ملائيشيا جون چچيون، شاديون ۽ طهر
چچيءَ جي ٽرٽر ٽرٽر تي مونکي ننڊ ۾ ائين لڳو ته ڪو ٻاهر در جو ڪنڊو ٺڪ ٺڪ پيو ڪري. ٽپ ڏئي اٿيس ته آواز بند ٿي ويو. در کولي ڏٺم ته ڪير ڪونه هو. رات جو هڪ ٿيو هو. سمنڊ جي ڇولين جو هلڪو آواز اچي رهيو هو يا قبرستان واري پاسي کان جيتن جي سنهي چِر چِر جو آواز. ماٺ ڪري سمهي پيس پر ڪلاڪ ٻن بعد وري تکي ۽ سنهي ٽرٽر تي اک کلي ته يڪدم بتي ٻاري چوڌاري ڏٺم ته ڪير به نه هو. هڪ هڪ ڪمرو ۽ بورچيخانو ۽ باٿ روم ڏٺم. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو. ائين سمهندي جاڳندي صبح ٿي ويو. پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد هتي جي ملئي دوست ٻڌايو ته اهو آواز چچيءَ جو آهي. مون کي يقين ئي نه آيو. پوءِ ان رات بتي وسائي ننڊ جو بهانو ڪري سمهي رهيس ته ٿوري بعد چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته هڪ چچي ٻيءَ کي سڏڻ لاءِ آواز ڪڍي رهي هئي. بعد ۾ ملئي دوستن ٻڌايو ته مادي چچي پنهنجي نر ساٿيءَ کي ميلاپ لاءِ سڏڻ لاءِ آواز ٿي ڪڍي.
”۽ هي توهان جو ڏيڏر جيڪو رکي رکي ڍڳي جو آواز ٿو ڪڍي.“ مون هنن کان پڇيو.
”اهو به رڙ ڪري پنهنجي ساٿيءَ کي ٿو سڏي“ هنن ٻڌايو.
”عجيب نڀاڳا توهان جي ملڪ جا جيت جڻيا آهن.“ مون کلندي پنهنجي ملئي دوستن کي چيو، ”ان ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ کين ڪو ٻيو اشارو يا ڪو خاموش سگنل نٿو سُجهي. آخر دنيا جي ٻين ملڪن جون چچيون ۽ ڏيڏريون به ته Productivity قائم رکنديون اچن.“
۽ هاڻ ملائيشيا کان ٻارهن سال ٻاهر رهي ملائيشيا جا نانگ بلائون ۽ چچين ۽ ڏيڏيرن جون رڙيون ۽ رانڀاٽ وساري ويٺو هوس. ڪوالالمپور ۾ جيڪي ٽي ڏينهن ۽ راتيون گذاريم سي فائيو اسٽار هوٽل ۾ گذريا جتي جي اڙهين ماڙ ڪمري تي نه ڪا چچي پهچي سگهي ٿي نه ڏيڏر جو آواز. ان بعد جڏهن ڪئپٽن رزاليءَ جي گهر اچي رهيس ته پهرين رات ئي اک لڳڻ سان چچيءَ جي ٽرٽر شروع ٿي وئي. يڪدم ڏنڊو کڻي ڀت تي هلندڙ چچين کي ٺڪ ٺڪ ڪري دريءَ کان ٻاهر ڪڍيم ۽ پوءِ دريون بند ڪري هلڪو ايئرڪنڊيشنر هلائي ستس ته ڄڻ ته بيهوش ٿي ويس. سڄي ڏينهن جو ٿڪ هو ۽ رات جي مانيءَ ۾ ملئي قسم جا فراءِ چانور (Nasi Goreng) ۽ ملئي مٺائي (Kuih) گهڻي کائي ويو هوس سو ننڊ اصل اکين تي ويٺي هئي ۽ سڪون جي ننڊ ڪندي مونکي ته ائين لڳو ته ڪلاڪ ٻه ڪو مس ٿيو آهي ته منهنجي سيراندي واري ڀت تي (جتي دري هئي) ٿپ ٿپ جا آواز ٿيا. مونکي ائين لڳو ڄڻ ڪو ڀت تي هٿ هڻي مونکي اٿاري رهيو هجي. پهرين ٿپ ٿپ تي ئي اٿي کڙو ٿيس. سمجهي ويس ته ڪئپٽن رزالي فجر نماز لاءِ اٿاري رهيو هوندو. پر ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو.
”سياپا؟ سياپا؟“ (ڪير آهي؟ ڪير آهي؟) مون پڇيو. پر جواب ملڻ بدران وري ٿپ ٿپ ٿي ۽ آئون اڃان سوچي رهيو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو ته وڏي شاهي ”ڪڪڙون تون“ ٿي.. دري کولي ڏسان ته ڀت تي هڪ ڪنگ سائيز ڪڪڙ ويٺو آهي. جنهن منهنجي پرواهه نه ڪندي هڪ دفعو وري پنهنجا پر جسم تي هڻي ٻانگ ڏني ۽ پوءِ هڪ ٻئي پويان ٽي چار ٻانگون اهڙي زور سان ڏنائين ڄڻ لائوڊ اسپيڪر ۾ ڏئي رهيو هجي. مون رب پاڪ جا شڪر ادا ڪيا ته فجر نماز مِس ڪرڻ کان بچي ويس. صبح جو نماز تي اٿڻ لاءِ جيڪو گهڙيال ٺاهي رکيو هوم سو شايد بيهي ويو هو ۽ رات جا پوڻا ٻه ڏيکاري رهيو هو. ان صورت ۾ ڪڪڙ کي شاباس هجي جو ٻانگ ڏئي مونکي اٿاريائين نه ته اڇو صبوح ٿي وڃي ها. ٿَڪَ جي ڪري ائين پئي لڳو ڄڻ ننڊ پوري نه ٿي هجي ۽ اکيون ائين پوسري رهيون هيون ڄڻ ڪچي ننڊ مان اٿيو هجان. بهرحال چادر هٽائي بستر تان اٿي ڪمري جي بتي ٻاريم ته سامهون ڀت تي لڳل گهڙيال تي نظر پيئي ۽ اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته ان ۾ به پوڻا ٻه ٿيا هئا. ائين ته ٿي نٿو سگهي ته ٻئي گهڙيال هڪ وقت بيهي رهيا هجن. تنهنجي معنيٰ ته ٻنهي جو ٽائيم صحيح آهي ۽ آئون واقعي ٻه ڪلاڪ کن مس ستو آهيان. حق تي مونکي ننڊ مان اٿڻ تي سستي ٿي رهي آهي. بهرحال ٺهيو اڃان ڪافي وقت سمهڻ لاءِ آهي. آئون خوش ٿي سمهي رهيس ۽ يڪدم ننڊ اچي وئي.
”ٺڪ ٺڪ. ٺڪ ٺڪ ڪڪڙون تون.“ هڪ دفعو وري ڪڪڙ پنهنجا کنڀ زور سان ٺپي ٻانگ ڏني ۽ آئون ٽپ ڏئي اٿي ويٺس. گهڙيال ۾ وقت ڏٺم ته ساڍا ٽي ٿيو هو. معنيٰ هن ڪڪڙ کي اها به خبر ناهي ته ٻانگ آڌي رات جو نه پر صبوح جو ڏجي. يا ته هي عجيب ڪڪڙ آهي جو جنهن وقت موڊ ٿي ٿيئس ان وقت ٻانگ ٿو ڏئي! نڪي پاڻ ٿو سمهي نڪي مونکي سمهڻ ٿو ڏئي. هڪ دفعو وري ڏنڊو کنيم جيڪو دراصل ڏنڊو ته نه هو پر ٻارن جي ڊرائنگ بورڊ جي ’ٽي‘ هئي جنهن سان وڏي ڪاغذ تي ليڪون پائبيون آهن. دري کولي ڪڪڙ کي پنهنجي سامهون واري ڀت تان ڀڄائڻ چاهيم پر ٿورو اڳيان هلي هو وري زور زور سان ٻانگون ڏيڻ لڳو.
عجيب موالي ڪڪڙ آهي. نه مهل نه وقت بيشرم ٿي ٻانگون پيو ڏئي. مون ڪاٺ جي ان ’ٽي‘ سان ڀت تي ٺڪ ٺڪ ڪئي پر هو چاهيندي به اڳيان چري نه سگهيو. هن کي رسو ٻڌل هو. مجبور ٿي هن کي ڇڏي ڏنم ۽ پوءِ صبح تائين مونکي ننڊ ٿي آئي ته هن ٻانگ ڏئي اٿاريو ٿي. صبح جو نيرن تي رزاليءَ منهنجيون اکيون سڄيل ڏسي چيو:
”شايد مڇرن ڪري توکي ننڊ نه آئي آهي.“
”منهنجا ڀاءُ! مڇرن کي هڻ کڏ ۾- مونکي رڳو اهو ٻڌاءِ ته جڏهن هر ڪمري ۾ ٽي ٽي گهڙيال رکيا آهن ته ههڙي هرڪيولس ٽائيپ ڪڪڙ پالڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“
”اصل ۾ اهو عائشه توهان لاءِ وٺي آئي آهي.“ هن پنهنجي زال ڏي اشارو ڪندي چيو.
”ڀائي خيريت؟“ مون عائشه کان پڇيو.
”توهان ئي ته چوندا هئائون ته فارمي ڪڪڙيون نه پر ديسي ڪڪڙيون کائڻ کپن. ان ڪري توهان جي اچڻ جو ٻڌي ڪالهه گهرايو اٿم جيئن سڀاڻي ”ناسي ايام“ (ڪڪڙ ۾ پلاءُ) رڌجي.“ عائشه ٻڌايو.
”منهنجي ڀيڻ ان کي پنڌرهن کان مٿي سال اچي ٿيا جڏهن ملاڪا ۾ توهان اسانجي پاري ۾ اچي رهيا هئائو ۽ پاسار مالم (هڪ قسم جي جمع بازار) مارڪيٽ مان خريداري ڪرڻ وقت آئون توهانکي صلاح ڏيندو هوس ته ديسي ڪڪڙيون وٺو ڇو جو ان مارڪيٽ ۾ ديسي ۽ فارمي ڪڪڙين جي هڪ ئي قيمت هوندي هئي. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن توهان کي ديسي ڪڪڙيون وٺڻيون ئي هيون ته هڪ يا ٻه ننڍيون کڻي وٺي اچو ها. هيڏي وڏي جانور جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن سڄي رات سمهڻ نه ڏنو آهي.“ مون چيو.
”هيڏي وڏي ڪڪڙ وٺڻ لاءِ عائشه کي مون صلاح ڏني.“ ڪئپٽن رزالي چيو.
“Kenapa” (ڇو ڀلا؟) مون پڇيو.
”ظاهر آهي ننڍين ڪڪڙين کي ائين پڃري بنا ڪو نانگ (Python) ڇڏيندو“ رزاليءَ اهڙو سبب ٻڌايو جنهن کان آئون به ڀلي ڀت واقف هوس.
”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ڪجي؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو ۽ مون هن پهلوان ڪڪڙ جون کڙهون ڏسي چيومانس ته رزالي جي ماتلي شهر هتان ويجهو هجي ها ته هلي شرطن تي ويڙهايونس ها پر هاڻ مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي هن کي سِير وجهائي ديڳڙي حوالي ڪرينس جيئن ٻي رات مٿان نه پوي.
.رزالي هن ڪم ۾ مهرباني ڪري دير نه ڪجانءِ. بس سمجهه ته جهاز جا رسا کلي چڪا آهن ۽ هر صورت ۾ جهاز کي لنگر کڻڻو آهي.“ مون کلندي رزاليءَ کي وري تاڪيد ڪئي، جنهن ان ئي وقت پنهنجي وڏي پٽ کي موڪليو ته پاڙي جي مولويءَ کان ذبح ڪرائي اچ.
”جيئن مهمان ماني کائين ۽ رات جو سمهي سگهن.“ مون لقمو ڏنو. ملائيشيان جي ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪاٺ جا ڳوٺاڻي قسم جا گهر ٿين جن جي باٿ روم ڪمرن کان گهڻو پري هوندي آهي. پر هن سڄي گهٽيءَ ۾ رزاليءَ جي گهر وانگر سڀ گهر ’شهري نموني‘ جا ٺهيل هئا. هيٺ ڊرائنگ روم، ٽي وي لؤنج ۽ ڪچن. اڳيان ننڍڙو باغيچو ۽ پويان اسٽور روم. مٿين ماڙ تي گڏيل باٿ روم سان گڏ ٻه ڪمرا جن ۾ ٻار ٿي رهيا ۽ جن مان هڪ ڪمرو منهنجي حوالي ڪيو ويو هو. انهن ٻن ڪمرن کان علاوه هڪ ڪمرو (بيڊ روم) اڌ ڏاڪڻ تي به هو جنهن ۾ رزالي ۽ عائشه ٻن ٻارن سان رهيا ٿي. هن گهر کي ٺهي اڃان ٻه سال به نه ٿيا هئا پر هڪ ته سخت مينهن ڪري ۽ ٻيو سستي قسم جي ڪنسٽرڪشن ڪري سڄي گهر جي حالت خراب هئي. ساڳيو حال سعودي عرب ۾ ڏٺم. ان خيال کان اسان جي ملڪ جا سول انجنير، آرڪيٽيڪٽ، مستري، مزور تمام گهڻو هوشيار ۽ Skilled آهن. هڪ ڳوٺ ۾ ٺهيل پڪو گهر به سهوليت ۽ معيار جي حساب سان سک وارو ۽ بهتر هوندو. باقي هتي هي رزالي توڙي پاڙي جي ٻين گهرن (جن ۾ پڻ منهنجا سڃاڻا رهيا ٿي) جي Workmanship ڏسي حيرت ٿي ٿئي. بجلي جا سئچ لڙڪن پيا، نلڪا ڀڳا پيا آهن، پائيپ ليڪ پيا ٿين، ڪمرن جا ڄٽڪا رنگ ۽ ٽائيلون، نيٺ هڪ ڏينهن رزاليءَ کي چيم ته هن باغ بستانن جي ملڪ ۾ کليل ٻهراڙي ٽائيپ گهر بدران هي بند بند ڪمرن وارو گهر ڇو ٺهرايو اٿئي.“
”سچ ٿو چئين،“ هن وراڻيو، ”اسان پاڙي جا سڀ افسوس پيا ڪريون ته پهرين بهتر هئاسين.“
ملاڪا ۾ اچڻ جو ڪو خاص مقصد نه هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪوالالمپور جي گوڙ شور کان پري رهڻو هو ۽ جيئن ته ملائيشيا جي هن رياست ”ملاڪا“ ۾ آئون پهريون هڪ وڏو عرصو نوڪريءَ جي سلسلي ۾ رهي ويو هوس ان ڪري ڪيترن ئي ماڻهن سان واقفيت هئي ۽ هاڻ ٻارهن سالن بعد اهي پراڻيون عمارتون ڏسي ۽ ماڻهن سان ملي خوشي ٿي رهي هئي. انهن ۾ ڪيترا اهڙا هئا جيڪي ڪئپٽن رزالي ۽ منهنجا اڳ جا سڃاڻا هئا. ڪئپٽن رزاليءَ وٽ رهڻ دوران اسان روز صبح جو نائين بجي سندس آفيس لاءِ نڪرندا هئاسين جيڪا پنج ڇهه ميلن تي هئي. سندس آفيس ۾ جن پنج ڇهه ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيرن ڪم ڪيو ٿي. اهي سڀ منهنجا ڪنهن زماني ۾ شاگرد هئا ۽ پوءِ انهن مان هڪ ٻه ڄڻا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي مون سان گڏ ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لڳا هئا. هڪ بختيار نالي ننڍي عمر جو چيف انجنيئر ٻين وانگر مونکي Sir چئي رهيو هو. مون سمجهيو هو تڪلف ۾ ٻين سان گڏ منهنجي عزت ڪري رهيو آهي پر منهنجو شاگرد نه آهي.
”منهنجي خيال ۾ توهان مون وٽ نه پڙهيا آهيو.“ آخر مون کانئس پڇيو.
”سر ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو، آئون فلان فلان سان گڏ هوس. سزا خاطر اسان کي عيد جي موڪل نه ملي هئي پوءِ اسان توهان جي گهر پاڪستاني اسٽائيل چانور کاڌا هئا ۽ توهان چيو هو ته ان کي ’برياني‘ سڏبو آهي.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ مونکي به ياد آيو.
ڪئپن رزالي ۽ سندس هي ساٿي ملائيشيا جي مختلف جهاز ران ڪمپنين جي آفيسرن ۽ خلاصين کي جهاز هلائڻ جو اهم ڪورس ڪرائين ٿا. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل جهازن جي ڊيڪ ۽ انجن روم جي ضروري شين ۽ مرمت جي مسئلن کي منهن ڏئي پئسو اوڳاڙين ٿا. يعني هنن جي هڪ پرائيويٽ نوڪري آهي. ڪنهن ڏينهن سڀ بزي رهن ٿا ته ڪنهن ڏينهن ڪم نه هجڻ ڪري سڄو ڏينهن ويٺا اوٻاسيون کائين يا ڪم جي فون ۽ انٽرنيٽ ذريعي ڳولا ڪن. ٻه چار ڇوڪريون ٽائپنگ، فائيل ورڪ ۽ چانهه پيارڻ لاءِ رکي ڇڏيون اٿن جيڪي سندن غير حاضري ۾ ملائيشيا يا ملڪ کان ٻاهران آيل فون ڪال اٽينڊ ڪري ان بابت جهاز جي گهرج جي لسٽ يا ٽريننگ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهين. انهن ۾ هڪ پهرين ڏينهن ئي مونسان ملئي ۾ ڳالهائي منهنجي زال ۽ ٻارن جي خير خبر پڇي رهي هئي. مون کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه سڃاڻي سگهيس. ”مسٽر عاذب جي ڌيءَ آهي“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو.
”ڪمال آهي آئون ته اڃان به نه پيو سڃاڻان.“ مون چيو، ”ظاهر آهي ڪيڏو وڏو عرصو ٿي ويو آهي.“
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسانجا ڪيترائي پاڙيسري ٿيا. پهرين پهرين جن فلئٽن ۾ اچي رهياسين انهن جي هيٺين فلور تي مسٽر عاذب ۽ مسٽر موسيٰ بن آدم نالي ٻه ملئي انسٽرڪٽر رهيا ٿي جن خلاصين (GP) کي پڙهايو ٿي. انهن ٻنهي جون ڌيون منهنجي وڏي ڌيءَ مريم جون ڪلاس ميٽ هيون. شام جو وقت هو- اسان وٽ کيڏڻ به اينديون هيون. موسيٰ بن آدم جي ڌيءَ غريب هئي پر عاذب جي هيءَ ڌيءَ ڏنگي هوندي هئي. مون ڪئپٽن رزاليءَ کي ٻڌايو ته ننڍي هوندي راند ۾ هيءَ اهڙيون دانهون ڪندي هئي جو منهنجي زال کيس روز وارننگ ڏيندي هئي ته هاڻ آئندي توکي گهر ۾ گهڙڻ نه ڏيندس پر هن کي ڪا پرواهه نه هوندي هئي. ٻئي ڏينهن وري اچي حاضر ٿيندي هئي. پر پوءِ سگهو ئي سال اندر هي اڪيڊمي ڪئمپس کان ٻاهر وڃي رهيا ۽ ڇهين ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ سندس اسڪول به ٻيو ٿي ويو. ان کانپوءِ اڄ سورهن سترهن سالن بعد هنکي ڏسي رهيو آهيان.
هنن ڪلارڪ ڇوڪرين مٿان سپرنٽنڊنٽ مسٽر الياس هو. مسٽر الياس به ساڳي اڪيڊمي ۾ جهازين کي فائر- فائيٽنگ جو ڪورس ڪرايو ٿي، اسان کان ڏهه ٻارهن سال وڏو هو. يعني هن وقت ستر سالن جو ٿيندو.
”الياس کي اسان انساني همدردي طور جاب ڏنو آهي. ايماندار ۽ نيڪ ماڻهو آهي. هيءَ عمر نوڪريءَ جي ناهي پر اسان ائين کيس وقت پاس ڪرڻ لاءِ هتي رکيو آهي. ساڻس جيڪا ٽرئجڊي ٿي هئي ان جي ته خبر هوندءِ؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو.
”نه- خير ته ٿيو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”الياس ويچاري جيئن پنهنجي عمر جا 55 سال پورا ڪري رٽائرمينٽ ورتي ته کيس برونائيءَ ۾ رهندڙ هڪ ملائيشين همراهه نوڪري لاءِ گهرايو،“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو، ”هو خوش ٿي اوڏانهن ويو. اتي هن ٽي چار مهينا نوڪري ڪئي پر مالڪ پگهار کان ٽرڪائيندو رهيس. پوءِ ان ڪمپنيءَ جي مالڪ هن کي گشا پتا ٻڌا ته ڪمپنيءَ جو اڌ شيئر ڏئي تون به مالڪ ٿي ته فائدي ۾ اڌو اڌ ڪندا رهنداسين. هي ويچارو الياس بيحد سادڙو هن جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ کيس جيڪو رٽائرمينٽ جو پئسو مليو هو سو سڀ هن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. لکپڙهه به ڪن ڪوڙن ڪاغذن تي ٿي جن جي بعد ۾ خبر پيئي ته ڪا قانوني حيثيت ناهي، ڇهه مهنا کن ٻيا به اتي رهي سڀ ڪجهه لٽائي ڦرائي اچي هتان نڪتو. گهڻو ئي پوليس ۽ ڪورٽن پويان ڊوڙيو آهي پر ڪجهه حاصل نه ٿيو اٿس. سو پنهنجي ساٿيءَ جا اهي حال ڏسي کيس اسان پاڻ وٽ رکيو آهي جيئن سندس ۽ سندس زال جو گذارو ٿيندو رهي.“
هڪ ڏينهن شام جو الياس جي گهر وٽان لنگهندي ڪئپٽن رزاليءَ گاڏي روڪي. در وٽ ئي الياس جي زال مسز راس ويٺي هئي. ڏاڍي پوڙهي ۽ ضعيف ٿي وئي هئي. هو الياس کان به ڇهه ست سال وڏي آهي. جڏهن اسان ملاڪا ۾ رهندا هئاسين ته هن کي رنگين مڇين پالڻ جو شوق هو. منهنجا ٻار سندن گهر هلڻ تي خوش ٿيندا هئا جو کين مڇيون ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. پاڻ – يعني پئان (مسز) راس کلمک ته طبيعت ۾ هئي پر اسان سان هيڪاندو سٺو هلندي هئي. هن کي حيرت ٿيندي هئي ته اسان ملئي ڪيئن سکياسين. ”هتي اچڻ کان اڳ اسانجو جهاز ڏهاڪو کن سال هن روٽ تي هو سو ذري ذري ڪوالالمپور ۽ پينانگ اچڻ ڪري اسان کي ٿوري گهڻي ملئي جهاز تي ئي اچي وئي هئي.“ منهنجي زال کي سمجهايو هو. بهرحال مڪاني زبان (ملئي) اچڻ ڪري ڌارين ۾ سڀ کان گهڻو اسان جو خيال ڪيو ويندو هو. مسز راس بسڪيٽ ۽ ڪيڪ ٺاهي وڪڻندي هئي ۽ مڙس الياس جهازرانن کي پڙهائيندو هو. هتي ملائيشيا ۾ حق حلال جي پورهئي ۽ نوڪريءَ کي خراب نٿو سمجهيو وڃي. مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو جيڪو چيف آف نيول اسٽاف ٿيو هو ان جي زال پينانگ شهر جي اسپتال ۾ نرس ٿي ڪم ڪندي هئي.
مسز راس ۽ سندس مڙس کي ڊانس جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. سالياني ڊنر يا ڪئڊٽن جو فنڪشن ٿيندو هو ته مسز راس ضرور نچندي هئي. تڏهن ئي پوڙهي لڳندي هئي پر ميڪ اپ شيڪ اپ ڪري پوڙهي گيشا ٿي ايندي هئي. هڪ ڏينهن ڀرواري ڳوٺ ۾ شاديءَ جي دعوت ۾ وڃون ته مسز راس ڪنوار جي ڀرسان سجيو ڌجيو ويٺي آهي. اسان کي پري کان ڏٺائين ته ڏاڍو خوش ٿي ۽ ميڙ مان اسانکي ڇڪي پنهنجي ڀرسان اچي وهاريائين. پڇيومانس ڪنوار تنهنجي مائٽياڻي آهي ڇا؟
”تيداق، سايا ماڪ انڊام“ (نه. آئون ڪنوار سينگارڻ واري آهيان) مسز راس وراڻيو. ملئي زبان ۾ ڪنوار سجائڻ واري عورت کي “Mak Andam” سڏجي ٿو. ”هاڻ ڪنواريون سينگارڻ جو ڪم شروع ڪيو اٿم ان مان مڙيئي چار پئسا ڪمائي ٿيو وڃي.“
بهرحال مسز راس سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي ۽ هينئر گاڏيءَ مان لهي سامهون بيهي ”آپا خبر پئان راس“ (ڪهڙو حال اٿئي مسز راس) چيم ته مونکي سڃاتائين ڪونه. پر پوءِ ٻي گهڙيءَ رڙ ڪري چيائين ”مسٽر الطاف – ڏس مون توکي ڳالهائڻ جي اسٽائيل مان سڃاتو.“ هن جي اکين مان ڳوڙها تري آيا. ”ڪيئن آهي تنهنجي زال مستوران ۽ ڌيئرون منهنجا کين سلام چئجانءِ منهنجي ته هاڻ نظر به صحيح ناهي جو ڪنهن کي ڏسي سڃاڻي سگهان.“ هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي ڊرائنگ روم ڏي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر سڄو ڏڪي رهي هئي. سندس مڙس کيس ڀاڪر ۾ جهلي وک وک ڪري هلائڻ لڳس. ڇا انسان جي به زندگي آهي. ڪير يقين ڪندو ته هيءَ اها مسز راس آهي جيڪا هوٽلن جي ڊانسنگ فلور ۽ اسٽيج تي ڊانس ڪندي نوجوانن کي ٿڪائي ڇڏيندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندڙ، چرچا ۽ ڀوڳ ٻڌائيندڙ مسز راس کي اڄ بلڊ پريشر، ٿايورائيڊ ۽ ڊائبٽيز نپوڙي رکيو آهي. هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ”مون لاءِ دعا گهرو ته رب پاڪ مونکي پنهنجو ڪري ۽ هن معذور زندگيءَ مان جان ڇٽي.“
”مسز راس الله تعاليٰ توکي صحت ۽ خوشيون نصيب ڪندو. تون گهڻو سوچي پنهنجي جيءَ کي نه جهور.“ ڪئپٽن رزالي ۽ آئون کيس ملئي زبان ۾ دلداريون ڏيڻ لڳاسين.
مسز راس جي ڀر واري گهر ۾ اسانجو هڪ ٻيو پراڻو ڪليگ ريڊيو آفيسر يماني ۽ سندس زال قمريا جيڪا اڪيڊمي جي اڪائونٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ڪلارڪ هئي، رهيا ٿي. اسان چانهه اچي انهن وٽ پيتي. يماني ۽ قمريا جو عشق آفيس ۾ ئي ٿيو ۽ 1985ع ڌاري شادي ٿي. سال کن کانپوءِ پٽ ڄائو. ملئي ماڻهو به سنڌين وانگر پٽن کي گهڻي اهميت ڏين ٿا. پٽ ٻن ٽن سالن جو ٿيو ته قمريا هن کي ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ به کڻي ايندي هئي. پوءِ تنگ ڪندو هوس ته ڪجهه دير لاءِ اسانجي گهر ڇڏي ويندي هيس. اسانجو بنگلو آفيسن جي پويان سمنڊ جي ڪناري تي هوندو هو ۽ ننڍا ننڍا ٻار اسانجي گهر جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري (Beach) تي کيڏندا رهندا هئا. قمريا جو سڪيلڌو پٽ ڇا ٿيو، هر وقت ٻُڪ چاڪليٽن جا هٿ ۾ هوندا هئس. ”قمريا هي تون ڇا ٿي ڪرين. ملائيشيا جي هن گرميءَ ۾ تون هن کي سڄو ڏينهن ڪڏهن چاڪليٽ کارائين. ناروي ۽ سئيڊن جي ٿڌ ۾ رهندڙ گورا به ڪڏهن ڪڏهن چاڪليٽ کائين ٿا سو به قبضي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ.“ پر جهڙي قمريا تهڙو سندس مڙس ريڊيو آفيسر يماني. هر وقت ”مارس“ چاڪليٽ جي ڊگهي پٽي پُٽ اڳيان جهليو بيٺا هوندا هئا. پوءِ گرميءَ ۾ گهڻا چاڪليٽ کائڻ ڪري ڇوڪري کي هر وقت دست هوندا هئا ۽ هر وقت ڀرواري شهر مسجد تاناح جي چيني ڊاڪٽر تانَ (TAN) وٽ علاج لاءِ ڀڳا بيٺا هوندا هئا. پٽ کي ڪوڏائڻ مهل قمريا هر وقت راڳ ۾ چوندي هئي: ”هي منهنجو شهزادو (رنگ ۾ پڪل هو. هر وقت سنگهه پئي ڳڙندي هيس پر قمريا لاءِ ته شهزادو ٿيو) MAS جو پائلٽ ٿيندو ۽ هوائي جهاز کي ڪوالالمپور کان لاس اينجلس وٺي ويندو.“
تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS (ملائيشين ايئرسسٽم) نئين نئين شروع ٿي هئي ۽ کيس ويجهڙائيءَ ۾ لاس اينجلس (USA) جي هوائي اڏي تي لهڻ جي روٽ پرمٽ ملي هئي ۽ ملائيشين خوش هئا. هنن لاءِ وڏو هيرو هوائي جهاز جو پائلٽ هو. بهرحال جنهن وقت قمريا پنهنجي پٽ کي ڪوڏڻو ڏيندي هئي ته هي منهنجو شهزادو MAS جو پائلٽ ٿيندو ته منهنجي زال به کيس ٽوڪڻ کان نه مڙندي هئي ۽ چوندي هيس ”قمريا تون رڳو هن کي مارس جا چاڪليٽ کارائڻ بند ڪر ته ماس جو پائلٽ پاڻ ئي ٿي ويندو.“
”هاڻ يماني ۽ قمريا کان پڇيم ته ڪٿي آهي MAS جو فيوچر پائلٽ، هن پنهنجي ڌڻ ٻارن ڏي اشارو ڪري چيو ته ”هاڻ ته سڄو ’فلائيٽ ڪِريو‘ اچي گڏ ٿيو آهي.“
ملئي ماڻهن کي ٻارن ڄڻڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ۽ ڄڻين به ڇو نه. تعليم، دوا درمل، سڀ حڪومت طرفان. ڪار ۽ گهر به بنا وياج جي قرض تي ملي جيڪو پگهار مان ٿورو ٿورو ٿي ڏهه پنڌرهن سالن جي قسطن ۾ ڪٽجي. ملائيشيا جي باقي اڌ چيني آدم شماريءَ کي ايڏيون سهولتون نه آهن جيتريون ملئي ماڻهن کي (جيڪي Bumiputra ٿا سڏجن يعني هن ڌرتيءَ جا پٽڙا) ملن ٿيون ته به چيني پڙهائي توڙي راند روند ۽ عقل ۾ ملئي ماڻهن جي ٻارن کان تيز آهن. شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ گهڻا تڻا دڪاندار چيني آهن جن وٽ ملئي ماڻهو اچيو پنهنجو پئسو خرچ ڪن. بهرحال هاڻ ملئي ماڻهو به ڪجهه ڌڪ کائي ڪجهه زماني کان سکي هوشيار ٿيندا وڃن.
ڪئپٽن رزاليءَ وٽ رهڻ دوران هڪ ٻه شاديون ۽ ڇوڪرن جي طهرن جا ڪاڄ اٽينڊ ڪيم. ’ڇوڪرن‘ جا ان ڪري لکيو اٿم جو ڪيترن آفريقي ملڪن (سوڊان، لبيا، نائيجيريا ۽ موريطانيا) وانگر ملائيشيا جي به ڪيترن رياستن ۾ خاص ڪري ڳوٺن ۾ اڄ تائين ڇوڪرين جا طهر به عام آهن جن بابت تفصيل سان پنهنجي هڪ سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ لکي چڪو آهيان.
هونءَ پاڪستان ۾ ڪا شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ کان ٻرو چڙهندو آهي. هڪ ڪراچيءَ جا فاصلا وڏا ۽ ٽرئفڪ جئم جنهن ڪري ڪلاڪ وڃڻ ۾ ۽ ڪلاڪ اچڻ ۾ ضايع ٿيو وڃي ۽ اهڙو ڪلاڪ ٻه (ڪڏهن ته ان کان به وڌيڪ) وهڻو پوي ٿو جيسين نڪاح ۽ دعا وغيره پڙهجي ۽ مهمانن کي ماني کارائي وڃي. دنيا جو ڪهڙو عقلمند ماڻهو آهي جيڪو ان کي سٺي ڳالهه ٿو سمجهي ته رات جو ٻارهين هڪ بجي ڌاري تيلن ۾ تريل ڳرا کاڌا ۽ مٺاڻ کائي اچي سمهجي. حق تي اسان جي ماڻهن کي يورپين کان وڌيڪ ننڍي هوندي ئي بلڊپريشر، ڊائبٽيز، بدهضمي ۽ دل جون بيماريون ٿين ٿيون. ڪنهن چيو ته اهي بيماريون وڏن ماڻهن جون آهن. وڏا ماڻهو ته هن پاسي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ به آهن، يورپ ته سڄو وڏن يعني امير ماڻهن سان ڀريو پيو آهي پر انهن کي ته اهي بيماريون ائين بي درديءَ سان نٿيون ٿيون جيئن اسان جي ماڻهن کي ٿين ٿيون. بقول هڪ سڄاڻ سنڌي ڊاڪٽر جي اهي بيماريون اميرن جون نه پر انهن چرين جون آهن جن نه ڏسي ڏٺو آهي ۽ سمجهن ٿا ته ائين دير تائين جاڳي دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ دعوتون کائڻ وڏ ماڻهپي آهي.
رات جو دير تائين دعوت اٽينڊ ڪرڻ وارو ٻئي ڏينهن نوڪري يا پورهئي تي دير سان ويندو جو جيسين ننڊ پوري ٿئي ۽ جي ’صاحب‘ جي ڊپ کان وقت تي آفيس پهچندو ته اکيون سڄيل هوندس ۽ طبيعت چڙچڙي - يعني ٻنهي صورتن ۾ غريب عوام جو ڪم نه ٿيو (جي انهن جي سرڪاري آفيسن سان واسطو آهي ته ۽ جي ڪنهن ملڪ جي فئڪٽري يا پرائيويٽ ڪاروبار ۾ هو ڪم ڪن ٿا ته مالڪ کي نقصان رسيو.) ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هرهڪ بي شرميءَ سان آفيس ۽ آفيس جي ڪم کان گسائيندو رهي ٿو. ۽ اهو ”نه ڪم ڪرڻ“ جو ڪلچر اسان وٽ اهڙو عام ٿي ويو آهي جو اسان جا پاڪستاني جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اچن ٿا ۽ هنن جي انهن عادتن کي ننديو وڃي ٿو ته هو وائڙا ٿيو وڃن.
ملائيشيا ۾ نوڪري دوران اسان کي ان تعليمي اداري جي ڪئمپس ۾ رهڻو پيو ٿي ۽ اسان لاءِ به اهو سٺو هو جو آفيس جي ويجهو هئاسين. اسان جي اڪيڊمي ائين هئي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۽ ملاڪا شهر حيدرآباد وانگر پري هو. اٽڪل 40 کن ڪلوميٽرن تي. ڪجهه عرصي کانپوءِ هڪ پاڪستاني ڪئپٽن آيو جيڪو ڪئمپس ۾ رهڻ بدران ملاڪا شهر ۾ وڃي رهيو. هڪ ڏينهن اسان جي باس هن کي چيو ”آئون خوش نه آهيان ته تون ٻاهر رهه. آئون اهو ئي چاهيندس ته تون به ٻين وانگر اندرڪئمپس ۾ اچي رهه.“
”ڇو سائين؟“ اسان جي پاڪستاني ڪئپٽن بحث ڪيو، ”آئون کڻي پري رهان ٿو پر آفيس ۾ ته روز ٻين وانگر صحيح ٽائيم تي يعني 8 بجي پهچيو وڃان.“
”اها ته مونکي به خبر آهي ۽ آفيس ۾ ته هر صورت ۾ اٺين کان پهچڻو اٿئي. پر ايترو پري کان ڪلاڪ جي Drive ڪري هتي پهچڻ بعد تون آفيس جو ڪم ان چستيءَ سان نه ڪري سگهندو هوندين جيڪو هتي رهندڙ ڪري سگهن ٿا. تنهنجي ڪلاڪ کن گهٽ ننڊ ڪرڻ ۽ گاڏي هلائڻ جي Tension ڪري اسانجي آفيس جي ڪم جي ڪارڪردگيءَ کي ضرور ڇيهو رسندو هوندو.“
اسانجي پاڪستاني يار کي پهرين اها ڳالهه نه وڻي پر پوءِ آهستي آهستي سمجهي ويو ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جنهن جو وزيراعظم، مڙيئي وزير ۽ سڀ سيڪريٽري نه فقط صبح جو اٺين بجي پهچي پنهنجو Attendence جو ڪارڊ پنچ ڪن ٿا پر پنهنجي رهائش به آفيس جي ويجهو رکن ٿا ۽ رات جو مجبوري کان علاوه، دير تائين جاڳڻ يا گهمڻ ڦرڻ کي خراب ۽ معيوب سمجهيو وڃي ٿو.
ملائيشيا ۾ شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ ۾ نه وقت جو زيان آهي ۽ نه تڪليف. سڄي ملائيشيا ۾ شادي منجهند جو ٿئي. هر دعوتنامي ۾ شاديءَ ۾ اچڻ جو وقت 12 بجي کان شام جو 4 هوندو آهي. ڪنواريتا منجهند جو ٻارهين تائين تنبو ۽ ٽيبل ڪرسيون لڳائي ڇڏيندا آهن. يارهين کان مهمان ايندا ويندا آهن ۽ ماني کائي موڙو يا تحفو هڪ ٽيبل تي رکي رمندا رهندا آهن. پوري ٻي بجي گهوٽ ڄڃ سان ايندو آهي ۽ ڪنوار سان فوٽو ڪڍرائي، ماني کائي پوري چئين بجي ڪنوار کي وٺي پنهنجي گهر ويندو آهي. جن مهمانن کي گهوٽ ڪنوار ڏسڻو هوندو آهي اهي ٻي کان پوءِ ايندا آهن.
ڇوڪرن جو طهر ٽولن ۾ ٿئي. پوءِ هڪ ئي پاڙي جا ڇوڪرا گڏ طهر ڪرائين يا وري ڇهه ست سوٽ ماسات گڏجي طهر ڪرائين ۽ پوءِ پٽي ڇٽڻ تائين هڪ ئي گهر ۾ ٻه چار ڏينهن گذارين. طهريل ڇوڪرن کي گوڏ ٻڌرائي هڪ ئي قطار ۾ پٽ تي وڇايل تڏن تي سمهاريو ويندو آهي. زخم کي گوڏ جي ڪپڙي کان بچائڻ لاءِ گوڏ کي ڌاڳو ٻڌي ان ڌاڳي جو ٻيو پوڇڙ ڇت تي لڳل ڪوڪي سان اٽڪايو ويندو آهي. اهڙي طرح گوڏ هر وقت مٿي کڄيل رهي ٿي.
***