باب پهريون: ڪئنڊيڊ جو اميراڻي محل ۾ پلجي وڏو ٿيڻ، ۽ اتان کيس نيڪالي ملڻ
جاگيردار ٿنڊر ٽن ٽرنڪ، ويسٽ فيليا جي سڀ کان طاقتور سردارن مان هڪ هو، ڇاڪاڻ تہ سندس محل کي هڪ اوچي عالم پناھہ صدر دروازو، ۽ ڪيتريون ئي دريون هيون. انهي قلعي جهڙي محلات جو وچون صفحو تمام وڏو ۽ قيمتي پردن سان سينگاريل هو بہ جن تي گلڪاري جو نفيس ڪم ٿيل هو. گهڙي جي سنڀالڻ لاءِ رکيل ڪُتا ضرورت وقت جاگيردار کي شڪاري ڪتن جي لوڌ جو ڪم ڏيندا هئا. ۽ سندس گهوڙن جا سئس سندس شڪاري بہ هئا. شهر جو پادري سندس عظيم نسبنامي جو محافظ هو. قلعي جا سڀ ماڻهو، خوشماد وچان کيس آقا ڪري سڏيندا هئا. آقا جيڪا بہ ڳالھہ ڪندو هو، تنهن جي هو ضرور ساراھہ ڪندا هئا، ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي اجائي خوشي ظاهر ڪندا هئا.
جاگيردار جي بيگم تنهن ڪري هونئن بہ معتبر ڏسڻ ۾ ايندي هئي. وري سندس خانداني هلت چلت جي ڪري سڀڪو سندس عزت ڪرڻ تي مجبور هوندو هو. سندس ڌيءَ ڪيونيگو نڊي، سترهن سالن جي هئي، هن جا ڳل گلابي هئا، سندس حسن ۾ تازگي هئي. ۽ بدن ڀريل ۽ دلڪش هوس جاگيردار جو پٽ، طبيعت توڙي شڪل شباهت ۾ سڌ ٻڌ پيءُ جهڙو هو. ۽ سندس سڄي خاندان ۾ استاد پئنگلاس جي گهڻي مڃتا هئي، ۽ سندس ڳالهين کي ڄڻ الهام ڪري سمجهندا هئا. ننڍڙو ڪئنڊيڊ، پنهنجيءَ سمجهہ ۾ عمر آهر، سندس هدايتن ۽ خطبن کي ڌيان سان ٻڌندو هو.
اُستاد پئنگلاس قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي روحانيت دينيات، ۽ ڪائنات جي علمن جي سکيا ڏيندو هو. هو تمام دلچسپ نموني سان اهو ثابت ڪري سگهندو هو تہ ڪوبہ ”نتيجو“ ”سبب“ کان سواءِ نٿو ٿئي. هو چوندو هو تہ سڀ کان بهترين امڪاني دنيا سندس ان ملڪ ۾ ئي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان بهترين قلعو سندس آقا جو قلعو آهي ۽ ان جي زال سڄي جهان جي بيگمن کان بهتر آهي.
ڊاڪٽر پئنگلاس اها ڳالھہ واضح ڪرڻ چاهيندو هو تہ ”قدرت جا نيم ۽ قانون مقرر آهن، ۽ ڪائنات جي هر ڪا شي انهن مقرر ڪيل نيمن ۽ قانونن پٽاندر هلي رهي آهي. جيئن تہ هر ڪا شيءِ ڌڻي سڳوري بنائي آهي، تنهنڪري ضروري آهي تہ اها ڪنهن بهترين مقصد لاءِ بنائي ويئي هجي. مثال طور، ڏسو تہ اسان کي نڪ عينڪن پائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن تڏهن ئي اسان انهن تي عينڪون پاتيون. ظاهر آهي تہ ٽنگون پاجامن پائڻ لاءِ بنايون ويون، ۽ انهي ڪري اسين پاجاما پهريون ٿا،. پٿر انهي لاءِ پيدا ڪيو ويو تہ ان کي گهڙي ٺاهي منجهائنس قلعا جوڙيا وڃن ۽ اهوئي سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي سردار جي رهڻ لاءِ جڳھہ بہ اهڙي ئي شاندار هجڻ کپي. رڍون ان لاءِ خلق ڪيون ويونت ه انهن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کاڌو وڃي، تنهن ڪري اسين سڄو سال انهن جو گوشت کائون ٿا. تنهن ڪري جن فقط ايئن چيو آهي تہ سڀڪجهہ ٺيڪ آهي، سي گمراھہ آهن، کلين ائين چوڻ کپي تہ سڀڪجهہ تمام ٺيڪ آهي ۽ بهترين مقصد خاطر آهي.“
ڪئنڊيڊ استاد پئنگلاس جون اهي قيمتي ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو ۽ انهن تان بنا چون چرا جي ويساھہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو مس ڪيونيگونڊي تي دل جان سان فدا هو ۽ ان کي سڄي دنيا کان سهڻي سمجهندو هو—ايتري قدر جو سندس حسن جي رعب کان هو اها ڳالھہ مس ڪيونيگونڊي سان ڪرڻ جي ڪڏهن بہ جرئت نہ ڪري سگهيو هو. سندس خيال هو تہ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي خوشي اها آهي جو ماڻهو نواب ٿنڊر ٽن ٽرنڪ جي حيثيت سان ڄمي ان کان پوءِ وڏي ۾ وڏي خوشي آهي نوابزادي ڪيونيگونڊي ٿيڻ ۾، ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏي خوشي آهي مس ڪيونيگونڊي جي هر روز ديدار حاصل ٿيڻ ۾، ۽ چوٿون نمبر خوشي آهي استاد پئنگلاس جي ڳالهين ٻڌڻ ۾، جيڪو هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فيلسوف آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ هي ئي ملڪ سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهن ڪري هو سڄي دنيا کان بهترين آهي، تنهنڪري هو سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏا ڪڏهن ڪڏهن تفريح خاطر گهمڻ ويندا هئا اتي هن ڏٺو تہ ڊاڪٽر پئنگلاس ٻوڙن جي هڪڙي جهڳٽي ۾ سندس ماءُ جي نوجوان نوڪرياڻي کي جنهن جا وار ڀورا هئا ۽ تمام خوبصورت هئي جسماني علم جي عملي سکيا ڏيئي رهيو هو. مس ڪيونيگونڊي کي عملي قسم جي علمن سان گهڻو چاھہ هو. تنهنڪري هو انهن تجربن کي جي سندس سامهون ٿي رهيا هئا تمام ڌيان ۽ دلچسپي سان ڏسڻ لڳي. هوءَ استاد پئنگلاس جي ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ بابت پيش ڪيل دليلن ۽ اصولن کي چڱي طرح حاصل ڪرڻ جو تمام زوردار چاھہ پيدا ٿي ويو. انهي ڪري هو تمام بيچيني وچان اهو سوچيندي گهر موٽي تہ ”شايد نوجوان ڪئنڊيڊ منهنجي لاءِ، ۽ آءٌ ڪئنڊيڊ جي لاءِ سٺو ”سبب“ بنجي سگهون ٿا.“
واٽ تي اتفاق سان ملاقات ڪئنڊيڊ سان ٿي ويئي، کيس ڏسي هو شرمائجي ويئي ۽ ڪئنڊيڊ بہ شرمائجي ويو هٻڪندڙ آواز ۾ هن ڪئنڊيڊ کي سلام ڪيو. ڪئنڊيڊ بہ هڪدم سلام جو جواب ڏنو، پر اهو پتو ڪونہ پيس تہ پاڻ ڪهڙا لفظ موٽ ۾ چيا هئائين. ٻئي ڏينهن جڏهن هو کاڌي جي ٽيبل تان اٿيا، تہ ٻيئي ڄڻا پردي جي پٺيان هليا ويا ڪيونيگونڊي پنهنجو رومال پٽ تي ڪيرايو، ۽ ڪئنڊيڊ اهو کڻي ورتو، ڪيونيگونڊي تمام معصوميت سان ڪئنڊيڊ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو، ۽ ڪئنڊيڊ بہ اهڙي ئي معصوميت سان ڪيونيگونڊي جي هٿ کي چمي ڏني اها سادگي اها گرمجوشي اهو جذبو سڀڪجهہ غير معمولي هو. سندن چپ چپن سان مليا، اکيون چمڪڻ لڳيون، ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون، هٿ ڀٽڪڻ لڳا. ايتري ۾ اتفاقن جاگيردار اچي اتان لنگيهو ۽ ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جي هيءَ روئداد ڏسي، ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو. هن ڪئنڊيڊ کي پيٽ ۽ پٺي واريون سخت لتون هڻي، ڌڪا ڏيئي، محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪيونيگونڊي کي ان وقت غشي اچي ويئي، ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، تہ ماڻس خوب چماٽون هنيس. اهڙيءَ ريت دنيا جي هن سڀ کان شاندار ۽ معزز محلات ۾ هر طرف بيچيني ڦهلجي ويئي.