ٻاراڻو ادب

پوپٽ ۽ گلاب

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. 

Title Cover of book پوپٽ ۽ گلاب

پنھنجي پاران

پيارا ٻارو! ڌڻيءَ سڳوري هيءَ خوبصورت ڌرتي، آسمان، چنڊ، تارا، سج، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، درياھہ، سمنڊ، نباتات سڀ انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ جيئن سندس پسنديدہ ۽ سڀ کان احسن مخلوق يعني انسان (اشرف المخلوقات) انھيءَ مان مڪمل فائدو وٺي، آرامي ٿيئي ۽ سک جي حياتي ڪٽي.
پر حضرت انسان ڇا ڪيو جو پنھنجي رب پاڪ جي ڏنل انھن نعمتن جو شڪر گذار ٿيڻ ۽ انھيءَ جو قدر ڪرڻ بدران سندس ئي ٺاهيل هن حسين دنيا کي سائنسي ايجادن جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪرڻ واري جنون سان خراب ڪري ڇڏيو، زمينن تي پکي پکڻ پريشان، سمنڊن ۽ دريائن ۾ آبي مخلوق حيران، ان کانپوءِ بہ ڌرتيءَ تي خود انسان پڻ بي حال. اسان فقط پنھنجي آس پاس جي ڪنھن باغ ۾ ئي وڃي پسار ڪريون تہ قدرت جي ڪاريگريءَ جا انيڪ رنگ پسنداسين. چئوطرف جهرڪين، ڪانون، طوطن، ڪوئلن جون ٻوليون ۽ انھن آوازن جي مسحورڪن موسيقي، وڻن جي ٿڌي ڇانؤ، سھڻا سھڻا گل ٻوٽا سائي ڇٻر ڏسي اکيون ٺرن ۽ پير ٿڌا ٿين ٿا. جي پوپٽن کي ئي ڏسو تہ ڪيتري نہ رب سائين جي سندر تخليق آهي!!
نازڪ پرن ۽ آواز جي لھرن کي محسوس ڪرڻ وارا، رنگين گلن جي رنگن جي خوبصورتيءَ کي پنھنجي اندر جذب ڪرڻ وارا، باغن جي سونھن اهي پوپٽ آهن ۽ ٻارڙا ڪيئن نہ کين پڪڙي قيد ٿا ڪن. توهان جڏهن ڪھاڻي ”پوپٽ ۽ گلاب“ پڙهندا پوءِ ضرور خيال ڪندا تہ اسان کي ساھہ وارن کي تنگ نہ ڪرڻ گهرجي. آئون نٿي سمجهان تہ ڪي سڀ ٻارڙا ايئن ڪن ٿا. جي توهان کان اهڙي غلطي ٿي آهي تہ آئيندہ لاءِ ايئن ڪرڻ کان پاسو ڪريو. ڇو تہ گل، پن، ٻوٽا، پکي پکڻ سڀ قدرت جي طرفان اسان جي لاءِ عظيم تحفو آهن. توهان باغ کي سنوارڻ جو شوق رکو، ٻوٽا پوکيو ۽ سکو تہ باغن جي حفاظت ڪھڙيءَ ريت ٿيندي؟ باغباني هڪ اهڙي سڪون ڏيندڙ شغل آهي جو ٻارن کي تہ ضرور سکڻ گهرجي. جانورن ۾ ڪي جانور تہ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ کين انساني آباديءَ کان پري بہ رکبو آهي جو اهي خطرناڪ پڻ آهن. جيئن شينھن. هاٿي، گدڙ، ۽ ڪي ٻيا آهن. پالتو جانور جيئن اٺ، گهوڙو، ٻڪري، مينھن، ڍڳي، ڪتو، ٻلي، ڪڪڙ ۽ ٻيا جي بيضا ۽ ٻچا ڏين ٿا. سندن گوشت ۽ کير مان انسانن کي لاڀ ملي ٿو. انھن بي زبان جانورن تي ڪھل ڪرڻ لازمي آهي.
جيڪو بہ بي زبان جانورن ۽ پکين تي رحم نٿو ڪري ان تي ڌڻي سڳورو ناراض ٿئي ٿو.
پکين ۽ جانورن جي هنن ننڍين ننڍين ڳالھين ٻولين جي ڪھاڻين ۾ سبق آموز نصيتي نڪتا آهن تہ توهان کي انھن جانورن ۽ پکين جون خاصيتون ۽ عادتون پڻ پتو پونديون ۽ توهين بي سبب ڪنھن پکيءَ يا جانور کان ڪونہ ڊڄندا ۽ نہ ئي پريشان ٿيندا. جيئن مثال طور هن ڪتاب معرفت توهان کي ڄاڻ ملندي تہ هرڻ، هاٿي، ٻلي دوستاڻي رويي جا جانور آهن، ڪتو وفادار جانور آهي. ڊولفن مڇي انسانن جي دوست ۽ انھن کي پسند ڪندڙ آهي. گدڙ هڪ لٻاڙي جانور آهي. پوپٽ ۽ پوپٽيون آزاد گهمي گلن جو رس چوسڻ چاهين ٿا. انھن کي قيد نہ ڪريون، سوچيو تہ اللھ پاڪ اسان کي جڏهن آزاد رکيو آهي تہ پوءِ اسين ڇو هن نازڪ پوپٽ کي قيد ڪريون؟
ڪبوتر امن جو پکي ۽ نياپا نيئندڙ صدين کان مشھور آهي. پراڻي زماني جي جنگين ۾ ڪبوتر کي ئي پيغام ڏيئي موڪليو ويندو هو. ٻيا بہ سڀ جانور مختلف خاصيتن وارا آهن. پيارا ٻارو! هن ڪتاب معرفت توهان کي خبر پوندي تہ اسان کي پکين ۽ جانورن سان ڪھڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. سندن تڪليف، ڌڪ ۽ بيماريءَ جو احساس ڪرڻ، بک ۽ اڃ جو خيال ڪرڻ، کين آرامدہ زمين جيڪا گهڻي اُس ۽ ٿڌ کان بچيل هجي مھيا ڪري ڏيڻ، کين سندن قدرتي اٿ ويھہ ۾ آزاد ماحول فراهم ڪري ڏيڻ، صحيح کاڌ خوراڪ ڏيڻ، بي سبب قيد نہ ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي جانورن جا حق آهن جن جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي اخلاقي ۽ مذهبي فرض آهي. اهي جاندار آهن کين پڻ ساھہ آهي انھن کي بہ تڪليف ۽ بيماري محسوس ٿئي ٿي اهي خوش ۽ صحتمند هوندا تڏهن ئي انسان ذات لاءِ ڪارآمد بہ ٿيندا.
هن کان اڳ سنڌي ٻالڪ ادب ۾ مون ڪو بہ اهڙو ڪتاب ڪونہ ڏٺو آهي. جو خالصتن جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن جي باري ۾ هجي. سواءِ لوڪ ادب جي هڪ جلد جي، انھيءَ موضوع تي ڪتاب جي اڻاٺ ڏسي مون پنھنجي پيارن پڙهندڙ ٻارن لاءِ قلم کنيو تہ جيئن هڪ پورو ڪتاب فطرت جي نظارن، جانورن ۽ پکين بابت لکي پيش ڪريان. اميد تہ توهان کي منھنجي اها ڪاوش پسند ايندي.
پنھنجي رايو ڏيڻ نہ وساريندا.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
A-03 ڏيپلوئي ڪالوني حيدرآباد
ڊسمبر 2022ع
رابطو: 2766564-0333