ننڍي هوندي ڍڳيون چاري
”لڳي ٿو ته توکي اسان جي گهر ۾ ٻارن جي گوڙ گهمسان ڪري تڪليف رسي آهي. يا ماني ٽڪي پسند نه آهي.“
حقيقت اها هئي ته ڪئپٽن رزالي ۽ ان جي سڄي فئمليءَ منهنجو ايڏو خيال ٿي رکيو جو مونکي اهو ٽائيم نٿي مليو جنهن ۾ آئون ڪجهه پنهنجي مرضي سان ڪري سگهان. مون اڪيلائيءَ ۾ ويهي گذريل هفتي ڏيڊ بابت سوچي سفرنامي لاءِ ڪجهه Points لکڻ چاهيون ٿي. ڪجهه واڪ ڪرڻ چاهي ٿي. ڪجهه ننڊ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ڪجهه Lazy ٿي رهڻ چاهيو ٿي. رزالي وارا مونکي ڪجهه زياده ئي Pamper ڪري رهيا هئا. هر ويلي تي ڳرا ڳرا کاڌا تيار ڪري رهيا هئا. صبح کان وٺي رات جو دير تائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ لاءِ وٺي هليا ٿي. زال مڙس ته ٺهيو پر ٻار به هر وقت خذمت ۾ رهيا ٿي. ڪڏهن ڪا شيءِ اچيو ڏيکارين. ڪڏهن ڪا کائڻ جي شيءِ کڻيو اچن.
”انڪل مَڪن اِني - انڪل مِنيوم اِني“ (انڪل هي کاءُ، انڪل هي پيءُ) لڳو رهيو ٿي. وڏن ٻارن کي ته سوئيڊن ۽ ملائيشيا ۾ اسانجي پاڙي ۾ گذاريل ڏينهن ياد هئا. ننڍن کي هر وقت رزالي ۽ عائشه اهو ٻڌائيندي رهي ٿي ته سئيڊن ۾ توهان هن انڪل جي گهر رهندا هئائو. بيمار ٿي پوندا هئائو ته سئيڊن جي برفباري ۽ ٿڌ ۾ هن انڪل جي ڌيءَ مارئي ۽ زال توهان کي اسپتال کڻي وينديون هيون ۽ توهان کي کارائينديون پيارينديون هيون. اهو ٻڌي جاڙا (جيڪي هاڻ مچي مڙس ٿي پيا هئا) پر سئيڊن ۾ ٻن سالن جا مس هئا ۽ ڪمزور هجڻ ڪري هر وقت بيمار رهندا هئا، مونکي تعجب مان ڏسندا رهيا ٿي.
ڪئپٽن رزاليءَ جو ڪلارڪ فوزي پنهنجي ڪار ۾ ملاڪا وٺي هليو. ملاڪا جي بس اسٽاپ تي ٻن ٽن هوٽلن جو جائزو ورتم. ڪنهن زماني ۾ جڏهن هي نئون بس اسٽاپ ٺهيو هو ته هي هوٽلون پڻ ٺهيون هيون. ڇهه ست ماڙ هي هوٽلون، ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري، انهن جي درين مان نظارو ڏسڻ وٽان آهن. انهن ۾ آئون پهرين به رهي چڪو هوس پر هاڻ انهن هوٽلن جي رسيپشن ۽ ڪمرن جو گندو حال ڏسي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪرمنل قسم جي ماڻهن کي هلندو ڏسي سمجهي ويس ته جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ قانون جو بول بالا آهي پر تڏهن به ترقي ۽ پئسي هتي جي ڪن ڪن ڪنڊن ۾ برائيون آنديون آهن. هوٽلن جي اردگرد ڊسڪو ٿي ڪلب، بار، مساج گهر ۽ رستن تي هلندڙ دلال ۽ ڀڙوا ان جو ثبوت ڏئي رهيا هئا. فوزيءَ کي چيم ته هتان هل ته ٻئي هنڌ هلون.
فائيو اسٽار ”هوٽل رامادا“ واري روڊ تي وسما جهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ ايئرڪنڊيشن هوٽلون آهن جن ۾ پڻ رهي چڪو هوس پر انهن جي حالت به خراب هئي. بهرحال شهر کان ٻاهر هڪ نئين ٺهيل هوٽل سيمابوڪ وٽ گاڏي بيهاريم ۽ فوزيءَ کي چيم ته مسواڙ پڇي اچ.
”ٽن ڏينهن جا هڪ سؤ رنگٽ (ڏيڍ هزار رپيا کن) چون ٿا ۽ نيرن به ان ۾ آهي.“ فوزيءَ ٻڌايو.
فوزيءَ کي موڪل ڏئي، سامان جو ٿيلهو کڻي رسيپشن تي پاسپورٽ ۽ 50 رنگٽ ائڊوانس ڏئي ڪمري جي ڄاٻي وٺي ڪمري ڀيڙو اچي ٿيس. هوٽل کي ٺهي اڃان سال به نه ٿيو هو. هر شيءَ اعليٰ قسم جي هئي. ايئرڪنڊيشن، ٽيليفون، باٿ روم ۽ ٿڌي سان گڏ گرم پاڻي، ٽي وي، ريفريجريٽر، چانهه ٺاهڻ لاءِ گرم فلاسڪ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ۽ ڪرسي هئي.
هن هوٽل ۾ ٽي ڏينهن مون سڀ کان گهڻو آرام ڪيو ۽ سڀ کان گهڻو لکيو. ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو نه هو. جيتوڻيڪ پهرين ڏينهن اهڙي بدمزگي ٿي جو هوٽل ڇڏڻ وارو هوس. سامان رکي وهنجي ڪجهه دير لکي ستس ته ننڊ اچي وئي. ڪيترن ڏينهن کان ننڊ پوري نه پئي ٿي ۽ هڪ اهو به سبب هو جو پئسا خرچ ڪري هن قسم جي خاموش ۽ صاف سٿري هوٽل ۾ اچي رهيو هوس. پر اڃان اڌ ڪلاڪ کن مس ستو هوندس ته ڪمري کان ٻاهر دانهن ڪوڪن تي اک کلي وئي ۽ اڃان حالتن جو جائزو وٺي رهيو هوس ته منهنجي ڪمري جي در تي ڪنهن زور سان مڪ هڻي رڙ ڪئي. سمجهه ۾ نه آيو ته در کولي ڏسان ته ڪير آهي يا هيٺ رسيپشن تي فون ڪريان. منهنجو ڪمرو چوٿين ماڙ تي هو.
مون بستر تان ٽپ ڏئي در کولڻ لاءِ چاٻيءَ کي گهمايو. چاٻيءَ ۽ در جي هئنڊل گهمڻ جي آواز تي ٻاهر بيٺل همراهه جي ڊوڙڻ جو آواز آيو. مون يڪدم در کولي ٻاهر ڏٺو. چڍين ۽ گنجين ۾ ٻه سک ڇوڪرا اڳتي مڙي ڏاڪڻ ذريعي هيٺ ڀڄي ويا. آئون به ٻه ٻه ڏاڪا هڪ ئي وقت ٽپندو هيٺ ٽئين فلور تي پهتس جتي پنج ڇوڪرا ٻيا به بيٺا هئا جن سان مٿيان ٻه ڇوڪرا ملي هڪ ٿي ويا ۽ هاڻ اهو ڇوڪر سڃاڻڻ ڏکيو هو جيڪو منهنجي در تي مڪ هڻي هيٺ ڀڳو هو. ”هيءَ سٺي ڳالهه ته نه آهي جو توهان ٻين کي ڊسٽرب ڪيو ٿا.“ مون ملئي زبان ۾ سڀني کي چيو.
”انڪل آئون ڪونه هوس. آئون ته هتي ئي بيٺو هوس“ انهن مان هڪ چيو ۽ مونکان کل نڪري وئي ته هونءَ مونکي خبر نه پوي ها پر هاڻ پنهنجي بيوقوفيءَ ۾ ٻڌائي وئين ته تون ئي آهين. ۽ آئون به هاڻ پهلوان ٿي ويس.
”نه مون توکي سڃاتو. تون ئي هئين.“ مون کيس چيو.
”انڪل معافڪن سايا،“ هن يڪدم معافي گهري ۽ مون هاڻ دوستاڻي لهجي ۾ کانئن پڇيو ته هو ڪٿان آيل آهن.
”اسان جوهور باروءَ کان هتي ’آل انٽر اسٽيٽ سک هاڪي مئچ‘ کيڏڻ آيا آهيون.“ هنن ٻڌايو. هو سڀ فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا شاگرد هئا. ٻئي ڏينهن نيرن تي سندن ٽيچر به مليو. ملائيشيا ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين وانگر سک به جتي ڪٿي ملندا.
هنن جا ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ ٽڪاڻا آهن. ملاڪا ۾ به هنن جو تمام وڏو گوردوارو آهي جنهن بابت آئون پنهنجي هڪ ڪتاب ”مڪليءَ کان ملاڪا“ ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. سک ڳائڻ وڄائڻ نچڻ ٽپڻ ۽ راندين جا شوقين آهن ۽ هو ان قسم جون مئچون ۽ ٽورنامينٽون جتي ڪٿي ڪندا رهن ٿا. هو طبيعت ۾ خوش مزاج هجڻ کان علاوه پٺاڻن وانگر محنتي آهن ۽ جتي رهن ٿا اتي جي مڪاني ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي حڪومت هنن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سک ڏوهن ۽ غلط ڪمن ۾ Involve نٿا ٿين. سک محنت مزدوري ڪري، ڌنڌو واپار ڪري، سرڪاري نوڪري ڪري يا فوجي ۽ چوڪيدار ٿي ملڪ جي خذمت هڪ طرف ڪن ٿا ته ٻئي طرف ڪمايل پئسو عياشيءَ ۾ وڃائڻ بدران سادگيءَ ۾ رهي، پئسي کي بچائي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحالي آڻين ٿا. سکن لاءِ ملائيشيا ۾ مشهور آهي بلڪ هڪ راڳ به ٺهيل آهي ته سک جو ٻار غريب هوندو ته به ننڍي هوندي کان ٻڪريون چارڻ جهڙو ڪم ڪري به ڪجهه نه ڪجهه پئسو بچائيندو ۽ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو پئسي مان پئسو ٺاهيندو ويندو. سک بابت ان مشهور راڳ جو عنوان آهي.
”ڪيچي ڪيچي ليمبو جاڳا“ يعني ننڍو ننڍو آهي ته ڍڳيون سنڀالي ٿو- يعني چاري ٿو. ان راڳ جا ڪجهه شهر هن ريت آهن:
Kechik Kechik Lembu Jaga
Kechik Kechik Lembu Jaga
Sudah Besar Masuk Askar
Satu Sanapang Peluru Dua
Kechik - Kechik Lembu Jaga....
”(سک) ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو
وڏو ٿيڻ تي فوج ۾سپاهي ٿئي ٿو
هڪ رائيفل ٻه گوليون (هن جي زندگي آهي)
ننڍو آهي ته ڍڳيون ڍاري ٿو“
Ada Misai Ta’ada Janggut Itu Kuching
Ada janggut Ta’ada Misai Itu Kambing
Ada Janggut ada Misai Itu Bengali Singh
Ta’ada Janggut Ta’ada Misai Itu Tew-nia-Singh.
(هن جو چوڻ آهي ته)
ڏاڙهيءَ بنا مڇن سان ماڻهو ٻلي برابر آهي ۽ مڇن بنا ڏاڙهي وارو ماڻهو هڪ ٻڪر وانگر آهي. جنهن کي ڏاڙهي ۽ مڇ آهي اهو پنجاب کان آيل شينهن آهي (يعني پاڻ سنگهه آهي. ملئي زبان ۾ هر ڌارئين ملڪ کان آيل ماڻهوءَ کي بنگالي سڏين) ۽ جنهن کي نه ڏاڙهي آهي ۽ نه مڇ اهو ”تيو- نيا“ سنگهه آهي (تيو- نيا چيني زبان جي گار آهي)
راڳ ته تمام ڊگهو آهي جنهن جا آخري ٻه شعر هن ريت آهن:
Kechik - Kechik Dia Suka Bola Hok,
Sudah Besar Dia Main Itu Rugby
Kechik - Kechik Dia Makan Itu Chapati
Sikit Besar Dia Hantam Itu Todi
ننڍي هوندي هن کي هاڪي پسند آهي
وڏو ٿي هو رغبي (فٽ بال) کيڏي ٿو
ننڍو آهي ته هو چپاتيون کائي ٿو
ٿورو ئي وڏو ٿئي ٿو ته ٽوڊي (کجيءَ جو رس) پيئي ٿو
Ini Lagu Nayanyi Ada Gurau Juga
Ta mahu Marah Hantam Sama Saya
Saya Nayani Bikin Abang Hati Suka
Complain Mari Saya Kena Buang Kerja.
هن راڳ کي ڀوڳ ۽ چرچو ئي سمجهجو
(سک برادريءَ جا ماڻهو) ڪاوڙ نه ڪجو ۽ نه موچڙا هڻجو. مون توهان کي خوش ڪرڻ لاءِ ڳائيو آهي. جيڪڏهن شڪايت ڪندئو ته منهنجي نوڪري هلي ويندي.
***