ڪوالالمپور کان نيوزيلئنڊ ويندڙ جوان
”ڪريو خبر توهان به ٽئڪسيءَ ۾ پهتائو؟ مون اڙدوءَ ۾ پڇيومانس.
”نه سر ڀلا آئون اسٽوڊنٽ ڪيئن ٿو ٽئڪسي افورڊ ڪري سگهان. جهاز ۾ هڪ ملئي همراهه سان عليڪ سليڪ ٿي وئي. اهو مونکي هتي ڊراپ ڪري ويو.“ هن وراڻيو.
”اهو سٺو ڪيئي.“ مون چيومانس ۽ جيسين اسان کي ڪمرا ملڻ جو فيصلو ٿئي، مون کانئس اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته هو هتي ملائيشيا ۾ ڇا پڙهڻ لاءِ آيو آهي. هي عمر ۾ پنجويهه کن سالن جو لڳي رهيو هو معنيٰ هن MBBS يا انجنيرنگ B.E يا ڪا ٻي ڊگري پاڪستان مان ڪئي هوندي ۽ هتي Post Graduation لاءِ آيو هوندو.
پر سواءِ آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي باقي ڪو به پاڪستاني ميڊيڪل ڪاليج يا انجنيرنگ يونيورسٽي ملائيشيا ۾ Recognised ناهي ۽ ساڳي وقت ملائيشيا جو ڪوبه رهاڪو پاڪستان مان ڊگري وٺي ايندو ته ان جي نه اها ڊگري قبول ڪئي ويندي ۽ نه نوڪري ملندس. البت انڊيا جا ڪيترائي انجنيرنگ ميڊيڪل ڪاليج هتي ملائيشيا ۾ Recognised آهن. ان بابت هر سال هتي جي اخبارن ۾ دنيا جي معياري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي لسٽ ڇپبي رهي ٿي جيئن ملائيشيا جو ڪو به شاگرد پئسو ۽ وقت ضايع ڪري غلط تعليمي ادارن مان ڊگريون نه وٺي اچي جن جو تعليمي معيار بنهه جهڙو تهڙو آهي. ان معاملي ۾ ملائيشين اهڙا سونجهڙا آهن جو انگلينڊ جي به هر تعليمي اداري کي قبول نٿا ڪن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ملڪ جي ڊاڪٽرن، انجينيرن، سائنسدانن ۽ پروفيسرن وغيره جي علمي ڄاڻ ۽ معيار بلند رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي. نه ته ويندي انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ اهڙا ڪيترائي ٺڙڪو قسم جا اسڪول ۽ ڪاليج کلي ويا آهن جن جا نالا ڊگها ڊگها ۽ ور وڪڙن وارا آهن پر تعليم جو ڪو حال ناهي. بس داخلا في ۽ ٽيوشن في جمع ڪرائيندا رهو ۽ وقت کان ڀلي اڳ ئي ڊگري وٺي وڃو.
شايد اهڙين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي هتي جي هڪ مشهور ڪارٽونسٽ جو اخبار ۾ ڪارٽون ڇپيو هو ته ملئي ماءُ پيءُ ڪوالالمپور کان پڳ ٻڌي لنڊن پهتا هئا ته ڏسون ته سندن پٽ ان وڏي نالي واري يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ ڇا پيو پڙهي. لنڊن پهچي خبر پين ته اها يونيورسٽي يا ڪاليج ڇا آهي هڪ ٻماڙ ڀڳل گهر آهي ۽ هڪ اهڙي علائقي ۾ آهي جتي ناچ گهر، جوا خانا ۽ چڪلا آهن ۽ سڄو ڏينهن موالي قسم جي ماڻهن جو مجموعو لڳو رهي ٿو. يعني سندن ڇوڪرو هونءَ خراب نه ٿئي. ته هيئن ته ضرور ٿئي هونءَ باءِ دي وي اسي واري ڏهاڪي جي ڪنهن آخري سال ۾ ملائيشيا جي اخبار ۾ هتي جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ڪنهن پاڪستاني اخبار جي حوالي سان LMC (لياقت ميڊيڪل ڪاليج) جي اها به خبر ڇپي هئي ته ٿرڊ ييئر جي شاگردن (يا شايد آخري سال جي شاگردن) اسٽرائيڪ ڪئي آهي ته جيئن ته سڄو سال پڙهائي نه ٿي آهي ان ڪري کين بنا امتحان جي پاس ڪيو وڃي.
هونءَ اسانجي ملڪ جا شاگرد صفا چٽ به نه آهن. اسانجي ههڙي ماحول ۽ تعليمي ادارن مان به همٿ ڪري پڙهي نڪرن ٿا ۽ جتي ڪا نوڪري يا وڌيڪ تعليم ۽ اسڪالر لاءِ مقابلو ۽ Entry Test آهي ته ڪيترا بين الاقوامي معيار جي چونڊن ۾ به ملهه ماريو وڃن. ڪجهه سال (ڇهه ست سال کن) اڳ ملائيشيا کي انجنيرن جي ضرورت پيئي. ڪجهه انڊيا، فلپين، سنگاپور مان گهرايائون. اڃان به ڪجهه جي ضرورت هئي سو هتان ملائيشيا کان هڪ ٽيم چونڊ لاءِ مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي پهچي. ان سال جي Graduates جو انٽريو وٺي ٻه ڄڻا چونڊيا. هڪ ته اسانجي ڳوٺ (هالا) جو ڇوڪرو لڇمڻ تاراچند هو جنهن سا منهنجي هتي ملائيشيا ۾ ملاقات پڻ ٿي. پاڻ اڄ ڪلهه Sedaya انٽرنيشنل ڪاليج جو هيڊ آهي. هتي رهي انجنيرنگ ۾ پوسٽ گريجيوئيشن به ڪئي اٿس ۽ سندس محنت ۽ تعليمي ڄاڻ جو هر هڪ قدر ڪري ٿو. اڄ جي نوجوان کي رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي اي ميل ائڊريس ڏئي رهيو آهيان. ۽ پوسٽل ائڊرس هيءَ آهي.
lachmant@sedaya.edu.my
Sedaya international college 11, Jalan Manish 1,
Taman Segar, Cheras
560100 Kuala Lumpur-Malaysia
سدايا ڪاليج ۽ سدايا يونيورسٽيءَ جون برانچون ڪچنگ (سراواڪ) بورنيو ٻيٽ تي، ڍاڪا (بنگلاديش) ۾ ۽ جڪارتا (انڊونيشيا) پڻ آهن ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ هيءَ ويب سائيٽ آهي.
www.sedaya.edu.my
بهرحال پاڻ هن نوجوان جي ڳالهه تي اچون جيڪو مون سان گڏ هوٽل پرل انٽرنيشنل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ لاءِ پهتو هو ۽ هو اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان پنهنجو وطن ڇڏي هتي آيو هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ڪراچيءَ مان مئٿس ۽ فزڪس ۾ Bsc ۽ انڊسٽريل Instrumentation ۾ ڊپلوما ڪئي آهي ۽ هاڻ هو وڌيڪ تعليم لاءِ نيوزيلئنڊ وڃي رهيو آهي. هن پنهنجو نالو سيد نعمان عظمت ٻڌايو. ان وقت ته ساڻس وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي جو هڪ ته آئون ٿڪل ۽ ننڊاکڙو هوس ۽ ٻيو ته اها ڪا اهڙي خاص ڳالهه نه هئي جنهن ۾ آئون دلچسپي وٺي معلومات حاصل ڪريان. ڪيترائي شاگرد نيوزيلئنڊ، آسٽريليا ۽ سنگاپور پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ وڃن ٿا ۽ رستي تي ڪوالالمپور يا بئنڪاڪ ۾ گهمڻ لاءِ ترسيو پون جيڪا هڪ اسٽوڊنٽ لاءِ غلط ڳالهه آهي. هن جو ڪم آهي ته مائٽن کي خدا حافظ چوڻ بعد پنهنجو ٿيلهو رلي کڻي سڌو ڪاليج/ يونيورسٽي واري شهر ۾ پهچي وڃي. رستي تي ٻين ملڪن جي شهرن ۾ ڇو ترسجي! ڪجهه ٿي پوي ته نه يونيورسٽي وارن کي خبر نه مائٽن کي..... بهرحال ان وقت اهي خيال دل ۾ تاتيندو. چاٻي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس ۽ پوءِ ننڊون ڪري شام جو هوٽل ٻاهران شاپنگ سينٽر جي مختلف دڪانن ۽ ماڻهن جو جائزو وٺي رهيو هوس ته هي صبح وارو اسٽوڊنٽ نعمان مليو.
”سر! ڪيئن آهيو؟ چهل قدمي پيا ڪريو؟“ هن سٺي انگريزيءَ ۾ مون کي کيڪاري حال احوال پڇيو. هو ايتري سٺي انگريزي ڳالهائيندو رهيو جو مونکي گمان ٿيو ته هي يا ته برٽش Citizen آهي يا ڪراچيءَ جي نه فقط Convent اسڪولن مان پڙهيو آهي پر سندس گهر ۾ به انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. آخر اڳتي هلي جڏهن پڇيومانس ته منهنجا ٻئي خيال غلط ثابت ٿيا.
”نه سر! آئون ته لالو کيت جي هڪ عام اسڪول مان پڙهيو آهيان ۽ گلشن اقبال جي هڪ ڪاليج مان B.Sc ڪئي اٿم.“ هن ٻڌايو.
”پر لڳي نٿو. تنهنجي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي.“ مون چيومانس.
”انڪري جو مون پاڻ ئي محنت ڪئي آهي. منهنجو والد عظمت علي جيڪو سنڌ گورنمنٽ ۾ هڪ ننڍڙو آفيسر (لئبر آفيسر) آهي اسان کي هميشه محنت جو سبق ڏيندو رهي ٿو. گهر کان ٻاهر وڃي ڪڏهن به وقت ضايع ڪرڻ لاءِ نه ڇڏيندو آهي.“ هن ٻڌايو.
”اهو تنهنجي ڳالهائڻ ۽ معلومات مان لڳي ٿو.“ مون چيومانس.
”ها سر. ايترو ضرور آهي ته مون برٽش قونصل مان ٻن سالن جو انگريزيءَ جو ڪورس ڪيو آهي.“
”ڀلا هتي ملائيشيا ڪيئن اچڻ ٿيو آهي.“ مون چيومانس.
”هتي آئون دراصل نيوزيلئنڊ جي ويزا وٺڻ آيو آهيان. 11 سيپٽمبر بعد پاڪستان ۾ نيوزيلئنڊ جو سفارتخانو (High Commission) بند ٿي ويئي ان ڪري هاڻ ويزا لاءِ هتي ملائيشيا اچڻو پوي ٿو. هونءَ ته هتي کان به سنگاپور Best هو پر سنگاپور وارن به اسان پاڪستانين جي اچڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي، ان ڪري ڪوالالمپور ئي وڃي بچيو آهي. مونکي ڪوالالمپور ۾ رهڻ لاءِ هفتي جي ويزا ملي آهي. انشاالله ڏينهن ٻن ۾ نيوزيلئنڊ جي سفارتخاني مان ويزا ملي ويندي ۽ آئون اوڏانهن هليو ويندس.“
نعمان جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي سندس هتي اچڻ جي مجبوري سمجهه ۾ آئي. ان سان گڏ ڏک به ٿيم ته اسان جو ملڪ ايڏو بدنام ٿي ويو آهي جو نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن جي ويزا لاءِ به اسان جي شاگردن کي جُهد پٽڻا پون ٿا نه ته اهو به ڪو وقت هو جو جپان جهڙن ملڪن ۾ به ائين هليو وڃبو هو ۽ هانگ ڪانگ، ڪوريا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته اسان تي ساهه صدقو پيا ڪندا هئا.
ڪراچي ڇڏڻ وقت منهنجي هڪ جهازي دوست ڪئپٽن محبوب کي جڏهن خبر پيئي ته آئون ملائيشيا وڃي رهيو آهيان ته هن يڪدم فون ڪري پڇيو ته ملائيشيا جي ويزا ڪيئن حاصل ڪئي.
”ڇو ڀلا..؟“ مون حيرت مان پڇيو ته هو اهڙو سوال ڇو ڪري رهيو آهي.
”يار منهنجي پٽ کي نيوزيلئنڊ جي ويزا وٺڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻو آهي.“ هن ٻڌايو هو ۽ هاڻ نعمان جي ڳالهه ٻڌي سمجهه ۾ آيو ته انگلنڊ ۽ آمريڪا (USA) اسان لاءِ ڏکيو ٿيڻ ڪري اسانجي ملڪ جا شاگرد نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا ڏي وڃي رهيا آهن. پر مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ نعمان کان پڇيم:
”توهان ڪراچي کان ڪوالالمپور ۽ ڪولالمپور کان نيوزيلئنڊ جي ٽڪيٽ وٺي هتي آيا آهيو. ڇا ويزا ملڻ جي پڪ اٿانوَ؟“
”ها گهڻي ڀاڱي سمجهو ته پڪ آهي. ڇو جو نيوزيلئنڊ جي ويزا لاءِ نيوزيلئنڊ جي ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو شرط آهي“ نعمان ٻڌايو.
”۽ اها داخلا؟“ مون پڇيو.
”اها مون ڪراچيءَ ۾ ئي وٺي ڇڏي ۽ ان جي فين جي رسيد ۽ ليٽر اٿم“ هن ٻڌايو.
”ڪراچي مان ڪيئن داخلا ورتئي؟“ مون پڇيومانس.
”انٽرنيٽ ذريعي نيوزيلئنڊ جي هن ڪاليج جي ڳولا ۽ چونڊ ڪيم. ان بعد کين پنهنجا Particulars اي ميل ذريعي موڪليم ۽ منهنجي داخلا جي رضامندي بعد داخلا في ۽ پهرين سيمسٽر جي Payment جو ڊرافٽ ٺهرائي DHL ڪوريئر ذريعي موڪليم ۽ داخلا ٿي وئي.“
”ڀلا جنهن سبجيڪٽ ۾ توهان داخلا ورتي آهي اهو ڪو اهڙو خاص ته نه آهي.“ مون چيو.
”ڪنهن خاص سبجيڪٽ ۾ داخلا ملي به نٿي سگهي جو مون هڪ عام B.Sc ڪئي آهي. هتي جي داخلا ۾ فقط اهو Charm آهي جو ٻه سال هتي نيوزيلئنڊ ۾ پڙهڻ بعد ٽيون (آخري سال) مون کي ڪاليج طرفان انگلنڊ ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويندو جتي آئون ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهان ٿو.“
”ڀلا نيوزيلئنڊ ۾ رهائش جو ڇا سلسلو رهندو؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ اتي Settled ٿيل هڪ پاڪستاني فئمليءَ سان مون Internet ذريعي رابطو قائم ڪيو آهي ته هنن وٽ پيئنگ گيسٽ ٿي رهندس ۽ هنن مونکي شام جي وقت پارٽ ٽائيم جاب به وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي جيئن آئون نوڪري ڪري پنهنجي پڙهائيءَ جو ڪجهه خرچ پورو ڪري سگهان.“ نعمان ٻڌايو.
نعمان کي پوءِ ٻن ڏينهن ۾ نيوزيلئنڊ جي ويزا ملي وئي ۽ ٽئين ڏينهن هو هوٽل ڇڏي نيوزيلئنڊ وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ ڏي روانو ٿي ويو. ان وقت آئون هيٺ هوٽل جي رسيپشن واري هال ۾ ئي هوس ته هو مونکان موڪلائڻ آيو. مون سندس تصوير پڻ ڪڍي. هن کي هر وقت پنهنجي مستقبل، پنهنجي پڙهائي ۽ پنهنجي والدين جو خيال هو جن هتان هتان ٽي لک رپيا کن گڏ ڪري کيس ايندڙ سال جي رهائش ۽ خرچ پکي لاءِ ڏنا هئا. ملائيشيا ۾ ٻه ڏينهن رهڻ دوران، ڇا ڇا ڏٺئه؟
”سر پنڌ ئي پنڌ جيترو ٿي سگهيو، اکين سان ڏسندو رهيس.“ هن وراڻيو.
”ڀلا دنيا جي وڏي عمارت پيٽروناس ٽاور ڏٺئه؟“ مون پڇيومانس.
”ها. ڪالهه اتي پهتس. ڏاڍو شوق هوم ته اندر گهمي ڏسان پر خبر پيئي ته ان جي ٽي ڊالر کن في رکيل آهي ان ڪري مجبورن موٽي آيس. آئون هڪ هڪ رپيو سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ چاهيان ٿو جو مون وٽ اهي ئي آهن جن مان مونکي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي.“ هن وراڻيو.
نعمان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ وقت ڪجهه اداس ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو. ظاهر آهي اڪيلي سر پهريون دفعو هڪ نئين دنيا ۾ پهتو هو ۽ هاڻ اڃان به پري واري ۽ هڪ ويتر نئين دنيا ڏي وڃي رهيو هو جتي، هر چار درجا پڙهيل نوجوان روز مره جي اخبار ۽ ٽي وي خبرن مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اتي، هڪ مسلمان، خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ لاءِ رڌو نه پيو ٺري. هن کي جيئڻ لاءِ، هن کي پنهنجو نالو سٺائيءَ جي ڪالم ۾ آڻڻ لاءِ، سخت محنت ۽ قربانيون ڏيڻيون پونديون. هي ائين آهي جيئن ڪو عرب جبو پائي حيدرآباد يا ڪراچي پهچي وڃي ته اسان هن کي امير، نيڪ ۽ سخي مڙس سمجهنداسين جيستائين ڪو غلط ڪم نه ڪري. بلڪ ڪو ڪرڻ تي به، مثال طور ڪنهن دڪان مان خريداري ڪندي ڪا شيءِ چوريءَ جي نيت سان کيسي ۾ وجهي ڇڏيندو ته به اسان مان ڪيترا ماڻهو چوندا ته ائين ئي ڀُل ۾ کنئي اٿس. ۽ هوڏانهن اسين پاڪستاني اهڙا بدنام آهيون جو جدي، رياض توڙي مڪي مديني ۾ ڪنهن کي خبر ٿي پوي ته فلاڻو پاڪستاني آهي ته مڪاني عرب هن کان پاسو ٿو ڪري ته هي ڪنگلو غريب، ٺڳ ۽ ڪنجوس آهي. ڪنهن پاڪستانيءَ کان دمام، جدي يا ينبو جي ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڀل ۾ ڪا سئي يا ڍيري سامان ۾ کڄي وڃي ته هرڪو چوندو ته هن جي نيت چوريءَ تي هئي.
سو اهو ته آهي اسانجو اميج اسان جي پنهنجن مسلمان ملڪن ۾ ۽ نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جيڪي اسان جا مائٽ نه پر برطانيا ۽ USA وارن جا چاچا ماما ٿيا اتي اسان کي ڇا ٿا سمجهن ان جو احساس هنن ملڪن ۾ پهچي ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيڏو به سٺو ٿي هل ته به هنن جي ذهن ۾ اسان لاءِ ايڏو خراب Impression ويٺل آهي. جو هو اسان جي ان سٺائيءَ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان جو مثال هن قصي مان لڳائي سگهجي ٿو. چون ٿا ته نيويارڪ شهر ۾ هڪ پاڳل ڪتي ڪنهن ٻار کي چڪ ٿي هنيو ته هڪ ماڻهوءَ يڪدم پنهنجو ڪوٽ لاهي ڪتي جي وات ۾ وڌو ۽ خوفناڪ ڪتي کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيو. چوڌاري واهه واهه ٿي وئي. ههڙي بهادري جي خبر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اخباري نمائندا پهچي ويا ته هڪ همراهه پنهنجي جان جي بازي لڳائي ظالم ڪتي کي ماريو ۽ هڪ معصوم ٻارڙي جي جان بچائي. هر رپورٽر ان همراهه جو انٽرويو وٺڻ لاءِ وڌيو.
پر جڏهن هنن کي خبر پيئي ته اهو همراهه پاڪستاني آهي ته ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر هن ريت آئي ته هڪ ظالم پاڪستانيءَ ڪتي جهڙي وفادار دوست سان ظلم ڪيو. هن جي منهن ۾ ڪپڙو وجهي هن جو ساهه گهٽيو ۽ پوءِ هن غريب کي گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيو.
سو هن نوجوان به سمجهيو ٿي ته جنهن ملڪ نيوزيلئنڊ ۾ وڃي رهيو آهي ان جو ماحول ڪو دوستاڻو ناهي. پنهنجو پاڻ کي اتي جي ماحول ۽ سوسائٽيءَ ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ هن کي وڏي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻي پوندي. هو ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ وقت به ذري ذري چئي رهيو هو ته ”سر دعا ڪجو.“
”تنهنجي چوڻ کان اڳ مون تو لاءِ دعا شروع ڪري ڇڏي آهي.“ مون چيومانس، ”۽ مونکي اميد آهي ته انشاالله تون پنهنجن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندين، ڇو جو تون بيحد محنتي آهين. توکي ماءُ پيءُ جو احساس آهي ۽ توکي اڳتي وڌڻ جي جستجو آهي. آئون پاڪستان پهچي تنهنجي والد عظمت علي صاحب کي 5388783 تي فون ڪري تنهنجي هيستائين جي سفر جو ضرور ٻڌائيندس.“ ۽ پوءِ هوٽل جي ڪمري تي پهچي دل ۾ اهو به پڪو پهه ڪيم ته هن نوجوان بابت ڪجهه سٽون ضرور لکندس. جيئن پڙهندڙن کي نعمان جي همت مان Inspiration (اتساهه) ملي سگهي ۽ کين معلوم ٿئي ته اڄ ڪلهه وقت جي تقاضا ڇا آهي، دنيا جي گولي تي اسانجي ملڪ جي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ هڪ پاڪستانيءَ کي جيئڻ لاءِ ڇا جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. هڪڙا ملڪ آهن جن ۾ انهن جي باشندن کي ڄمڻ کان مرڻ تائين صحت، تعليم، رهائش کان نوڪري ۽ پينشن تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي ئي مليو وڃي ۽ ٻي پاسي اسان پاڪستانين کي تعليم توڙي روزگار لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ڌڪا کائڻا پون ٿا.
***