هرڻ جي چوري
سخت گرمين جي ڏينھن ۾ هُو وڻ هيٺ سمھيو پيو هو تہ ڪُتي ٽونيءَ جي آواز تي اک کليس، آس پاس ڏٺائين وڏو ڪڪڙ ۽ بطخون کيڏي رهيا هئا تہ پريان ڍڳي بہ کڙ کائي سڪون سان ويٺل نظر آيس پر هن کي موتي هرڻ ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو ننڊ جي اثر هيٺ وري اک لڳي ويس شام جو نظر وڌائين تہ هرڻ موجود هو. سمجهيائين کيس شايد ڀُل ٿي آهي، منجهند جو هو ننڊ ۾ هو ان ڪري نظر ڪونہ پئي هوندي نہ تہ هرڻ باغ مان ڪيڏانھن ويندو؟؟
ٻئي ڏينھن ساڳيو ڪچيءَ منجهند جو باغ جي صفائي ڪري پکين ۽ جانورن کي کاڌو ڏيئي هو ليٽيو تہ ٿوري ننڊ ڪري وٺان تيستائين صديق چاچا جي فون آئي تہ منھنجو دوست اچي پيو تون هرڻ کي سٺو وهنجاري، کارائي پياري، رکجانءِ تہ جيئن هُو ڏسي خوش ٿيئي.
ڪريم بخش اُٿي اڱڻ ۽ باغ تي نظر ڊوڙائي پر کيس هرڻ ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. هاڻي تہ هُو پريشان ٿي ويو. تہ جيڪڏهن هرڻ کي ڪجهہ ٿيو تہ صديق صاحب تہ مون سان وڏي جٺ ڪندو. پنھنجي هڪ دل گهرئي دوست کي فون ڪري سڄو معاملو ٻڌايائين. هن چيس تہ، ”فڪر نہ ڪر، آئون هڪڙو پيري (چوريءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ پيرن جا نشان ڏسي چور تائين پھچائڻ وارو) وٺي ٿو اچان، اهو تمام هوشيار آهي. پوليس بہ انھيءَ جي مدد وٺندي آهي“.
ڪريم بخش مطمئن ٿي ويٺو ڪلاڪ ۾ سندس دوست ۽ پيري ٻئي اچي ويا، پھريائين باغ ۾ انھيءَ هنڌ تي پھتا. جتي هرڻ اٿندو ويھندو هو. سندس پير سڃاڻڻ کانپوءِ پيري حيران ٿي ڪريم بخش کي چيو تہ، ”چور ڪا عورت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هي زناني سينڊل جا پير موتيءَ جي پيرن جي نشانن سان گڏ هلن پيا“. ايئن ڪندي باغ مان نڪري انھن نشانن تي اڳيان هلڻ لڳا تان جو ڳوٺ جي ويجهو ننڍي درياءَ ڪناري وڻن وٽ ڪچي زمين تي ثومي (عثمان) چاچي غوث جو ننڍو پٽ هرڻ سان کيڏي رهيو هو. هُو حيران ٿي ويا ۽ پيريءَ بہ واقعي صحيح هنڌ تي پڄايو. هرڻ تہ ملي ويو پر ڪريم بخش ڪاوڙ ۾ ثوميءَ کي دڙڪا ڏيڻ لڳو. تيستائين چاچو صديق اچي ويو، جنھن کي ثوميءَ چيو ”چاچا! هي هرڻ مون کي جامَ وڻي ٿو، منھنجو دوست ٿي ويو آهي جڏهن چاچو ڪريم منجهند جو سمھندو آهي آئون ان کي باغ مان وٺي هتي ايندو آهيان ۽ پوءِ سندس جاڳڻ کان اڳ باغ ۾ پھچائي ويندو آهيان“. چاچو صديق کِلڻ لڳو ۽ کيس چيائين ”آئون ڪريم بخش کي چئي ٿو ڇڏيان تہ توکي هرڻ سان راند کيڏڻ ڏي ۽ تون باغ ۾ ئي اچي کيڏندو ڪر“.
پيريءَ جي نظر ثوميءَ جي پيرن تي پئي جنھن ۾ زناني سينڊل پاتل هئي. کانئس پڇيائين تہ ”بابا ڇو هيءَ چپل پاتي اٿئي؟“، ثومي شرمندگيءَ سان چيو تہ ”چاچي ڪريم جي جاڳي وڃڻ جي ڊپ ۾ آئون گهران تڪڙو نڪتس جلدي ۾ امان جي جتي پيرن ۾ پاتم هرڻ سان ملڻ جي شوق ۾ مون کي ڌيان ئي ڪونہ رهيو“.
انھيءَ تي سڀ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ پيريءَ کي بہ داد ڏنائون.