ٻاراڻو ادب

پوپٽ ۽ گلاب

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. 

Title Cover of book پوپٽ ۽ گلاب

وفادار جادوئي گهوڙو

پراڻي وقت جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ، ڪنھن ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو.جنھن جا ٽي پٽ علي محمد، علي نواز ۽ علي رضا هئا. علي محمد سڀني کان ننڍو، دادلو ۽ سست پر نيڪ طبيعت جو هو. جڏهن تہ علي رضا ۽ علي نواز چست ۽ هوشيار هئڻ سان گڏ پر مَنَ جا ڪجهہ ميرا پڻ هئا. هڪ ڏينھن هاريءَ پنھنجي کري ۾ گاھہ جي ڀرين ۾ کوٽ ڏٺي وڏي پٽ کي گهرائي چيائين” ڪير ماڻهو پاڻ جو گاھہ چورائي رهيو آهي. منھنجي مرضي آهي تہ تون رات جو هتي چوڪي ڏي تہ خبر پوي اهو چور ڪير آهي؟“ علينواز ٺپ جواب ڏنس سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ کان پوءِ مون کان ڪو بہ اوجاڳو ڪونہ ٿيندو ساڳيءَ ريت علي رضا بہ جواب ڏيندي پيءُ کي صلاح ڏني تہ اهو ڪم علي محمد کي چئجي جيڪو سڄو ڏينھن واندو ويٺو آهي ۽ ڪو بہ ڪم نٿو ڪري گهٽ ۾ گهٽ رات جو جاڳي سامان جي حفاظت تہ ڪري. ان ريت علي محمد رات جو چوڪيداريءَ تي لڳو کيس ڪو ڪم تہ ڪرڻ لاءِ هو ڪونھ، سو آسمان ۾ تارا ڳڻڻ لڳو. اوچتو اڌ رات جو هن گهوڙيءَ جو آواز ٻڌو ٿوريءَ دير ۾ ڏٺائين تہ هڪ اڇي رنگ جي سھڻي گهوڙي آهستي آهستي اچي رهي آهي. هُو وڻ پٺيان لڪي بيٺو گهوڙي گاھہ وٽ پھچي گاھہ چرڻ لڳي. علي محمد بہ هڪدم ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويھي رهيو. گهوڙيءَ کيس ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر علي محمد بہ صفا ان جي پٺيءَ کي چهٽي مضبوطيءَ سان پڪڙي ويٺو رهيو.
نيٺ گهوڙيءَ چيس، ”جيڪڏهن تون مون کي ٽي ڏينھن ڪنھن حفاظت واري هنڌ تي رکين ۽ منھنجي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪرين تہ پوءِ آئون توکي هڪ قيمتي ۽ ناياب تحفو ڏينديس“ عليءَ کي تہ ڪنھن ڪڏهن ڪجهہ ڪو نہ ڏنو هو، هُو تحفي جو ٻڌي الاهي خوش ٿيو ۽ گهوڙيءَ کي پري هڪ آرام دہ پر ويرانيءَ واري جاءِ تي ڇڏي آيو کيس کاڌو پاڻي ڏيڻ ويندو هو. ٽي ڏينھن ڏٺائين تہ گهوڙيءَ ٽي ٻچا ڏنا آهن ٻه وڏا هئا هڪ بلڪل ننڍڙو گهوڙو هو. گهوڙيءَ کيس چيو تہ ” آئون تنھنجي ٿورائتي آهيان منھنجو خيال ڪيو اٿئي هاڻي هن مان ٻه وڏا ٻچا بادشاھہ کي وڪڻي ڇڏجانءِ باقي ننڍو گهوڙو تنھنجو تحفو آهي“ علي ننڍڙي گهوڙي کي هنج ۾ کڻي ان جي ماءُ جون ڳالھيون ٻڌي رهيو هو. ٿوريءَ دير کانپوءِ ڪنڌ کنيائين تہ هن جي حيرت جي حَدَ ئي نہ رهي جو اها گهوڙي اتي موجود نہ هئي. علي انھيءَ کان پوءِ انھن گهوڙن کي داڻو پاڻي ڏيڻ لاءِ اتي ايندو رهندو هو.
هڪ ڏينھن سندس ڀاءُ علي رضا انھيءَ جڳھہ تي اتفاق سان آيو ۽ گهوڙا ڏسي کيس لالچ ٿي تہ اهي وڃي ميلي ۾ بادشاھہ جي ماڻهوءَ کي وڪڻي اچي ٻئي ڏينھن پنھنجي ڀاءُ علي نواز کي وٺي آيو ۽ ٻئي ٻه صحمتند گهوڙا کڻي روانا ٿي ويا، علي جيئن ئي پنھنجي گهوڙن لاءِ داڻو پاڻي کڻي پھتو تہ ڏسي ٻه وڏا گهوڙا موجود ڪونھي پريشان ٿي ويو. ننڍڙو گهوڙ جنھن کي هُو ”جاني“ سڏڻ لڳو هو سندس ويجهو اچي چوڻ لڳو تہ ” منھنجي پٺيءَ تي سوار ٿي توکي اُتي پھچايان جتي تنھنجا ٻئي ڀائر گهوڙن کي وٺي ويا آهن“. جاني! تون ڳالھيون بہ ڪندو آهين؟“ گهوڙي وراڻيو اڳ ۾ ڪڏهن ضرورت محسوس نہ ڪيم پر هاڻي وقت ڪونھي جلد هل“ علي محمد مٿس سوار ٿيو تہ ننڍڙو گهوڙو ڄڻ هوا سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو علي محمد ڳوٺ جو هو کيس جانورن جي سڃاڻپ هئي. هن گهوڙي جو غير معمولي نمونو ڏسي ورتو، سمجهيائين تہ مٿس ڪا الاهي نعمت ٿي آهي. علي محمد گهوڙيءَ سان اڳيان ويو تہ سندس ڀائر سامھون کان پئي آيا کيس ڏسي لڄي ٿيا ۽ چوڻ لڳا تہ، ”اسين تہ انھن گهوڙن تي سوار ٿي فقط ميلو ڏسڻ پئي وياسين“ علي محمد چيو” تمام سٺو هلو آئون بہ هلان ٿو. جڏهن اتي پھتا تڏهن بادشاھہ جي اصطبل جو وڏو منشي اُتي موجود هو انھيءَ کي اهي گهوڙا خوبصورتي ۽ بيھڪ ۾ گهڻا پسند آيا. بادشاھہ کي اطلاع ڪئي وئي هن روبرو اچي گهوڙا ڏسي هڪدم خريد ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو کين ٻه ٿيلھيون اشرفين جون ڏيئي گهوڙا وٺي ڇڏيا. جڏهن بادشاھہ جي ماڻهوءَ انھي گهوڙن کي اصطبل ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن گهوڙا هڪڙو بہ قدم نہ کڻن وڏي منشيءَ چيو تہ، ”آئون سمجهان ٿو هي گهوڙا پنھنجي مالڪ کان سواءِ ڪو نہ ويندا“ اهو ٻڌي بادشاھہ علي محمد کي پاڻ وٽ گهوڙن جي اصطبل ۾ نوڪري ڏني. هو تہ خوشيءَ ۾ ڦاٽي پيو اشرفين جون ٿيلھيون ڀائرن سان پنھنجي پيءَ کي موڪليائين ۽ خود بادشاھہ سان گڏ گهوڙن جي سنڀال لاءِ محل ڏي هليو، جتي پاسي ۾ کيس رهڻ لاءِ ننڍو گهر ڏنو ويو. ننڍو”جاني“ گهوڙو هر وقت ساڻس گڏ رهندو هو.
اصطبل جو منشي، علي محمد تي بادشاھہ جون ڪيل نوازشون ڏسي سڙي رک پيو ٿيندو هو. هڪ ڏينھن کيس اٽڪل سُجهي بادشاھہ کي چيائين، ”علي محمد کان سون جھڙي رنگ جو هرڻ گهرايو.“ علي محمد پھرين بادشاھہ کي جواب ڏنو پر پوءِ سندس ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪري وڃي گهوڙي جانيءَ سان ڳالھہ ڪيائين هن کيس سڀ ڏس پتو ڏنو ۽ گڏ هليو. هُو ٻئي سون ورني رنگ جو هرڻ کڻي حاضر ٿيا. بادشاھہ گهڻو خوش ٿيو ۽ منشي وڌيڪ پريشان رهڻ لڳو هڪ ڏينھن وري ٻيو راڳ کنيائين تہ، ”علي محمد چوي ٿو تہ، آئون جيڪڏهن چاهيان تہ ڏکڻ پاسي پري علائقي ۾ هڪ حسين ترين شھزادي آهي ان کي بادشاھہ لاءِ کڻي اچان“ بادشاھہ علي محمد کي چيو تہ ”اها شھزادي حاصل ڪر“ جڏهن علي محمد قسم کنيا ”آئون هڪ سادو سودو ماڻهو آهيان. مون کي ڪنھن بہ شھزاديءَ بابت ڪا بہ خبر ڪونھي“، منشيءَ جي ڪوڙ کي بادشاھہ سچ سمجهي کيس سزا ڏيڻ چاهي هو روئيندو ”جانيءَ“ وٽ ويو جنھن اهو مسئلو پڻ حل ڪيس. ٻئي گڏجي ڏکڻ پاسي سمنڊ ڪناري ويا جتي ٻيڙيءَ ۾ شھزادي گهمڻ آئي هئي ۽ جانيءَ جي چوڻ تي علي محمد پاسي کان خيمو لڳائي سون ۽ چانديءَ جي ٿانون ۾ بهترين کاڌو رکي ڇڏيو، خود لڪي ويٺو. شھزاديءَ کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هن جيئن ئي کائڻ شروع ڪيو علي محمد کيس کنڀي گهوڙي تي وڌو ۽ جادوئي گهوڙو ٿوري وقت ۾ بادشاھہ جي درٻار ۾ پھچي ويو. بادشاھہ علي محمد مان گهڻو خوش ٿيو. شھزاديءَ کي مان ۽ شان سان رکيو ويو. بادشاھہ هڪ ڏينھن شھزاديءَ کي شاديءَ جي پيشڪش ڪئي. ۽ هوءَ انھيءَ لاءِ بلڪل تيار نہ ٿي. علي محمد سان سڄي ڳالھہ ڪيائين هن چيس تہ ”شھزادي! تون پريشان نہ ٿي آئون جانيءَ کان پڇان ٿو هُو ضرور ڪا اٽڪل ٻڌائيندو “ ننڍي گهوڙي سڄي ڳالھہ ٻڌي چيو ته”مسئلو تہ ڏکيو آهي پر هاڻي جيڪا آئون صلاح ڏيان ٿو ان تي عمل ڪجو ۽ پوءِ انھن کي آهستي سان سڀ ڪجهہ سمجهائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن شھزادي بادشاھہ جي سامھون جڏهن حاضر ٿي تڏهن چيائين تہ، ”بادشاھہ سلامت توهان فرمايو آهي تہ منھنجي دل جوان آهي پر منھنجي خواهش آهي تہ جيترو توهان جو دل جوان آهي اوترا توهين پاڻ جوان نظر اچو تہ پوءِ آئون توهان سان شادي ڪريان“ بادشاھہ حيران ٿي ويو تہ هن انوکيءَ شرط جو ڇاڪجي؟ ڏک ۽ ڪاوڙ سان چيائين” ڀلا ماڻهو ٻيھر جوان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“
شھزاديءَ چيو هڪڙو طريقو آهي، ”جيڪڏهن ماڻهو ٻڪريءَ جي کير ۾ ٽٻي ڏيئي هڪ منٽ کان پوءِ نڪري تہ پوءِ هُو ايترو جوان ٿي ويندو جيتري هُن جي دل جوان آهي“
بادشاھہ حيران ٿي ويو پر شوق ۾ ٻڪريءَ جو کير وڏيءَ کليل ديڳ ۾ گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو سموريءَ درٻار جي سامھون انھيءَ کير ۾ ٽٻي ڏنائين هڪ منٽ کانپوءِ جڏهن ٻاهر نڪتو تہ ماڻهن پاڻ ۾ سُس ڦُس ڪرڻ شروع ڪئي بادشاھہ تہ ساڳيو پئي لڳو. شھزاديءَ کان پڇيائين تہ هن چيو تہ ”توهان غلط ٿا چئو تہ توهان جي دل جوان آهي. جي اها جوان هجي ها تہ توهين کير مان جوان ٿي نڪرو ها“ بادشاھہ جي منھن جو پنو لھي ويو ويتر جو شھزاديءَ آرسيءَ ۾ منھن ڏيکاريس پوءِ تہ ”ٺپ ئي ٺري ويس“ چوڻ لڳو، ”تون ٺيڪ ٿي چوين شھزادي آئون واقعي پوڙهو ۽ ضعيف ٿي چڪو آهيان“
شھزاديءَ وراڻيس“ توهان ايترا بہ ضعيف ڪونہ آهيو بادشاھہ سلامت جو اسان جي شادي نہ ڪرائي سگهو“ بادشاھہ ڦڪو ٿي ويو ۽ هڪدم شھزاديءَ جي شاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيائين. شھزاديءَ جي شادي علي محمد سان ڌوم ڌام سان ٿي. ۽ ٻئي گڏجي شھزاديءَ جي وطن ڏي روانا ٿيا ساڻن”جاني“ پڻ گڏ هو. رستي ۾ علي محمد چيو ته”اڄ اسان کي اها خوشي هن عقلمند ۽ وفادار گهوڙي جانيءَ جي معرفت ملي آهي جنھن جي ٻڌايل ٻڪريءَ جي کير واريءَ اٽڪل سان تنھنجي منھنجي پوڙهي بادشاھہ مان جند آزاد ٿي آهي“ شھزاديءَ جي وطن پھچي ٻئي شانَ مانَ ۽ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳا. وفادار جادوئي ”جاني“ گهوڙو درٻار ۾ هميشھ ساڻن گڏ هوندو هو.