باب چوٿون: ڪئنڊيڊ جي پنهنجي استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس سان ملاقات ۽ پوءِ جو احوال
تنهن تي هنن ٻنهي بدبختن مان هڪڙو بدبخت ٻئي کي چوڻ لڳو: ” افسوس، تون پنهنجي پياري استاد پئنگلاس کي بہ نٿو سڃاڻين!“
ڪئنڊيڊ تپرس ۾ پئجي ويو. ”هي آءٌ ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڇا، اوهين منهنجا عزيز استاد، ڊاڪٽر پئنگلاس آهيو؟ آءٌ اوهان کي هن رحم جوڳي حالت ۾ ڪيئن ڏسي رهيو آهيان! اوهان تي ڪهڙي مصيبت آئي، جنهن اوهان کي جاگيردار جو عاليشان محل ڇڏايو؟....... ڀلا، مس ڪيونيگونڊي جو ڪهڙو حال هو، جيڪا سڀني عورتن جي سرتاج ۽ قدرت جو شاهڪار آهي؟“
”آئون بيحد ٿڪل آهيان“ پئنگلاس سهڪندي وراڻيو، مون کان بيٺو بہ نٿو ٿئي.“
ڪئنڊيڊ هڪدم پنهنجي استاد کي جئڪس جي طبيلي ۾ وٺي آيو، ۽ کيس ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون آڻي ڏنائين. جڏهن هو ڪجهہ سامت ۾ آيو، تڏهن ڪئنڊيڊ وري بيصبري سان پڇيس:
”ڪيونيگونڊي جو ڇا ٿيو؟”
”اُها مري ويئي!“ پئنگلاس وراڻيو.
اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ هڪدم بيهوش ٿي ويو. اتفاق سان اُتي ڪجهہ سرڪو پيل هو، جنهن جي مدد سان پئنگلاس کيس هوش ۾ آندو. ڪئنڊيڊ اکيون کوليون، تڏهن بہ ڪيونيگونڊي جو نالو سندس زبان تي هو.-
”ڇا، ڪيونيگونڊي سچ پچ مري ويئي! هاءِ قسمت! هاڻي هيءَ دنيا، ’بهترين امڪاني دنيا‘ ڪيئن چئبي؟ آءٌ ڪيئن مڃان تہ هتي هر ڪاشيءِ چڱي آهي، ۽ چڱائي لاءِ آهي؟ پر هوءَ ڪهڙي بيماري جي ڪري مُئي؟ هوءَ تہ پڪ سان منهنجي بيعزتي جو اهو ڏک نہ سهي سگهي هوندي، جو سندس پيءُ مون کي لتون هڻي پنهنجي محل مان لوڌي ڪڍيو هو!“
”نہ“ پئنگلاس چيو، ”هن کي ڪابہ بيماري ، ڪوبہ ڏک ڪونہ هو. بلگيريا وارن اوچتو اسان جي قلعي تي حملو ڪيو. هوءَ بلگيريا جي سپاهين جو شڪار ٿي ويئي. انهن سندس عصمت دري ڪئي. تان جو هوءَ بيهوش ٿي ويئي. پوءِ سندس پيٽ چيري ڇڏيائون. وڏي نواب کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي بہ ماري ڇڏيائون. بيگم صاحبہ جا تہ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ننڍي نواب سان بہ اهڙي ئي حالت ٿي، جهڙي سندس ڀيڻ سان. محلات جي برباديءَ جي ڪهڙي ڳالھہ ڪريان، ڪا سر سلامت ڪانہ رهي: ڪا رڍ جيئري نہ بچي، ڪا بدڪ باقي نہ رهي، ڪو وڻ ڇانوَ لاءِ نہ ڇڏيائون! سمورا اناج جا گدام ۽ ٻيو اسباب تباھہ ٿي ويو. پر قدرت کانئن اسان جو انتقام بہ خوب ورتو؛ ابارين جو لشڪر وري مٿن ڪاهي ويو، ۽ اسان جي ڀر واري ان بلگيريائي نواب جي جاگير سان بہ ساڳي اسان واري جٺ ٿي.“
اهو ٻڌي، ڪئنڊيڊ وري غش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن انهن ”سببن“ ۽ ”نتيجن“ بابت پڇا ڪيائين، جن پئنگلاس جي اهڙي درگتي ڪئي هئي.
پئنگلاس چيو: ” افسوس، اهو سڀڪجهہ محبت جي ڪري مون کي ڀوڳڻو پيو--- انهيءَ محبت جي ڪري، جيڪا انسانذات جو ڏڍ ۽ آسرو آهي، جيڪا سڄي جهان جو سوجهرو ۽ سڀني ساهوارن جو روح آهي.“
”هاءِ هاءِ!“ ڪئنڊيڊ ٿڌو ساھہ کڻندي چيو، ”مون کي بہ انهي دلين تي حڪمراني ڪندڙ محبت جي اثر جو ڪجهہ تجربو آهي. پر مون کي ان جي صدقي يعني محبوب جي چپن کي هڪ ڀيري چمڻ جي عيوض، فقط ويھہ لتون پٺيءَ تي کائڻيون پيون—ان کان وڌيڪ قيمت مون کي ڏيڻي ڪانہ پيئي. پر عجب آهي جو اهڙي سهڻي ”سبب“ تنهنجي لاءِ اهڙو آگرو ۽ خوفناڪ ”نتيجو“ ڪيئن پيدا ڪيو.“
پئنگلاس سمجهاڻي ڏيندي چيو تہ منهنجا پيارا ڪئنڊيڊ توکي ياد هوندو تہ اسان جي بيگم صاحبہ وٽ هڪ سهڻي نوڪرياڻي هئي، جنهن جو نالو ”پئڪي“ هو. مون ان جي آغوش ۾ جنت جا مزا ماڻيا، جن مون لاءِ اهي جهنم جا عذاب پيدا ڪيا. هوءَ بادفرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ شايد هن وقت تائين اُن وگهي مري چڪي هوندي. پئڪي کي اهو تحفو هڪڙي وڏي پادري وٽان مليو هو پادري کي اهو هڪ پوڙهي اميرياڻي کان مليو، جيڪا هڪڙي فوجي ڪپتان مان وڇڙي، ڪپتان کي هڪ وڏ گهراڻي عورت کان اهو تحفو مليو، جنهن پنهنجي هڪ نوجوان ملازم کان ورتو. انهي نوجوان کي هڪ مڪار پادري کان مليو، جيڪو پنهنجي الهڙائپ واري وقت ۾ سڌيءَ ريت ڪولمبس سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ ساٿيءَ مان روڳي ٿيو هو. پر آءٌ هاڻي اهو پئڪي کان مليل تحفو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏيندس، ڇو تہ آءٌ ڪن ڏينهن جو مهمان آهيان.“
ڪئنڊيڊ عجب وچان رڙ ڪئي: ”پئنگلاس تو هن بيماريءَ جو عجيب شجرو بيان ڪيو! ان جو اصل باني مباني تہ خود شيطان ٿو ڀائنجي!“
پئنگلاس، هڪ عظيم مدبر جيان، سنجيدگي سان وراڻيو، ”نہ ڪئنڊيڊ! خدا جي خلقيل هن بهترين جهان ۾ اها تہ هڪڙي تمام ضروري ۽ لازمي شي آهي. جيڪڏهن ڪولمبس جو اهو همسفر آفريڪا جي ڪنهن ٻيٽ ۾ انهي مرض ۾ نہ وٺجي ها. جيڪو انساني نسل جي تخم کي زهريلو بنائي ڇڏي ۽ قدرت جي پيدائش واري سرشتي ۾ رڪاوٽ ٿو وجهي---- تہ اڄ اسان وٽ جيڪر اهي چاڪليٽي ۽ ڳاڙها رنگ ڪين هجن ها. مذهبي تڪرارن وانگي، اهو مرض بہ اسان يورپ وارن لاءِ مخصوص آهي. ترڪ، هندستاني، ايراني ، چينائيڃا ان کان ناواقف آهن پر ان لاءِ ڪافي ”سبب“ موجود آهن تہ ٻن ٽن صدين اندر انهن ۾ بہ هي مرض ڦهلجي ويندو. تيستائين سان ۾ هو خوب ترقي ڪري رهيو آهي، خاص ڪري اسان جن انهن عظيم ايماندار ۽ تربيت يافتہ فوجن ۾، جيڪي قومن جون قسمتون سنڀالي ويٺيون آهن. اسين بيڌڙڪ ايئن چئي سگهون ٿا تہ جيڪڏهن ٽيهن هزارن جي ڪا فوج، ايتري ئي تعداد واري ٻي فوج سان مقابلو ڪرڻ اچي ٿي، تہ هرهڪ ڌر جا گهٽ ۾ گهٽ ويھہ هزار سپاهي بادفرنگ ۾ ورتل هوندا آهن.“
”اوهان ڏاڍي عجب ڳالھہ ٻڌائي آهي،“ ڪئنڊيڊ چيو. ”آءُ اوهان جون دلچسپ ڳالهيون تاڄمار پيو ٻڌندس. پر پهرين اوهان جو اعلاج ٿيڻ کپي.“
”منهنجا دوست، مون وٽ تہ هڪڙي ڪوڏي بہ ڪانہ آهي، علاج ڪيئن ڪرايان”؟ پئسي بنان تہ ڪوبہ ڊاڪٽر رڳو سير بہ ڪونہ ڇوڙيندو.“
ڪئنڊيڊ، پئنگلاس جي علاج ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري، رحمدل پادري جئڪس وٽ ويو. سندس پيرن تي ڪري، پنهنجي استاد ۽ دوست جي دردناڪ تصوير اهڙي انداز ۾ چٽيائين، جو اهو نيڪدل پادري پئنگلاس جي علاج جي خرچ ڀرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
علاج ڪامياب ٿيو ۽ پئنگلاس چڱو ڀلو ٿي ويو. پر بيماري ۾ هو هڪڙي اک ۽ هڪڙو ڪن وڃائي ويٺو. پئنگلاس چڱي طرح لکي پڙهي سگهيو ٿي ۽ حسابي ڪم ۾ بہ هوشيار هو، تنهنڪري پادري هن کي پاڻ وٽ منشي ڪري رکيو.
ٻن مهينن کان پوءِ، جئڪس پادري کي وارپار سانگي لزبن ڏانهن وڃڻو پيو. هن ٻنهي فيلسوفن کي بہ پاڻ سان گڏ کنيو. سمنڊ رستي، هو پنهنجي جهاز تي روانو ٿيو. واٽ ۾ ٽيئي ڄڻا هڪٻئي کي پنهنجن خيالن کان واقف ڪندا هليا.پئنگلاس پادري کي اهو ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ”جيڪا ڳالھہ جنهن نموني ۾ ٿي رهي آهي، تنهن کان بهتر ٻئي نموني ۾ نٿي ٿي سگهي.“ پر جئڪس هن سان سهمت نہ ٿيو، هن جو چوڻ هو تہ ” انسان ڪن معاملن ۾ پنهنجي اها معصوميت وڃائي چڪو آهي، جيڪا فطرت کين شروع ۾ عطا ڪئي هئي. هن قدرت جي ڪارخاني سان هٿ چراند ڪري، ان کي ڪي قدر بگاڙي ڇڏيو آهي. انسانن کي بگهڙي ڪري ڪونہ پيدا ڪيو ويو هو. پر تڏهن بہ اهي هڪ ٻئي کي شڪار جانور جيان چيرين ۽ ڦاڙين ٿا. خدا کين ڄمڻ وقت سنگينون ۽ بندوقون هرگز ڪين ڏنيون هيون. پر تنهن هوندي بہ هنن هڪ ٻئي کي تباھہ ڪرڻ لاءِ پنهنجن هٿن سان خوفناڪ هٿيار تيار ڪري ورتا. انسان انسان جو رت پيئي ٿو، توبن ۽ تلوارن سان ، بہ دوکي ۽ مڪاري سان به. هتي جو قانون ۽ انصاف اهو آهي جو ڏيوالي ڪڍڻ واري جي ملڪيت ضبط ڪري لهڻيدار کي بہ دوکو ڏنو وڃي ٿو.“
هڪ اک واري سياڻي پئنگلاس وراڻيو: ” اهي ڳالهيو اٽل ۽ ضروري آهن، جدا جدا ماڻهن کي جيڪي ذاتي ڏک ۽ تڪليف رسن ٿيون، تن مان گهڻن ماڻهن کي وري گڏيل فائدا ٿا حاصل ٿين. انهي ڪري جيڪڏهن ذاتي ڏک گهڻا نظر اچن، ان جو مطلب اهو سمجهڻ کپي تہ گڏيل فائدا وڌيڪ ٿي رهيا آهن: جيئن ذاتي ڏک گهڻا، تيئن عام فائدا وڌيڪ!“
اهو بحث جاري هو، ايتري ۾ آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، چئني پاسن کان تيز هوائون هلڻ لڳيون، ۽ لزبن جي بندر جي بنھہ سامهون، جهاز خطرناڪ طوفان ۾ گهيرجي ويو.