻ ۽ انهن رڪاوٽن کي راھہ تان هٽائڻ جو ڪم ئي سڀ کان وڌيڪ جاندار ۽ ڪارائتو ڪم آهي. اهوئي اسانجو علم ۽ علم جو ٿاھہ ٿي سگهي ٿو، ۽ اهوئي اسان جوعمل ۽ عمل جو ڇيھہ ٿي سگهي ٿو. پاڻ کان مٿي، پنهنجي سرُت کان ٻاهر، مابعدالطبعياتي دليل آرايون من جا آوائي اوٿڪ تہ ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان ڪو ڪارج سڌ ڪونہ ٿيندو. هاريءَ جي هر جي اوڙ، مالهيءَ جي کرپيءَ جو لپو وڌيڪ ڦلدائڪ آهن. اسان کي پنهنجي ٻني کيڙن کپي. اچو تہ پنهنجو باغ پوکيون. ـــ بلڪل ايئن جيئن، پيري ۾ ڪئنڊيڊ لکڻ وقت، ان کان اڳ جواني ۾، يا ان کان پوءِ مرڻ دم تائين، والٽيئر پاڻ ڪندو رهيو. هو پنهنجي ڪم ۾ خوش هو، ڪم جي خوشيءَ بہ تڏهن آهي، جڏهن ان جو واسطو ۽ اثر پنهنجي وجود کان اڀري بين جي وجود تائين رسي ٿو. پيري ۾، ٻئي ڪم سان گڏ هن باغ بہ لڳايو هو، ۽ هو پنهنجي باغ ۾ خوش هو، هو سڄو وقت اتي ميويدار وڻن پوکڻ ۾ خوش هو، جيتوڻيڪ هن کي اميد ڪانہ هئي تہ اهي هن جي جيئري گل بہ جهليندا ۽ هن کي ڪو ميوو بہ ڏيندا. جڏهن هن جي هڪڙي قدردان ۽ احسان شناس دوست آئينده نسلن لاءِ سندس ڪيل ڪم جي ساراھہ ڪئي، تڏهن هن جواب ڏنو، ”هائو، پيارا ڀاءُ مون 4000 وڻ پوکيا آهن.“

...........................

”ڪئنڊيڊ“ جي سنڌي ترجمي ۽ اشاعت جو فيصلو سنڌي ادبي بورڊ جي ’ترجمي ڪاميٽي‘ ڊسمبر 1952ع ۾ ۽ اسٽئنڊنگ ڪميٽي 8 جولاءِ 1954ع تي ڪيو، ۽ ان فيصلي جي منظوري بورڊ پنهنجي 21 سيپٽمبر 1954ع جي مينٽنگ ۾ ڏني. ان ئي ميٽنگ ۾ ڪتاب جي ترجمي جو ڪم تعليم کاتي جي برک آفيسر ۽ ادبي ذوق رکندڙ مرحوم فتح محمد قريشي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. قريشي مرحوم پنهنجن مصروفيتن سبب، بهرحال، ان جي سرانجامي، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ بہ نہ ڪري سگهيو.، هي ڪم پوءِ فيبروري 1960ع ۾ محترم الھہ رکئي پريي جي حوالي ڪيو ويو، جنهن ٽن مهينن ۾ پورو ڪري، ترجمي جو مسودو بورڊ جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ نومبر 1965ع ۾ مسودي جي ايڊٽنگ جو ڪم ڀاءُ شمشير الحيدري کي ڏنو ويو، جنهن جنوري 1967ع ۾ ڪتاب جو اڌ (صفحي 44 تائين) ”ڪجهہ ڏسي ۽ ڪجهہ نيئن سر ترجمو ڪري“ واپس ڪيو. آگسٽ 1976ع ۾ هن مسودي کي نظر مان ڪڍي، پنهنجي نظرداري ۾ ڇپائڻ جو ڪم، بورڊ طرفان مون کي سونپيو ويو. ڪتاب جو رهيل اڌ حصو، اختصاري صورت م (ص 42 کان ص 85 تائين)، محترم سومار علي کان ترجمو ڪرائي، سڄي سنڌي مسودي کي اصل سان ڀيٽي، ان جي تصحيح ڪري، مٿس مقدمو لکي، ڊسمبر 1976ع ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپائي لاءِ ڏنو ويو، ۽ ائين هي جڳ مشهور ڪتاب تقريبن پنجويھہ سالن جي ممڪن ۽ موقعي سارو ڪوششن کان پوءِ، پنهنجن لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي هٿن ۾ هاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي تہ هيءُ فرينچ ٻوليءَ جو شاهڪار ۽ عالمي ادب جو عظيم ڪتاب سنڌي ادب ۾، پنهنجي اهميت پٽاندر، سنگ ميل جي حيثيت ۾، هڪ بنيادي اضافو ثابت ٿيندو.

ـــــ م. ا. ج

مددي ڪتاب:
1. “Selected Works of Voltaire”, Thinkers Library 1935
2. “Voltaire” The living Thoughts Library, 1946
3. “The Story of philosophy”, Will Durant, The Pocket Library, 1955
4. “ Voltaire—Candide, Zadig and selected stories” New American Library, 1961
5. “A Short History of French Literature”, Geoffrey Brereton, Penguin Books, 1965.

________________________________________
[1] ڏسو تفصيلي نوٽ، ڪتاب جي آخر ۾.
[2] 1533ع م اگنيش لويولا نالي هڪڙي رومي پادري ”مسيحيت جي اصلاح ۽ احياءَ“ لاءِ ”مخلص مسيحين“ جي هڪ جماعت ٺاهي، جنهن کي هن ”مسيحي جماعت (Societr of Jesus) نالو ڏنو، جنهن جي ميممبر کي جيسوئي يا مسيحي سڏيو ويندو هو. اهي ظاهري ڏيکاءَ جي بدران اندروني سچ ۽ اصل نيڪي جا قائل هئا ۽ مسيهي شريعت جي هر ڳالھہ جي تھہ تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ ”دليل دلائل“ کان گهڻو ڪم وٺندا هئا. هو مسيحي مذهب جا ”اهل باطن“ سڏي سگهجن ٿا.