الطاف شيخ ڪارنر

ملائيشيا 12 سال بعد

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2497
  • 715
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملائيشيا 12 سال بعد

پاڪستاني سفير ۽ اطهر ابڙو

ڪوالالمپور ۾ منهنجو پهريون اهم ڪم E.P.F آفيس ۾ هو جتي ملائيشيا ۾ ڪم ڪندڙن جو فنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ پيجابت KWSP سڏجي ٿو. پيجابت معنيٰ آفيس ۽ KWSP ”ڪمپولان وانگ سمپانان پِڪرجا“ جو شارٽ فارم آهي. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران، آخري سالن ۾ اسان جي پگهار جو هڪڙو حصو بچت خاطر هن آفيس ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو ٿي. منهنجي ٻين ساٿين جيڪي مون وانگر ڌارين ملڪن کان ملائيشيا آيا هئا، ملائيشيا ڇڏڻ وقت عقلمندي ڪئي ۽ پنهنجو پراويڊنٽ فنڊ هن آفيس مان ڪڍائي پاڻ سان کڻي ويا. آئون هٿين خالي هليو ويو هوس. ملائيشيا ۾ رٽائرمينٽ 55 سالن تي ٿئي ٿي ۽ هتي جي ماڻهن کي سندن فنڊ رٽائرڊ ٿيڻ تي ملي. آئون هن سال نه ته ٻي سال ملائيشيا وڃڻ جي چڪر ۾، ٻارهن سالن بعد جڏهن پهتس ته 58 سالن جو ٿي چڪو هوس.
هوٽل ڇڏڻ کان اڳ KWSP آفيس سان فون ذريعي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته خبر پيئي ته سڄي ملائيشيا جا پراڻا نمبر بدلجي چڪا آهن ۽ ڪوالالمپور شهر جا نمبر ستن انگن بدران اٺن انگن جا ٿي ويا آهن. ملائيشيا جي ٽيليڪام آفيس وارن مونکي نوان نمبر ڏنا ۽ فون ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته مٿين آفيس کي ڪيترا سال ٿيا جو اتان شفٽ ٿي وئي آهي. بهرحال اها ته سٺي ڳالهه ٿي جو پهرين واري هنڌ جالان گيسنگ کان هي نئون هنڌ جالان راجا لائوت وچ شهر ۾ هو جتي پهچڻ به سولو ته دڪان، هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر به ويجها هئا ۽ ان روڊ سان لڳو لڳ هتي جو مشهور روڊ ”جالان تنڪو عبدالرحمان“ هو جيڪو ڪوالالمپور جو پهريون پڪو رستو سمجهيو وڃي ٿو جنهن جو اصل نالو ’جالان باتو‘ هو معنيٰ پٿرن وارو رستو. هن روڊ تي انگريزن جي ڏينهن (Colonial راڄ) جا ٺهيل دڪان ۽ هوٽلون ائين آهن ڄڻ ڪراچي جي ايلفي ۽ وڪٽوريا روڊ- يعني صدر وارو علائقو – جيڪو پڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ وجود ۾ آيو.
هوٽل کان شهر ڏي ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو لاهي بس اسٽاپ تي اچي بيٺس ته دل ۾ ارادو ڪيم ڪهڙي به بس ۾ چڙهندس ته اچي شهر کان نڪرندس ۽ پوءِ جي ڪنهن ڀر واري رستي تي لاٿائين ته پنڌ ئي پنڌ جالان راجا لائوت (شاهراهه راجا لائوت) تي مٿين آفيس ۾ پهچي ويندس پر جي بس ڪجهه پري لاٿو ته اتي ٽئڪسي واري کي ڊالر اڌ ڏيندس ته خوشي سان منزل تي اچي لاهيندو. بهرحال هن وقت ڪوالالمپور ڪراچي کان وڌيڪ صاف سٿرو ۽ امن امان وارو شهر آهي. چپي چپي تي پارڪ ۽ ويهڻ لاءِ بينچون آهن. جتي ڪٿي هوٽلون ۽ گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ وارا آهن ۽ ڪيتريون ئي کاڌي جون شيون ڪراچي کان سستيون ۽ صاف سٿريون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ڪراچي کان وڌيڪ ڪوالالمپور جي رستن، دڪانن، دوستن يارن جي آفيسن ۽ بس اسٽاپن وغيره جي ڄاڻ هجڻ ڪري هڪ قسم جو Homely محسوس ڪرڻ جو احساس هو. ٻين لفظن ۾ بس کڻي ايمپريس مارڪيٽ ڇڏي يا ريگل اسٽاپ وٽ آئون سيٽيون وڄائيندو صدر پوسٽ آفيس تائين پاڻهي پهچي سگهيس ٿي.
انڪري جيڪا پهرين بس اچي بيٺي ان ۾ ئي چڙهي پيس. مون سان گڏ ٻه ٽي مسافر ٻيا به چڙهيا جن ۾ ٻه کن اسڪول يا ڪاليج جا ٻار هئا. ٻارن لاءِ ٽڪيٽ جي الڳ مشين هئي جنهن ۾ هنن پنهنجو ٽڪيٽ ڪارڊ وجهي ڪڍيو يعني هنن جي ٽڪيٽ جيترا پئسا ڪٽجي ويا. جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ فون ڪارڊ مان يونٽ ڪٽجن ٿا. وڏن مسافرن پنهنجي سفر مطابق سڪا شفاف باڪس ۾ وڌا جيڪي ڪمپيوٽر تور ذريعي يا شيپ ۽ شڪل مان پڙهي ڊرائيور اڳيان لڳل اسڪرين تي Display ڪيا جيئن هن کي ۽ مسافر کي پڪ ٿئي ته ڪيترا پئسا وڌا ويا آهن ۽ ان بعد ان قيمت جي ٽڪيٽ ٻاهر ڪڍي.
”ٺهيو- هاڻي هي پڪا انگريز ٿي ويا آهن.“ مون دل ئي دل ۾ سوچي چپن تي مرڪ آندي. هونءَ ڪوالالمپور شهر ۾ اسلام آباد ۾ هلندڙ مزدائن کان ڪجهه وڏيريون بسيون هلنديون هيون جيڪي مني بس سڏبيون هيون جن جي ٻاهران ملئي Spellings مطابق MINI-BAS لکيل هوندو هو. توهان کڻي ڪٿي به لهو ٽڪيٽ اڌ ڊالر هوندي هئي پر هاڻ هڪ ته وڏيون ۽ ايئرڪنڊيشنڊ بسون ٿي پيون آهن ۽ ٻيو ٽڪيٽ جو ڪم آٽوميٽڪ رکيو ويو آهي ۽ مفاصلي موجب، ان ڪري ڪنهن مسافر کي اڌ ڊالر کان به گهٽ ٽيهه سينٽ به ڏيڻا پيا ٿي ته ڪنهن کي اڌ ڊالر کان مٿي سٺ يا ستر سينٽ به.
ٽڪيٽ جا پئسا چارج ڪرڻ لاءِ آٽوميٽڪ هجڻ جي باوجود ٽڪيٽ چيڪر به هو جيئن مشين خراب ٿيڻ تي يا مقرر ڪئش (سڪا) نه هجڻ تي يا مسافرن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ رهنمائي ڪري سگهي. هونءَ هتي جي مينهوڳي واري موسم ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽڪيٽ جا پئسا اوڳارڻ لاءِ ان ڪم تي هتي جا ٿلها متارا داداگير قسم جا انڊين تامل هوندا هئا جن جو رول ڪجهه اهو هوندو هو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي سئنيما گهرن جي ٽڪيٽ واري دريءَ تي مڪرانين جو هوندو هو ۽ ٽڪٽ وڪڻڻ ۽ ماڻهن مان پئسا اوڳاڙڻ کان وڌيڪ بس اسٽاپن تي دانهون ڪري مسافرن کي سڏڻ ۽ بس کي لت ڏئي مسافرن سان ڀرڻ هوندو هو ۽ پوءِ هلندڙ بس ۾ هڪ پير فٽ بورڊ تي ۽ ٻيو هوا ۾ لڙڪائي ڪرتب ڏيکارڻ هوندو هو. پر هاڻ هر بس جي روٽ ۽ ايندڙ اسٽاپ بس جي اڳيان لکيل رهيو ٿي. هر بس مقرر اسٽاپن تي بيٺي ٿي ۽ بيهڻ بعد ئي هن جا هئڊرالڪ دروازا کليا ٿي - يعني هر ڪم يورپ، جپان ۽ سنگاپور وانگر آٽوميٽڪ ۽ ڊسيپلينڊ ٿي چڪو آهي. مون حيرت مان بس ۾ ويٺلن ۽ ٻاهر نظر ايندڙ ماڻهن کي غور سان ڏٺو. چوٿو صدي کن اڳ تائين جڏهن دنيا جي تختي تي اسان سڌريل ۽ هتي جا ماڻهو جنگل جا رهاڪو سمجهيا ويا ٿي ۽ هي ماڻهو هر ترقي ۽ Know how لاءِ اسان ڏي ڏسندا هئا. ان وقت ڪنهن سوچيو هو ته هيءَ قوم ههڙي منظم ڊسيپلينڊ ٿي ويندي ۽ اسان اڃان به پٺيان رهجي وينداسين. بقول هڪ ملائيشيائي ڊپلومئٽ جي ”پاڪستان جي فقط هڪ شهر اسلام آباد ۾ ئي رهي سگهجي ٿو باقي ٻين شهر ۾ بس يا ٽئڪسي ڇا پنهنجي ڪار ۾ سفر ڪندي به خوف ٿئي ٿو.“ بيشڪ صحيح ٿو چوي. سچ ٿو چوي. اڄ محنت، ملڪ لاءِ پيار، ايمانداريءَ هنن کي ۽ هنن جي ملڪ کي خوشحال ۽ اتم بنائي ڇڏيو آهي. ڪو وقت هو اسان ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ويندي ڪوريا ۽ چين جهڙن ملڪن تي کِلون ڪندا هئاسين ۽ ان لاءِ اسان وٽ Reasons هئا ۽ هاڻ هو اسان تي چٿرون ٿا ڪن جو ان لاءِ هنن وٽ سبب آهن. اڄ هنن ملڪن جا مرد توڙي عورتون تعليم توڙي ايمانداريءَ جي نوڪري ۽ حق حلال کائڻ ۾ اڳيان اڳيان آهن. اڄ هن شهر ڪوالالمپور ۾ ويندي عورتون ٽئڪسي پيون هلائين، دڪان ۽ آفيسون پيون هلائين. ويندي هن بس جي ڪنڊڪٽر هڪ نوجوان عورت هئي سا به چيني يا انڊين نه پر ملئي قوم جي - جيڪا قوم ڪجهه سال اڳ تائين دنيا جي سست قومن مان سڏي وئي ٿي. ان قوم کي هتي جي وزيراعظم مهاتير ۽ سياستدانن ايڏو Motivate ڪيو آهي جو هو يورپين، جپانين ۽ ڪورين جو مقابلو ٿا ڪن.
مون سيٽ تي ويهي ڀر ۾ بيٺل ملئي عورت ڪنڊيڪٽر کي ٻڌايو ته مون وٽ Change ناهي. هن مونکان پنجن ڊالرن جو نوٽ وٺي ٽڪيٽ ۽ باقي پئسا ڏنا. آئون کيس غور سان ڏسندو رهيس. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بس جون ڊرائيور يا ڪنڊڪٽر عورتون آهن پر ملائيشيا ۾ هڪ عورت جو هجڻ سو به چيني يا انڊين نه پر ملئي عورت جو، واقعي هڪ تعجب خيز ڳالهه آهي. ڇو جو ملئي، جيڪي مسلمان آهن بنيادي طرح شرميلا آهن ۽ انهن جون عورتون اهڙن هنڌن تي نوڪري ڪرڻ کان لهرائين ٿيون جتي Public Dealing آهي يا خاص ڪري مردن جي گهڻائي آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ملئي عورت گهر کان ٻاهر نٿي نڪري بلڪ اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته صدين کان، جڏهن ته اڃان يورپ جون عورتون به ايترو گهر کان ٻاهر نه نڪتيون هيون ته دنيا جي هن حصي جي عورتن مردن سان گڏ گڏ گهر توڙي ٻاهر جي ڪمن کي به منهن ڏنو ٿي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوائلي ڏينهن ۾ آفيس جا ڪم نه هئا. مرد وانگر عورت کي به ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻو پيو ٿي يا گهر ٺاهڻ جي ڪم ۾ مرد جي مدد ڪئي ٿي.
”ڪٿي لهندئو؟“ هن مونکان ملئي ۽ انگريزي گاڏڙ زبان ۾ پڇيو.
”پُسٽ بندر“ (شهر جي مرڪز ۾) مون ٻڌايومانس ۽ پوءِ پنهنجي ڪئميرا ڏي اشارو ڪري چيومانس: ”بوليج انگڪت گمبار اواڪ“ (توهانجو فوٽو ڪڍي سگهان ٿو؟)
”ڇو-؟“ هن انڪار جي خيال کان نه پر تعجب کان پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪنهن جو فوٽو ڪڍڻ وڏي ڳالهه ناهي ۽ فوٽوءَ لاءِ ڪئين سهڻيون سهڻيون ملئي، چيني ۽ فارينر نازڪ ڇوڪريون پيون هلن. هيءَ ته شڪل مان ئي روايتي ڳوٺاڻي ۽ اڻ پڙهيل پورهيت لڳي ٿي جنهن جي جسم تي ريشمي گلن وارو باجو ڪرونگ (ملئي وڳو) هجڻ بدران ورڪر جي ڊريس ”جينز پتلون“ هئي جنهن هن کي نازڪپڻو يا نسوانيت ڏيڻ بدران سخت جان ظاهر ڪيو ٿي.
”آئون هڪ ليکڪ آهيان. پنهنجي سفرنامي سان گڏ تنهنجي تصوير پنهنجي ملڪ جي اخبار ۾ ڏيڻ جو خيال آيو اٿم ته جيئن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڏسي سگهن ته ملئي عورت هر فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهي آهي.“
”توهانجو ڪهڙو ملڪ آهي؟“ هن پڇيو.
”پاڪستان.“
”مسافرن جي جئين ئي رش گهٽجي ۽ واندي ٿيان ته تصوير ڀلي ڪڍجانءِ.“ هن ٽڪيٽ جو حساب چڪتو ڪندي چيو.
ڀر ۾ ويٺل وڏي عمر جي ملئي همراهه منهنجي ملڪ جو نالو ٻڌي ڪن کڙا ڪيا. ”پاڪستان جو ڪهڙو حال آهي؟“ هن پڇيو. آئون سمجهي ويس ته هو انڊيا طرفان تازن مليل دڙڪن جي حوالي سان پڇي رهيو آهي جيڪي انڊيا گذريل هفتي ٻن کان ڏئي رهيو آهي. پنهنجي ملڪ ۾ رهندي ڪو احساس نٿو ٿئي پر ٻاهر جا ماڻهو ڌارئين دنيا جون خبرون يا انڊيا جي پروپئگنڊا ٻڌي ائين ٿا سمجهن ته بس انڊيا اجهو ٿو پاڪستان کي ڳڙڪائي. ملائيشيا لاءِ جهڙو پاڪستان تهڙو انڊيا پر ملائيشيا جي ’نيوز ميڊيا‘ ۾ ايترا ته انڊين آهن ۽ هو خبرن کي اهڙو ته مروڙي سروڙي پيش ڪن ٿا جو ههڙن ملڪن جو سادو عوام اهو ئي سمجهي ٿو ته ”پاڪستان بنهه ڪمزور آهي. انڊيا طاقتور ملڪ آهي ۽ پاڪستان کي چٽڻي ڪري ڇڏيندو.“ ان قسم جا سوال گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ڪيترن ئي ماڻهن ڪيا. سچ ته اهو آهي ته پاڪستان ڇڏڻ وقت پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به جنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ته انڊيا حملو نه ڪري.
”پاڪستان بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون ڀر ۾ ويٺل همراهه جي سوال جو جواب ڏنو. پر هو ان مان مطمئن نه ٿيو.
”توهان جي خيال ۾ انڊيا توهان تي حملو ته نه ڪندو؟“ هن پڇيو.
”نه“ مون وراڻيومانس ۽ دليل طور چيومانس، ”هونءَ هو ڪو اسان جو مائٽ ناهي. هو ته اسان جي وجود جي ئي خلاف آهي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ وڏو ۽ طاقتور ملڪ آهي پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ به ڪجهه نيوڪليئر هيڊ آهن. هو سياڻو آهي ۽ سمجهي ٿو ته هن جنگ جو ڇا نتيجو نڪرندو - ٻنهي جي تباهي. ان ڪري هو فقط خشڪا دڙڪا ڏيندو رهندو جن جو ڊپ اسان کي به ناهي. باقي اسان وٽ اڄ ائٽمي طاقت نه هجي ها ته اسان کي هو اهي کَلا هڻي ها جو جڳ جهان ڏسي ها.“
همراهه منهنجي ڳالهه ٻڌي مرڪيو. ”مونکي فخر آهي ته دنيا ۾ هڪ مسلمان ملڪ ته آهي جنهن وٽ نيوڪليئر پاور آهي.“
مون وات سان ته کيس Terima Kasih (تنهنجي مهرباني) چئي پر دل ۾ اهو ئي سوچيم ته اهڙي نيوڪليئر پاور کان توهانجي ملڪ ملائيشيا واري خوشحالي اسانکي به نصيب ٿئي ها ته سٺو هو پر جن جو پاڙيسري انڊيا جهڙو ملڪ هجي اهي ڪيئن سک سمهن.
بس مون کي سينٽرل مارڪيٽ ڀرسان ”جالان بندر“ تي لاٿو جيڪو سندس آخري اسٽاپ هو. ملئي زبان ۾ Bandar معنيٰ شهر. بندر ملاڪا، بندر ڪوالالمپور وغيره ۽ جالان معنيٰ شاهراهه، رستو. جالان بندر کان جالان راجا لائوت جتي مونکي وڃڻو هو چڱو پري هو يعني حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي کان گاڏي کاتو ۽ جهڙ هجڻ ڪري منهنجي دل واڪ ڪرڻ تي چئي رهي هئي جيئن وچ شهر جي مختلف عمارتن ۽ شاپنگ سينٽرن کي ڏسندو KWSP بلڊنگ پهچان. پر ان ۾ ڪلاڪ کن لڳي وڃي ها ان ڪري هڪ ٽئڪسي کي بيهاري جالان راجا لائوت پهتس. ڇهه ست ماڙ عمارت جي Entrance وٽ بيٺل ٻن سپاهين سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ پنهنجو پاسپورٽ جمع ڪرڻ لاءِ چيو. 11 سيپٽمبر واري حادثي بعد هتي به هر هنڌ سخت سڪيورٽي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ”پاسپورٽ مونکي شايد اندر ڏيکارڻو پوي“ مون کيس پنهنجي ملائيشيا جو ”ڪار ڊرائيونگ لائسنس“ هن وٽ ضمانت طور رکرائيندي چيو. هن مون کي Visitors جو بئج ڏنو جيڪو کيسي تي چنبڙائي بلڊنگ ۾ گهڙيس. خبر پيئي ته جمع ٿيل فنڊ چوٿين ماڙ وارا آفيسر ڏين ٿا. پڇائيندو پڇائيندو مسٽر مراد نالي هڪ ملئي نوجوان آفيسر وٽ پهتس. هو ڪا دير ڪمپوٽر جي ڪنجين کي دٻائيندو رهيو. مون سندس مدد لاءِ جمع ڪيل فنڊ جون رسيدون ڏيکارڻ چاهيون جيڪي مونکي نوڪري واري شهر ملاڪا ۾ مليون هيون. پر هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو:
”توهانجو ڪوڊ نمبر ڪافي آهي.“
”دراصل ڳالهه هيءَ آهي جو اهو فنڊ مون ملاڪا شهر جي برانچ آفيس الور گاجا ۾ اڄ کان ٻارهن سال کن اڳ تائين جمع ڪرايو هو. اها آفيس تڏهن ئي ختم پئي ٿي. هنن مون کي ڪوالالمپور جي Ibu-Pejabat (هيڊ آفيس) ٻڌائي هئي جتي جيڪي انجارچ هئا انهن کان فون نمبر ورتا هئم. اڄ اهي فون نمبر ئي مٽجي ويا آهن. سپر هائي وي ٺاهڻ لاءِ ان عمارت کي ئي ختم ڪيو ويو آهي.“
مون هن کي اهو ئي چوڻ چاهيو پئي ته هو گهڻو پريشان نه ٿئي جو جڏهن اهي ماڻهو، اهي فون نمبر ۽ اها بلڊنگ ئي ختم ٿي وئي ته منهنجا پئسا ڪٿان ايندا. هو منهنجي ڳالهه جو مطلب سمجهي ويو. مرڪندي وراڻيائين، ”اهڙي ڳالهه ناهي! ڀلي هر ڳالهه ختم ٿي وئي هجي پر توهان جي امانت هيٺ مٿي نه ٿيندي. اها قائم رهندي. مونکي رڳو اهو سوچيندي دير ٿي رهي آهي ته توهانکي ڪيئن ٻڌايان ته قانوني لکپڙهه ۾ ٻه ٽي هفتا لڳي سگهن ٿا.“
”پر اڳ ۾ ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سڄو ڪم ٿي ويندو هو.“ مون چيو.
”نه. اڳ ۾ پاڻ وڌيڪ وقت لڳندو هو. مهينو کن گهٽ ۾ گهٽ لڳندو هو.“ هن ٻڌايو ۽ مون کي به ياد آيو ته اها صحيح ڳالهه ٿو ڪري، ”پر هاڻ هن وقت منهنجي ڪيس کي جلدي اڪلايو وڃي ته آئون آزاد ٿي وڃان ۽ ڪوالالمپور ۾ ٻڌو رهڻ بدران ملاڪا، پينگانگ، جوهوربارو ۽ ٻين شهرن ۾ هواخوريءَ لاءِ هليو وڃان.“ مون ساڻس دل جو حال ڪيو.
”چڱو هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيئن ته توهانجي عمر 58 سال آهي ۽ اسان وٽ 55 سال رٽائرمينٽ جي عمر ٿئي ٿي سو ان کان وڏي عمر وارن لاءِ هڪ الڳ ڊپارٽمنٽ آهي جيڪي اهو سڄو ڪم هفتي ۾ اڪلايو ڇڏين. هن فون تي ڪنهن سان ڳالهائي مونکي ٻي ماڙ تي وڃڻ لاءِ چيو. ”اتي چڪ ليزا ۽ پئان هئني آهن. انهن سان مون ڳالهايو آهي. اهي تنهنجي مدد ڪنديون.“
ملئي زبان ۾ ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ چِڪ (CIK) جو لفظ استعمال ٿئي ٿو معنيٰ MISS ۽ شادي شده عورتن کي پُئان (PUAN) سڏجي ٿو معنيٰ مسز، بيگم، زوجه..... ليزا هزارين فائيلن مان منهنجو فائيل ڪڍي آئي. اڏوهيءَ جي کائڻ کان بچي ويو هو. هر وقت مينهن پوڻ ڪري ملائيشيا ۾ ڌوڙ يا مٽي ته ٿئي ڪانه پر تنهن هوندي به هن منهنجي فائيل کي ٻه دفعا ڇنڊيو ۽ ان ۾ موجوده هڪ فارم جنهن تي منهنجي ساڄي هٿ جو آڱوٺو لڳل هو ان جي ڀرسان وري ساڳيو آڱوٺو لڳرايائين ۽ آڱرين جا نشان چيڪ ڪرڻ واري مشين ۾ وجهي پڪ ڪيائين ته آئون صحيح ماڻهو آهيان.
”اسان طرفان سڀ Formalities مڪمل آهن ۽ توهان ٽن ڏينهن بعد پنهنجي امانت ڪئش يا چيڪ جي صورت ۾وٺي سگهو ٿا. بس رڳو توهان کي پنهنجي سفارتخاني مان هڪ خط آڻڻو پوندو ته توهانجو واسطو پاڪستان سان آهي ۽ توهان کي پئسا ملڻ ۾ هنن کي ڪو اعتراض ناهي.“
”اها صحيح ڳالهه ته نه آهي. ان ۾ سفارتخاني جو ڇا وڃي.“ مون اعتراض ڪيو.
”واقعي صحيح ٿا چئو.“ پئان هئني چيو.
”مثال طور هتي نوڪري يا مزوري ڪرڻ دوران ڪنهن ماڻهوءَ جي سندس سفارتخاني جي ڪنهن عملدار سان اڻ بڻت ٿي ٿيو پوي. پوءِ نوڪري پوري ٿيڻ تي ان غريب پورهيت کي سفارتخاني وارا ته رلائي رکندا ’اڄ نه سڀاڻ اچ. اڄ نه سڀاڻ اچ‘ ڪري هن جو تيل ڪڍي ڇڏيندا.“ مون چيومانس.
”ها اسان کي خود شرمندگي ٿي ٿئي ته هي پورهيت جي امانت آهي جنهن لاءِ هو ڪنهن وقت به گهُر ڪري حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻئي جو ڇا وڃي. پر هڪ ٻه اهڙا Cases ٿيا آهن جو پوءِ سفارتخانن لاءِ به مسئلو ٿي پيو. ان ڪري هاڻ بنگلاديش، پاڪستان، برما، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي Expatriates لاءِ اهو ضروري ڪيو ويو آهي.“ هن مونکي سمجهايو. بهرحال مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته اسان جي ملڪ جي ايمبسي اتان ويجهي هئي ۽ ٻيو ته پاڪستاني سفير جنرل نسيم رانا سان مونکي هونءَ به ملڻو هو. سو اهو اڄ ئي ملي ٿو وٺانس. آئون ٽئڪسي ڪري سفارتخاني پهتس. رسيپشن تي ويٺل هيلن نالي عورت سڃاڻي آڌار ڀاءُ ڪيو.
ڪوالالمپور ۾ موجود پاڪستاني هائي ڪميشن (سفارتخاني) جو هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) نسيم رانا صاحب عمر ۾ مونکان ٻه سال کن وڏو آهي. ملائيشيا اچڻ کان اڳ اسانجي مهربان استاد ۽ دوست جنرل عالم جان محسود کان مونکي رانا صاحب جي ان نئين عهدي جي خبر پيئي هئي. عالم جان محسود صاحب سن 1960 کان 1962 تائين اسانجي ڪاليج ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“ جو ايڊجيوٽنٽ هو. انهن ڏينهن ۾ هو آرمي ۾ ڪئپٽن هو ۽ اسان جي ڪلاس جي شاگردن کي آپشنل سبجيڪٽ ملٽري سائنس (Map Reading) پڙهائيندو هو. ڪاليج مان بدلي ٿيڻ بعد پاڻ ميجر ٿيو ۽ انهن ڏينهن ۾ اسانجي نسيم رانا صاحب کي فوج ۾ ڪميشن ملي ۽ ڪجهه عرصي تائين هن عالم جان صاحب سان گڏ پڻ ڪم ڪيو.
نسيم رانا صاحب فوج ۾ مختلف عهدن تي رهندي ڊئريڪٽر جنرل ٿيو. پاڻ ڪافي عرصو آءِ ايس آءِ (انٽرسروسز انٽيليجنس) ۾ به رهيو. پاڻ هتي اچڻ کان اڳ 1999 کان 2001 تائين دفاع کاتي جو سيڪريٽري به رهيو. جن ڏينهن ۾ رانا صاحب ڪرنل هو ته هن جي پوسٽنگ سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ٿي. پاڻ انهن ڏينهن جون ڳالهيون، خاص ڪري شاگردن جا هنگاما ۽ هڙتالون ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ چورين ۽ اغوا جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ مڪاني وڏيرن جو حڪومت سان ساٿ ڏئي گهربل اڳواڻن کي ٻڌرائڻ ۾ مدد ڪرڻ واري قدم کي ساراهيندو رهيو.
سنڌ ۽ اتي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌائڻ دوران رانا صاحب چيو، ”هتي جي ملئي مسلمانن ۽ سنڌي مسلمانن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. ٻئي سادي طبيعت جا آهن ۽ الله تي توڪل گهڻو اٿن. ٻنهي جو واپار وڙي کان وڌيڪ ٻني ٻاري ڏي گهڻو ڌيان آهي. شهرن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. ٻئي ڌريون مهمان نوازي، ڪنهن حد تائين سستي ۾، ۽ رسم رواج ۾ وڌيڪ پابند آهن. بس ملئي ماڻهن جي رڳو هڪ ڳالهه مونکي اڃان تائين سمجهه ۾ نٿي اچي، اها آهي سندن چهري جا تاثرات. هو اندر ۾ خوش آهن يا ڏکويل ان جو اندازو آئون سندن منهن مان نه لڳائي سگهيو آهيان.“
”جنرل صاحب توهان کي هنن پَٽن (ملائيشيا) ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟“ مون رانا صاحب کان پڇيو.
”مونکي سال ته اچي ٿيو هوندو. هي ٻيو سال شروع ٿيڻ وارو آهي.“ جنرل نسيم رانا جواب ڏنو.
مون ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سائين توهان کي ته اڃان هڪ سال ٿيو آهي، آئون ڏهه سال هتي رهيس تڏهن به ملئي ماڻهن جي جذبات جو اندازو نه لڳائي سگهيس. هو ايڏا Deep آهن.“
هونءَ ان معاملي ۾ اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو بيحد جذباتي ثابت ٿيا آهيون. معمولي کان معمولي ڳالهه جو اظهار به سخت ڪاوڙ، کل ۽ پيار ذريعي ظاهر ڪري وجهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا پنهنجي هيٺ ڪم ڪندڙ آفيسر يا ڪلارڪ کي غلط ڪم ڪرڻ تي دڙڪا ڏينداسين ۽ صحيح ڪم ڪرڻ تي ساراهه ڪندا نه ڍاپنداسين. ۽ پنهنجي باس جي به معمولي ڳالهه تي تعريف ڪنداسين ۽ هن جي دڙڪي ڏيڻ تي روسامو ڪنداسين يا هن کي گهٽ وڌ ڳالهائينداسين. ٿوري ئي گرمي ٿيڻ تي هاءِ گهوڙا ڪنداسين ۽ ٿورو ئي جهڙ ٿيڻ يا ٿڌي هير لڳڻ تي يعني موسم خوشگوار ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار سيٽيون وڄائيندي يا گانا ڳائيندي ڪنداسين. يعني اسان جي چهري مان اندر جي حال جي خبر پئجيو وڃي.
ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اٺ سال نوڪريءَ دوران منهنجي باس ڪڏهن به ڪم جي سلسلي ۾ زبان سان يا منهن گهنجائي مونکي اهو محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته آيا هو منهنجي ڪم جي فلاڻي پهلوءَ کان خوش آهي يا ناراض، ايتريقدر جو هن ڪڏهن وڏي آواز ۾ به نه ڳالهايو. اسان ٻئي هڪ ئي محلي ۾ رهياسين ٿي. امرجنسيءَ جي حالت ۾ به هن رڙ ڪري نه سڏيو هوندو نه دانهون ڪوڪون ڪري پنهنجي غم يا غصي جو اظهار ڪيو هوندو. ملئي ماڻهو وڏي کان وڏي حادثي ۾ به پنهنجي غم ۽ بي پناهه خوشي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جا عادي آهن. هو اسان پاڪستانين، انڊين، بنگلاديشين کي ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندو يا تکو ڳالهائيندو ڏسي حيرت کائين ٿا.
ڏينهن ٻن بعد جڏهن آئون ڪوالالمپور کان ملاڪا پنهنجي پراڻي شاگرد ۽ ڪئپٽن رزاليءَ جي گهر وڃي رهيس ته هڪ ڏينهن هن جو ٻن سالن جو پٽ فارس ڏاڪڻ تان ڪري پيو. رزاليءَ جي زال عائشه ان وقت رڌڻي ۾ هئي. هن جو ٻار جي ڪرڻ ۽ روئڻ جو آواز ٻڌو ته هن کان رڙ نڪري وئي. ڪئپٽن رزالي ۽ آئون به اتي ئي هيٺ ڊرائنگ روم ۾ هئاسين. ڪئپٽن رزاليءَ ڊوڙ پائي يڪدم ٻار کي کڻي پرچايو ۽ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. مون ڏٺو ته ڪئپٽن رزالي ڪجهه بي چيني محسوس ڪري رهيو هو. آئون سمجهي ويس ته رزاليءَ کي ٻار جي ڪرڻ جي پريشاني ناهي پر هن کي اها ڳالهه خراب لڳي ته هن جي زال عائشه پنهنجي جذبات کي قابوءَ ۾ رکڻ بدران هاءِ گهوڙا ڇو مچائي. آخرڪار رزاليءَ کان رهيو نه ٿيو ۽ منهنجي سامهون ئي ملئي زبان ۾ پنهنجي زال کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ڳالهه جو عائشه کي ان ئي وقت احساس ٿي چڪو هو ۽ هوءَ Sorry چوندي رهي. ان وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ههڙي ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن جي گهر ۾ ٿئي ها ته زال سان گڏ مڙس به دانهون ڪري ها ۽ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته ٻئي گڏجي ڏاڪڻ ۽ ڏاڪڻ ٺاهڻ واري کي به پٽون پاراتا ڏين ها.
ڪوالالمپور ۾ اسانجي ملڪ جي هاءِ ڪميشن (سفارتخاني) جي سفير جنرل نسيم رانا ڪمرشل سيڪريٽري اطهر جمال کي گهرائي منهنجي ڪم لاءِ پارت ڪئي. اطهر سان منهنجي اتي پهريون دفعو ملاقات ٿي جيتوڻيڪ سندس ٻين سڀني مائٽن مٽن سان گذريل ٽيهن سالن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي. خاص ڪري ادب جي حوالي سان سندس والد صاحب جمال ابڙو، ڀاءُ بدر ابڙو ۽ پڦيءَ جي ڌي سلطانا وقاصي ۽ سندس ڀاءُ لالا سڪندر (جيڪو اطهر جي وڏي ڀيڻ شاهده جو مڙس به ٿئي) سان وڌيڪ ويجها تعلقات رهيا آهن.
جنرل رانا صاحب کي ٻڌايم ته توهانجو هي نوجوان آفيسر اطهر ابڙو سنڌ جي هڪ تمام گهڻي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادبي خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس والد جناب جمال ابڙو صاحب کي ادب جي حوالي سان صدارتي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. پاڻ مختلف سرڪاري عهدن تي رهي ايمانداريءَ سان نوڪريءَ جا فرض ادا ڪندو رهيو. پاڻ چيئرمين ائنٽي ڪرپشن، سنڌ اسيمبلي سيڪريٽري، لئبرڪورٽ جو جج ۽ رجسٽرار هائي ڪميشن جهڙن اهم عهدن تي رهي چڪو آهي. اطهر جو ڀاءُ هڪ مخلص ۽ محنتي ريسرچ اسڪالر آهي جنهن جا آرڪلاجي جهڙن سبجيڪٽن تي ڪيترائي تحقيقاتي مضمون ۽ ڪتاب لکيل آهن. جنرل رانا کي ٻڌايم ته سڀ کان وڏي ڳالهه ته اطهر جو ڏاڏو مرحوم علي خان ابڙو عربيءَ جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هن اڄ کان سؤ سال کن اڳ جنهن آسان سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو لکيو آهي ان جو جواب ناهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هي ترجمو 1950 ڌاري مڪمل ڪيو ويو پر ان جي ڇپائيءَ جو ڪم اڌ صدي کن پوءِ 1990ع ۾ ٿيو جنهن لاءِ اطهر جي ڀاءَ بدر ابڙو ۽ سنڌيڪا پبليڪيشن جي مالڪ نوراحمد ميمڻ صاحب کي شاباس هجي.
اطهر جي گهر واري مسز نوشين جو پڻ سنڌ جي هڪ ادبي، عالماڻي ۽ پڙهيل ڳڙهيل گهراڻي سان واسطو آهي. پاڻ طارق مجيد صاحب جي ڌيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پوٽي آهي. سنڌ جو مشهور مئجسٽريٽ انور مجيد شيخ سندس چاچو آهي جيڪو ايوب خان جي ڏينهن ۾ نوڪري ڇڏي آمريڪا هليو آيو ۽ اچي وڪالت ڪيائين. پنهنجي ذهانت ۽ قابليت ڪري نيويارڪ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو ۽ بارائٽ لا جي امتحانن ۾ USA ۾ پهريون نمبر کنيائين. سندس آفيس راڪ فيلر سينٽر وٽ هئي ۽ گهر واٽرلو ۾ هو. هي مضمون لکڻ دوران جمال ابڙو صاحب کان معلوم ٿيو ته پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويا آهن. سندن سالو عبدالرزاق شيخ به سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ نيويارڪ ۾ اچي دڪان کوليا ۽ سندس ڌنڌو خوب ڄمي ويو. جهڏي جو مبارڪ ٽالپر، ٽنڊي قيصر جو نوراحمد نظاماڻي، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري، هالا جو لطيف انصاري (وڪيل) ۽ سليم شاهه وارن جو ميڙاڪو ۽ ڪچهريون هن جي ڪولمبيا يونيورسٽي واري دڪان تي ٿينديون هيون. اسان جو جهاز به نيويارڪ يا ڀر واري بندرگاهه New Ark (نيوجرسي) جي بندرگاهه ۾ جيئن ئي ٻڌبو هو ته اسان اوڏانهن ڀڄندا هئاسين. انهن ڏينهن جو نيويارڪ ڪيڏو ته سانتيڪو ۽ پر امن هو. پر انهن ڏينهن جي ڪراچي به گهٽ نه هئي. رات جو ٻي تائين دڪان کليا پيا هوندا هئا ۽ شهر جا (ڪراچي توڙي نيويارڪ جا) چڪر ڏئي پوءِ صبح جو ٽي چئين بجي ڌاري جهاز تي موٽبو هو.
اطهر جي گهر واري نوشين جو ٽيون چاچو خالد مجيد شيخ آهي جيڪو پاڪستان آرمي ۾ ميجر تائين رهيو. ان بعد سنڌ پوليس ۾ آيو ۽ سندن ڀيڻ نسيم بيگم جو پٽ عثمان شيخ نيويارڪ ۾ پرنٽنگ مشينري جو بزنيس ڪري ٿو ۽ سندس گهر ورلڊ ٽريڊ سينٽر وارين اتاهين عمارتن کان ٻه گهٽيون اورتي يعني 114 گهٽيءَ ۾ هوندو هو. سندس ڪمپنيءَ جو نالو Ace Litho Co. آهي.
جنرل رانا کان موڪلائي اسان اطهر جي ڪمري ۾ آياسين، جتي اطهر مون لاءِ گهربل ليٽر ٽائيپ ڪرايو. انهي دوران اطهر لڇمڻ ۽ منصور نالي هڪ ٻن همراهن کي فون ڪندو رهيو جنهن ۾ منهنجو به ذڪر ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻڌايائين ته هي همراهه منهنجو پڇندا رهندا آهن ته آئون وري ملائيشيا ڇو نٿو اچان ۽ هاڻ جڏهن آيو آهيان ته انهن سان هڪ گڏجاڻي ٿي وڃي. اطهر مون کي سندس گهر هلي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو.
”في الحال ته هوٽل ۾ رهيو پيو آهيان جنهن جي مسواڙ اڳواٽ ڏئي چڪو آهيان. ان بعد ملاڪا مان ٿي اچڻ بعد تو وٽ ضرور رهندس.“ مون ٻڌايومانس.
”ڀلا سڀاڻي رات جي ماني مون وٽ کائجو. مون ٻين دوستن کي به گهرايو آهي. هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي ويندي.“ اطهر چيو ۽ مون ساڻس ٻئي ڏينهن سندس گهر ڊنر تي اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايو. سندس ڏنل ليٽر KWSP آفيس ۾ ڏئي فند حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان Formality پوري ڪئي.
***