باب سورهون: ڪئنڊيڊ ڪيونيگونڊي ۽ پوڙهي عورت کي وري ڪئين لڌو؟
بئرن اهو نظارو ڏسندي ئي سڄو پيلو ٿي ويو، خود ڪئنڊيڊ جيڪو عاشق صادق هو، پنهنجي خوبصورت ڪيونيگونڊي جو اهڙو ڪاراٽيل رنگ، مٽي ۾ لتل هن جي اکين جا ڇپر گهنجن سان ڀريل هن جي ڳچي هن جا رڙيل سهنا ڳل هن جون ٻانهون سخت پورهئي سبب ڳاڙهيون ۽ کهريون ٿيل ڏسي اهڙو تہ ڏڪي ويو، جو ٽپ ڏيئي هن کان ذري گهٽ ٽي وال پٺتي وڃي پيو، پر وري پاڻ کي سنڀالي، شرافت جي تقاضا کان مجبور ٿي، هن ڏانهن وڌي آيو. البت ان حالت ۾ هن جي دل ڪنهن محبت جي اڌمي اٿڻ جي تہ ڪا گنجائش ڪانہ هئي. جا جهل نہ ڏيئي سگهي. سو ڪيونيگونڊي پاڻ اڳتي وڌي اچي ڪئنڊيڊ ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڀاڪر پائي ملي. جن مان هرهڪ ڄڻي پوڙهي کي بہ ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ ڪئنڊيڊ ٻنهي عورتن جو فديو ڏيئي کين آزاد ڪرايو.
اتان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ننڍو زرعي فارم وڪري لاءِ پيل هو، جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پوڙهي عورت ڪئنڊيڊ کي مشورو ڏنو، جيسين کين هڪ هنڌ گڏجي رهڻ لاءِ ڪنهن بهتر قسم جي ڪا ٻي وڏي جاءِ ڪٿي ملي سگهي. جيئن تہ ڪيونيگونڊي کي اها ڳالھہ معلوم ڪانہ هئي تہ هو ڪا اهڙي ڪوجهي ٿي ويئي هئي (ڇاڪاڻ تہ کيس اها ڳالھہ ڪنهن بہ ڪانہ ٻڌائي هئي) ان ڪري هن ڪئنڊيڊ کي اهڙي تہ حجت سان ساڻس شادي ڪرڻ جو وعدو ياد ڏياريو، جو هن کي انڪار ڪرڻ جي همت ئي ڪانہ ٿي سگهي. پر جڏهن بئرن کي انهي ڳالھہ کان باخبر ڪيو ويو، تڏهن هن چيو، ”آءُ پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي ڪريل حرڪت هرگز برداشت نہ ڪري سگهندس، ۽ نہ وري توکي اهڙي گستاخي جي اجازت ڏيندس. آءٌ اهڙي بدناموسي ڪڏهن بہ سهي نہ سگهندس. منهنجي ڀيڻ جي اولاد کي پوءِ جرمني جي خانداني شجرن ۾ ڪٿي بہ داخل نہ ڪيو ويندو. نہ سائين، منهنجي ڀيڻ، سلطنت جي ڪنهن نواب کان گهٽ درجي جي ماڻهو سان ڪڏهن بہ شادي نہ ڪندي.“
ڪيونيگونڊي اها ڳالھہ ٻڌي پاڻ کڻي پنهنجي ڀاءُ جي قدمن ۾ اڇلايو ۽ انهن کي پنهنجن ڳوڙهن سان ڀڄائي ڇڏيو، پر هو اصلي نہ مڙيو.
”اي احسان فراموش ڪٿي جا ٻچا!“ ڪئنڊيڊ هن کي ڪاوڙ وچان چيو، ”تون جنهن کي مون غلامن جي جهاز مان آزاد ڪرايو، مون تنهنجي فديي جي رقم ڀري آهي؛ مون تنهنجي ڀيڻ جي فديي جي رقم ادا ڪئي آهي، جيڪا هتي بورچيخاني ۾ برتنن مانجڻ واري نوڪرياڻي هئي، ۽ ڳهي ڳهي ۽ سڙي سڙي پنهنجي سڄي صورت وڃائي چڪي آهي، اهڙي حالت ۾ بہ آءٌ هن کي پنهنجي زال بنائڻ جي شرافت ڏيکاري رهيو آهيان! ۽ تون اهڙو احمق آهين، جو ان جي مخالفت پيو ڪرين! توتي مون کي اهڙي تہ ڪاوڙ اچي رهي آهي، جو چوان تہ توکي وري قتل ڪري ڇڏيان.!!
”تون مون کي بيشڪ ٻيهر قتل ڪري سگهين ٿيو.“ بئرن چيو، ”پر جيسين منهنجي بدن ۾ ساھہ آهي، تيسين تون منهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري نٿو سگهين.“