ملائيشيا ۾ مانيءَ جو مسئلو
هن هوٽل ۾ به گهڻي ڀاڱي ان قسم جا واپاري ٽوئرسٽ رهيا ٿي جن مان گهڻن جو واسطو ڏکڻ هندوستان جي صوبن تامل نادو، ڪرناٽڪا، انڌراپرديس، اوڙيسا ۽ مهاراشٽرا وغيره سان هو جنهن ۾ مدراس، بئنگلور، حيدرآباد دکن، ڪوچين، ڪاليڪٽ، پوني، گوا ۽ ممبئي جهڙا شهر اچي وڃن ٿا. ظاهر آهي اهي شهر ۽ علائقا سري لنڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن کي ويجها ٿيا ان ڪري صدين کان انهن ڏيهن جي ماڻهن جو واسطو ۽ لڳ لاڳاپو ڏکڻ اوڀر ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن سان گهڻو رهيو آهي. خاص ڪري واپار وڙي ۽ پورهيت مهيا ڪرڻ جي معاملي ۾.
ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي ايندي وقت سٺ ستر سال کن جا پوڙها زال مڙس ساڳي لفٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندي هيٺ لهي رهيا هئا. پڇي ويٺس ته سنڌي آهيو.
”ها ۽ توهان؟“ هنن مون کان پڇيو.
”آئون به سنڌي آهيان.“ هاڻ مون سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو.
”بمبئيءَ کان آيا آهيو؟“ هن پڇيو.
”نه. توهان شايد بمبئي کان آيا آهيو؟“ پنهنجي رام ڪهاڻي ٻڌائڻ ڇڏي سندن حال احوال معلوم ڪرڻ چاهيم.
”ها اسانجو بمبئي ۾ يونيورسل ٽريڊرس نالي امپورٽ ايڪسپورٽ جو بزنيس آهي. منهنجو نالو واسديو دوسيجا آهي ۽ هيءَ منهنجي پتني آهي. اسان هتي پنهنجي ڪمپنيءَ جي پروموشن لاءِ آيا آهيون. ۽ توهان؟“ هن پنهنجو ڪارڊ مونکي ڏيندي پڇيو.
”آئون سنڌ کان آيو آهيان.“
”سنڌ کان؟“ واسديو جي زال کي تعجب لڳو، ”ڇا اڃا سنڌ ۾ سنڌي آهن؟“
”ها. آهن. ڪيترائي آهن.“ مون ٻڌايومانس.
”توهانجو نالو؟“
”الطاف شيخ آهي.“ مون ٻڌايو مان پر هنن کي نالي جهٽڻ ۾ دقت ٿي. آءٌ سمجهي ويس ته هنن ڪو اهڙو نالو Expect پئي ڪيو جنهن جي آخر ۾ واڻي (Wani) هجي يعني کٽواڻي، موٽواڻي، آڏواڻي، گربخشاڻي.... وغيره وغيره. هڪ منهنجو بنگالي جهازي دوست جيڪو انڊيا ۾ تمام گهڻو رهيو آهي اهو جهاز جو اسٽرينگ ويل گهمائڻ واري خلاصي ”سکانيءَ“ لاءِ چوندو آهي ته اهو لفظ سنڌيءَ جو ته نه آهي جو ان جي آخر ۾ ني جو اچار ٿو اچي ۽ پوءِ کلي چوندو آهي پڪ ”چار پائي“ به ڪنهن سنڌيءَ جي ذات هوندي. بهرحال هن سنڌي فئمليءَ کي پنهنجي واقفيت آسان بنائڻ لاءِ چيومان ته آئون مسلمان آهيان يعني شيخ، ميمڻ، پنهور، رند، وسطڙو، سومرو، جهڙي غير رومانوي ۽ رديف قافيه کان ناپيد لفظ جي ذات سان واسطو آهي ۽ نه ڀوڄواڻي، پارواڻي، لاکاياڻي جهڙي ميوزيڪل ذات سان. مائيءَ کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ”۽ پوءِ توهان کي زوريءَ مسلمان ڪيائون؟“ هن پڇيو.
سنڌ کان پري رهندڙ ۽ بي خبر هندو سنڌي اڪثر اهو سوال ڪندا آهن. هنن جو به ڏوهه ناهي. تواريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جن ۾ ڪيترن Fanatics غير مسلمانن جو زوريءَ طهر ڪري پنهنجي پَرِ ۾ هنن کي مسلمان بنائي ”جنت“ جا حقدار سڏايو هوندائون. پر آئون نٿو سمجهان ته لڏپلاڻ وقت سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ خونريزي ٿي هجي، جهڙي امرتسر پاسي ٿي ۽ نه وري سنڌ ۾ ترسي پيل سنڌي هندن کي زوريءَ مسلمان بنايو ويو هجي. بهرحال هنن به تن ڏينهن ۾ ان قسم جا افواهه ٻڌي پنهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه وهاري ڇڏي هوندي. مون کانئن بمبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو پڇيو. پر کين اها به خبر نه هئي ته ڪو هند يا سنڌ ۾ سنڌي Print ۾ به ڪا شيءَ اچي ٿي. ”اسان جا ۽ اسانجي دوستن جا ٻار هندي ۽ انگريزي پڙهن.“ هنن ٻڌايو، ”سنڌي ته فقط اسان جهڙا جهور پوڙها ٿا ڳالهائين سو به ڪا ڳجهه ڳوه جي ڳالهه ڪرڻ مهل.“
چڱو جو هوٽل جو ڊائننگ هال ويجهو هو ۽ مون ان ۾ ئي بهتري سمجهي ته هنن کان جدا ٿي ڪنهن ٻئي ٽيبل تي ناشتو وڃي ڪجي جو هي Typical بزنيس مين آهن. هنن جو ادب، ٻولي ۽ ثقافت ۽ ڪلچر جهڙين شين سان تِر جيترو به لڳاءُ ناهي. انڪري هاڻ هنن سان وڌيڪ وهڻ سان هو پنهنجي دلپسند عنوان ’واپار‘ جون ڳالهيون ڪندا جنهن ۾ آئون ٽيٽيهه سيڪڙو مارڪون به نه کڻي فيل ٿيندس.
نيرن جي مانيءَ تي هوٽل وارن طرفان وڏو بندوبست ٿيل هو. ايشين چائنيز، يورپين ۽ ملئي ڪيترن ئي قسمن جا ڊش رکيل هئا. مون چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتو. انهن ۾ اسان جهڙا هوٽل ۾ رهندڙ هئا جن لاءِ هيءَ نيرن مفت هئي. ڏهاڪو کن ملئي عورتون هيون جيڪي، هن هوٽل جي ڪنهن هال ۾ هلندو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ آيون هيون ۽ ان کان علاوه ويهارو کن ماڻهو (عورتون مرد) اهڙا هئا جن جي پوءِ خبر پئي ته هو ٻُڌ آهن ۽ ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ٻين اوس پاس جي ملڪن کان هتي هن هوٽل ۾ هلندڙ ٻڌ ڌرم تي ورڪ شاپ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا آهن جنهن جو بندوبست جپان جي ٻڌن طرفان ڪيو ويو آهي. دراصل ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ ۾ هوٽلن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ گهٽ هجڻ ۽ ڌارين لاءِ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جو بندوبست اعليٰ هجڻ ڪري ڪيترا يورپي ۽ ويندي جپاني مختلف قسمن جا سيمينار ۽ ورڪشاپ پنهنجي ملڪ ۾ رکڻ بدران ايشيا جي مٿين ملڪن ۾ رکن ٿا جنهن ۾ هنن جو خرچ گهٽ اچي ٿو. ڪوالالمپور لاءِ ڪراچي ڇڏڻ وقت ايئرپورٽ تي پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ، ٽنڊوقيصر جي رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان ملاقات ٿي. هن کي جپان جي ڪنهن اداري هڪ ماڊرن ائگريڪلچر مطابق رکيل سيمينار لاءِ دعوت ڏني هئي. جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه ويهارو کن ٻين ملڪن جي ماهرن کي به گهرايو هئائون پر ان جو بندوبست پنهنجي ملڪ جي شهر ٽوڪيو، اوساڪا يا يوڪوهاما ۾ رکڻ بدران ٿائلنڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ رکيو هو جو بقول جپانين جي ته جپان ۾ ايڏي مهنگائي آهي جو اتي ٻيڻو ٽيڻو خرچ اچي ٿو. بهرحال ان حساب سان ملائيشيا جون هن قسم جون شهر کان ڏورانهيون هوٽلون به چڱو پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃن ۽ ملائيشيا ۾ هيترين هوٽلن هوندي اڃان پيون ٺهن ۽ ٺهن. ملڪ جا رازا، واڍا، ويلڊر، مستري، رنگ وارا، بورچي بئرا، مئنيجر، اڪائونٽنٽ سڀ روزگار کي لڳا پيا آهن. کاڌو پيتو ۽ هوٽلن ۾ رهائش جو اگهه کڻي اسان وٽ به گهٽ هجي يا گهٽ ڪيو وڃي پر اسان وٽ ڪو ڌاريون نه گهمڻ لاءِ ايندو نه Investment لاءِ ڇو جو اسانجي ملڪ ۾ Safety & Security ناهي. بقول سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يو جي، جنهن هڪ دفعو پاڪستان اچڻ تي ان سلسلي ۾ PTV تان تقرير ڪئي هئي ته سندس ملڪ سنگاپور به تڏهن ترقي ڪئي جڏهن ماڻهن ۽ انهن جي Belongings لاءِ حفاظت مهيا ڪئي وئي. اڄ سنگاپور جهڙي ملڪ ۾ ڪو ٻار ٻچو لکين ڊالر کڻي هلي ٿو ته به سندس ڪو نالو نٿو وٺي. نوجوان ڇوڪريون اسڪرٽن ۾، رات واري شفٽ (ڊيوٽي) ڪري فئڪٽرين، ڪارخانن، هوائي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشن تان اڪيليون پيون موٽن ته به سندن ڪو نالو نٿو وٺي. ڇو جو هر شهريءَ کي خبر آهي ته ڀلي ڪو وزير جو پٽ هجي يا وزير پاڻ هجي، سلطان جو پٽ هجي يا سلطان پاڻ هجي، ڪوبه ڏوهه ڪندو ته کيس سزا هر صورت ۾ ملندي ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ، اسان جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾، ڪهڙي سيفٽي ۽ حفاظت آهي؟ پنهنجي توڙي ڌارين کي ڇا اها خبر ناهي ته اسان وٽ پوليس پاڻ پئي ڦرون ڪري. ڏينهن ڏٺي جو رستن تان ماڻهو پيا اغوا ٿين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر وڪامن! معمولي ڳالهه تي خون پيا ٿين ۽ ان هوندي به اسان پنهنجو پاڻ کي مهذب، مهمان نواز ۽ مسلمان پيا سڏايون، مطلب اهو آهي ته جيستائين اسان وٽ امن امان جي حالت نه سڌرندي. تيستائين ڪهڙو ڌاريون خرچ ڪري موهن جو دڙو ڏسڻ ايندو. ڪهڙو غير ملڪي يا مڪاني بزنيس مئن اسانجي ڳوٺن ۾ اچي فئڪٽري هڻندو جو ڳوٺ جي بي روزگارن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ سڪندر زرداري نالي FIA جو انسپيڪٽر مليو. سندس هٿ ۾ سنڌي اخبار هئي. چيومانس ته پڙهي مونکي ڏجانءِ.
”ادا هينئر ئي کڻي وڃ.“ هن اخبار مون ڏي وڌائيندي چيو، ”اسان وٽ ڪهڙو ترقيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي خوش خبري اخبار ۾ پڙهي اندر ٺري پوي. اختار پڙهڻ سان ويتر Depression ٿي ٿئي ته اسانجي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو رڳو برائيون ۽ ڏک آهن.“ سڪندر جي ڳالهه تي کلندي کانئس اخبار ورتم پر پوءِ هن جي ڳالهه ڌيان ۾ رکندي ايئرپورٽ جي لؤنج ۾ اچي اخبار پڙهيم ته پهريون دفعو احساس ٿيو ته ويندي مالديپ، سري لنڪا، ايران ۽ عمان جهڙي ايشيائي ملڪ جو باشندو اسان جي اخبار ترجمو ڪرائي پڙهي ته وائڙو ٿي وڃي ته پنج هزار سال اڳ جي مهذب سنڌ هن نئين صديءَ ۾ ڪهڙي حال ۾ آهي، ان ڏينهن جي اخبار مان فقط ڪجهه خبرن جا عنوان ڊائريءَ تي نوٽ ڪيم. هينئر ڳالهه نڪتي آهي ته اهي هتي وري دهرايان ٿو جيئن هڪ اندر جو سجاڳ انسان سوچي ته ڪٿي دنيا بيٺي آهي ۽ ڪٿي اسانجو وطن.
مورو لڳ ڳوٺن ۾ گيسٽرو بيماري پکڙجي وئي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ناپيد.
دادوءَ کان ڳوٺ جهلو ويندڙ روڊ تباهه.
ميرپور ماٿيلي ۾ پاڻيءَ تان تڪرار- ٻه ڄڻا قتل.
نوشهروفيروز ۾ علاج نه ٿيڻ سبب ڳورهاري عورت جو ٻار پيٽ ۾ فوت.
ٽنڊي ڄام ۾ زال عاشق جي مدد سان مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.
سانگهڙ شهر ۾ صفائيءَ جو نظام ناڪاره.
هالا شهر مان ڏينهن ڏٺي جو هندو شاگردِ اغوا.
ميهڙ لڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ ڀاءُ هٿان نوجوان ڀيڻ قتل.
گهوٽڪي ۾ مئل پاڏي جو گوشت وڪرو ڪندي ٻه ڪاسائي گرفتار.
قبو سعيد خان لڳ شهدادڪوٽ ايندڙ مسافر ڪوچ کان لکين رپيا ڦر.
بلڙي شاهه ڪريم مان اغوا ٿيل 3 معصوم نياڻيون برآمد... وغيره وغيره.
انهن قسمن جون ڳالهيون ههڙن ملائيشيا، ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ، ويٽنام، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ ٿين ها ته کڻي چئجي ها ته هتي جا ماڻهو جنگلي آهن، سڌريل نه آهن، چيني ۽ ويٽنامي Opium Eater ۽ ظالم آهن. اسان جا ماڻهو ته سڌريل ۽ سلجهيل مشهور آهن جن کي انسان ذات جو ته ڇا جانورن جو به خيال هجڻ کپي. 1925 ۾ لنڊن جي اخبار ۾ هڪ خبر آئي هئي ته ”حيدرآباد سنڌ جي هڪ سنڌي سيٺ شهر ۾ هلندڙ گهوڙن ۽ گڏهن جي پيئڻ ۽ ٿڌڪار ۾ رهڻ لاءِ پاڻيءَ جا تالاب ۽ لوهي گرڊرن وارا پڪا منهه ٺاهيا آهن.“ ۽ اڄ مني صديءَ بعد هڪ انگريز يا يورپيءَ کي سنڌ يا پاڪستان بابت ڪجهه ٻيو ئي رايو هوندو.
ڊائننگ هال ۾ ويٺل ماڻهن کي ڇڏي وچ تي رکيل ڊگهن ٽيبلن تي سجايل مختلف کاڌا ڏسان ٿو ۽ انهن جا نالا پڙهان ٿو. باوجود پاڻ کي جهلڻ جي آئون ’ناسي ليما‘ ڊش وٽ اچي بيهان ٿو. جيتوڻيڪ ڪراچي ڇڏڻ وقت پڪو پهه ڪيو هوم ته هر اها شيءِ جيڪا ٿولهه وڌائي ٿي اها نه کائيندس خاص ڪري مٺائي، چانور ۽ کير جهڙي شيءَ. پر هاڻ هڪ ضدي ٻار وانگر ڏوئي کڻي ناسي ليما جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي پنهنجي پليٽ ۾ چانور وڌم.
ناسي ليما (Nasi-Lemak) چانورن جو ملئي ڊش آهي جيڪي ناريل جي کير ۾ رڌا وڃن ٿا ۽ نيرن تي کاڌا وڃن ٿا. سڄي ملائيشيا توڙي ڏکڻ ٿائلنڊ، ڏکڻ فلپيني ٻيٽن تي، برونائي ۽ انڊونيشيا جي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي، جتي جتي ملئي ڪلچر آهي اتي نيرن تي ٻه شيون عام نظر اينديون. هڪ روٽي چنائي (Roti-Canai) ۽ بيو مٿيون ڊش ”ناسي ليما.“ ننڍي هوٽل هجي يا وڏي، ڪنهن اسڪول ڪاليج جي ميس هجي يا ڪئنٽين، ڳوٺ جو ڪو دڪاندڙو هجي يا گاڏي وارو - هن وٽ اهي ٻه شيون عام نظر اينديون. ”روٽي چنائي“ اڦراٽي ۽ دال کي سڏين پر هتي جو اڦراٽو مئدي جو ٿئي ۽ دال تما ۾ ڦنگي پاڻيءَ جهڙي ٿئي، جنهن ۾ اهو اڦراٽو ٻوڙي کائين. ناسي ليما ڀت لاءِ ناريل کي مشين ۾ Grate (چورو) ڪري ان ۾ گلاس کن پاڻيءَ جو ملائي پوءِ ان کي رومال ۾ يا ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻڻ سان اڇو کير ڪڍي ان ۾ چانورن کي رڌووڃي ٿو ۽ اهو ڀت ائين لڳندو آهي ڄن کير جي ملائيءَ ۾ ملايل هجي. ملائيشيا ۾ اچڻ وقت پهرين اسان هتي جي ماڻهن تان کلندا هئاسين ته هي به بنگالين وانگر صبح جو به ڀت ٿا کائين پر پوءِ اهو اهڙو سوادي لڳو ۽ اهڙو عادي ٿي وياسين جهڙو اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو رات جو سمهڻ وقت کير پيئڻ جا عادي هوندا آهن. رات جي وقت مانيءَ کانپوءِ ۽ سمهڻ کان اڳ ان ماڻهوءَ کي کير نه ملي ته سخت بي چيني ٿي پويس. سو مون سان به اها حالت ٿي پئي. اهو ڀت نه هجي ها ته پوءِ ٻيو ڪجهه کائي وڃان ها پر هاڻ سامهون رکيل ڏسي آئون کائڻ لاءِ بي چين ٿي ويس. جيتوڻيڪ مزي جي ڳالهه ته اهو ڀت ڪنهن ٻوڙ، آچار يا انب جي ڦار سان کائڻ بدران Pearuts ۽ ننڍڙن فراءِ ٿيل مڇين سان کاڌو وڃي ٿو، جن آڱر جي ڳتري جيڏين سنهين مڇين (Anchovies) کي ملئي زبان ۾ اِڪان بِلس (Ikan-Bilis) سڏجي ٿو ۽ اهي پٽاٽو چپس وانگر خسته (Crispy) ٿين ٿيون. چونئرا (Pea Nuts) به گيهه ۾ فراءِ ٿيل هوندا آهن ۽ انهن سان گڏ ٽماٽو ڪيچپ يا Chili Sauce هجڻ بدران ننڍڙن گانگٽن جي پيسٽ هوندي آهي جيڪا ملئي دنيا ۾ بيلاچان (Belacan) جي نالي سان سڏبي آهي. ۽ اها بيلاچان (چٽڻي) جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي هر هڪ شهر ۾ ٺهي ٿي پر جيئن حيدرآباد جي رٻڙي ۽ شڪارپور جي مٺائي ۽ آچار مشهور آهي تيئن ملاڪا شهر (جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ آئون نوڪري ڪندو هوس) بيلاچان کان مشهور هو. ملاڪا ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ننڍا وڏا ڪيترائي دڪان آهن جن وٽان لنگهندڙ هتي جا لوڪل ملئي ٽوئرسٽ ڳوٺ لاءِ سوکڙيءَ طور بيلاچان وٺي وڃن ٿا. اسان به ڪنهن ٻئي شهر اپوح، پينانگ، سريمبان، آئر حطام، جوهوربارو يا ويندي سنگاپور پنهنجي ملئي دوستن وٽ گهمڻ ويندا هئاسين ته هو اسانکي ملاڪا مان ننڍن گانگٽن جي اها چٽڻي (Belacan) آڻڻ لاءِ فرمائش ڪندا هئا.
بهرحال ڏينهن ٻن لاءِ ملائيشيا ايندڙ پاڪستاني ڀلي ناسي ليماڪ (ناريل ۾ رڌل هي ڀت) نه کائي پر هتي ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪريءَ لاءِ آيل هن ڀت جو سواد وٺي. هن کي ضرور وڻندو. ڪراچي مان نڪرڻ وقت مون پنهنجي زال ۽ ٻارن کان جڏهن پڇيو ته ملائيشيا مان هنن لاءِ ڇا آڻيان ته سڀني اهو ئي چيو ته موٽڻ وقت ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن وٽ يا جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي ٻه منٽ ٽئڪسي بيهاري ناسي ليما (ڀت) ٿيلهين ۾ پارسل ڪرائي ضرور آڻيان. پر ساڳي وقت منهنجي وڌندڙ وزن جو خيال ڪندي مونکي اهي چانور کائڻ لاءِ منع ڪيائون ڇو جو ناريل جي کير ۾ ٿولهه آهي. بهرحال هاڻ اهو سو ڪيم جو ڀت سان سڄي پليٽ ڀرڻ بدران فقط هڪ ٻه ڏوئي وڌم. ڪجهه Peanuts وڌم ۽ ٻه کن ڊبل روٽيءَ جون Slice کنيم. ڪنڊ تي هڪ بورچي Sausages (ڪواب) تري رهيو هو. چينين جي هوٽل هجڻ ڪري ٿورو شڪ ٿيم ته متان حلال گوشت نه هجي ان ڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ڀر واري ٽيبل تي ٻه ٽي ملئي ڇوڪريون جيڪي حجاب (تودونگ) ٻڌيون ويٺيون هيون. يعني مولوياڻيون هيون، تن کان پڇيم ته اهي حلال آهن يا نه؟
”او ملائيشيا جي هر وڏي هوٽل ۾ توکي حلال شيءَ ملندي.“ هنن مونکي ٻڌائيندي فخر محسوس ڪيو ۽ مون سندن لئه ٿوري خراب ڪرڻ لاءِ حقيقت ڏي اشارو ڪندي چيو:
”۽ هي جو روزانو سوين سوئرن جو ”چو- ڪٽ“ مارڪيٽ ۾ ڪوس پيو ٿئي.؟“
”ها. بابِي (خنزير) ۽ بيئر (شراب) ننڍين چيني هوٽلن ۾ هلي ٿو.“ هنن ٻڌايو. هنن صحيح ڳالهه ڪئي. دنيا ۾ ملائيشيا انهن چند ملڪن مان آهي جتي کاڌي پيتي جا قاعدا قانون سخت آهن. ڪو به غلط شيءَ نٿو وڪڻي سگهي. ڪنهن به شيءَ ۾ ملاوٽ نظر نه ايندي ڇو جو ان قسم جي ڏوهن تي نه فقط سختي سان وٺ پڪڙ ٿئي ٿي پر تمام سخت سزائون پڻ آهن. گهڻو اڳ ڪوالالمپور ۾ هتي جي رهاڪو پاڪستانيءَ هڪ هوٽل کولي جنهن ۾ هڪ ڏينهن جو بچيل گوشت ٻئي ڏينهن قيمون ٺاهي هلايائين. هو پڪڙجي پيو. تمام وڏو ڏنڊ لڳس ۽ ان ئي وقت هميشه لاءِ هوٽل بند ٿي ويس.
بهرحال ملائيشيا گهمڻ لاءِ ايندڙ لاءِ بهتر اهو آهي ته صبح جو وقت اڦراٽو (Roti-Canai) کائي جنهن جي ڦنگي دال هن کي هرگز نه وڻندي جو ان ۾ ڪڪڙ جي نڙگهٽ جا ٽڪر به پيل هوندا آهن. ان ڪري اهو اڦراٽو چانهه سان کائي يا بيضي سان جنهن کي ملئي زبان ۾ تِلور (Telur) چئجي ٿو. رات جو وقت اهي ئي هوٽلن وارا يا گاڏي تي چلهه رکي کاڌو وڪڻڻ وارا، مرتباڪ وڪڻن ٿا. مرتباڪ پڻ اڦراٽو ٿئي جنهن جي وچ ۾ مڪس قيمون ۽ بيضو ٿئي. بهرحال ملائيشيا ۾ توهان کي هر قسم جا کاڌا ملندا- اڦراٽي، چپاتي، پوري، اڊلي، ڊوسي کان وٺي هر قسم جا ٻوڙ پر وري به وڌيڪ احتياط لاءِ ڪنهن چيني هوٽل يا گاڏي واري کان ڪا شيءِ وٺڻ بدران ڪنهن ملئي يا انڊين کان وٺي سگهجي ٿي. هونءَ ته ڪيترين چيني هوٽل تي به رڌ پچاءَ وارا ملئي مسلمان آهن جو کائڻ وارا گراهڪ گهڻي ڀاڱي ملئي مسلمان آهن جيڪي سستيءَ ڪري يا پئسو خرچ ڪرڻ جي عادت کان مجبور ٿي گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪرڻ بدران هوٽلن ۾ ئي کائين. هونءَ ٻاهر کائڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته گهر ۾ رڌڻ يا هوٽل (خاص ڪري ننڍين هوٽلن ۽ Canteen) مان کاڌو وٺڻ ۾ ڪو معمولي فرق آهي. هر هوٽل وارو گهٽ نفعو رکي شيءَ وڪڻي ٿو ۽ اهو نفعو هن جي ئي کيسي ۾ وڃي ٿو. ڪو پوليس وارو، SDM جي آفيس جو ماڻهو، هيلٿ ڊپارٽمنٽ جو آفيسر، ڪنهن سياسي جماعت جو نمائندو يا محلي جو غنڊو هن کان چانهه پاڻي، خرچي، غنڊه ٽيڪس يا ڀتو نٿو وٺي. حڪومت طرفان ڪجهه قانون ٺهيل آهن جهڙوڪ رات جو هن وقت دڪان بند ڪرڻو آهي، خراب ۽ کوٽي شيءِ جو وڪرو نه ڪرڻو آهي ۽ ڪچرو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ چڱيءَ طرح بند ڪري مقرر هنڌ تي رکڻو آهي جيئن رات جو صفائيءَ واري ٽرڪ کڻي وڃي، انهن ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪريو ٻيو مڙيئي خير. ڪوبه توهانجو نالو نه وٺندو. هوٽل وڏي آهي ته فائدي جو هڪ مقرر حصو سرڪار کي ٽئڪس ڏئي رسيد وٺو.
***