ٻاراڻو ادب

پوپٽ ۽ گلاب

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. 

Title Cover of book پوپٽ ۽ گلاب

مھاڳ: هڪ نرالو ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڌرتي ڏاڍي سخت پئي رهي آهي، تنھن هوندي بہ ان ڌرتيءَ مان ٻالڪ ادب جا جيڪي نالا ڪنھن چشمي وانگيان ڦٽي نڪتا آهن، تن ۾ هڪ بيحد اهم نالو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو بہ آهي، ڊاڪٽر صاحبہ هلندڙ دور جي هڪ سگهاري ۽ نرالي تخليقڪار آهي، جنھن گذريل ڪيترن ئي سالن دوران سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي باغ ۾ قسمين قسمين ۽ رنگا رنگي گُل پئي لڳايا آهن ۽ ۽ جن جي خوشبوءِ سنڌي ٻارڙن جي ذهنن ۽ دلين کي سَرهو ۽ سُرهو ڪري ڇڏيو آهي. ٻارڙن جي دلين ۽ ذهنن کي خوشبودار ڪرڻ جي ڏس ۾ ٻالڪ ادب تخليق ڪرڻ بيحد ڏکيو ڪم آهي، ايڏو ڏکيو جو وڏن وڏن قلمڪارن جا قلم بہ ڏئي وَٺي بيھي رهندا آهن. پر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٻالڪ ادب تي جيڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ ان ڏس ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو واکاڻ جوڳو آهي ۽ گڏوگڏ گهڻن ئي ٻالڪ ليکڪن لاءِ اتساھہ جو ڪارڻ پڻ، سندس ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي هجي. سچ تہ اهو آهي تہ ٻارڙن جو ڳالھيون ٻارڙن تائين پھچائڻ جو اثرائتو ذريعو ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪونھي.
هن ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ ۾ ڪُل سورهن ڪھاڻيون شامل آهن، جن کي پڙهڻ کانپوءِ هڪ گهڙيءَ لاءِ بہ ۽ ڪٿي بہ بوريت جو احساس ڪونہ پيو ٿئي تنھن ڪري وڏي اعتماد سان اهو چئي سگهجي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٻالڪ ڪھاڻيءَ جي جهوليءَ ۾ هن مجموعي جي صورت ۾ پنھنجو حصو پتي وجهي ٻارڙن سان پنھنجي محبت جو هڪ ڀرپور اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحبہ هڪ ماءُ ۽ هڪ قلمڪار آهي ۽ هي ڪھاڻي ڪتاب بہ هڪ ماءُ ۽ هڪ قلمڪار پاران ٻارڙن سان پيار جي انمول جذبي کي چِٽو پٽو ظاهر ڪري ٿو.
هڪ ٻالڪ ليکڪ جي حيثيت سان ”پوپٽ ۽ گلاب“ جو اڀياس منھنجي لاءِ هڪ نھايت وڻندڙ تجربو آهي. هڪ اهڙو تجربو، جنھن ۾ فطرت سان ڳانڍاپي جي جذبن جو وهڪرو ۽ خوشيءَ ۽ سَرهائيءَ جا گل ٽڙيل آهن. ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي تہ ليکڪا پنھنجي ڳالھہ پتڪڙن ٻارڙن جي دل ۽ دماغ ۾ ويھارڻ لاءِ قلم سان گڏ محبت جي ذريعي کي بہ ڪمال مھارت سان ڪتب آندو آهي.
سنڌي ٻالڪ ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت، ڄڻين ۽ فطرت جي ٻين اهڙن مظهرن جي وسيلي ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻين کي سھڻو بنائيندا پئي آيا آهن. سنڌيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ وقت ڪھاڻيڪارن انھن شين تي مناسب ڌيان پئي ڏنو آهي پر لوڪ ڪھاڻين کانپوءِ هي پھريون ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب آهي، جنھن ۾ وڻن، ٽڻن، گلن ٻوٽن، پکين ۽ جانورن کي آندو ويو آهي. گهر ڀاتين کانپوءِ هڪ ٻارڙي جو تڪڙو واسطو انھن ئي شين سان پوندو آهي، گَهَر جي چار ديواريءَ ۾ رهندي ننڍڙا ٻارڙا پکين ۽ جانورن سان جلد ئي هِري مِري ويندا آهن، جهرڪين جي ”چُون .... چُون....“ ۽ ٺينگ ٽَپا ڏيڻ، ڪانون جي ”ڪان... ڪان“، ڪبوترن جي ”غٽر ڪون... غٽر ڪون“ ڪُڪڙ جو سينو تاڻي ٻانگ ڏيڻ، ٻليءَ جي ”ميائون.. ميائون“ ڍڳي جي ’رانڀ‘ وغيرہ ٻارڙن کي هڪ دلچسپ شغل وانگر پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائينديون آهن ۽ گڏوگڏ فطرت سان رابطو ڪرائڻ جي ڏس ۾ سندن مددگار ٿينديون آهن، وڻن جون ڪھاڻيون، جهنگلي ۽ پالتو جانورن ۽ پکين جون ڪھاڻيون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڪھاڻيون هڪ ٻار ۾ اها ساڃاھہ پيدا ڪنديون آهن تہ فطرت سندس آسپاس ڇا رکيو آهي، ڇو رکيو آهي؟ ۽ اهو سڀ ڪجهہ سندس لاءِ ڇو ۽ ڪيترو ضروري آهي؟
هنن ڪھاڻين ۾ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبہ جي گهري نظر ۽ مشاهدي جا اهڙا پاسا بہ پڌرا پيا آهن ، جيڪي ڪنھن وسيع نظر ڪھاڻيڪار جي فن ۽ فڪر ۾ هڪ لازاول چمڪ پيدا ڪري سگهندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارڙن ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪن ٿيون ۽ شعور بہ وري اهڙو جيڪو اسان جي سماج جو اصل روح ۽ اسان جي تهذيبي قدرن جي بنھہ ويجھڙو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪھاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ٻارڙن جي مزاج، طبيعت جي لاڙن، دلچسپيءَ، احساسن ۽ جذبن جي وڏي نباض آهي. تنھن ڪري هوءَ هنن ڪھاڻين وسيلي ٻارڙن جي شخصيت جي جوڙ جڪ ڪرڻ چاهي ٿي، يعني هوءَ ٻارڙن جي ذهن جي تعمير اهڙي نموني ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جنھن سان هڪ ٻار هڪ اهڙو انسان بڻجي سگهي، جيڪو فطرت پرست هجي، جيڪو خدا آگاھہ هجي، سچائيءَ ۽ صداقت جو پيڪر هجي، روشن خيال هجي، همدرد ۽ هڏڏوکي هجي، تڪبر ۽ وڏائيءَ جھڙي لعنت کان پاڪ هجي، محسن شناس هجي، خدمت گذار هجي، غريبن جو مددگار هجي، هيڻن جو حامي هجي، وطن پرست هجي، انسان دوست هجي، برائين کان آجو هجي ۽ عمل ڪردار جو هڪ سھڻو نمونو هجي. هي سڀ ڪھاڻيون انھن مڙني خوبين کي سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح ٻارن ۾ اڀارڻ جو اهم ذريعو آهن.
هي سڀ نيون نڪور ڪھاڻيون آهن، جن ۾ ڪھاڻيءَ جون هڙئي خوبيون موجود آهن. سادي ٻولي، دلچسپ فقرا، ڄاتل سڃاتل ماحول، شگفتگي ۽ رواني ۽ گڏوگڏ هر ڪھاڻيءَ جي پردي ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ روشن پيغام ۽ هڪ چمڪندڙ سبق، جيڪو اڄوڪي دور جي ٻارڙن لاءِ ازحد ضروري آهي.
ڊاڪٽر پروين هڪ اهڙي ڪھاڻيڪارہ آهي، جنھن ٻارڙن لاءِ بي لوث محبت ۽ وڏي سچائيءَ سان پئي لکيو آهي ۽ لاڳيتو لکندي پئي اچي. هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻين ۾ بہ سندس انداز گهڻو نرالو ۽ غير روايتي آهي. خاص ڳالھہ اها تہ هوءَ ٻارڙن جي تفريح ۽ وندر ورونھن لاءِ نہ ٿي لکي، پر سندس آڏو ٻارن جو سڌارو ۽ اخلاقي تربيت آهي. هي سڀ ڪھاڻيون پنھنجي انفرادي خوشبو ان ڪري رکن ٿيون جو منجهن سندس ذاتي تجربو ۽ مشاهدو شامل آهي. هن فطرت ۽ پکين ۽ جانورن جي واقعن ۽ تاثرات ۽ ماحول جي وچ مان ڪھاڻيون ڳولي ٻارن کي آڇيون آهن. سندس ڪھاڻين ۾ ڪو نہ ڪو مقصد ضرور آهي. هي سڀ ڪھاڻيون ٻارڙن کي غير شعوري طور تي درس ڏين ٿيون. ڪٿي بہ منجهن واعظ ڪونھي، پر ٻارن لاءِ انھن ڪھاڻين ۾ لاڳيتو دلچسپي برقرار رهي ٿي.
هي ڪھاڻيون پڙهي اندازو ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين نہ رڳو پنھنجي فني معيار ۽ ڪھاڻي چوڻ جو منفرد انداز ۽ سليقو برقرار رکيو آهي، پر ڪھاڻيءَ جي موضوعن ۾ پڻ رنگا رنگي ۽ ڪشادگي پيدا ڪئي آهي. سوچ ۽ شعور جا ڪيترائي دروازا کلندي نظر اچن ٿا. مون کي پَڪ آهي تہ هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارن جي علم، سندن تربيت ۽ معلومات ۾ واڌاري سان گڏوگڏ سندن ذهني اُفق کي وسيع ۽ تخيل کي بلند ڪنديون ۽ کين لاڀائتو شھري ۽ نيڪ دل انسان بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
ٻارڙن جي ادب جا پڙهندڙ ۽ نقاد منھنجي ان ڳالھہ سان ضرور سھمت ٿيندا تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب”پوپٽ ۽ گلاب“ ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾ هڪ سھڻو واڌارو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ ساراھہ لائق سمجهيو ويندو.

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
سينيئر پروڊيوسر/ڊائريڪٽر
پي ٽي وي، ڪراچي
2022-12-01