ٻاراڻو ادب

پوپٽ ۽ گلاب

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. 

Title Cover of book پوپٽ ۽ گلاب

اڇي ڪبوتري

محمد عارض کي پڃري ۾ بند اڇي ڪبوتري ايتري تہ وڻي وئي جو هُو ضد ڪري ويٺو تہ ”بابا! هن ڪبوتريءَ کي پڃري سوڌو خريد ڪري گهر کڻي هلو آئون باغ ۾ اها وڻ سان ٽنگي هن سان ڳالھيون ڪندس“. پڻس سندس چوڻ تي اُتي گاڏي تہ اڳ ۾ ئي بيھاري چڪو هو هن سمجهيو تہ عارض هتي موجود پکي ڏسي خوش پيو ٿيئي تہ ڀلي ڪجهہ دير دل وندرائي پر جڏهن اها فرمائش کانئس ٻڌائين تہ هڪ پَل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو پر پوءِ پٽ جو شوق ڏسي اها اڇي ڪبوتري خريد ڪيائين.
عارض گهر پھچي وڏي خوشيءَ سان ڀيڻ فاريھ کي پڃري ۾ قيد ڪبوتري ڏيکاري، ان کان پوءِ کڻي مالھيءَ وٽ ويو تہ هن جي لاءِ ڪا سٺي جڳھہ باغ ۾ مقرر ڪري. هن جي ڀيڻ گوگل سرچ تي ڪبوتر جي باري ۾ پڙهڻ لڳي تہ ڀاڻس جيڪو پکي گهر کڻي آيو آهي ان جون عادتون، خوبيون ۽ خاميون ڪھڙيون آهن؟ شام جو چانھن مھل عارض کان پڇيائين تہ ”ڇا توکي خبر آهي؟ تہ جيڪا ڪبوتري تو گهر ۾ آندي آهي اها ڪٿان جي آهي؟ ۽ ان قسم جا ڪبوتر ڇا کائيندا آهن؟ انھن جي حفاظت ڪھڙيءَ ريت ڪبي؟“ ڀاڻس نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چوڻ لڳو تہ بس، ”مون کي وڻي آئون وٺي آيس باقي کائڻ ۾ بسڪيٽ يا مانيءَ جو چورو ڏيئي ڇڏيندس“.
فاريھ مُرڪي کيس سمجهايو تہ، ”عارض ماڻهوءَ کي پنھنجي هر ڪم جي مقصديت جي خبر هئڻ گهرجي هڪ ننڍي پکيءَ کي تون گهر کڻي آيو آهين، صبح ان جي سنڀال صحيح نہ ٿيڻ کانپوءِ جي هو مري وڃي تہ ڪيترو گناھہ ٿيندو؟ هيءُ آزاد پکي آهن انھن کي قيد ڪري جيڪڏهن پاڻ وٽ رکجي تہ کين سٺو کاڌو ۽ ماحول ڏجي پڃري کي باغ ۾ کليل جڳھہ تي رکڻ جو تنھنجو خيال سٺو آهي باقي هن جي کاڌي بابت آئون توکي معلومات ڏيان ٿي“
”ٻڌ! گوگل تي لکيل آهي تہ، ”ڪبوتر امن جو پکي آهي، گڏيل قومن جي انصاف واري عالمي اداري پڻ امن جي طور نشانيءَ لاءِ ڪبوتر جي نشان جو چونڊ ڪئي آهي. عام طور تي اڇي ۽ ڪاري رنگ ۾ ملي ٿو. هن جي چهنب ڊگهي ۽ سنھي هجي ٿي جڏهن تہ پڇ ڊگهو، ڪبوتر هڪڙا ٻج کائڻ وارا ۽ ٻيا ميوي کائڻ وارا هجن ٿا. ان کانسواءِ ڪيڙا ماڪوڙا، ڀاڄيون، وڻن جون نرم ٽاريون پڻ سندن کاڌي جو حصو آهن. ڪبوتر انٽارٽيڪا ۽ آئرلينڊ کانسواءِ دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن ۾ هجن ٿا، گهڻي ڀاڱي آسٽريليا ۽ ايشيا ۾ وڌيڪ آهن. انھن جا ساڍا چار سئو کان بہ وڌيڪ قسم آهن، سندن آواز ”ڪوڪو ڪوڪو“ آهي. جو شاعرن ۽ موسيقارن کانسواءِ عام ماڻهن کي بہ گهڻو پسندو آهي. هيءُ پکي گهڻو قيمتي ڪانھي، انھيءَ کي گهرن ۾ ماڻهو پسند ڪن ٿا. ڪبوتري هڪ وقت ۾ ٻه آنا ڏئي ٿي. هيءَ صاف رهڻ پسند ڪندي آهي. بيضن مان ٻچا 15 ڏينھن ۾ نڪري ايندا آهن ۽ مھيني کن ۾ اڏامڻ جي قابل بہ ٿي وڃن ٿا. آسٽريليا ۾ ڪبوتريءَ جي مٿي تي مور جي ڪلنگيءَ وانگر تاج هجي ٿو. جنھن ڪري ان کي ”ڊائمنڊ ڪبوتري“ بہ چيو وڃي ٿو. ڪبوترن جا گهڻائي قسم آهن. جيئن زيبرا، ٽرٽل ۽ ٻيا.
هيءُ اهو پکي آهي جو سج جي رنگين ڪرڻن جي روشنيءَ کي محسوس ڪندڙ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت ۾ تمام تيز آهي. ميلن کان پري جي آواز کي ٻڌي سگهي ٿو. باقي ڏسڻ جي قابليت ايتري خاص ڪانہ اٿس. پاڻي پيئڻ لاءِ ٿانوءَ ۾ منھن وجهي نوڙي پيئندو آهي. ٻين پکين وانگر ڪنڌ مٿي ڪونہ ڪندو آهي. ڪبوترو ننڍو بي ضرر پکي دنيا کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيندڙ آهي“
محمد عارض ڀيڻ جي ڏنل گوگل معلومات تي گهڻو خوش ٿيو. چيائين”ادي! توهان تہ منھنجي دل کي راحت ڏيئي ڇڏي. هاڻي مون کي اڇي ڪبوتريءَ کي سنڀالڻ ۽ پالڻ ۾ ڪا بہ ڏکيائي ڪونہ ٿيندي.“