باب پنجون : طوفان جو زور ۽ جهاز جي تباهي، ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، ۽ ڊاڪٽر پئنگلاس، ڪئنڊيڊ، ۽ مئڪس پادري جي حالت
هر شخص جهاز کي بچائڻ لاءِ سرگرمي ڏيکاري رهيو هو، پر ڪنهن بہ ڪنهن جي ڪانہ ٿي ٻڌي، رڳو گوڙ ۽ شور رهيون ۽ ڪيهون، روڄ ۽ راڙو هو. ڪنهن کي بہ ٻئي جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو وقت ڪونہ هو، ۽ ڪنهن کي بہ ٻين کي هدايت ڏيڻ جو موقعو ڪونہ هو.
نيڪ دل پادري جئڪس به، جهاز جي مٿانهين طبقي تي، جهاز کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو، تہ اوچتو هڪڙو بددماغ خلاصي کيس اهڙو ڌڪ هنيو ، جو هو اونڌي منهن وڃي هيٺ فرش تي ڪريو، پر ڌڪ هڻڻ سان اهو خلاصي پاڻ سنڀالي نہ سگهيو ۽ سندس پير جهاز تان کسڪي ويو، ۽ منهن ڀر وڃي هڪڙي ڀڳل کوهي تي ڪريو. هو کوهي کي قابو جهلي، پاڻي مٿان لٽڪندو رهيو. ايتري ۾ نيڪ دل پادري کيس وري بہ مٿي ڇڪي ورتو. پر ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي، هو پاڻ سمنڊ ۾ ڪري پيو، احسان فراموش خلاصي کيس ڏسندي بہ ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، ۽ پنهنجي بچائڻ واري کي ٻڏندو ڏسي منهن ڦيرائي اتان هٽي ويو. ايتري ۾ ڪئنڊيڊ ڊوڙندو آيو ۽ ڏٺائين تہ سندس محسن، نيڪ دل پادري غوطا کائي رهيو آهي. ڏسندي ڏسندي بي رحم لهرن ان کي ٻوڙي ڇڏيو.
ڪئنڊيڊ پادري کي بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ تي هو تہ ايتري ۾ ڏاهو پئنگلاس اچي پهتو، جنهن کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڃا هو پنهنجي انهي خيال کي ٿابت ڪرڻ لاءِ ڪو دليل ڏئي ئي ڏئي، تہ جهاز پاني سان ڀرجي وڃڻ ڪري وڃي تر ورتو. ۽ پئنگلاس ڪئنڊيڊ ۽ پادري کي ٻوڙڻ واري بددماغ خلاصي کانسواءِ سمورا مسافر ٻڏي ويا، خلاصي تہ ڪناري تائين ترندو ويو، باقي پئنگلاس ۽ ڪئنڊيڊ هڪڙي تختي جي سهاري سان تُڙڳندا نيٺ اچي ڪناري ڀيڙا ٿيا.
ڪجهہ دير تائين ٿڪ ڀڃي، هنن لزبن جي شهر جو رخ ڪيو. موت جي منهن مان بچي نڪرڻ کان پوءِ جيڪا ٿوري گهڻي رقم وٽن موجود هئي، تنهن مان هو ڪجهہ ويلا کائي پي سگهيا ٿي. پر اڃا هو پنهنجي مهربان ۽ محسن دوست، جئڪس پادري جي موت تي ارمان ڪندا، شهر ۾ داخل ٿيا ئي مس تہ ايتري ۾ زلزلو شروع ٿي ويو. ڌرتي ڌٻڻ سان سمنڊ ايڏي زور سان اڇل کاڌي جو بندر تي جيڪي بہ جهاز لنگر هڻي بيٺا هئا، سي سڀ پرزا پرزا ٿي لڙهي ويا. جايون ڊهي اچي پٽ پيئون ۽ گهٽين ۽ بازارين کي باھہ جا الا ۽ مٽي جا واچوڙا وڪوڙي ويا. ٽيھہ هزار ماڻهو، مرد ۽ عورتون ٻڍا ۽ ٻار مٽي جي ڍيرن هيٺ دٻجي مري ويا.
تباهي ۽ بربادي جو اهو لقاءَ ڏسي خلاصي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. هن شيطاني ٽهڪ ڏيندي چو: ”آفرين آهي ابليس کي، هاڻي مال ميڙڻ جو وجھہ ڏاڍو سٺو آهي!“
پئنگلاس چيو: ”قدرت جي هن قهري ڪارنامي جو ڪهڙو ”معصول سبب“ ٿي سگهي ٿو؟“
ڪئنڊيڊ چيو: ”ڀائنجي ٿو تہ قيامت اچي وئي آهي؟!“ خلاصي سر جو سانگو لاهي پئسن جي ڳولا ۾ ڊٺل جڳهين جي کنڊرن اندر گهڙي پيو، ڪافي نقدي هٿ آئي، تنهن کانپوءِ هن خوب شراب پيتو، ۽ آخر نشي ۾ چور ٿي سمهي رهيو. جڏهن سجاڳ ٿيو ۽ نشي جو خمار لٿس تڏهن کيس هڪڙي ننڍي نيٽي ڇوڪري هٿ اچي ويئي جنهن کي ساڻ ڪري، هو پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، مڙدن ۽ زخمي ماڻهن جي ڍيرن کي لتاڙيندو، ڊٺل جڳهين جي ڪنهن گوشائتي ڪنڊ ڏانهن وڌڻ لڳو.
پئنگلاس کيس ٻانهن کان جهلي چيو: ” منهنجا دوست! اها ڳالھہ ٺيڪ ڪانهي، جو تون ”عالمگير معقوليت“ جون حدون لتاڙي رهيو آهين. تو پنهنجي ڪڌي ارادي لاءِ وقت ۽ جڳھہ جي چونڊ بہ غلط ڪئي آهي.“
خلاصي ڪاوڙجي وراڻيو: ”تون ڪير ٿيندو آهين مون کي منع ڪرڻ وارو! توکي خبر ناهي تہ آءٌ جهاز ران آهيان ۽ بئٽاويا ۾ ڄايو آهيان. مون چار ڀيراجاپان جو سفر ڪيو آهي، ۽ هر ڀيري يسوع مسيح جي صليب کي پيرن هيٺيان لتاڙيو اٿم. سو، تون مون مان پنهنجي ”عالمگير معقوليت“ جي ڪابہ اميد نہ رک!“
هوڏانهن پٿرن جي اڏامي لڳڻ سان، ڪئنڊيڊ زخمي ٿي پيو هو، ۽ ڌوڙ سان ڀڀوت ٿيو، گهٽي جي وچ تي پيو هو. پئنگلاس کي رڙ ڪري چيائين: ”مهرباني ڪري مون لاءِ ترت ئي ڪجهہ شراب ۽ تيل هٿ ڪري وٺ، تڪليف جي ڪري منهنجو ساھہ ٿو نڪري.“
پئنگلاس چيو: ”هي زلزلو ڪا نيئن ڳالھہ ڪانهي، آمريڪا جي ليما شهر ۾ بہ اڳين سال ڌرتي ڌٻڻ سان اهڙي ئي حالت ٿي هئي. ساڳي قسم جا سبب ساڳيا نتيجا پيدا ڪن ٿا. ليما کان لزبن تائين، ضرور گندرف جون ڪي لاڳيتيون زير زمين قطارو پکڙيل آهن.“
ڪئنڊيڊ چيو: ”ضرور ائين ئي هوندو. پر خدا جي واسطي منهنجي شراب ۽ تيل جو بندوبست ڪر.“
”هوندو“ نہ بلڪ چئو تہ ”آهي“ ! پئنگلاس پنهنجيءَ ڳالھہ تي زور ڏيندي چيو. ”اها هڪ حقيقت آهي، ۽ آءٌ ان کي ثابت ڪري سگهان ٿو.!“
ايتري ۾ ڪئنڊيڊ بيهوش ٿي ويو اهو ڏسي پئنگلاس هڪدم ڊوڙي وڃي ڀر واري چشمي تان پاڻي کڻي آيو، ۽ آهستي آهستي ڪري ڪئنڊيڊ جي منهن ۾ وڌائين.
ٻئي ڏينهن ڊٺل ڦٽل جڳهين اندر گهمندي کين کاڌي پيتي جون ڪي شيون هٿ لڳيون جن کي کائي، هنن پنهنجي بک لاٿي، ۽ ڪجهہ قدر تازا توانا ٿيا. تنهن کان پوءِ شهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي زلزلي جي ڪري زخمي ٿيل ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ۾ مصروف ٿي ويا. انهن مان ڪن جن جي هنن مدد ڪئي هئي، کين منجهند جي ماني کارائي، ۽ اهڙي مصيبت جي هالت ۾ بہ جيڪي ڪجهہ وٽانئن ٿي سگهيو سو هنن جي اڳيان آڻي حاضر ڪيائون. اها ڄڻ تہ ماتمي دعوت هئي. جنهن ۾ ميزبان کاڌي کائڻ سان گڏ روڄ ۽ فرياد بہ ڪري رهيا هئا. پر پئنگلاس انهن کي تسلي ڏني تہ جيڪي ڪجهہ ٿيڻو هو، تئين ئي ٿيو آهي، ڪنهن بہ شيءِ جي اصليت کي بدلائي نٿو سگهجي، ۽ هر ڪنهن شيءِ ۾ ڪانہ ڪا چڱائي جي رمز رکيل آهي، ڇو تہ قدرت اها ڪنهن نہ ڪنهن بهترين مقصد لاءِ پيدا ڪئي آهي. جيڪو زلزلو آيو، سو ضرور اچڻو هو ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻڙندڙ جبل لزبن ۾ آهن، تن جو اثر بہ لزبن تي ئي ٿيڻو هو. قدرت پنهنجن ٺهرايل اصولن جي ابتڙ ڪڏهن بہ ڪجهہ نہ ڪندي. اهو ناممڪن آهي تہ ”سبب“ هڪڙي هنڌ هجي ۽ ان جو ”نتيجو“ ٻئي هنڌ ظاهر ٿي. هرڪا شيءِ جتي موجود آهي، اها اتي ئي سونهي ٿي، سڀئي شيون بهترين نموني ۾ رٿيل آهن، ۽ اهي بهترين مقصد سان خلقيون ويون آهن.“
پئنگلاس جي ڀرسان هڪڙو بندري قد وارو ماڻهو ويٺو هو، جنهن کي ڪارا ڪپڙا پيل هئا. ۽ مذهبي عدالت جو جاسوس هو. هن پئنگلاس کان نرمي سان پڇيو تہ ”سائين اوهين شايد انهي ڳالھہ ۾ ويساھہ نٿا رکو تہ انسان پيدائشي طور گناهگار آهي، ڇو تہ اوهان جي چوڻ موجب هرڪنهن شيءِ ۾ چڱائي رکيل آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو تہ آدم جو گناھہ ڪابہ حقيقت نٿو رکي، ۽ انسان جي بهشت مان تڙجڻ ۽ دائمي سزا ڀوڳڻ جي ڳالھہ اجائي آهي!“
پئنگلاس تهان ئي نرمي سان جواب ڏنو: ”سائينجن بلڪل بجا فرمايو. پر مون کي اها ڳالھہ واضح ڪرڻي آهي تہ آدم جي بهشت مان تڙجڻ ۽ سزا ڀوڳن ضرورت جي پابندي هيٺ، کيس سڀني کان بهترين جهان ۾ پهچايو، جنهن ۾ ئي هن جي بهتري ۽ ڀلائي هئي.“
’مذهبي عدالت‘ جوعملدار چوڻ لڳو: ”تنهن جي معنيٰ تہ اوهين انسان جي فعل مختيار هجڻ جو عقيدو نٿا رکو!“
پئنگلاس وراڻيو: ” معاف ڪجو، اوهين منهنجو مطلب نٿا سمجهو. انسان کي جيڪا عمل جي آزادي ۽ اختياري مليل آهي، سا ’ازلي ضرورت‘ جي پابنديءَ سان بلڪل ٺهڪيل اهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ضروري هو تہ اسين فعل مختيار هجون، ۽ جيڪو قدرت جو ارادو هجي...“
پئنگلاس اڃا جملو پورو نہ ڪيو هو تہ ’مذهبي عدالت‘ جي عملدار پنهنجي هڪ ڇاڙتي کي خاص نموني جو اشارو ڪيو، جيڪو کيس شراب جو جام ڀري ڏيئي رهيو هو.