الطاف شيخ ڪارنر

ملائيشيا 12 سال بعد

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2497
  • 715
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملائيشيا 12 سال بعد

ڪراچي کان ڪوالالمپور

ڪراچي جناح ايئرپورٽ جي ڊپارچر لاؤنچ ۾ لڳل گهڙيال ۾ پورا ٻارنهن ٿيا ته ڪوالالمپور يعني ملائيشيا ويندڙ مسافرن کي جهاز ۾ چڙهڻ جو سڏ ٿيو. آئون پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهي ٻڌايل دروازي وٽ قطار ۾ اچي بيٺس. اڳيان پويان نظر ڊوڙايم. مسافرن جو ڪو خاص وڏو تعداد نه هو جو جهاز ۾ چڙهڻ وقت ۽ خاص ڪري سامان رکڻ ۾ ڪا پيهه پيهان ٿئي. نه ته منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته جهاز ۾ چڙهڻ جو اعلان ٻڌي قطار ۾ اڳيان وڃي بيهجي جيئن سيٽن مٿان سامان رکڻ جي ڪئبينيٽ ۾ پنهنجو ٿيلهو رکڻ جي جاءِ ملي وڃي نه ته سيٽ اڳيان پيرن ۾ سامان رکڻ سان منهنجي ڊگهين ٽنگن لاءِ مسئلو ٿو ٿئي ۽ سڄو سفر ٽنگن کي چٻو ڪري وهڻو پوي ٿو.
مون سان گڏ ملائيشيا هلندڙ مسافرن کي غور سان ڏٺم. ڪجهه شلوار قميص ۾ پٺاڻ هئا. انهن کي اتي ڪنهن فرم، ڪمپني يا جهاز تي نوڪري ملي هوندي يا ملائيشيا جا شهري هوندا. پاڪستان ۾ پنهنجن مائٽن سان ملي پنهنجي ملڪ ملائيشيا موٽي رهيا هوندا.
ملائيشيا ۾ سرحد ۽ پنجاب جا ڪيترائي رهن ٿا جن جا وڏا ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اتي ئي ترسي پيا. پٺاڻن جا ته ڳوٺن جا ڳوٺ آهن. مسافرن ۾ ڪجهه پاڪستان آفيسر به لڳي رهيا هئا جن مان ڪجهه جو واسطو ملڪي سفارتخاني يا ٻين ملائيشيائي ادارن سان هوندو. اسانجا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنير، پروفيسر ۽ بزنيس مين ملائيشيا ۾ رهن ٿا. ڪجهه نوجوان ڇوڪرا به هئا جيڪي ملائيشيا جي مختلف ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ وڃي رهيا هئا يا نيوزيلئنڊ، آسٽريليا وغيره وڃڻ لاءِ انهن ملڪن جي ڪوالالمپور واري هاءِ ڪميشن مان ويزا وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ملائيشيا ويندڙن ۾ ڪجهه ڏاڙهين ۽ جبن ۾ ملائيشيا جا شاگرد پڻ هئا جيڪي هتي پاڪستان جي ڪنهن مدرسي ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪري پنهنجي وطن موٽي رهيا هئا. ٽي چار ملئي فئمليون به هيون جن جي مردن کي ته مغربي ڊريس ’سوٽ بشرٽ‘ پهريل هو پر عورتن کي ملئي لباس ’باجو ڪورنگ‘ هو. پاڪستان اڄ ڪلهه اهڙو Safe ته تصور نٿو ڪيو وڃي جو اهي هتي گهمڻ (ٽوئرزم) لاءِ آيا هجن. ٿي سگهي ٿو سندن واسطو سندن سفارتخاني سان هجي يا پاڪستان ۾ موجود ڪنهن ملائيشيائي ڪمپنيءَ سان.
جهاز کي ساڍي ٻارهين بجي اڏامڻو هو سو پنج منٽ کن قطار ۾ بيهاري اسان کي جهاز ڏي هلڻ لاءِ چيو ويو. جهاز ۾ گهڙڻ سان خبر پيئي ته هي جهاز هتان ڪراچي کان هلڻ شروع نه پيو ٿئي پر اڳهين ڪنهن ملڪ کان مسافر کڻي ڪراچي پهتو آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ مسافرن سان ڀريل هو. هونءَ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جي هن فلائيٽ جي سالن تائين ڪوالالمپور، دهلي، ڪراچي روٽ هئي ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳيو رستو ڏيئي جهاز ڪوالالمپور ويو ٿي. يارهين سيپٽمبر کانپوءِ هوائي جهازن جي پروگرامن ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. ڪيترين ئي ڪمپنين پنهنجا جهاز هلائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ڇو جو ڊپ کان ماڻهن ٻاهر نڪرڻ ۽ جهاز ۾ چڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. ڪيترين ڪمپنين پنهنجا جهاز ڪن خاص خاص اڏن تي لاهڻ ڇڏي ڏنا آهن جيئن سنگاپور جي هوائي ڪمپني نٿي چاهي ته سندن ڪو جهاز پاڪستان ۾ لهي. ٻيو ته ٺهيو ڪنهن پاڻي واري جهاز تي ڪو پاڪستاني آهي ته ان کي سنگاپور گهمڻ لاءِ جهاز تان نٿا لهڻ ڏين. هنن کي شايد هر پاڪستاني چور، ڊاڪو يا Terrorist لڳي ٿو. هاءِ ڙي هاءِ قسمت! اڄ کان ٽيهارو سال اڳ سنگاپور چورن ۽ ٺڳن کان مشهور هوندو هو. سنگاپور جي هر بس تي اتي جي چئني قومي زبانن (انگريز، چيني، تامل ۽ ملئي) ۾ چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ڪيل هوندو هو ۽ سج لٿي کانپوءِ ته سٽي سينٽر کان چانگي وليج يا ووڊ لئنڊ ڏي ويندڙ اسان ڌارين مسافرن کي مڪاني ماڻهو جهليندا هئا ته ملڪ ۽ ماحول خراب آهي. ۽ اڄ اهو ملڪ اسان لاءِ سيد پير ٿي پيو آهي ۽ اسان جهڙا باگڙي ڀيل. ظاهر آهي هاڻ چوريون ۽ ڌاڙا اسان وٽ لڳن، وهٽ ۽ انسان اسان وٽ اغوا ٿين. هر اوڙي پاڙي جي ملڪن جا بدمعاش ۽ ڏوهاري پناهه لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچي رهن..... ته پوءِ اهو ئي حال ٿيندو ۽ دنيا کي اسان لاءِ ان ئي قسم جو Image ملندو.
بهرحال جهاز ۾ وهڻ بعد جلد ئي خبر پئجي وئي ته جهاز ابوظبي کان پيو اچي ۽ منجهس گلف پاسي جا عرب ويٺل آهن. ڪي ڇڙها (اڪيلا مرد ۽ نوجوان) هئا ته ڪي فئملين سان هئا جن جا نٺر ۽ سڪيلڌا ٻار سڄو سفر ڪا نه ڪا هُر ڇُر ڪندا رهيا يا روئندا رهيا ۽ MAS ڪمپنيءَ جون ايئرهوسٽسون باقي مسافرن کي ڇڏي (خاص ڪري ڪراچيءَ مان چڙهيلن کي)، هنن ٻارن جا انگل پورا ڪنديون رهيون. بلڪ عرب مسافرن تان به ساهه صدقو پئي ڪيائون. هيستائين ملائيشيا ۾ رڳو يورپ ۽ چين ڪوريا پاسي جا ڪنگلا ۽ ڪنجوس سياح (Tourist) ايندا رهيا ٿي جن ملائيشيا ۾ رهي پئسو گهٽ ٿي خرچ ڪيو پر سهولتون وڌيڪ ٿي حاصل ڪيون. الله ڀلو ڪري اسامه بن لادن جو (يا جنهن به يارهين سيپٽمبر وارو واقعو ڪيو) هاڻ عرب آمريڪا ۽ يورپ وڃڻ بدران ملائيشيا وڃڻ لڳا آهن ۽ ملائيشيا جي عوام ۽ حڪومت هنن ڊگهن نڪن وارن مردن ۽ برقعن ۾ وڙهيل عرب عورتن مان خوش آهي جو اهي رهائش، کاڌي پيتي ۽ شاپنگ تي خوب پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ ملائيشيا وارن جي خوشحالي ٿي رهي آهي ۽ بقول هڪ دبئي جي عرب جي جيڪو ان جهاز ۾ سوار هو ”اڄ ڪلهه يورپ يا آمريڪا وڃڻ ذلالت آهي. ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر ۽ ٽئڪسي ڊرائيور کان وٺي هوٽل جو بئرو ۽ دڪاندار اسان عربن تي شڪ ڪري ٿو. ان ڪري اسان لاءِ ملائيشيا وڌيڪ ويجهو، ماڊرن ۽ فضيلت وارو ملڪ آهي جتي اسان کي VIP ٽريٽمنيٽ ملي ٿي.“
’ٺهيو هاڻ مون سمجهيو ته ملائيشيا وارن گلف (ابوظبي) تائين ڇو روٽ وڌائي آهي،‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ملائيشيا جا ماڻهو هاڻ اهي جهنگ جا ماڻهو نه رهيا آهن. ڪيڏا سياڻا ٿي ويا آهن. حالتن جو جائزو وٺي گلف ۾ به گهڙي پيا ۽ هاڻ سندن ايئرلائين هڪ طرف پئي ڪمائي جو هن دور ۽ هوائي خوف وارين حالتن ۾ به سندن جهاز مسافر سان ٽٻ آهن ته ٻئي طرف سندن ملڪ جي ٽوئرزم (ڌارين ماڻهن جي گهمڻ) ڪري ڪمائي پئي ٿئي. هڪ اسان جي قومي ايئر ڪمپني PIA آهي جيڪا هن سڄي علائقي ۾ پراڻي ۽ بهترين هوائي ڪمپني هئي سا ختم ٿي وئي. ”اباجي“ جي چوڻ تي رائونڊ واري محل لاءِ سنگاپور کان سڄو جهاز وڻن جي چڪين سان ڀرجي ايندو ويندو ته اهو ئي حال ٿيندو. هڪ آفريڪن ليکڪ جو ڪتاب پڙهيو هوم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ” ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي غربت جو سبب عوام ناهي پر اسان جا سياستدان ۽ ليڊر آهن جيڪي ووٽ وٺڻ بعد عوام جي خدمت ڪرڻ بدران عوامي ادارن جا مالڪ ٿيو وڃن. ملڪ جي قومي بئنڪن، هوائي ۽ سامونڊي جهاز ران ڪمپنين ۽ ٻين ادارن کي- ويندي پوليس ۽ جوڊيشري کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ريپ ڪن ٿا.“
بهرحال هن وقت 11 سيپٽمبر جي واقعي ڪري ملائيشيا ۽ عربن لاءِ سٺو ٿيو. ملائيشيا گهمڻ بهاني عربن کي اها پڻ خبر پوندي ته هر ڳالهه ۾ رڳو لنڊن ۽ نيويارڪ ناهي. ايشيا جا به ڪيترائي شهر اتم اتاهان، ماڊرن ۽ گهمڻ جوڳا آهن. ۽ جيڪي مشينون، اليڪٽرانڪ اوزار ۽ موٽر ڪارون فرانس، جرمني ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ ٺاهي سگهن ٿا اهي هن پاسي ايشيا جا ملڪ، جپان، ڪوريا، سنگاپور ۽ ملائيشيا وغيره به ٺاهي سگهي ٿو. ابوظبي جي هڪ عرب مسافر ٽئاليٽ جي ٻاهران انتظار دوران ٻڌايو ته ابوظبي ۾ هڪ مسجد ٺهي رهي آهي ان جو فائبر گلاس جو گنبذ ملائيشيا جي هڪ ڪمپني ٺاهي رهي آهي ڇو جو ملائيشيا ۾ اڄ ڪلهه ڪيترين مسجدن جا گنبذ هن مٽيريل جا ٺهيل آهن جيڪو آر، سي، سي يا ٻئي مٽيريل کان سستو، هلڪو، مضبوط ۽ سنهو ٿو رهي. هو (عربُ) ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور وڃي رهيو هو.
بهرحال هوائي جهاز ۾ گهڙڻ مهل مونکي لڳو ته منهنجي شولڊر بئگ (ٿيلهي) لاءِ سيٽ جي مٿان واري خاني ۾ جاءِ نه ملندي ۽ پيرن ۾ ئي رکڻي پوندي پر ائين نه ٿيو. مٿي ڪافي جاءِ هئي جنهن ۾ بئگ کي ڦٽو ڪري پاڻ کي آزاد پنڇي محسوس ڪرڻ لڳس. وڏي بئگ ته ايئرپورٽ تي ئي ڪارگو حوالي يعني بئگيج ۾ ڏئي چڪو هوس. هاڻ سڄو سفر مونکي رڳو ٽنگون ڊگهيون ڪري ننڊون ڪرڻيون هيون ۽ اخبار پڙهڻي هئي. اخبار هر قطار ۾ لڳل ٻن ٻن سيٽن تي هڪ هڪ رکيل هئي. اسان واري قطار جي اخبار دريءَ پاسي ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جو جوان جيڪو شڪل ۾ پاڪستاني لڳي رهيو هو، پڙهي رهيو هو. آئون هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيرائي سامهون ڀت ۾ لڳل رئڪ مان هڪ اخبار New Strait ٽائيمس کڻي آيس. ڀر واري کان اخبار وٺي پڙهڻ بهتر نه سمجهيم ڇو جو مون جهاز ۾ وهڻ سان اخبار يا ڪنهن ٻي نموني سان پاڙي واري سان فري ٿي پوءِ ڳالهائڻ جو سلسلو شروع نٿي ڪرڻ چاهيو. فجر کان وٺي آئون سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ اهڙو رڌل رهيو هوس جو هاڻ هي اڏام وارن ڇهه ڪلاڪن مان مون گهڻي کان گهڻو وقت سمهڻ ٿي چاهيو جيئن صبح جو اٺين بجي ڪوالالمپور هوائي اڏي تي لهڻ وقت تازو توانو محسوس ڪري سگهان. جهاز مسافرن سان ڀرجي رهيو هو. اڏام جو وقت ساڍا ٻارنهن ٿي رهيو هو پر ڪراچي هوائي اڏي تي مسافرن جي هلندڙ سخت چڪاس ڪري اڃان ڪجهه مسافر رهيل هئا. بهرحال ڏهه پنڌرهن منٽن اندر جهاز کي هلڻو هو ۽ هڪ بجي تائين گهربل Altitude تي پهچڻ بعد ايئرهوسٽس مسافرن کي ماني ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪن ۽ سندن اچ وڃ ۽ مسافرن جي پاڻي، چانهه، بلاڪيٽ لاءِ گهر گهر هلندي هلندي ڪلاڪ کن لڳي وڃي يعني هن رات جي سفر واري جهاز ۾ سمهڻ لاءِ ٺاپر ٿيندي ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ته ضرور ٿي ويندا. ان بعد اوندهه ۾ سفر ڪرڻ جا ٻه ڪلاڪ کن ٻيا ملي ويندا. ڇو جو ماني ٽڪيءَ جو ڪم رات جي ٻي تائين ضرور لهي ويندو پر اهو وقت پاڪستان جو مقامي وقت هوندو جيتوڻيڪ ان وقت جهاز پاڪستان کان گهڻو پري پهچي چڪو هوندو ۽ ٻن ڪلاڪن بعد جڏهن چار ٿيندا ته جهاز اهڙي هنڌ تي هوندو جتي مقامي وقت ڇهه هوندو ۽ سج اڀري رهيو هوندو ۽ پوءِ ڪوالالمپور تائين (لئنڊ ڪرڻ تائين) جهاز ۾ سج جي تکي روشني هوندي. ڪوالالمپور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ (اڄ ڪلهه) ٻن ڪلاڪن جو فرق آهي.
ڪوالالمپور تائين ڪابه اهڙي ڳالهه Unusual نه ٿي جنهن جو ذڪر ڪيو وڃي. ڪنهن به اهڙي ائبنارمل ايئرپاڪيٽ مان گذر نه ٿيو جو جهاز لوڏن ۾ اچي ۽ مسافرن کي الٽيون ۽ بي چيني محسوس ٿئي. جهڙ، ڪڪر، کنوڻيون ۽ مينهن جو وسڪارو هو ته گهڻو گهڻو هيٺ. اسان جو جهاز اٽڪل 36 هزار فٽن جي بلنديءَ تي، ڪڪرن کان گهڻو گهڻو مٿي اڏامي رهيو هو. ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اهڙو مينهن، کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ ڌنڌ هوندو ته ٿي سگهي ٿو ته پائلٽ لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿئي. بهرحال اهو هن جي مٿي جو سور آهي ۽ ان ئي ڳالهه جو هن کي پگهار ملي ٿو نه ته ههڙي “Smooth Sailing” ۾ ته هي جوان به اسان وانگر انجن کي ’آٽو پائلٽ‘ تي رکي چڪر پيو هڻي.... خبر ناهي ڇاڇا سوچيندي ننڊ اچي وئي ۽ اک ان وقت کلي جڏهن بيلٽ ٻڌڻ لاءِ اعلان ٿي رهيو هو. اسان اڌ ڪلاڪ اندر ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچڻ وارا هئاسين. هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ جلدي جلدي باٿ روم ويس جنهن جي در تي بيٺل ايئر هوسٽس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي ٻڌايو ته جهاز جي واٽر ٽئنڪ خالي ٿي چڪي آهي. تعجب نه ٿيم. اسانجي ملڪن ڏي ۽ اسان جي پاسي جي ماڻهن سان ڀريل جهاز ۾ اها هڪ نارمل ڳالهه ٿي پئي آهي. اسان وٽ مسافرن جي گهڻائي اهو نٿي سمجهي ته جهاز تي هڪ مقرر مقدار ۾ پاڻي کنيو وڃي ٿو جنهن کي تمام خيال سان هلائجي. هن جهاز ۾ به ڪيتريون عورتون ذري ذري ٻارن کي وهنجاري رهيون هيون. هڪ دفعي ته ڪراچيءَ کان دمام (سعودي عرب) تائين ٽن ڪلاڪن جي سفر ۾ پاڻي کپي ويو جو ڪيترا ماڻهو نماز لاءِ وضوءَ تي تمام گهڻو پاڻي استعمال ڪندا رهيا. هڪ صاحب ته وهنجڻ جو به شغل فرمايو هو. هن شايد هوائي جهاز کي پاڻيءَ وارو جهاز يا فائوِ اسٽار هوٽل سمجهيو هو. وهنجڻ تي پاڻيءَ جي ستيا ناس هڪ طرف ٿي ۽ مردن ۽ عورتن کي باٿ روم ٻاهران بيهڻ جي انتظار جي زحمت الڳ ٿي. پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اسان ۾ ڪي اهڙا نيڪ مرد مجاهد به آهن جيڪي ٻين جو خيال ڪندي پاڻ سان ريتي کڻي هلندا آهن جيئن پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ بدران تيمم ڪري سگهن. مشهور مذهبي عالمه ۽ الهدا تعليمي اداري جي پروفيسر ڊاڪٽر فرحت هاشمي به هوائي سفر دوران پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ بدران تيمم (مٽيءَ سان وضو) ڪرڻ نماز پڙهڻ جي تلقين ڪري ٿي.
”توهان ڪراچيءَ مان چڙهيائو يا ابوظبي مان؟“ ٽئاليٽ مان موٽڻ بعد پنهنجي ڀر ۾ ويٺل همراهه سان مون پهريون دفعو ڳالهايو.
”ابوظبي مان.“ هن جواب ڏنو، ”آئون ملئيشن آهيان پر ابوظبي ۾ نوڪري ڪريان ٿو.“
”معاف ڪجو مون توهان کي پاڪستاني يا عرب سمجهيو.“ مون سندس چهري جي نقش ڏي هڪ دفعو وري چتائي ڏٺو. ”ها. صحيح ٿا چئو. ڪيترا ماڻهو ڀلبا آهن. هونءَ منهنجي ڏاڏي ٻڌائي ٿي ته اسانجو ڏاڏو پنجاب جو هو. هو هتي ملائيشيا ۾ انگريزن جي فوج ۾ هو. ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد هو واپس پنهنجي وطن هليو ويو ته وري نه آيو. گهڻو گهڻو پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد لڏپلاڻ ۾ هو مارجي ويو هو.“
”توهان ڪوالالمپور ۾ رهو يا ڪنهن ٻئي شهر ۾؟“ مون کانئس پڇيو.
”آئون دراصل هن ملائيشيا ۾ نٿو رهان، منهنجي زال صباح جي آهي ۽ هن وقت سراواڪ رياست جي اتراهين شهر مِري (Miri) ۾ نوڪري ڪري ٿي. اڄوڪو ڏينهن ڪوالالمپور ۾ هڪ دوست سان ملي سڀاڻي صبح واري فلائيٽ ۾ مِري ويندس.“ هن ٻڌايو.
ملائيشيا جا ٻه حصا آهن. هڪ مغربي ملائيشيا جيڪو 1963ع تائين ملايا سڏبو هو ۽ ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. منجهس يارهن رياستون، پيراق، پهانگ، پرلس، پينانگ، ڪيلنتان، ترنگانو، سلنغور، ملاڪا، جوهور بارو، نينگري سيمبيلان ۽ ڪيداح آهن. ملائيشيا جو ٻيو حصو مشرقي ملائيشيا اوڀر ۾ آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ مغربي پاڪستان ۽ مشرقي پاڪستان هئا. پر انهن جي وچ ۾ زمين (انڊيا) هئي. هنن جي وچ ۾ نارٿ چائنا سمنڊ آهي. مشرقي ملائيشيا ۾ فقط ٻه رياستون آهن؛ صباح ۽ سراواڪ - جيڪي بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن. انهن جي وچ ۾ برونائي آهي ۽ بورنيو ٻيٽ جو باقي هيٺاهون حصو انڊونيشيا جي هٿ ۾ آهي.
”چئبو ته توهان جو گهر صباح ۾ آهي پر هن وقت سراواڪ ويندائو.“ مون چيومانس.
”منهنجو نه پر منهنجي زال جو. آئون هن ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح جو آهيان سو آئون صباح سراواڪ گهمڻ لاءِ وڃي سگهان ٿو پر شايد توکي خبر نه هجي ته اسين هن ملائيشيا جا صباح ۽ سراواڪ ۾ ڪو به گهر، دڪان يا زمين خريد ڪري نٿا سگهون. گهمڻ لاءِ به پاسپورٽ ضروري آهي.“
”ها مون کي خبر آهي،“ مون کيس چيو، ”اهو توهان جي ملڪ جو عجيب ڳانڍاپو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون جداگانه ۽ علحده هوندي به گڏ آهيو. يا شايد توهان جي گڏ هجڻ جو سبب ۽ راز ئي ان ۾ سمايل آهي.“
مون مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جو سوچيو. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هئاسين ته اسين سڀ پٺتي پيل پر پاڪستان جو ساڄو حصو (مشرقي پاڪستان) کاٻي حصي مغربي پاڪستان کان غريب هو- تعليم ۽ اٽڪلن سٽڪلن ۾ به ته بزنيس ۽ فوج ۾ به. پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو هنن جي هر شيءِ تي اسان جي مغربي پاڪستان وارا ويا قبضو ڪندا. نوڪرين هجن چاهي ڌنڌا ڌاڙيون هر هنڌ قبضو اسان جي پاسي واري همراهه جو ٿيندو ويو. ويندي زمينون ۽ ڪارخانا به هو خريد ڪندو ويو ۽ بنگالي ويو ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو ۽ پوءِ اهو ئي نتيجو نڪتو جيڪو اهڙين ناانصافين جو نڪرندو آهي. ملائيشيا ۾ ائين ناهي. مغربي ملائيشيا جو ماڻهو صباح ۽ سراواڪ رياست ۾ نه زمين خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه اتي جي نوڪرين ۽ ڌنڌي تي حاوي ٿي سگهي ٿو. نتيجي ۾ صباح ۽ سراواڪ (مشرقي ملائيشيا) جا ماڻهو جيڪي غريب ۽ پٺتي پيل آهن. پُرسڪون آهن ته هڪ ڏينهن سندن ٻچا پڙهي لکي وڏا ٿيندا ته سندن صوبن ۾ کين ئي نوڪري ملندي. سندن زمين اتي ئي پيئي آهي. ائين نه آهي ته اڇو انگريز ويو ته ڪوالالمپور جو ڪارو ملئي اچي ويو. ۽ اها سوچ ۽ Feeling اهڙي آهي جيڪا سڀني کي ملايو ويٺي آهي.
“Kenapa encik pergi ke Kuala Lumpur??”
(تون ڪوالالمپور ڇو وڃي رهيو آهي؟)
هن مونکي ڪافي دير کان خاموش ۽ خيالن ۾ گم ڏسي سوال ڪيو. مون مشرقي پاڪستان سان ماضيءَ ۾ ٿيل تلخين جي غم کي لڪائي ظاهري طرح چپن تي مصنوعي مرڪ آڻي هن ڀرواري پاڙيسريءَ کي کلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ان ڪري جو ملائيشيا ڇڏڻ وقت هن شهر مون کي هيڏانهن وري اچڻ لاءِ چيو هو Jangan Lupakan Saya (مونکي نه وسارجانءِ)،“ مون هن کي مشهور ملئي پنتون (چوسٽي) جي آخري سٽ ٻڌائي. ملئي زبان ۾ پنتون ائين آهي جيئن پاڻ وٽ بيت يا ڏوهيڙو يا ايران ۾ رباعي وغيره. پوءِ ڪن پنتونن (چوسٽن) ۾ تمام اونهي ڳالهه به هوندي آهي ته ڪي ائين ئي هوائي ٽائيپ هونديون آهن جيئن پاڻ وٽ ’ارچڪ مرچڪ ڌما ڌرچڪ‘ يا انگريزي ۾:
‘Drink tea, drink coffee
Burn your lips & remember me’
سو مٿين ملئي سٽ به اهڙي ئي هڪ وائڙي پنتون (Pantun) جي آهي. پر آهي تمام مشهور جنهن کان هرهڪ واقف آهي. چي:
Laju, laju, perahu laju,
Lajunya sampai ke Surabaya.
Lupa Kain, Lupa Baju
Tetapi jangan lupakan saya.
ملئي زبان ۾ ’لاجو‘ رفتار کي چئجي ٿو ۽ ’پيراهو‘ جي معنيٰ آهي سڙه تي هلندڙ ٻيڙو يا جهاز. يعني ”تکو هل، تکو هل، هوا تي هلندڙ ٻيڙا، تکو هل، جلدي جلدي مونکي سورابايا پهچاءِ.“
(سورابايا انڊونيشيا جو خوبصورت ٻيٽ آهي جتي جي جوانڙين سان ملئي ماڻهن جي عشق جا ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن ۽ جتي جي ڪنهن محبوبا هن پنهنجي عاشق کي وري ملڻ لاءِ تاڪيد ڪندي چيو هو: لوپا ڪائن، لوپا باجو (پنهنجي قميص وسارجانءِ، پنهنجي ڪانچ وسارجانءِ)، تيتاپي جنگن لوپاڪان سايا (پر مونکي هرگز نه وسارجانءِ.)
منهنجو پاڙيسري کلڻ لڳو. ”لڳي ٿو توهان هن پاسي گهڻو رهي چڪا آهيو.“ هن چيو ۽ ان ئي وقت اسانجي هوائي جهاز ملائيشيا جي ڌرتيءَ تي پنهنجا ڦٻايا لڳايا. ماڻهو لهڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. ڪجهه دير کانپوءِ ڏاڪڻ لڳڻي هئي جنهن ذريعي اسانکي جهاز مان نڪري ٻاهر جي دنيا ۾ اچڻو هو. ڇهه ست ڪلاڪ کن اڳ جهاز جي هن ئي دريءَ مان ڪراچي نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻ ڪوالالمپور جو شهر. ”اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ پهريون دفعو 1972ع ۾ اسانجو پاڻي وارو جهاز ’ايم. وي سرفراز رفيقي‘ هتي آيو هو، جنهن تي آئون مئرين انجنير هوس.“ آئون دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس، جهاز ڪوالالمپور کان ٽيهارو ميل کن پري پورٽ ڪلانگ ۾ اچي بيٺو هو ڇو جو ڪوالالمپور سمنڊ جي ڪناري تي نه آهي. اسان ٽئڪسي يا بس ۾ چڙهي روز ڪوالالمپور گهمڻ ايندا هئاسين. ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ هي ڪيڏو ماٺيڻو ۽ ڌيرج وارو شهر هو. پر پينانگ کان مڙيئي وڏو هو جتي ڪوالالمپور اچڻ کان اڳ مهنو کن ترسيا هئاسين. جهاز جي مرامت ڪرائڻ بعد پينانگ مان ٽونا مڇي جهاز تي چاڙهي هئيسين جيڪا جپان جي بندرگاهه هيروشيما ۾ لاهڻي هئي. پينانگ ۽ ڪوالالمپور اسان کي ڏاڍو وڻيو هو. يورپ جي ٿڌن ۽ برفاني بندرگاهن کان هتي مينهوڳي واري موسم ۾ رومانس هو، عجيب هڳاءُ ۽ سڳنڌ هئي- جيڪا شايد نيم بياباني علائقي (سنڌ) جو رهاڪو هجڻ ڪري فقط مون ئي محسوس ڪئي ٿي ۽ ٻئي ڪنهن نه ڪئي هجي.
ملائيشيا جي سرزمين تي اهو اسانجو پهريون ۽ آخري دفعو نه هو. ملائيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ڪم هجي يا نه، اسانجي جهاز ڏور اوڀر ڏي ويندي يا موٽندي هر وقت ملائيشيا ۾ لنگر ڪيرايو ٿي. سامونڊي جهازن ذريعي ملائيشيا ۾ اچڻ جو اهو سلسلو اٽڪل ڏهه سال کن هلندو رهيو. ذري ذري اچڻ ڪري هن ملڪ جي زبان (ملئي) نه فقط مونکي پر منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي به اچڻ لڳي جيڪي مون سان گڏ جهاز تي رهيا ٿي.
پاڻيءَ جي جهاز تي ٻيو سڀ سک آهي پر ٻار وڏا ٿيڻ تي سندن پڙهائيءَ جو مسئلو رهي ٿو ڇو جو جهاز هڪ هنڌ ترسڻ بدران مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۾ ڦرندو رهي ٿو. ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ مونکي ملائيشيا ئي بهتر لڳو. هونءَ جو گذريل ڏهن سالن کان آئون رکي رکي پاڻيءَ جي جهاز ۾ ملائيشيا ايندو هوس، هاڻ ڪناري جي نوڪري ملڻ ڪري ڏينهن رات ۽ سال پٺيان سال هڪ ئي ملڪ (ملائيشيا) ۾ رهڻو پيو. اهڙي طرح ذري گهٽ ڏهاڪو سال ملائيشيا ۾ لڳاتار رهڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ جو چپو چپو ڏسڻ جو سٺو وجهه ملي ويو. هونءَ پاڻيءَ واري جهاز ۾ فقط بندرگاهن وارا شهر ۽ شهري ماڻهن سان ملڻ ٿيو ٿي پر هن ٻئي ڏهي ۾ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۽ ڏورانهن ڳوٺن ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ملاڪا، اپوح، پينانگ، جوهور بارو، سريمبان جهڙن شهرن ۾ ته ايتري واقفيت ۽ گهٽي گهٽي جي سڃاڻپ ٿي وئي جو پنهنجي ڳوٺ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به ايتري نه هجي. ۽ پوءِ ان بعد يڪو ملائيشيا کان ٻاهر سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي، فنلئنڊ ۽ سعودي عرب ۽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ ٿيندو اچي.
ان وچ ۾ ڪيترائي دفعا ملائيشيا چڪر هڻڻ جو سوچيم بلڪ پڪو پهه ڪيم پر پروگرام نه پئي ٺهيو. شايد داڻو پاڻي لکيل نه هو. هن سال آفيس طرفان Mandatory Leave وٺڻ لاءِ خط آيو ته مهنو کن موڪل ڪريان نه ته ٻي صورت ۾ اها موڪل ڪئنسل ٿي ويندي. مون ملائيشيا وڃڻ لاءِ اجازت گهري جيڪا ان ئي وقت منظور ڪئي وئي ۽ اڄ پورن ٻارهن سالن بعد آئون هڪ دفعو وري ملائيشيا جي ڌرتيءَ تي قدم رکي رهيو آهيان.
جن ملڪن جون حڪومتون ۽ سياستدان Corrupt آهن، جن جا بزنيس مين ۽ بيورو ڪريٽ ٺڳ آهن، جيڪي ملڪ ترقي نٿا ڪن انهن لاءِ پنجاهه سال به ڪجهه نه آهي پر ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ ٻارهن سال وڏي ڳالهه آهي. ٻارهن سالن جي غير حاضريءَ ۾ ملائيشيا جي وڌڻ ويجهڻ جون ڪيتريون ئي خبرون ٻڌندو رهيس ته ملائيشيا ۾ هي ٿي رهيو آهي- هو ٿي ويو آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ملائيشيا ۾ ٺهي آهي، مونو ريل ملائيشيا ۾ شروع ٿي وئي آهي. هي ٿيو آهي هو ٿيو آهي- ويندي منهنجا جهازي شاگرد جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنير ٿيڻ کان علاوه جهازن ۽ ورڪ شاپن جا مالڪ ٿي ويا آهن. جهاز ران ڪمپنين ۽ جهاز ساز ادارن جا M.D ۽ C.E.O ٿي ويا آهن...
بيشڪ ملائيشيا جي ترقيءَ جو گراف يورپ جي ڪيترن ملڪن کان اتاهون آهي ۽ گذريل ٻارهن سال جيڪي لڳي ائين ٿو ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويا پر حقيقت ۾ هڪ وڏو عرصو آهي ۽ اڄ آئون پورن ٻارهن سالن بعد واپس ان ملڪ ۾ قدم رکي رهيو آهيان جتي منهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذريا بلڪ منهنجن ٻارن ته جهاز ۽ سمنڊ ڇڏڻ بعد ملائيشيا جي ئي ڌرتي ڏٺي. جتي مون پنهنجي Career جو نئون باب شروع ڪيو. يعني جهاز هلائڻ بدران جهاز هلائيندڙن کي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ٽيچر جو اسان جي ملڪ ۾ کڻي مَان نه هجي (جيڪا اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي بدقسمتي آهي) پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اڄ به تدريسي پيشي کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. مون جيڪي چاهيو ٿي ان کان وڌيڪ هن ملڪ جي حڪومت ۽ ماڻهن مونکي موٽ ۾ ڏنو. آخري وقت- يعني ٻارهن سال اڳ هي ملڪ ڇڏڻ وقت هڪ مشهور ملئي پنتون جي سٽ دهرائي هر هڪ کان موڪلايو هوم ته Jumpa lagi (وري ملنداسين) ۽ اڄ وري هن ملڪ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي. هڪ مهيني جي مختصر عرصي لاءِ ئي سهي. جهاز مان ماڻهن جي رش گهٽجڻ تي آئون به اٿي کڙو ٿيان ٿو. سيٽ مٿان ٺهيل ڪئبينيٽ مان پنهنجو ٿيلهو کڻي پنهنجي اڳيان هلندڙ ماڻهن جي پويان جهاز جي دروازي ڏي وڌان ٿو. ملئي شعر (Pantun) موجب رب پاڪ مونکي هي پٽ ۽ هتي جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ شايد اڃان جيئرو رکيو آهي ٻين لفظن ۾ ”عمر پنجانگ“ (ڊگهي ڄمار) عطا ڪئي آهي.
ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي شوقينن لاءِ مٿين سٽ جمپا لاگي (وري ملنداسين) واري سڄي پنتون (ملئي رباعي) هتي لکان ٿو:
Kalau ada sumur diladang
Boleh kita menumpang mandi
Kalau ada umur panjang
Boleh kita ber-jumpa lagi.
پهرين ٻن سٽن جي معنيٰ آهي: ”جيڪڏهن تنهنجي زمين ۾ (رهائش گاهه) تي وهندڙ چشمو هجي ته پاڻ وهنجندا ئي رهون.“
۽ مطلب وارين آخري ٻن سٽن جي معنيٰ آهي: ”جيڪڏهن وڏي عمر نصيب ٿي ته پاڻ وري ملي پونداسين.“
***