هنن هٿن ۾ ٻهارا
بهرحال پهرين ڏينهن نه واڪ لاءِ نڪتس نه بس يا ٽئڪسي ڪري شهر ڏي ويس. هن هوٽل جي چوڌاري ۽ ڀر ۾ ٺهيل ڪامپليڪس ۾ ئي شهر لڳو پيو هو. هر قسم جا دڪان، سپر مارڪيٽون، هوٽلون ۽ بيڪري شاپ هئا. دڪانن ۾ گهڻا اليڪٽرانڪ جا دڪان هئا. سي ڊي پليئر، ٽي ويون ۽ خاص ڪري موبائيل فون. نوڪيا نالي ڪمپنيءَ جا فون ڏاڍا پئي وڪيا. ٻارهن سال کن اڳ ملائيشيا ڇڏڻ وقت موبائيل فون وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي پر ان کي چارج رکڻ جو مسئلو هو جو هر وقت ڪار جي بيٽريءَ سان Connect ڪري رکيو ويو ٿي. بلڪ ان فون کي ڪار فون سڏيو ويو ٿي. مونکي ياد آهي ملاڪا رياست ۾ اهڙو پهريون فون ملاڪا جي گورنر ورتو هو ۽ وڏي فخر سان ان جو نمبر ڏيندو هو ۽ پوءِ سال اڌ بعد جلدي ئي هٿ ۾ کڻي هلڻ جو فون اچي ويو جنهن کي هن پاسي اڃان به هئنڊ فون ئي سڏين ٿا. پر شروع وارو اهو موبائيل (هئنڊ) فون ڪافي وڏو ۽ ڳرو هوندو هو ۽ اهو به پهرين گورنر کي ڏٺوسين. شام جي وقت گولف کيڏڻ ايندو هو ته سندس نوڪر ڳچيءَ ۾ پاڻيءَ جو ٿرماس ۽ هٿ ۾ هي فون کڻي سندس پٺيان هلندو هو.
هڪ ٻه ڪپڙي جي دڪانن ۾ گهڙيس ۽ ريڊيميڊ قميصون ڏٺم. ملائيشيا ۾ دنيا جي ڪيترين ئي ڪمپنين جي قميصن جون فئڪٽريون آهن. انهن ملڪن کان ڪپڙو ۽ ڊزائين اچي ٿي ۽ هتي جي فري ايڪسپورٽ زون ۾ موجود ڪارخانن ۾ قميصون ٺهي انهن ملڪن ڏي راونيون ٿين ٿيون ۽ انهن مان ڪجهه هتي جي دڪانن ۾ به وڪامن ٿيون. اِهڙي طرح مختلف ڪمپنين سوني، سانيو، نئشنل، فلپ، سنگر وغيره جا ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر، ٽي ويون ۽ ٻيون شيون هتي ٺهي واپس جپان يا ٻين ملڪن ۾ وڪري لاءِ وڃن ٿيون. ڪپڙي جي دڪانن ڀرسان بوٽن جا به دڪان هئا. هڪ ٻه شيون وٺڻ تي دل ڏاڍو چئي رهي هئي پر پاڻ کي خبردار ڪري ان ڳالهه تان لهي ويس. ”هن وقت خريداري ڪرڻ پاڻ لاءِ مصيبت پئدا ڪرڻ آهي. پنهنجو پاڻ ڍوئڻ لاءِ بار وڌائڻ آهي ڇو جو ملائيشيا ۾ اڃان خبر ناهي ڪيترا ڏينهن رهڻو پوي ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن شهرن م وڃڻو پوي. ڪٿي ڪٿي هي بار ڍوئيندو رهندس.“ پنهنجي ننڍڙي ڪاپيءَ ۾ هنن دڪانن جا نالا لکي ڇڏيم ته آخري ٻن ڏينهن ۾ اهڙي شيءِ ڪنهن ٻئي هنڌ نه ملي ته بس ۾ چڙهي هن دڪان مان اهي جوتا ۽ قميصون وٺي ويندس.“
دڪانن ۾ ۽ دڪانن کان ٻاهر ملندڙ ماڻهن: چيني، ملئي، انڊين، ننڍن وڏن، ڇوڪرين، مردن، عورتن سان به ڳالهائيندو رهيس. ڄڻ ڌارئين ملڪ کان ڳوٺ پهتو هجان ۽ پنهنجي مادري زبان سنڌي ڳالهائي مزو اچي رهيو هجي. هي ملڪ کڻي منهنجو ناهي، هڪ ڏورانهيون ۽ ڌاريون ملڪ آهي پر هن ۾ ايڏو وڏو عرصو رهي ويو آهيان جو ڄڻ پنهنجي ڳوٺ وانگر ٿو لڳي ۽ ملئي زبان کان واقفيت هجڻ ڪري ڪابه اوپرائپ محسوس نٿي ٿئي. دڪاندار ۽ خريدار جيڪا زبان (ملئي) ڳالهائي رهيا آهن، اها آئون به سمجهي رهيو آهيان. ڪراچي ڇڏڻ وقت مونکي ائين پئي لڳو ڄڻ هاڻ آئون ملئي زبان ڳالهائي نه سگهندس. ظاهر آهي زبان جيڪا يڪا ٻارهن سال نه ڳالهائي هجيم ڪيئن ٿي ياد اچي. پر ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ پهچڻ سان ٻين کي ڳالهائيندي ٻڌي آئون به شروع ٿي ويس ۽ مونکي تعجب لڳو ته ڪيئن نه ڏکيا ڏکيا لفظ به ايندا ويا. اهو مون لاءِ هڪ نئون تجربو هو. جيتوڻيڪ مون اهو ئي پئي سوچيم ته هاڻ ملئي زبان ۾ ڳالهائڻ بدران انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائيندس. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ نوجوانن کي هڪ دفعو آئون وري ساڳي نصيحت ڪندس ته جيتريقدر ٿي سگهي مقامي زبان سکجي ۽ جيترو جلد ۽ گهڻو سکندئو اوترو توهانکي ان ملڪ ۾ رهڻ ۾ آساني رهندي ۽ ان ملڪ جو ڪلچر، گانا، راڳ، چرچا ڀوڳ Enjoy ڪري سگهندائو.
هوٽل جي بيڪري شاپ مان ڪجهه بسڪيٽ وٺي رهيو هوس ته ڀر ۾ ٻه ڇوڪريون ڪجهه خريداري لاءِ اچي بيٺيون. ويهن سالن کن جون ٿينديون ٻئي ملئي ڳالهائي رهيون هيون ۽ شڪل مان به ملئي لڳيون ٿي پر سندن چهرو Typical ملئي نه هو. هڪ جو گول ۽ لسو منهن هو ۽ رنگ بيحد اڇو هو. سندس مٿو اڇي رومال (حجاب) سان ڍڪيل هو. جنهن رومال کي ملئي زبان ۾ تودونگ سڏجي ٿو جيئن ايران ۾ روسري. بهرحال ڪنهن کي ان قسم جو حجاب ٻڌل آهي ته پوءِ اها سؤ فيصد مسلمان ئي ٿي. هونءَ شروع وارن سالن ۾ يعني ستر واري ڏهي ۾ جڏهن آئون جهاز تي هوس ته ملائيشيا جي نوجوان ڇوڪرين ۾ مٿو ڍڪڻ ايترو عام نه هو. اڪثر پوڙهين مائين ۽ ڳوٺاڻين عورتن جا مٿا ڍڪيل هوندا هئا سي به ڪنهن عام ۽ سادي پوتڙي سان. پوءِ اسيءَ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيتريون ئي ملئي ڇوڪريون پنهنجو مٿو خوبصورت رومالن سان ڍڪڻ لڳيون خاص ڪري ملائيشيا جي اوڀر واري ڪناري جي رياستن ڪيلنتان ۽ ترنگانو جون، جتي مذهبي تحريڪ ”الارقم“ ۽ سياسي مذهبي پارٽي “PAS” جو تمام گهڻو زور آهي. 1991 ڌاري ملائيشيا ڇڏڻ وقت مونکي گمان هو ته جنهن رفتار سان ملائيشيا ماڊرن ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جا ٽي وي چئنل ۽ انٽرنيٽ سسٽم ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي تنهن سان هتي جا ماڻهو مذهب کان پري ٿي ويندا. پر ٻارهن سالن بعد هتي پهچي مونکي محسوس ٿيو ته اهو منهنجو خيال غلط هو. ماڊرن ٿيڻ سان گڏ هتي جا ماڻهو مذهبي به ٿي پيا آهن. يعني خرابين جي عام جام هجڻ جي باوجود ڪيترا پنهنجو پانڌ بچايو ويٺا آهن- شايد هنن ماڻهن ۽ ماحول لاءِ شاهه لطيف چيو هجي.
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾.
اُڀا ائين چون متان پاند پسائين.
هوٽل جي ڀر واري مسجد ۾ مغرب جي نماز پڙهڻ بعد ان مسجد جي نوجوان ۽ پڙهيل ڳڙهيل پيش امام سان جڏهن ان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪيم ته هن ڏاڍو سٺو لاجڪ پيش ڪيو. ”تئان (سائين) ڏسڙ“ هن چيو، ”اها حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه نه رڳو دنيا جون خرابيون اسان جي سامهون آهن پر انهن ۾ ڪشش به وڌي ويئي آهي. جيئن اڄ ڪلهه بيماريون ۽ انهن کي پئدا ڪندڙ جراثيم وڌي ويا آهن. اهڙيون اهڙيون بيماريون ۽ جراثيم جن بابت اڄ کان فقط هڪ سؤ سال اڳ جي انسانن ٻڌو به نه هو. پر پوءِ انهن بيمارين جا علاج ڪرڻ وارا ڊاڪٽر ۽ سرجن به ته اعليٰ درجي جا ٿي ويا آهن. دوائون به ته اهڙيون ئي ايجاد ٿي ويون آهن. اهڙي طرح جتي معاشري ۾ برايون ۽ بڇڙايون وڌي ويون آهن اتي انهن جي خطري جو چتاءُ ڏيڻ وارا عالم ۽ نيڪ ماڻهو، مذهب ڏي لاڙو ڏيارڻ وارا مولوي ۽ تعليم يافته به ان پئماني جا پئدا ٿي پيا آهن جن کي اڄ به سمجهدار ماڻهو فالو ڪن ٿا.“
هن پيش امام جي ڳالهه ۾ وزن مونکي هيڪاندو تڏهن محسوس ٿيو جڏهن ايندڙ ڏينهن ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ مختلف ماڻهن سان مليس. دوستن ۽ واقفڪارن جي گهرن ۾ رهي انهن جي ٻارن کي ڏٺم، جتي راندين (Video Games) ۽ مغربي فلمن جا ڪئسٽ ۽ سي ڊي نظر آيا اتي ڪيترن گهرن ۾ دنيا جي عالمن ۽ مولين جي تقريرن ۽ واعظن جا پڻ ڪتاب، ڪئسٽ ۽ سي ڊي نظر آيا ۽ اڌ کان وڌيڪ يونيورسٽين ۽ پروفيشنل ڪاليجن جي ملئي (مسلمان) ڇوڪرين کي تودونگ (حجاب) سان مٿو ڍڪي فخر سان هلندو ڏٺم.
بهرحال ان رات هوٽل جي بيڪري شاپ ۾ هڪ جو مٿو ڍڪيل هو ٻيءَ کي جينز جي جئڪيٽ ۽ ٽائيٽ پينٽ هئي ۽ مٿو اگهاڙو هو. سندس منهن جا نقش چينين ۽ جپانين وانگر Unreadable هجڻ بدران ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر Sharp هئا جيتوڻيڪ نڪ عام ملئي عورتن وانگر پڪوڙي جهڙو هوس. رنگ ملئين کان ٿورو صاف اسان جهڙو هوس. مون کين غور سان ڏٺو ته کلڻ لڳيون.
”اورانگ ملايو؟“ مون پڇيو مان. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن کي چئجي ته سنڌي ماڻهو آهيو؟ دراصل ملئي لفظ Orang اهڙو آهي جنهن جي معنيٰ انسان، آدمي، شخص، لوگ Human Being, Man...... سڀ کان بهتر ۽ ويجهيو سنڌي لفظ ماڻهو آهي. ۽ ملايو معنيٰ ملئي. ”نگري ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهن جو ملڪ، ”بهاسا ملايو“ معنيٰ ملائي زبان - اهڙي طرح ”اورانگ ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهو. ملائيشيا جي ريل گاڏيءَ جو يا ريلوي ڊپارٽمنٽ جو نالو (Keretaapi Tanah Melayu) KTM آهي معنيٰ ملايا جي ڌرتيءَ جي آگ گاڏي (يعني ريل گاڏي.)
Yah! Tetapi ibu saya cina (جي ها! پر منهنجي ماءُ چينياڻي آهي) اڇي رنگ واري ڇوڪريءَ جواب ڏنو ۽ ان سان گڏ مونکان پڇيو ته آءٌ ڪير آهيان. منهنجي اهو ٻڌائڻ تي ته آئون پاڪستاني آهيان. جينز واري ڇوڪريءَ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته آئون پڻ پاڪستاني آهيان.
“Can you speak urdu?” مون کانئس انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”نه،“ هن انگريزيءَ ۾ ئي جواب ڏنو، ”منهنجو ڏاڏو پنجابي هو. منهنجي ڏاڏي ٻڌائي ٿي ته هو ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ويو ته وري نه موٽيو.“
بهرحال ملائيشيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملئي ملندا جيڪي توهان کي ٻڌائيندا ته هنن جو پيءُ يا ڏاڏو پنجاب جو هو. اهو ضرور مسلمان پنجابي هوندو پر ضروري ناهي ته ڪو لاهور پنڊيءَ جو هجي. امرتسر، جالندهر جو به ٿي سگهي ٿو ڇو جو ان وقت گڏيل هندستان هو ۽ اڄ جو هندستان وارو پنجاب ۽ اسان وارو پنجاب هڪ ئي صوبو هو. ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) تي اڃان انگريزن جي حڪومت هئي ته 1947 ۾ پاڪستان ٿيو ۽ پنجاب صوبي جي اڌو اڌ، لڏڻ پلاڻ ۽ سخت خونريزيءَ جون خبرون جڏهن ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ پاسي انگريزن جي فوج ۾ ڪم ڪندڙ پنجابي فوجين ٻڌيون ته ظاهر آهي هو گهر ٻار (جن مقامي ملئي زالن سان شاديون ڪيون هيون) تن کي ڇڏي پنهنجي وطن ۾ پنهنجن مائٽن مٽن جي خبر چار لهڻ لاءِ روانا ٿي ويا ۽ پوءِ ڪي سفر دروان جهاز ٻڏڻ ڪري مري ويا- ڪي پهچڻ بعد لڏپلاڻ ۾ هلندڙ ڪوس جو شڪار ٿي ويا ته ڪي غريب ايترو ڀاڙو ۽ سگهه نه ساري سگهيا جو ملايا جهڙي ڏورانهين ڏيهه ڏي موٽن. نتيجي ۾ سندن ملايا (ملائيشيا) ۾ ڇڏيل اولاد دربدر ٿي ويو. هينئر گذريل ويهه پنجويهه سالن کان ملائيشيا ۾ خوشحالي اچي وئي آهي ۽ هرڪو روزگار کي لڳل آهي. نه ته ٻي وڏي لڙائي وارن ڏينهن ۾ توڙي ان کان پوءِ چوٿو صدي کن هتي پڻ غربت عام هئي. مونکي ياد آهي ته ويندي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ به ڪيتريون اهڙيون ملئي فئمليون جن جا وڏا پنجاب وڃي نه موٽيا، هنن پنهنجي مسڪيني ۽ مصيبتن واري زندگيءَ جو جوابدار انهن مردن کي قرار ڏنو ٿي. گهڻي ڀاڱي ملئي عورتون ڳوٺن جون ۽ اڻ پڙهيل هجڻ ڪري هنن کي اها به ڄاڻ نه پئجي سگهي ته سندن پنجابي مڙسن سان وطن (پنجاب) پهچڻ تي ڪهڙا رڻ ۽ راڱا ٿيا ۽ سڀيئي ڪري بي وفا به نه هئا. ۽ جيڪي پنجابي مڙس پنهنجي وطن نه وڃي سگهيا هتي ملائيشيا ۾ ئي رهجي ويا اڄ تائين پنهنجن ٻارن سان زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهن جو تعداد به ايترو وڏو آهي جو ملائيشيا جي شهرن ۾ ته ڇا پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ به پنجابي مسلمان ۽ سک نظر ايندا ۽ انهن مان ڪيترا ته هارپو ۽ پورهيو ڪري غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻ مڙيئي سندن اولاد ۽ انهن جو اولاد پڙهي لکي شهرن ۾ ۽ وڏين نوڪرين ۾ اچي ويا آهن.
هتي هڪ ٻي ڳالهه به لکڻ بي محل نه ٿيندي ته ملائيشيا ۾ سکن کي به گهڻا پنجابي ئي سڏين ٿا جو ظاهر آهي هو به پنجابي ڳالهاين ٿا. هاڻ مڙيئي بنگاليءَ مان مطلب بنگالي سمجهيو وڃي ٿو نه ته هن ڌرتيءَ تي صدين کان بنگاليءَ جو مطلب ڌاريون سمجهيو ويو ٿي. ويندي چوڏهين صديءَ ۾ پورچوگالي آيا ته انهن کي به هتي جا ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا. اها ٻي ڳالهه آهي ته کين سفيد بنگالي سڏيندا هئا. بهرحال ملئي زبان ۾ بنگالي جي معنيٰ سمجهو ته Foreigner ٿي وئي آهي. اڄ به هتي جا ڪيترا پوڙها ۽ پوڙهيون اسان ڌارين کي بنگالي سڏين ٿا.
هتي هيءَ ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، بلڪ ملائيشيا ۾ دلچسپي رکندڙ منهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکڻ چاهيان ٿو ته اهي ننڍي کنڊ جا مسلمان (گهڻي ڀاڱي پنجابي ۽ ڪجهه پٺاڻ) جيڪي انگريزن جي فوج ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي هئا ۽ ملئي مسلمان عورتن سان شادي ڪرڻ ۽ ٻار ڄمڻ بعد ٻي وڏي لڙائيءَ دوران ۽ لڙائي بعد، گهر ٻار ڇڏي ويا ته وري انهن جي خبر نه پئي. انهن مان سڀ ننڍي کنڊ ڏي به نه موٽيا يعني انڊين پنجاب يا نئين ملڪ پاڪستان جي پنجاب ۾ به نه آيا پر اتي ئي ملائيشيا جي جنگلن ۾ رهي جپانين سان ۽ بعد ۾ انهن مان ڪجهه انگريزن سان گوريلا جنگ ڪندا رهيا. اها گوريلا جنگ به سالن جا سال هلندي رهي جنهن ۾ ڪيترا مارجي ويا ۽ ٻيا جڏهن سالن بعد گهر پهتا ته سندن ملئي زالون کين مارجي ويل سمجهي اهو ڳوٺ ڇڏي ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا رياست ڏي وڃي ڪنهن مائٽ مٽ ڏي رهيون يا ڪيترين (بلڪ تمام گهڻين) ته ڪجهه سال انتظار بعد ٻيا مڙس به وڃي ڪيا.
درحقيقت ملائيشيا کي انگريزن طرفان آزادي اسان وانگر هڪ ئي ساهيءَ ۾ نه ملي. اسانجي ننڍي کنڊ جا فوجي انگريزن جي فوج ۾ رهي انگريزن جي وفاداري سان خذمت ڪندا رهيا. هنن ملڪ جي آزادي به چاهي ٿي جنهن لاءِ انگريز في الحال آسرا (بلڪ ڏٽا) ڏيندا رهيا. اِن دوران جپان جو سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو ٿي ويو جيڪو چار سال کن رهيو جيسين هيروشيما تي بم ڪريو. ان قبضي (Occupation) دوران ڪيترا اسانجا فوجي مقامي چينين سان گڏ هتي جي گهاٽن جنگلن ۾ رهي جپانين کي چڻا چٻائيندا رهيا. پر ڪجهه وري جپانين جي پاسي به ٿي ويا هئا جو هنن کي اميد هئي ته جپاني پنهنجي قول مطابق ننڍي کنڊ کي انگريزن کان آزادي وٺي ڏيندا. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد جپاني ڪمزور ٿي ويا ۽ کين Surrender ڪرڻو پيو ۽ وري انگريز ٺهي ٺڪي ملايا ۽ سنگاپور تي حڪومت ڪرڻ لڳا. ان ڪري اسان جا فوجي هاڻ جنگلن ۾ رهي انگريزن خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ لڳا ۽ انهن آزاديءَ جي مجاهدن (چيني، ملئي توڙي ننڍ کنڊ جي هندن، مسلمانن، سکن، پٺاڻن ۽ گورکن وغيره) کي ملايا جي ان وقت جي انگريز حڪومت باغي (گوريلا) سمجهي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. وري انهن باغين ۾ به وقت بوقت پاڻ ۾ اختلاف ٿيندو رهيو. مسلمان ملئي ۽ پنجابي اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته چيني اسان سان وفادار نه آهن... وغيره وغيره يعني وڏو عرصو معاملو گڊمڊ رهيو. ان بعد اسانجي ننڍي کنڊ جا ڪي ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اچي عام شهريءَ جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا ته ڪي ٿائلنڊ، ڪمبوڊيا ۽ برما ۾ وڃي رهي پيا. اتي جي عورتن سان شاديون ڪيائون، اتي جي زبان سکيا ۽ زندگيءَ جو باقي حصو انهن ڏينهن (بلڪ سالن) جي ٽينشن پنهنجي دماغ مان ڪڍڻ ڪارڻ الڪوحلڪ به ٿي پيا، نفسياتي مريض ٿي پيا يا بيحد مذهبي ٿي مسجدون مندر به وڃي وسايائون. ڪن سگهو ئي پنهنجي وطن پنجاب موٽي اچي نارمل زندگي گذاري. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ اسان جي ديس جا اهڙا ڪيترائي فوجي هتي (ملائيشيا) ڪمپونگن (ڳوٺن) ۾ توڙي پنجاب جي ڳوٺن ۾ مليا ٿي.
هن ڀيري هتي ملائيشيا ۾ ڪنهن سان ملاقات نه ٿي سگهي. ظاهر آهي ان کي عرصو به وڏو ٿي ويو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ جو فوجي ان وقت جيڪڏهن ٽيهن پنجٽيهن سالن جو به هو ته هينئر جيڪڏهن جيئرو به هوندو ته سندس ڄمار اسي سالن کان مٿي هوندي. 15 سال کن اڳ جنهن اهڙي آخري فوجيءَ سان مليو هوس اهو گوريلا ڪمانڊر صالح نيازي هو. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي سندس مختصر ڪهاڻي لکڻ بي محل نه ٿيندي.
صالح محمد نيازي ضلع ميانوالي جي ڳوٺ دائود خيل ۾ پئدا ٿيو ۽ اتي ئي ننڍو ٿي جوان ٿيو. صالح جڏهن وڏو ٿيو ته سندس ضلع ميانواليءَ جي حالت خراب هئي. ملڪ ۾ ڏڪار جي حالت هئي. ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هو. سخت غربت جو عالم هو. ڪا نوڪري نه ملڻ ڪري صالح نيازيءَ مجبور ٿي انگريزن جي نوڪري شروع ڪئي. اهو 1935 جو سال هو. هن کي فوج ۾ رکيو ويو ۽ سپاهيءَ مان ترقي ڪندو ڪندو ڪوارٽر ماسٽر ۽ حوالدار جي عهدي تي وڃي پهتو. هن انگريزن جي نوڪري ضرور ڪئي ٿي پر هن انگريزن کي صحيح نٿي سمجهيو. 1939 کان ٻي وڏي لڙائيءَ جا اثر شروع ٿي ويا ۽ جپاني فوجي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) کي ڀيليندا برما جي گادي واري شهر رنگون تائين وڃي پهتا هئا. هاڻ اڳيان ننڍو کنڊ (اڄ جو بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان) هون.
ملايا تي جپانين جي حملي وقت صالح محمد نيازي پنهنجي برگيڊ سان گڏ ملايا جي محاذ تي هو. سندس ريجمينٽ جي ڪئپٽن موهن سنگهه کي به انگريزن لاءِ سخت نفرت هئي ۽ هي ٻئي فوج جي جوانن کي به ڀڙڪائيندا رهيا. 15 فيبروري 1942 تي سنگاپور ۾ هلندڙ لڙائيءَ دوران ڪئپٽن موهن سنگهه ۽ خوشاب شهر جو ليفٽننٽ فتح خان برطانيا جي جهنڊي هيٺ جپانين جي فوج ۾ وڃي مليا ۽ ان سان گڏ هنن جي سڄي فوج جپانين اڳيان Surrender ڪيو ۽ ان وقت ”آزاد هند فوج“ جو بنياد رکيو. جپانين به سندن مدد ڪئي. ڪلڪتي جي امير خاندان جي فرد سوڀاش چندر ڀوش جيڪو انگريزن جي سخت خلاف هو ان جي چاچي راس بهاري بوش جپان ۾ انڊين انڊپينڊنٽ ليگ ٺاهي رکي هئي جيڪو اندروني طرف هنن ملايا وارن فوجين (صالح نيازي وارن) جي ڳجهي مدد ڪري رهيو هو. هنن چاهيو ٿي ته ڪنهن طرح انگريزن کي ايشيا مان ڀڄائي ننڍي کنڊ کي آزاد ڪجي. 16 آگسٽ 1945 تي هيروشيما تي بم ڪرڻ بعد جپانين يڪدم هار مڃي ۽ هو پنهنجي ملڪ ڀڄڻ لڳا ۽ هيڏانهن هي صالح نيازي وارا، ننڍي کنڊ جا فوجي، ملايا جي جنگلن ۾ لڪي ويا. انگريزن واپس ملايا جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪيون پر هي صالح نيازي وارا ڪي سال جنگلن ۾ رهي انگريزن جي چونڪين تي حملا ڪندا رهيا ۽ ويندي هڪ رياست ڪيڊاح تي قبضو به ڪري ورتو. پر ٻن مهينن بعد وري انگريزن جي فتحيابي ٿي وئي ۽ صالح نيازي وارن کي واپس جنگلن ۾ موٽڻو پيو. ان دوران صالح نيازي ۽ ٻين کي انگريز حڪومت سوگهو ڪري ورتو ۽ کين هندستان موڪلي ڏنو. هو ڪلڪتي ۾ ڪجهه عرصو جيل ڪاٽڻ بعد پنهنجي ڳوٺ پنجاب موڪليا ويا جتان پوءِ صالح واپس ملائيشيا وري نه اچي سگهيو. بهرحال صالح نيازي صاحب جيڪو گوريلا ڪمانڊر هو. هن وقت جيڪڏهن جيئرو به هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ 95 سالن جو هوندو.
بيڪري شاپ جتي مٿي بيان ڪيل ٻه ڇوڪريون مليون، مان نڪري KFC (ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن) جي دڪان ڏي رخ رکيم. ڪجهه کائي پوءِ هوٽل ڏي واپس ورڻ ٿي چاهيم. چوڌاري دڪانن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي کائڻ پيئڻ جون هوٽل هيون پر سروس واريون هجڻ ڪري يعني بئرن آرڊر وٺي مهمانن کي Serve ٿي ڪيو، ان ڪري ڪي ايف سي ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيم جتي سيلف سروس هجڻ ڪري وقت سان گڏ پئسي جو به بچاءُ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ڪوالالمپور يورپ جي شهرن جي ٽڪر جو شهر ٿي ويو آهي پر منجهس اڄ به ڪيتريون شيون يورپي شهرن کان سستيون آهن. جهڙوڪ هوٽلن ۾ رهائش، کاڌو پيتو، لاري، ريل، ٽرين ۽ فيريءَ جي سواري وغيره وغيره ۽ ڪينٽڪي ۽ مئڪڊونالڊ هوٽلون يورپ، آمريڪا توڙي هتي ملائيشيا ۾ ٻين هوٽلن کان سستيون آهن جن بابت آئون ڪنهن هنڌ لکي چڪو آهيان ته انهن جا مالڪ ته جنت ۾ وڃڻ کپن جو يورپ ۽ آمريڪا توڙي جپان ۽ ڪوريا ۾ جتي کاڌي پيتي جون هوٽلون مهنگيون آهن اتي شاگردن ۽ اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ هي هوٽلون غنيمت آهن پر حيرت جي اها ڳالهه آهي جو هڪ اسانجو ملڪ پاڪستان ئي آهي، جتي ويجهڙائيءَ ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي هوٽلون کليون آهن، سڀ کان مهنگيون ڪيون ويون آهن. ان هوندي به ماڻهن جي رش آهي ۽ KFC ۽ مئڪڊونالڊ ۾ وڃڻ Status Symbol ٿي پيو آهي. ظاهر آهي ايڏي مهنگي قيمت رکڻ تي ڪو غريب شاگرد يا مسافر ته نه ايندو. وڏو آفيسر ۽ امير ئي ايندو. جيتوڻيڪ ويندي پاڙي واري ملڪ انڊيا ۾ به انهن هوٽلن جا اگهه گهٽ هجڻ ڪري غريب غربي جون هوٽلون سمجهيون وڃن ٿيون.
KFC ۾ گهڙيس. چوڌاري ڪيترائي شاگرد، وچولي ۽ هيٺين طبقي جون غريب چيني فئمليون ۽ نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺل هئا. ڪائونٽر تي ملئي ۽ انڊين (تامل) ڇوڪريون گراهڪن کي سندن ضرورت مطابق چڪن پيس وڪڻي رهيون هيون. منهنجي Tray جا ساڍا اٺ رنگٽ (ملئي ڊالر) ٿيا جنهن ۾ ٻه چڪن پيس، فرينچ فرائيز (Potato Chips)، ٻه ڊبل روٽيون، ڪجهه سلاد ۽ ملڪ شيڪ هو. مون ڪوڪا ڪولا بدران ملڪ شيڪ گهريو هو ان ڪري مونکان هڪ رنگٽ وڌيڪ ورتو ويو نه ته ساڍا ست رنگٽ قيمت هئي. يعني اسان جا 120 رپيا ٿيا ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ وڌ ۾ وڌ 70 يا 80 رپين ۾ هجڻ کپي جڏهن اسان وٽ ڊبل روٽي ۽ پٽاٽن کان وٺي ڪڪڙ جو ڪچو گوشت ته سستو آهي پر هوٽلن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو پگهار به گهٽ آهي. پر اسان وٽ ايتري ٽري جي قيمت 200 کان به مٿي آهي. ڪا چوڻ واري يا چڪاس ڪرڻ واري پهر نه آهي ته ايڏو Profit ڇو رکيو پيو وڃي.
KFC جي پاسي واري دروازي واري گهٽي جيڪا آخر ۾ ومپي آئس ڪريم واري دڪان تائين هلي وئي ٿي اتان لنگهندي هڪ ڇوڪر، جو پاڪستاني مهانڊي جو ٿي لڳو ۽ ٻه ملئي لباس ۾ ڇوڪريون هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل نظر آيون. هو هن شاپنگ سينٽر جون گهٽيون صاف ڪري ڪجهه دير فرحت وٺڻ لاءِ هن ڪنڊ ۾ اچي بيٺا هئا. صفائي وارا ٻهارا سندن هٿن ۾ هئا. ڇوڪرين جي نماڻين اکين ۽ سادي لباس مان سمجهي ويس ته هي ملئي ته ٿي نٿيون سگهن پڪ انڊونيشي هونديون، ملائيشيا پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ايڏو ترقي ڪري ويو آهي جو هڪ اڻ پڙهيل ملئي ڇوڪريءَ کي به بهترين قسم جي نوڪري مليو وڃي. هيٺين ليول جي پورهين ۽ ڪمن لاءِ ڀر واري ملڪ انڊونيشيا جون ڇوڪريون Employ ڪيون وڃن ٿيون. جنهن ملڪ جو حاڪم سهارتو ٽائيپ هوندو، جنهن ملڪ جا سياستدان رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا هوندا، جنهن ملڪ جا بيوروڪرئٽس ڪرپٽ هوندا اتي جي غريب عوام کي اهي هن ريت سورن ۾ وجهن ٿا. انڊونيشيا لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو واحد Oil Producing Country آهي جنهن جو عوام غريب آهي. ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر هڪ هيٺاهين درجي جي نيچ نوڪري ڪرڻ ڪيڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي پوءِ چاهي هي انڊونيشي ڇوڪريون ٻهارو کڻي ڪوالالمپور جون گهٽيون صاف ڪن يا اسانجون پاڪستاني عورتون ايمسٽرڊم ۽ ڪوپنهيگن ايئرپورٽ جا ڪاڪوس صاف ڪن. عراق ۽ فلسطين جا عرب اسٽاڪهوم ۾ هيلنڪسي جا پارڪ ٻهارين يا بنگلاديش ۽ سري لنڪا جون غريب ڇوڪريون هيسيل نگاهن سان ڪويتي ۽ سعودي امير ۽ عياش عربن جي گهرن ۾ آيائون ٿي ڪم ڪن. ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي! ڇا هتي انڊونيشيا جا حاڪم ۽ سياستدان نه ايندا هوندا، ڇا يورپ جي هوائي اڏن تي اسان جا وزير وزراءَ ۽ سياستدان پنهنجي ملڪ جي عورتن کي ڪاڪوس صاف ڪندي نه ڏسندا هوندا. وطن ڇڏڻ، سو به اهڙي هيٺين درجي جي پورهئي لاءِ، ڪا خوشيءَ جي ڳالهه ته ناهي. انسان مجبوري ئي تحت اهو قدم کڻي ٿو. بقول هڪ ايشين جي ”اسان ڌارين ملڪن ۾ جو هيئن ذليل پيا ٿيون ان ڪري جو پنهنجي ملڪ جي Resources اسانجي سياستدانن ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.“
”آپ پاڪستاني هين؟“ مون هنن ٻن انڊونيشي ڇوڪرين سان گڏ ڪم ڪندڙ اسان جهڙي ملڪ جي ڇوڪري کان پڇيو.
”هم بنگالي هي.“ هن اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڪٿي جو- ڪلڪتي جو يا بنگلاديش جو؟“ مون پڇيومانس.
”نواکليءَ جو.“ هن وراڻيو. يعني بنگلاديش جو آهي. نواکلي چٽگانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ شهر آهي.
”گهڻو پگهار ملنئي؟“
”اري ڀائي ڪوتا مليگا؟ اهو ئي ست سؤ، سو به اوور ٽائيم ملائي.“ هن وراڻيو.
”رهائش؟“ مون پڇيو.
”هڪ باريءَ (ڳوٺ) جو بوندو (ماڻهو) آهي. ان جي ڪمري ۾ سڀ ست اٺ ڄڻا پٽ تي سمهندا آهيون ۽ هو ان جا مهيني ۾ سٺ رنگٽ وٺندو آهي.“
”ڪيترا ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
”ڏهين بجي هي دڪان کلندا آهن. ان وقت کان رات جو ڏهين تائين. آچر به موڪل نه آهي.“ هن ٻڌايو.
”تنهنجي خيال ۾ اها ڏکي ۽ گهٽ پگهار واري نوڪري نه آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ڀائي ڇا ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ملڪ ۾ ته ٺلهي پيٽ تي به نوڪري نٿي ملي.“
”ماءُ پيءُ ڏي ڪيترو موڪلين؟“ مون پڇيومانس.
”ٽي سؤ رنگٽ موڪليندو آهيان.“ هن ٻڌايو.
”يعني ڇهه هزار ٽاڪا (بنگلاديشي رپيا) ٿيا.“ مون حساب لڳائي چيو.
”ها پر ان مان به ٻه هزار ٽڪا هر هر مهيني ان ايجنٽ کي قرض ۾ ڏيڻو آهي جنهن ويزا ۽ ٽڪيٽ تي خرچ ڪيو ۽ ٽن سالن تائين ڏيڻو آهي جيسين هتي آهيان.“ هن ٻڌايو.
”اڙدو ڪٿان سکئين؟ منهنجو مطلب آهي اها اڌ گابري ئي سگهي جيڪا تون مونسان ڳالهائين پيو؟“
”بس ائين هندي فلمون ڏسي.“ هن ٻڌايو.
”۽ هنن انڊونيشي صفائي ڪرڻ وارين ڇوڪرين سان ڪهڙي زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
”اهو ئي مسئلو آهي. آئون اڃان هاڻ آيو آهيان. مونکي ملئي اڃان نٿي اچي. مئٽرڪ پاس آهيان ۽ ٿوري انگريزي ڳالهايو وڃان. هي ڇوڪريون به پڙهيل آهن پر هنن اسڪول ۾ انگريزي بدران ڊچ پڙهي آ.“ هن ٻڌايو.
ملائيشيا ۾ اسان وانگر انگريزن جي حڪومت هئي ان ڪري اسان وانگر انگريزي هلي ٿي پر انڊونيشيا ۾ ڊچن جي حڪومت هئي ان ڪري انڊونيشيا پاسي ڊچ گهڻي هلي ٿي.
”بوليح انگڪت گمبارانڊا؟“ مون ڇوڪرين کان ملئي ۾ فوٽو ڪڍڻ لاءِ پڇيو.
”بوليح، بوليح.“ (ڀلي ڀلي) هنن وراڻيو ۽ مون ٽنهي کي گڏ بيهاري فوٽو ڪڍيو. اڄ به ان فوٽوءَ ۾ سندن ڪومايل چهرا ڏسي سوچيندو آهيان ته هنن هٿن ۾ ٻهارا ته نه هئڻ کپن ها. سندن پاڙي جي ملڪ سنگاپور ۾ ڪجهه نه هو ته به اتي جي ليڊر ”لي ڪئان يو“ ۽ ٻين سياستدانن سنگاپور کي الائي ڇا بنائي ڇڏيو ۽ هيڏانهن انڊونيشيا ۾ سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اتي جي ليڊر سهارتو ۽ سندس خاندان ۽ سياستدانن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي ۽ پاڻ ته ولايت ۾ بنگلا ۽ بئنڪ بئلنس ٺاهي اڄ به عياشيءَ جي زندگي پيا گذارين، پٺيان غريب عوام کي سورن ۾ وجهي ويا ۽ هر ماڻهو نوڪري ۽ نان لاءِ، دوا ۽ دلاسي لاءِ پريشان آهي. هيءَ ڳالهه جڏهن هنن انڊونيشي ڇوڪرين سان ڪيم ته هڪ ڏکويل لهجي ۾ چيو: ”۽ مصيبت اها آهي ته اهڙا ليڊر ۽ سياستدان ملڪ جي سگهو جان به نٿا ڇڏين. هو ڄر وانگر چهٽيا رهن ٿا. يا وري انهن جي اولاد ايندي رهي ٿي.“
هو پڪ پڙهيل ڳڙهيل هيون ان ڪري حالتن کان حساس به هيون. جيتوڻيڪ ڪيتريون ٻهاري ۽ صفائي ڪندڙ ڇوڪريون خاص ڪري اڻ پڙهيل ان ڏاهپ جي ڏنگ کان آزاد هجڻ ڪري خوش ۽ مست نظر آيون. کين ڪا پرواهه نه هئي. هڪ هنڌ ڏکڻ هندستان جون تامل ڇوڪريون مليون. هو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جا ڪاڪوس صاف ڪري رهيون هيون. هو ان ۾ ئي خوش هيون ته هو روزانو هوائي جهاز کي لهندي چڙهندي ڏسي رهيون آهن ۽ يونيفارم پائي ڪم ڪن ٿيون. هٿ ۾ ٻهارو ۽ صفائي جي سامان جو دٻو کڻي هوائي اڏي جي باٿ رومن کي صاف ڪرڻ بعد رکي رکي پنهنجي پاڻ کي لپ اسٽڪ ۽ روج هڻي ايئرپورٽ جي مختلف هنڌن تي لڳل آرسين يا هر چمڪندڙ شيءَ ۾ پنهنجي چهري جو عڪس ڏسي ٺري رهيون هيون. هنن پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ تامل فلمن جي هيروئن سري ديوي ۽ مڌوءَ کان گهٽ نٿي سمجهيو.
”توهان جو ماءُ پيءُ ڇا ڪري؟“ مون پڇيومان.
”اهي مدراس ۾ ڀنگي آهن.“
”ٻيا مائٽ؟“
”اهي به ڀنگي آهن.“ هنن وراڻيو.
ٺهيو. هي خوش آهن جو هي نه پڙهيل آهن ۽ نه ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن کان واقف. هنن کي هي ئي ڪم پنهنجي ملڪ ۾ به ڪرڻو هو سو ان کان بهتر هتي آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي هتي ولايت ۾ سمجهن ٿيون. مون سندن پڻ، تصوير ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا ڪڍي کانئن موڪل ورتي. هو پوز ٺاهي بيهڻ لڳيون.
***