باب ٽيون: ڪئنڊيڊ جو بلگيريا جي لشڪر مان ڀڄي نڪرڻ، ۽ تنهن کانپوءِ جو احوال
ڪوس ۽ قتلاس جي انهي عرصي ۾، جڏهن هرڪو سپاهي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ سينو سپر ڪري، پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري رهيو هو تڏهن ڪئنڊيڊ هڪڙي الھہ لوڪ فيلسوف جيان ڏڪي ۽ ڪنبي رهيو هو. کانئس جيتريقدر ٿي سگهيو، پاڻ کي خون خرابيءَ کان پري رکيائين، ۽ سڄو وقت لڪو رهيو.
آخر جڏهن ٻنهي بادشاهن جو بچيل لشڪر پنهنجي ڇانوڻين ۾ وڃي فتح جا ترانا ڳائڻ لڳو (ڇاڪاڻ تہ ٻنهي ڌرين ان هرهڪ ڌر پاڻ کي کٽيل ۽ ٻي ڌر کي هارايل ٿي سمجهيو) تڏهن ڪئنڊيڊ ارادو ڪيو تہ اتان ڀڄي، ”سببن ۽ نتيجن“ تي سوچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي جنگ جي ميدان ۾ پکڙيل لاشن ۽ زخمي سپاهين جي ڍيرن مٿان اُڪري، هو پهرين جنهن هنڌ اچي پهتو، سو ابارين جي ملڪ جو هڪڙو سرحدي ڳوٺ هو، جنهن کي بلگيريا وارن بين الااقوامي قانون موجب باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هتي جو منظر ڏاڍو دردناڪ ۽ دلسوز هو، ٻڍڙا، زخمن جي پيڙا کان ڪنجهي رهيا هئا. مائرون پنهنجن روئندڙ ٻارن کي رتوڇاڻ ڇاتين سان لڳائي، پنهنجن مڙسن کي سڪرات جي حالت ۾ تڙپندو ڏسي رهيون هيون. ڪنواريون نينگريون جن جا پيٽ بليگريا جي سپاهين پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ بعد چيري ڇڏيا هئا، پوين پساهن ۾ هيون. ڪي بدنصيب جن جا جسم اڌ سڙي چڪا هئا، سي دعائون گهري رهيا هئا تہ ڪو اچي، کين ماري، هن عذاب کان نجات ڏياري. چئني طرف ڪپيل سسين، ٻانهن ۽ ٽنگن جا انبار پکڙيا پيا هئا. سڀني پاسن رت جا ريلا پئي وهيا. ڪئنڊيڊ اهو دل ڏاريندڙ نظارو ڏسي نہ سگهيو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي ٻئي ڳوٺ کان نڪتو.
هاڻي هو جنهن ڳوٺ ۾ پهتو، سو بلگيريا وارن جو هو. هن ڏٺو تہ اباري سورمن بہ هن ڳوٺ سان ساڳي حالت ڪئي هئي، جهڙي بلگيريا وارن ابارين جي ڳوٺن سان ڪئي هئي. پوءِ تڙڦندڙ لاشن کي لتاڙيندو ۽ تباھہ ٿيل جڳهين جي کنڊرن کي پار ڪندو، آخرڪار هو جنگ جي حدن کان اُڪري آيو.
وٽس فقط ڪجهہ کاڌو ڳوٿري ۾ ساڻ هو ۽ ٻي مس ڪيونيگونڊي جي ياد دل ۾ هيس، جنهن کي هو ڪهڙي بہ حالت ۾ وساري نٿو سگهي، هلندي هلندي، جڏهن هو هالنڊ جي ملڪ ۾ پهتو، تڏهن وٽس کاڌو بہ ختم ٿي ويو. تنهنڪري کيس خاطري هئي تہ ساڻس اهڙو ئي عمدو سلوڪ ڪيو ويندو، جهڙو مس ڪيونيگونڊي جي سهڻين اکين تي موهجي مار کائي نڪرڻ کان اڳ، جاگيردار جي قلعي ۾ ساڻس ڪيو ويندو هو. هن ڪيترن ئي ماڻهن کان خيرات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀني کيس ساڳي ئي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن هو اهو پنڻ جو سلسلو جاري رکندو تہ پوءِ کيس جهلي، اصلاح، گهر ۾ اماڻيو ويندو، جتي کيس صبر ۽ شڪر سان مرڻ جو گُر سيکاريو ويندو.
رلندي رڙندي، نيٺ هو هڪڙي چونڪ تي پهتو، جتي وڏو ڪارو جبو پهريل هڪ شخص، ماڻهن جي وڏي ميڙ اڳيان، سخاوت بابت وعظ ڪري رهيو هو. هن هڪ ڪلاڪ لڳاتار تقرير ڪئي، ۽ جڏهن فارغ ٿيو تہ ڪئنڊيڊ کيس خيرات لاءِ التجا ڪئي. ان شخص ڪئنڊيڊ کي شڪي نظرن سان گهوريندي پڇيو: ” تون هتي ڇو آيو آهين؟ تنهنجي اچڻ جو سبب ڪيتريقدر نيڪ ۽ بي خطر آهي؟“
ڪئنڊيڊ نوڙت سان جواب ڏنو:” ڪوبہ نتيجو سبب کان سواءِ نٿو ظاهر ٿئي. هر ڪا شيءِ، لازمي طرح بهترين مقصد خاطر خلقي ۽ رٿي وئي آهي. اها ڳالھہ ضروري هئي تہ آءٌ مس ڪيونيگونڊي جي صحبت کان محروم ٿيان، تنهن کان پوءِ سڄي پلڻ هٿان مار سهان، ۽ هاڻي خيرات پني گذارو ڪريان، جيستائين پاڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيان. اهي سڀ ڳالهيون ائين ئي ٿيڻون هيون، جيئن ٿيون، ڪنهن ٻيءَ طرح نٿي ٿي سگهيون.“
”منهنجا دوست“ ان شخص چيو، تنهنجين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو تہ تون چڱي علم وارو آهين. ڀلا اهو ٻڌاءِ تہ تون ’پوپ‘ کي يسوع مسيح جو مخالف يعني دجال سمجهين ٿو يا نه؟“
ڪئنڊيڊ وراڻيو: ”مون اڳي ڪڏهن بہ اهڙي ڳالھہ ڪانہ ٻڌي آهي. پر پوپ مسيح جو مخالف هجي يا نہ، تنهن سان منهنجو ڪوبہ واسطو ڪونهي، آءٌ سخت بکايل آهيان، مون کي تہ ماني کان سواءِ ڪابہ ڳالھہ ڪانہ ٿي سُجهي.“
اهو ٻڌي هو شخص ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ ڪئنڊيڊ کي چيائين، ” توکي ماني کارائڻ حرام آهي! ڪميڻا، بدمعاش، ٽري وڃ، منهنجي اکين کان! وري ڪڏهن بہ هيڏانهن منهن نہ ڪجانءِ“
گوڙ تي، انهي گهڙيءَ هن جي زال مٿان دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍيو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پوپ بابت مسيح جي مخالف هجڻ جي عقيدي ۾ شڪ ٿو رکي، تڏهن گند سان ڀريل ڏول ڪئنڊيڊ مٿان اٿلائي وڌائين..... توبھہ! عورتون مذهب جي باري ۾ ڪيڏيون نہ انتهاپسند ۽ تعصبي ٿين ٿيون.!
جئڪس نالي هڪ همدرد ۽ ايماندار پادري اهو اڻسهائيندڙ سلوڪ ڏسي رهيو هو، جيڪو عقل ۽ روح رکندڙ انساني برادري جي هڪ بي سهاري فرد سان ڪيو ويو. هو ڪئنڊيڊ کي پنهنجي گهر وٺي ويو. کيس وهنجاري سهنجاري صاف ڪپڙا پهرايائين. کيس ماني کارايائين ۽ بيئر پياريائين، ڪجهہ نقد پئسا بہ ڏنائين، ۽ کيس هالنڊ ۾ ٺهندڙ ايراني غاليچن اُڻڻ جي هنر سيکارڻ جي آڇ بہ ڪيائين، تہ جيئن هو پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي سگهي. جئڪس جي اها محبت ۽ مهرباني ڏسي، ڪئنڊيڊ سندس پيرن تي ڪري پيو، ۽ چيائين تہ ”استاد پئنگلاس جو چوڻ بلڪل صحيح هو تہ هن دنيا ۾ هرڪا شيءِ ڀلائي ۽ بهتري لاءِ آهي، ڇو تہ مون کي ڪاري جبي واري ۽ سندس زال جي تنگدلي ۽ بدتميزي کان گهڻو وڌيڪ اوهان جي فراخدلي ۽ مهرباني جي هلت متاثر ڪيو آهي.“
ٻئي ڏينهن ڪئنڊيڊ ٻاهر سير لاءِ ويو تہ کيس هڪڙو پينو فقير رستي تي مليو، جنهن جي سڄي بت تي آتشڪ جي مرض جا ڦٽ ۽ ڦلڻا هئا. اکيون اندر پيل، نڪ جو اڳيون حصو غائب، ڄاڙيون اڌ رنگ جي مرض جيان ڦريل، ۽ ڏند ڪوئلي جهڙا ڪارا هئس. هو زور سان کنگهي رهيو هو، ۽ جڏهن کانگهارو اڇلايائين تہ ان سان گڏ هڪڙو ڏند ٻه ٻاهر اچي ڪريس.