باب پندرهون: ڪئنڊيڊ، ڪيونيگونڊي، پئنگلاس، مارٽن وغيره سان پوءِ ڪهڙا واقعا درپيش آيا
”مهرباني ڪري انهي معاملي ۾ وڌي ڪجهہ نہ چئو،“ بئرن چيو؛ ”مون کي اعتراف ڪرڻ گهرجي تہ مون ڪجهہ وڌيڪ تڪڙ کان ڪم ورتو هو. پر جيئن تہ توهين اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا تہ مون کي ڪهڙي مقدر ڦيرائي گهيرائي جهاز جي غلام بنائڻ لاءِ هتي آندو، انڪري آءٌ توهان کي ان باري ۾ خبر ٻڌائيندس، ڳالھہ هيئن ٿي جو جڏهن منهنجو زخم هڪڙي پادري ڇٽائي ڇڏيو،جيڪو هڪ پساري ۽ پڻ جراح هو، تڏهن مون تي هسپانوين جي هڪ پارٽي حملو ڪيو ۽ پوءِ اهي مون کي کڻي هليا ويا، جنهن کانپوءِ انهن پوءِ مون کي بيوناس آير پهچائي، اتان جي هڪ جلي ۾ عين انهي مهل آڻي رکيو، جڏهن منهنجي ڀيڻ اتان کان نڪري چڪي هئي. مون يورپ واپس وڃڻ لاءِ اجازت گهري پوءِ مون کي فرينچ سفير جي لنگرخاني جي نگران طور قسطنطنيه وڃڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو. پر مون کي انهي ڪم ۾ مصروف ٿئي اڃا ڪي اٺ ڏينهن بہ نہ گذريا هئا، تہ هڪڙي ڏينهن منهنجي ملاقات هڪ نوجوان ۽ صحتمند آئڪو گلان (ترڪ) سان ٿي. انهي وقت ڏاڍي سخت گرمي هئي. نوجوان اتي سڌو غسل ڪرڻ لاءِ هليو ۽ آئون بہ اهو موقعو وٺي پاڻ بہ ساڻس گڏ غسل ڪرڻ لاءِ هليو ويس. مون کي اهو معلوم ڪونہ هو تہ هڪ عيسائي کي جيڪڏهن ڪنهن نوجوان مسلمان سان گڏ اگهاڙي حالت ۾ غسلخاني ۾ ڪو ڏسي وٺي تہ اهو هن جو ڏوھہ موت جي سزا لائق هو. سو هڪ قاضي حڪم ڏنو تہ منهنجن پيرن جي ترين تي ڏنڊي سان هڪ سئو ڌڪ هنيا وڃن، ۽ ان کان پوءِ هن مون کي غلامن جي جهاز ۾ ونجھہ هلائڻ جي سزا ڏني. آءٌ نٿو سمجهان تہ ڪنهن بہ زماني ۾ انهي کان وڌيڪ بي انصافي جو ڪو ڪم ٿيو هوندو. پر مان هاڻي اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو تہ ڪيئن منهنجي ڀيڻ ٽرانسيلوانيا جي هڪ شزادي جي بورچيخاني ۾،جيڪو ترڪن وٽ پاڻ ئي هڪ پناهگير آهي، ٿالهين ڌوئڻ جي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي.“
”پر توهين ٻڌايو، منهنجا پيارا پئنگلاس، ڪئنڊيڊ چيو، اهو وري ڪئين ٿيو جو آءٌ توهان کي ٻيهر جيئرو جاڳندو ڏسي رهيو آهيان!“
”اهو واقعي سچ آهي.“ پئنگلاس جواب ڏنو، ”تہ توهان پاڻ مون کي ڦاسي تي لٽڪندو ڏٺو، مون کي تہ اتي قدرتي طور سڙڻ گهربو هو، پر توهان کي ياد هوندو تہ جڏهن هو مون کي باھہ تي پچائڻ وارا ئي هئا، تڏهن ڏاڍي زوردار برسات وسڻ شروع ٿي وئي هئي، طوفان ايڏو تہ زوردار ۽ شديد هو، جو انهن وس ڪيا پر باھہ انهن کان ٻري ڪانہ سگهي. انهي ڪري مون کي مارڻ لاءِ انهن کڻي مون کي ڦاهي تي چاڙهيو، ڇو تہ هو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهہ بہ نہ پئي ڪري سگهيا.
”هڪ جراح پوءِ منهنج لاش خريد ڪيو، ۽ چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ گهر کڻي ويو. هن سڀ کان اول منهنجي بت تي هڪ فيصله ڪن ۽ قطعي نوعيت جو چير ڏنو. پر ڇا ڪجي جو مون کان وڌيڪ بي احتياطي سان ڪنهن کي بہ ڦاسي تي نہ چاڙهيو ويو هوندو. مذهبي عدالت جو جلاد ماڻهن کي حيرت انگيز حد تائين چڱي طرح پچائي، ڪباب ڪري، سگهندو هو، پر هو انهن کي ڦاسي ڏيڻ جي فن جو اڃا پورو ماهر ٿي ڪونہ سگهيو هو. ۽ رسو، جئين تہ آلو هو، انڪري ان جي ڳنڍ چڱي طرح سان ترڪي نہ سگهي ۽ سرڪڻ چڱي طرح سان منهنجي ڳچي کي سوگهو گهٽي نہ سگهي! مطلب تہ مختصر طور چئجي تہ آءٌ اڃا تائين ساھہ کڻي رهيو هوس. جراح جي قطعي چير تي مون کان ايتري تہ خطرناڪ رڙ نڪري ويئي جو منهنجو جراح مالڪ هڪدم ٿيڙ کائي، پٺي ڀر وڃي ڪريو ۽ اهو سمجهي تہ هو ماڻهو جا نہ پر ڪنهن شيطان جا آنڊا ڪڍي رهيو هو، مرڳو ڊپ ۾ مرڻ تي هو، ۽ جيئن ئي هو ڀڄڻ جي تيارين ۾ هو تہ ڏاڪڻ تان هيٺ ڪري پيو هن جي زال گوڙ ٻڌي پاسي واري درواز کان ڊوڙندي ٻاهر ئي ۽ هن مون کي انهي وڍيل حالت ۾ ميز تي ڊگهو پيل ڏٺو ۽ پنهنجي مڙس کان وڌيڪ خوف ۾ وٺجي هوءِ پڻ پويان پير ڪري اتان وڍي ڀڳي ۽ هن مٿان وڃي ڪري. جڏهن ٻنهي کي ٿورو ٿورو هوش اچڻ لڳو، تڏهن مون ٻڌو تہ جراح جي زال هن کي چئي رهيو هئي تہ ’ اي منهنجا پيارا، تون اهڙو بيوقوف بڻئين ڪئين، جوهڪ ڪافر کي چيرڻ شروع ڪيئه ڇا توکي معلوم ناهي تہ اهڙن ماڻهن جي بدن تي ھميشہ شيطان جو واسو هوندو آهي آءٌ اجهو ٿي ٻاهر وڃي هڪ پادري کي وٺي اچان تہ هن تي ڪا جهاڙ ڦوڪ ڪري.‘
آءُ اها ڳالھہ ٻڏي ڏڪي ويس ۽ جيڪا ٿوري گهڻي طاقت بدن ۾ باقي رهيل هئي، تنهن کان ڪم وٺي، رڙ ڪري چيم، ”اڙي مون تي رحم ڪريو! نيٺ پورچو گيز جراح همت ڪري منهنجي چيريل چمڙي کي ٽاڪا هڻي، سبيو ۽ هن جي زال منهنجي اهڙي سٺي طرح خبرگيري ڪئي جو آءٌ اٽڪل پندرهن ڏينهن اندر وري اٿي گهمڻ ڦرڻ لڳس. انهي جراح پوءِ مون کي هڪ نوڪري وٺي ڏني، جيڪا مالٽا جي هڪڙي فوجي بانڪي جي پيادل خدمتگار جي نوڪري هئي، ۽ اهو وينس ڏانهن وڃي رهيو هو. پر جيئن تہ اهو منهنجو مالڪ مون کي پگهار نٿي ڏيئي سگهيو، انڪري مون کانئس موڪلائي، وڃي وينس جي هڪ واپاري جي نوڪري ڪئي ۽ هن سان گڏجي قسطنطنيہ ويس.
” هڪڙي ڏينهن مون کي هڪ خانقاھہ ۾ وڃڻ جو خيال ٿيو. انهي مهل اتي هڪ پيرسن شخص ۽ هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونہ هو، جيڪا ان وقت عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هئي. ان مهل هن جي ڳچي اگهاڙي هئي، سندس سيني تي هڪ خوبصورت گلن جو ويٽو پيل هو. جنهن ۾ ڪيئي رنگارنگي گل جهڙوڪ لاله سنبل، سوسن، وغيره پيل هئا، هن جو اهو گلن جو ويٽو ڪنهن طرح هيٺ ڪري پيو، ۽ مون اهو کڻي انتهائي عزت ۽ احترام سان هن جي اڳيان پيش ڪيو. بهرحال مون اهو گلدستو پيش ڪندي ڪا گهڻي دير ڪئي، سو اهو پيرسن شخص سخت غصي ۾ اچي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ آئون مسيحي آهيان، تڏهن مدد لاءِ وٺي شور ڪيائين. پوءِ تہ هو مون کي پڪڙي قاضيءَ وٽ کڻي ويا، جنهن حڪم ڪيو هت مون کي پيرن جي ترين تي هڪ سئو ڏنڊا هنيا وڃن ۽ پوءِ ٻانهن واري جهاز ۾ ونجهن ڇڪڻ لاءِ موڪليو وڃي. اهڙِ طرح مون کي ساڳي جهاز ۽ ساڳي بينچ سان زنجيرن سان ٻڌو ويو، جنهن سان بئرن ٻڌل هو. غلامن جي انهي جهاز تي مارسيلس جا چار نوجوان، پنج نيوپوليٽن پادري ۽ ڪورفو جا ٻه راهب چڙهيل هئا، جن اسان کي ٻڌايو تہ اهڙا واقعا روزمره ٿيندا رهندا آهن. بئرن اتي چيو تہ هن سان مون کان وڌيڪ ظلم ۽ ناانصافي ٿي هئي، پر آئون اهو اسرار ڪري رهيو هوس تہ هڪ نوجوان حسينہ جو هيٺ ڪريل گلن جو ويٽو کڻي هن کي ڏيڻ، انهي فعل کان وڌيڪ بي ضرر عمل هو، جو ماڻهو ڪنهن ائڪوگلان سان اگهاڙو ڪنهن غسلخاني ۾ گڏ وهنجندي ڏٺو وڃي. اسين جو ھميشہ انهي معامي ۾ تڪرار ڪندا رهندا هئاسون تنهنڪري اسان کي هر روز ڍڳي جي پڇ جا ويھہ چهبڪ لڳايا ويندا هئا. آخرڪار ڪائنات جي واقعات جي ههڙي هڪ عجيب اتفاق سان توهين اسان جي جهاز تي اچي رسيا ۽ توهان اسان جو فديو ڏيئي اسان کي آزاد ڪرائي، اسان کي ڇڏايو.“
”چڱو چڱو منهنجا پيارا پئنگلاس“ ڪئنڊيڊ چيو، ”ٻڌايو تہ سهي تہ ڇا، جڏهن توهان کي پاسي تي لٽڪايو پئي ويو، چيريو ڦاڙيو ٿي ويو، سختي سان ماريو ڪٽيو ٿيويو، تڏهن بہ توهين ھميشہ ائين سمجهي رهيا هئا تہ هن دنيا ۾ جيڪي بہ ٿي رهيو اهي، تنهن ۾ قدرت جي ڪانہ ڪا ڀلائي آهي؟“ --- ”هائو، آئون اڃا بہ انهي پهرين راءِ جو آهيان، پنهنجي انهي ئي پهرين راءِ جو آهيان.“ پئنگلاس ٻه ڀيرا ڳالھہ کي ورجائيندي جواب ڏنو، ”سو ڇاڪاڻ تہ آءٌ هڪ فيلسوف آهيان، ۽ ان ڪري اها ڳالھہ منهنجي اخلاق ۽ ڪردار سان مطابقت نہ کائيندي، جو آءٌ ٻه مختلف ۽ متضاد خيال دل ۾ رکان--- خصوصن تڏهن جڏهن منهنجو استاد لائيبنٽيز خدا مٿس رحمت ڪري، هرگز غلط نہ پئي ٿي سگهيو، ۽ هن جو يقين ڪائنات جي هم آهنگي ۽ ٺيڪ ٺاڪ هجڻ ۾ بلڪل پختو ۽ اڏول هو.“