سنگاپور کي هرڪو پسند ڪري ٿو
چيني دل کولي خرچ فقط موت تي ڪندو آهي. وس آهر هر چيني پنهنجي موت جي رسم لاءِ ڪافي پاڇي ڪري ويندو ۽ چينيءَ جي موت تي ٽي ڏينهن پيا نغارا وڄندا آهن جيئن بدروح هن جي ويجهو نه اچي ۽ ڪانڌي اهي ٽي ڏينهن شراب ۽ ڪواب مان وارا ڪڍن. چينين جو اعتقاد آهي ته اهي دعوتون کين سرڳ ۾ پهچائين ٿيون. کيس دفن ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي ڪاغذن ۽ دفتري (پاٺي) جون ٺهيل شيون ساڙيون وڃن ٿيون جهڙوڪ موٽرڪار، هوائي جهاز، گهر - ويندي ڪوڙا نوٽ جنهن تي “Bank of Hell” لکيل هوندو آهي ساڙيا وڃن ٿا. چينين جو اهو پڻ اعتقاد آهي ته سندن دفن وقت جيڪي ڪجهه ساڙيو وڃي ٿو اهو کيس ٻي جهان ۾ اصلي حالت ۾ ملي ٿو ۽ هو ان ڪار يا هوائي جهاز ۾ سير ڪري ٿو.
ڪاغذ جي گهرن سان گڏ ڪاغذن جا نوڪر چاڪر به ٺاهي ساڙين جيئن سندن خذمت چاڪريءَ لاءِ ٻئي جهان ۾ اهي سچا نوڪر ٿي کين ملن. انهن شين کان علاوه ڪاغذ جا وڏا ايئرڪنڊيشنر، ٽي وي سيٽ، ريفريجريٽر ۽ ٻيون شيون پڻ ساڙين. ملاڪا شهر جي هڪ سڄي گهٽي انهن شين کان مشهور آهي. انهن دڪانن ۾ اندر توڙي ٻاهر چيني ڪاريگر رنگين پنين جون موٽرڪارون، هوائي جهاز گهوڙا، گڏهه، کٽون، پلنگ ۽ صوفا سيٽ ٺاهين ۽ ڪيترا ڌارين ملڪن جا ٽورسٽ هنن دڪانن اڳيان نظر ايندا آهن. ملاڪا ۾ نوڪريءَ دوران پهريان مهينا آئون به هنن دڪانن اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ چيني ڪاريگرن کي اهي شيون ٺاهيندو ڏسندو هوس جيڪي هر شيءَ وڏي ڪاريگريءَ سان ٺاهين ٿا. ڪارون ۽ هوائي جهاز به هر ڪمپني ۽ ماڊل جا ٺاهين ٿا جيئن ته مرسيڊيز، وولوو، هونڊا اڪارڊ ۽ بوئنگ جيٽ - جن جي ڏاڪڻين تي پني جون ايئرهوسٽسون ۽ پائلٽ ۽ فلائيٽ انجنيئر به ٺاهيل هوندا آهن. هي شيون خاص ڪري موٽرڪارون، ريفريجريٽريٽر وغيره اوريجنل سائيز، رنگ ۽ Shap جا ٺاهيا ويندا آهن۽ ڪن ڪن شين تي ته، خاص ڪري موٽر ڪارن تي ايترو ته ڪَٽ ورڪ ۽ آرٽ ورڪ ڪيو ويندو آهي جو اها پنن جي ٺهيل هڪ هڪ ڪار سوين ڇا هزارين رپين ۾ وڪامي. پر تنهن هوندي به، بقول هڪ چينيءَ جي، ڏيڊ سؤ ڊالرن ۾ هڪ نئين ماڊل جي مرسيڊيز ڪار سستي ٿي جنهن جي بدلي ۾ ٻي جهان ۾ جيڪا مرسيڊيز ملندي ان جي هن جهان ۾ ئي ٻارهن لک رپيا قيمت آهي.
بهرحال ٻئي جهان ۾ سُک ۽ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ نيڪ ڪم ڪرڻ بدران پني جون شيون ساڙڻ جو رواج فقط هتي جي چيني ماڻهن ۾ نه آهي پر آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه شيدي قبيلن ۾ به آهي.
ملاڪا جو سامونڊي ڪنارو ڏئي ويندڙ رستي جو ٻيو پاسو خالي خالي هوندو هو. ڪٿي ڪا ڪاٺائين جهوپڙي يا ڪچي هوٽل هوندي هئي. نوي جي شروع وارن سالن ۾ ملائيشيا ڇڏڻ وقت ملائيشيا ۾ رهندڙ مڪاني ماڻهن توڙي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ملائيشين کي ان ڳالهه ۾ وڌيڪ فائدو نظر اچڻ لڳو ته پلاٽ وٺجن ۽ گهر ٺهرائجن. واقعي انهن ڏينهن ۾ ڌڙا ڌڙ ترقي ٿيڻ ڪري جتي ڪٿي ملڪي ۽ غيرملڪي ڪمپنيون، ڪارخانا ۽ ادارا کلي رهيا هئا ۽ رهائش جي کوٽ ڪري جيڪي ننڍا وڏا گهر مليا ٿي انهن لاءِ هرڪو ڳري مسواڙ به ڏيڻ لاءِ تيار هو. سو هر هڪ جي دماغ ۾ اهو ئي اچي رهيو هو ته ڪمائي هوٽل بزنيس ۽ گهرن ۾ آهي. جتي ڪٿي نيون ڪالونيون ۽ گهڻ ماڙ عمارتون ٺهڻ شروع ٿي رهيون هيون ۽ ملڪ ۾ رهندڙ توڙي پرديس ۾ رهندڙ ملائيشين پنهنجو پئسو ڏوڪڙ ان ۾ لڳائي رهيا هئا. ٻارهن سالن بعد ملاڪا جي هن ٻهراڙي واري سامونڊي علائقي ۾ اهو ڏسي تعجب لڳو ته جتي ڪٿي فلئٽن جي ڏهه ڏهه ماڙ عمارت بيٺي آهي ۽ شام جو لنگهڻ وقت انهن عمارتن ۾ ٻرندڙ بلبن جي جڳ مڳ هجڻ بدران اونداهه انڌو ڪار لڳو پيو آهي. ڪئپٽن رزاليءَ چيو ته ماڻهن ته کڻي جتي ڪٿي فليٽ ۽ گهر ٺهرايا پر هاڻ نه ڪو رهڻ وارو آهي، نه خريد ڪرڻ وارو. ”سئيڊن ۾ جيڪا سماجي خذمت ڪندڙ پوڙهي ملئي عورت ڊيزي هئي ان به هتي ٻه فلئٽ خريد ڪيا آهن اهو ئي سوچي ته وڏي اگهه ۾ وڪامندا. پر هاڻ نه وڪامنس ٿا ۽ نه ڪو مسواڙ تي ٿو وٺيس.“
”پوءِ هاڻ سندس فلئٽن جي ڪير سارسنڀال لهي؟“ مون پڇيو.
”پاڻ واري چيني ڪئپٽن لي زي جي زال هر مهيني سندس فلئٽ جي صفائي ڪرائي، بجلي ۽ پاڻي جي ميٽرن جو ماهيانو بل پياري ڇو جو اهو نه پيارڻ سان بجلي ۽ پاڻي ڪٽجي ويندو ۽ جي ڪنهن مسواڙي ملڻ جو آسرو ٿيندو ته اهو به بجلي نه هجڻ ڪري ڀڄي ويندو. ان ڪم جا هن جي زال هڪ سؤ رنگٽ (ڊالر) في وٺندي آهي.“
”ته پوءِ ته ليءَ جي زال هن وقت دعا ڪندي هوندي ته فلئٽ مسواڙ تي نه وڃي ۽ سندس هر مهني ڪمائي لڳي رهي.“ مون چيو.
”دعا ڪري يا نه ڪري مسواڙي ملڻ جي ڪا اميد نظر نٿي اچي،“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو، ”۽ مسواڙي اچي اچي به ڪيترا ايندا؟“
”ڇا مطلب،“ مون پڇيو.
”ڪئپٽن لي جي زال ۽ ٻين ڪيترن اهو ڪمائيءَ جو سٺو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. هن جي هٿن ۾ فقط اهي ٻه فليٽ ڊيزيءَ جا نه آهن. رڳو هن قطار ۾ اٺ ڏهه فلئٽن جي ”ڪيپر“ آهي. هر آچر تي اخبار ۾ سندس اشتهار به اچي ٿو ته فلئٽ جي سارسنڀال لاءِ ساڻس رجوع ڪيو وڃي.“
”چئبو ته چيني ماڻهو زور آهن. هر صورت ۾ ڪمائيءَ جا نوان نوان طريقا ڳوليو وٺن.“ مون چيومانس.
بهرحال هتي حالت ڪجهه ائين ٿي پئي آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ گلستان جوهر جهڙن علائقن ۾ هزارين فلئٽ خالي پيا آهن. ماڻهن ٺهرائي کڻي ڇڏيا آهن. هاڻ نه ڪو رهي ٿو- نه وٺي ٿو. اهو ئي حال ملائيشيا جي هوٽلن جو آهي. ماڻهن لکها ۽ ڪروڙها رپيا هوٽل انڊسٽري ۾ لڳايا آهن پر ايترا ٽوئرسٽ نه آهن جيتريون هوٽلون آهن. نتيجي ۾ هر هوٽل اسي سيڪڙو تائين خالي لڳي پئي آهي. ڪمائيءَ بدران هر مهيني مالڪن کي نقصان پيو ٿئي. نه ته 1990ع تائين ٿورين ۽ پورين سارين هوٽلن ڪري هوٽل ۾ ڪمرو ملڻ محال ٿي پيو هو. ويتر جو حڪومت کڻي کيسي مان خرچ ڪري. 1990ع ۾ ٽوئرسٽن جو سال ملهايو جنهن لاءِ هوائي جهازن جون ٽڪيٽون به گهٽائي ڇڏيائون جيئن هڪ وار ڌاريا ماڻهو گهمڻ لاءِ ملائيشيا اچي هرکن ۽ پوءِ ٻين کي موڪلين ۽ پاڻ به وري اچن. سو بهرحال ان سال ته ڏاڍا اچي ويا ۽ ملائيشيا جو هرهڪ امير ٻيا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي هوٽل بزنيس ۾ اچي ويو. هوٽلون ته ويون وڌنديون باقي پرڏيهي ٽوئرسٽن جو گراف وڌڻ بدران اتي ئي بيٺو رهيو بلڪ گهٽجندو رهي ٿو.
منهنجي هڪ ملئي دوست شڪايت طور چيو ته (يعني هن جي حڪومت) ٽوئرسٽن کي ملائيشيا گهمڻ لاءِ هرکائڻ لاءِ ايتري ڪوشش ڪئي آهي ته به ايترا نٿا اچن جيترو اسان جي حڪومت هر سال اشتهار بازيءَ تي خرچ ڪري ٿي.“
”ڳالهه ٻڌ،“ مون چيومانس، ”تنهنجي ملائيشيا ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سياح (Tourists) ته ايندا رهندا پر گهڻا هرگز نه.“
”ڇو ڀلا...؟“ هن حيرت مان پڇيو.
”هي جون جولاءِ جا مهينا آهن يعني گرميءَ جا ڏينهن. انهن ڏينهن ۾ ڪهڙو يورپي، جپاني، آمريڪن يا ڪو ٻيو ٿڌن ملڪن جو هيڏانهن ايندو جڏهن ته سندس ملڪ ۾ هي ڏينهن بهار جا آهن. رهيو سوال سياري جو، سو انهن ڏينهن ۾ اتر جي ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي سرد موسم کان ڀڄڻ لاءِ ايشيا جي ملڪن جو رخ رکن ٿا جتي موسم وڻندڙ آهي. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي مينهوڳيءَ جي مند آهي ۽ جنهن وقت آسمان تي ڪڪر ڇانئيل آهن يا هلڪي هلڪي بوند پئي پوي ته ملائيشيا جهڙو ڪشمير ٿيو پوي پر اها هلڪي ڦلڪي بوندا باندي جڏهن وسڪاري ۾ تبديل ٿي ٿئي ۽ اهو وسڪارو ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن ٿو هلي ته ڌارئين آيل ٽوئرسٽ جي زندگي عذاب ٿيو پوي ۽ هو سڄو ڏينهن هوٽل ۾ ويٺو اوٻاسيون کائي. يا وري جڏهن آسمان ڪڪرن کان خالي ٿو ٿئي ته اس جي سخت تپش کان ناروي يا ڊئنمارڪ کان آيل مسافر جون وايون بتال ٿيو وڃن. اهي ته ٺهيو پر اسان جهڙن ايشيا جي رهاڪن جي به حالت خراب ٿيو پوي ڇو جو ملائيشيا خط استوا جي ويجهو ملڪ آهي جتي ٻارهوئي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ آفريڪا جهڙي گرمي ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رکي رکي مينهن پوڻ ڪري فرحت اچيو وڃي نه ته هي توهان جا شهر پاڪستان جا سبي ۽ جيڪب آباد آهن. گهمڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهن هلڪو ٿڌڪار هجي ۽ پوءِ پيرين پيادو هلڻ ۾ به مزو پيو اچي.“
”پر اسانجي پاڙيسري ملڪ ٿائلنڊ ۾ ته تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا جيتوڻيڪ ان جي موسم به اسان جهڙي آهي.“ منهنجي ملئي دوست چيو.
”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ مون جواب ڏنومانس، ”اڄ ڪلهه جا نالي ڪٺيا ’سياح‘ مختلف ملڪن ۾ وڃي اتي جي ثقافت، مذهب ۽ رسم و رواج تي تحقيق ڪرڻ ڪونه ٿا وڃن. انهن ڳالهين متعلق لائبرريون ڪتابن سان ڀريون پيون آهن ۽ نه وري اڄ جا سياح خرچ ڪري ڌارين ملڪن ۾ اتي جون تاريخي جايون ڏسڻ ٿا وڃن. هو پنهنجي گهر، پنهنجي محلي ۽ پنهنجي شهر جي ڄاتل سڃاتل نظرن کان پري نڪري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ شراب خوري، جوا ۽ رنڊي بازيءَ جهڙيون برائيون ڪرڻ چاهين ٿا جن جي سندن ملڪ ۾ بندش آهي يا معيوب سمجهيون وڃن ٿيون. ظاهر آهي ته ٿائلنڊ جهڙا ملڪ ايندڙ سياحن لاءِ اهي شيون مهيا ڪن ٿا. بلڪ انهن ملڪن جون حڪومتون به ان ڳالهه جي همت افزائي ڪن ٿيون جيئن هنن جي ملڪ ۾ سياحت جو ڪاروبار وڌي ۽ ناڻي جي ريل پيل ٿئي ۽ هتي ملائيشيا ۾ سج لٿي کانپوءِ رڳو ڪنهن ڇوڪريءَ سان پبلڪ پارڪ جي بينچ تي وهڻ سان ’خلوت‘ جو ڪيس ٿو ٿئي.“ مون کلندي ملئي دوست کي ٻڌايو.
”اهڙي صورت ۾ ڪهڙو نڀاڳو ٽوئرسٽ اسان جي ملڪ جو رخ اختيار ڪندو.“ منهنجي ملئي دوست چيو.
”ٻين کي ڏوهه ڇو ڏجي، توهان پنهنجي ئي ماڻهن کي ڏسو. توهان جون اتراهيون رياستون ڪداح ۽ پيرلس ڏکڻ ٿائلنڊ جي سونگڪلا ۽ پٽاني صوبن سان ائين مليل آهن جيئن لاهور ۽ امرتسر. ملڪ کڻي مختلف آهن پر ماڻهو ساڳيا، موسم ساڳي، ساڳيا سامونڊي ڪنارا ۽ ساڳيا ٻيلا جنگلات، ويندي کاڌا ۽ زبان ساڳي ته به توهان جا ملئي مسلمان سمنڊ ڏسڻ يا ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا وٺڻ جي بهاني ٿائلينڊ پهچيو وڃن ٿا ۽ پوءِ اتي جي Beaches ۽ بوٽن جي دڪانن تي وڃڻ بدران انهن بازارين ۾ نظر ايندا جتي چڪلا ۽ مساج گهر آهن.“
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان کي به شراب، نشي، جوا ۽ فحاشي جهڙين ڳالهين تي پابندي لڳائڻ نه کپي.“ منهنجي ملئي دوست سوال ڪيو.
”آئون پابندي لڳائڻ يا نه لڳائڻ جي ڳالهه نٿو ڪريان“ مون جواب ڏنومانس، ”آئون تنهنجي سوال جو جواب ٿو ڏيان ته اڄڪلهه سياح (Tourists) گهڻي ڀاڱي سياهه ڪارين لاءِ ئي ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياحت هڪ وڏي انڊسٽري آهي پر اهڙي سياحت مان ملڪ ۾ دولت ته اچيو وڃي ٿي پر قوم جو اخلاقي معيار ۽ ڪردار ڪريو پوي ۽ ان جا نتيجا توهان ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ ڏسي رهيا آهيو. غلط ڪمن ذريعي پئسو ڪمائڻ سٺي ڳالهه هجي ها ته سنگاپور ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۾ کلي عام شراب نوشي، جوا، فحاشي جهڙين شين تي پابندي نه وجهي ها. هو دنيا ۾ مسٽر ڪلين (Mr. Clean) رهڻ چاهي ٿو. صفائيءَ ۾ به ته اخلاق ۾ به.“
”پر سنگاپور ۾ ته تمام گهڻا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا.“ منهنجي ملئي دوست منهنجو ڌيان ان حقيقت ڏي ڇڪايو.
”هائو. بلڪل صحيح ٿو چوين،“ مون وراڻيومانس، ”ان ڪري جو اتي امن امان آهي، تعليم جو معيار بلند آهي، اسپتالن ۾ اعليٰ قسم جو علاج ٿئي ٿو، چوري چڪاري ناهي، قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، بين الاقوامي زبان (انگريزي) هر ڪو سمجهي ٿو، امانت ۾ خيانت نه حڪومت ڪري ٿي نه سرڪاري عملدار، ڌنڌي واپار ۾ ايمانداريءَ جا اصول هلن ٿا، هر ڪم توهان جو پڪ سان ۽ جلد ٿئي ٿو، سرڪاري بئنڪون هجن توڙي خانگي دڪان ڪوبه توهان سان ڏيتي ليتيءَ ۾ ٺڳي دولاب نٿو ڪري ۽ ملڪ ۾ هر شيءَ Merit تي قبول ڪئي وڃي ٿي. يورپ ۽ آمريڪا ته ڇا اوسي پاسي جي ايشيائي ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ پئسو لڳائڻ بدران هتي سنگاپور ۾ لڳائين ٿا، بئنڪن ۾ رکن ٿا، هوٽلون ۽ فلئٽ خريد ڪن ٿا. هنن کي خبر آهي ته سندن ٻار سنگاپور ۾ سلامت رهندا. کين خبر آهي ته سندن ٻار سنگاپور ۾ نه فقط بهترين تعليم حاصل ڪري سگهندا پر ڊسپلين ۾ پڻ رهندا. سنگاپور ۾ بيمار جو صحيح علاج ٿئي ٿو. ڪو ڊاڪٽر مريض کي غلط راهه نٿو ڏيکاري. ڪو دوائن وارو مدي خارج دوائون نٿو ڏئي. هتي جي بئنڪن ۾ ڌاڙا نٿا لڳن. هتي جي رستن تي هڪ ٻار لکها ڊالر کڻي هلي سگهي ٿو. هتي جي ڪسٽم آفيسر ۽ پوليس آفيسر کان وٺي ملڪ جو وزير رشوت نٿو وٺي سگهي. سنگاپور ۾ ٻارن ۽ وڏن لاءِ، عورتن ۽ پوڙهن لاءِ ڪيتريون ئي صحتمند وندرون ۽ تفريح گاهه آهن. نتيجي ۾ هر ڌاريو ماڻهو هتي اچي خوش ٿو گذاري.“
***