چيني درزياڻي ۽ صفيه سان ملاقات
”هاڻ به اتي آهي؟“ رزاليءَ پڇيو.
”هاڻ ته نه اها ڀاڄي مارڪيٽ نظر آئي ۽ نه ان پويان اهي دڪان جن مان هڪ ۾ صفيه جو درزڪو دڪان ۽ ٽيلرنگ سيکارڻ جو اسڪول هوندو هو. ان جاءِ تي هاڻ اهي ننڍيون هوٽلون نظر اچي رهيون هيون جن مان هڪ تي پاڻ ماني هلي کاڌي هئي.“
”خبر ته هئي پر هاڻ سڄي مسجد تاناح شهر جي ايڏي ڊاهه ڊوهه ٿي آهي. آبادي، عمارتون وڌي ويون آهن ۽ رستا نوان نوان ڦٽي ويا آهن جو مسجد تاناح مان لنگهڻ وقت مونکي ٻارهن سال اڳ واري اها ڪچي گهٽي بنهه نٿي سُجهي جنهن جي آخري پڇڙيءَ تي صفيه ٽيلر جو گهر هوندو هو. هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو ته پاڻ انهن هوٽلن واري علائقي ۾ هلي معلوم ڪريون ته اهي ضرور ٻڌائي سگهندا ته ان هنڌ وارا پراڻا دڪان ۽ انهن جا مالڪ ڪيڏانهن ويا.“
ملائيشيا لاءِ ڪراچي ڇڏڻ وقت ۽ هاڻ فون تي پڻ گهران تاڪيد ڪيائون ته انهن ٻنهي سان ضرور ملي اچان جن منهنجي وڏي ڌيءَ مريم کي ڏيڍ ڏيڍ سال ٽيلرنگ جو ڪم سيکاريو. اسان جهاز تي هوندا هئاسين ته منهنجي هڪ ٿرڊ انجنير جي زال کي سلائيءَ جو ڪم به آيو ٿي. جهاز جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن مان ٿي جڏهن ڪراچي پهچندو هو ته اسان سڀني کي ورتل ڪچي ڪپڙي تي ٽئڪس ڏيڻو پوندو هو سواءِ مٿين ٿرڊ انجنير جي. هن جي زال هر بندرگاهه مان ورتل ڪپڙي مان پنهنجا ۽ پنهنجن مائٽن جا وڳا سمنڊ تي سفر دوران سبي ڇڏيندي هئي. سندس بهترين سلائيءَ جي تعريف جهاز تي Sail ڪندڙ سڀني زالن ڪئي ٿي. هن ٻڌايو ته هن جو ننڍپڻ ملائيشيا جي شهر پينانگ ۾ گذريو جتي هن ٽيلرنگ پڻ سکي. منهنجي زال اها ڳالهه دماغ ۾ وهاري ڇڏي هئي جو ملائيشيا پهچڻ سان هن اوسي پاسي ۾ ٽيلرنگ اسڪول جي ڳولا شروع ڪئي ۽ اسانجي اڪيڊمي کان (جتي اسان جي رهائش هئي) پنج ڇهه ميل پري Siew نالي هڪ چينياڻيءَ جو ٽيليرنگ اسڪول هو. ”سلائي خاطر ماڻهوءَ جو وقت ۽ پئسو ضايع ٿئي ٿو ان ڪري سلائي سکڻ ضروري آهي“ منهنجي زال فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ منهنجي ڌيءَ کي سلائيءَ جو شوق نه هو. هن هڪ بجي اسڪول مان اچڻ بعد کيڏڻ ۽ T.V ڏسڻ چاهي ٿي پر منهنجي زال کيس هفتي ۾ ٽي ڏينهن هن چيني درزياڻيءَ وٽ وٺي ويندي هئي. دڪان جي پويان سندس ماءُ پيءُ جو گهر هو. پيءُ گذاري چڪو هوس پاڻ پنهنجي ننڍي ڀيڻ نيلي، ماءُ، مڙس ۽ ٻن ٻارن سان گڏ رهي ٿي. هيءَ هڪ ننڍي ۽ غريب فئملي هئي پر جيئن ته چيني محنتي ۽ پورهيت آهن سو گهر جو هڪ هڪ ماڻهوءَ ڪم ٿي ڪيو. سندس ڀيڻ نيلي ان ئي دڪان ۾ هيئر ڪٽنگ جو ڪم ڪيو ٿي ۽ ماءُ سبزي مارڪيٽ ۾ پپيا ۽ انناس وڪيا ٿي. مڙس ڪوالالمپور ۾ ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو ٿي. سي يو درزياڻي انگريزي پڙهيل نه هئي- هن اسان سان ملئي ۾ ڳالهايو ٿي.
هونءَ اسان وٽ پاڪستان ۾ ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ توڙي هالا ۽ ٽنڊو ڄام جهڙن ڳوٺن ۾ ڇوڪرين کي ٽيلرنگ سيکارڻ واريون ڪيتريون ئي درزياڻيون آهن پر اهي سکڻ لاءِ آيل ڇوڪرين کي سيکارڻ بدران گهر جو ڪم ڪار ئي ڪرائينديون رهن ٿيون. مهينا گذري ويندا ته به رڳو ٻارن جي ڪڇن ۽ سٿڻ جي پانچن کي بخا هڻائينديون. ٻي ڪا سلائي ۽ ڪٽنگ نه. پر هتي ملائيشيا ۾ ڏٺم ته درزياڻيون پهرين ڏينهن کان ئي پنهنجي شاگردياڻين کي ڪٽنگ سيکاري سلائي ڪرائين ٿيون. ڳوٺن ۽ شهرن جا سڀ سلائيءَ جا اسڪول وزارت تعليم ۾ اچن ٿا ۽ هر اسڪول رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو. درزياڻيءَ کي چڱي طرح سيکارڻو ۽ صحيح معنيٰ ۾ امتحان وٺڻو آهي. ان بعد سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو.
اسان سمجهيو اسان فارينر آهيون سو چيني درزياڻي سي يو اسان جي ڇوڪريءَ کي هڪ سال بعد ايئن ئي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندي پر هن ٻڌايو ته حڪومت کي خبر پئجي وڃي ته سزا خاطر منهنجو دڪان بند ٿي وڃي. ان ڪري آئون تيسين پاس نه ڪنديس جيسين منهنجي طرفان چونڊيل ڇهه ڊريسون ٺاهي سگهي. انهن ڇهه ڊريسن ۾ اسڪرٽ، ڪوٽ، پتلون، قميص وغيره سڀ ٿي سگهن ٿيون.
”سي يو اسان جي ڇوڪري ننڍي آهي ۽ ستين ڪلاس جي ٿي ڪري هن ايتري سلائي سکي آهي اسان لاءِ ته ايتري به ڪافي آهي. هاڻ سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏ.“
“TIDAK BOLEH” (هرگز نه)، درزياڻي سي يو چيو، ”سرٽيفڪيٽ لاءِ امتحان ڏيڻو پوندو.“
۽ پوءِ امتحان لاءِ اسان جي ڌيءَ مريم کي ڪافي محنت ڪرڻي پيئي ۽ پوءِ ڏيڍ سال بعد نه فقط هن کي سرٽيفڪيٽ مليو پر هن سلائي پڻ سکي ورتي. ان بعد وڌيڪ سلائي سکڻ لاءِ هن کي ڏيڍ سال مسجد تاناح ۾ ملئي مسلمان درزياڻي صفيه وٽ سلائي ڪرڻي پيئي. اسان سمجهيو ته هيءَ درزياڻي ملئي مسلمان هجڻ ڪري اسان سان وڌيڪ بهتر هلندي پر هن جو به اهو اصول رهيو ته ”سرٽيفڪيٽ آئون ان شاگردياڻيءَ کي ڏينديس جيڪا سلائيءَ ۾ ايڏو ڀڙ ٿي وڃي جو اڪيلي سر دڪان کولي سگهي.“
صفيه ٽيلر کي انگريزي به سٺي آئي ٿي جيڪا هن سنگاپور جي اسڪولن ۾ سکي جتي هن جو ننڍپڻ گذريو هو. شايد ان ڪري هوءَ ٻين ملئي عورتن کان مختلف لڳي ٿي ۽ اڪيلي سر ٽيلرنگ جو دڪان ۽ اسڪول هلايائين ٿي. دنيا توڙي پنهنجي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان چڱي طرح واقف رهي ٿي ۽ صحيح ڳالهه ڪندي عار نٿي محسوس ڪيائين. چاهي اها ملئي ماڻهن جي ڪمزورين بابت هجي. ”اسان ملئي ماڻهو ايتري محنت ٿا ڪريون جيتري ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني، انڊين ۽ ٻيون قومون ڪن ٿيون“ هوءَ پنهنجي ملئي شاگردياڻين اڳيان چئي ڏيندي هئي، ”شايد ان ڪري جو حڪومت اسان ملئي ماڻهن کي هر سهوليت مهيا ڪري ڏئي ٿي. اسان ملئي ماڻهن ۾ ڪا پلاننگ ناهي. بس هر وقت خواب ڏسندا رهنداسين ته پئسو ملي ته گهمون ڦرون يا وڌيڪ قرض کڻي ڪار وٺون ۽ وينداسين وڌيڪ قرضي ٿيندا. چينين وانگر مليل پئسي کي اهڙو ڪم ۾ نه لڳائينداسين جنهن مان فائدو ٿئي. هي ڏس ڀت تي ٽنگيل انيڪ ڊريسون. سڀ ملئي عورتن جون آهن. سال کان مٿي ٿي ويو آهي سلائيءَ جا پئسا به نه اٿن جو ڏئي پنهنجا ڪپڙا کڻن. ڀائي جڏهن توهان کي ايترو پئسو نه هو ته پوءِ ايڏا اوچا ويس وڳا ڇو ٿيون ٺهرايو پر ملئي ماڻهن کي سوڙ آهر پير ڊيگهارڻ کان ٻرو ٿو لڳي.“
صفيه سان اسانجي سٺي فئملي فرينڊشپ ٿي وئي هئي. سندس اسڪول اسان جي گهر کان ڏهه ميل کن پري هو سو اسان ڌيءُ کي ڇڏي موٽي اچڻ ۽ وري وٺڻ لاءِ ٻه ٻه پنڌ ڪرڻ بدران صفيه جي دڪان تي ئي ويٺا هوندا هئاسين، هفتي ۾ ٻه ڏينهن آئون ويندو هوس ۽ ٽي ڏينهن منهنجي زال. صفيه کي گهڻي ڳالهائڻ جي عادت هئڻ ڪري اسان کي سڄو وقت بزي رکندي هئي. پنهنجيون ڳالهيون، مائٽن جون، اوڙي پاڙي جون، شهر جون، ملڪ جون..... سڄو وقت پاڻ ڳالهائيندي هئي. وچ وچ ۾ ڇوڪرين کي سلائي سيکاريندي هئي ۽ دڙڪا ڏيندي هئي. سندس سلائيءَ جو معيار ڪئالا سنگائي وري چيني درزياڻيءَ کان به مٿاهون هو ۽ هونءَ به هن ٽيلرنگ جو ائڊوانس ڪورس ٿي ڪرايو. شل نه ڪٿي بخو تر جيترو به خراب ٿئي. اسان جي ويٺي اسان جي ڇوڪريءَ کي به ڏاڍا دڙڪا ڏيندي هئي ۽ پوءِ اسان سان معذرت ڪري چوندي هئي: ”دل ۾ نه ڪجو- سلائي اهڙي ڪرڻ کپي جهڙي ريڊ يميڊ. آئون اهو چاهيان ٿي ته منهنجي شاگردياڻي جتي به هجي ته منهنجو به نالو روشن ڪري.“
صفيه پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ ۽ ننڍن ڀائرن سان رهي ٿي. سندس ننڍي هوندي شادي ٿي هئي. مڙس مري ويس. ٻي شادي نه ڪيائين. ”شادي ڪريان يا اسڪول هلايان. ٻيو ڪو ڪمائي جو ذريعو ناهي. ماءُ پيءُ کي به آئون ٿي ڏيان، ڀائر نه آئون ٿي پڙهايان.“
جيستائين اسين ملائيشيا ۾ هئاسين، صفيه جن اسان وٽ ۽ اسين سندن گهر ايندا رهياسين. هوءَ جيترو پڙهائڻ ۾ سخت هئي اوترو ئي گهر ۾ منهنجي ٻارن ۽ اسان سان سٺو هلندي هئي. مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ملئي آفيسرن جي زالن سان اسان جي هر وقت تعريف ڪندي رهي ٿي. اٺن سالن بعد ملائيشيا ڇڏڻ وقت ٻين پاڙي وارن مڪاني ملئي فئملين سان گڏ صفيه به اسانکي سامان جي پئڪنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ آخري ڏينهن ۾ ماني ٽڪي به موڪليندي رهي. هاڻ هڪ ڏينهن ڪئپٽن رزالي سان پنهنجي پراڻي اڪيڊميءَ جو چڪر ڏئي واپسي تي ڪئالا سنگائي بارو ۾ چيني درزياڻي ’سي يو‘ سان ملڻ لاءِ ترياسين. ڪئپٽن رزاليءَ کي آئرمولوڪ ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي تي بيهاري چيم ته هتي سي يو نالي چيني درزياڻيءَ جو دڪان قائم هو پر ان جو مالڪ بدلي ٿي چڪو هو. نئون مالڪ انڊين (تامل ڳالهائيندڙ) هو تنهن ٻڌايو ته ”هن هي دڪان پنج سال اڳ هڪ چينيءَ کان ورتو هو جيڪو پينانگ لڏي ويو ۽ ڀر ۾ سي يو جي گهر واري جاءِ تي ڪاٺ جو دڪان هو جنهن لاءِ تامل چيو ته جڏهن هو هتي آيو ته ان وقت کان هو دڪان هو. هن ڪوبه گهر نه ڏٺو.“
ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته ڪنهن پوڙهي چينيءَ کان پڇ- ٿي سگهي ٿو ان کي ياد هجي ته هن هنڌ رهندڙ چيني ڪيڏانهن ويا. نيٺ ائين ئي ٿيو. هڪ چيني همراهه ٻڌايو ته هُنن هي گهر ۽ دڪان وڪڻي هتي جي خوبصورت علائقي ۾ سپر مارڪيٽ کولي آهي. رزاليءَ کي چيم ”چيني ماڻهو به سِکن وانگر ڪيڏو هوشيار آهن. غريب هوندا پهرين فٽ پاٿ تي ڪپڙو وڇائي ڀاڄي، ميوو يا ڇولا، سنگ ويهي وڪڻندا ۽ پوءِ پئسا گڏ ڪري گاڏو وٺندا ۽ ان تي شيون رکي گهٽي گهٽيءَ ۾ وڪڻندا ۽ پوءِ ڪٿي ننڍو دڪان خريد ڪندا يا مسواڙ تي وٺندا ۽ پوءِ وڏو دڪان وٺي شادي ڪندا. شادي بعد زال رڌ پچاءُ ڪندي ۽ مڙس بئرو ٿي ان دڪان ۾ آيل گراهڪن کي ماني Serve ڪندو. يعني بورچي به پاڻ، بئرا به پاڻ ته مالڪ به پاڻ. اهڙي طرح هر چينيءَ جي زندگيءَ جي سفر جي منزل اميري، دولت ۽ خوش حالي آهي. هن کي محنت جي ايڏي ته عادت آهي جو هو پوڙهو ۽ امير ٿيڻ بعد به محنت ۽ پورهيو ڪندو رهي ٿو. هر چينيءَ جو اولاد پيءُ کان امير آهي. سي يو وارن جو به اهو حال آهي. اڄ کان ويهه سال کن اڳ هو ايڏو غريب هئا جو تون سوچي نٿو سگهين.“
ايتري ۾ رزاليءَ جي گاڏي ان علائقي ۾ اچي پهتي. سي يو جو نالي سان فرنيچر جو وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ بوتيڪ شاپ هو. سيلز گرل ڇوڪري پٺيان ٺهيل گهر مان سي يو کي سڏي آئي.
ٻارهن سال بعد به ”سي يو“ ۾ ڪو فرق نه آيو هو. شڪل ۽ جسم ۾ ساڳي لڳي رهي هئي. ”سلامت داتنغ. آپا خبر؟ مانا مستوران مريم ڊب ماروي“
عمر گذري وئي سي يو انگريزي نه سکي ۽ چيني اسانکي نه آئي سو ڪميونيڪيشن جي زبان فقط ملئي بچي. سي يو مونکي ڏسڻ سان سڃاڻي وئي ۽ ڀلي ڪار ڪندي منهنجي زال ۽ ڌيئن جو پڇڻ لڳي.
”اڪيلو آيو آهيان. توکي سڀ ياد ڪندا آهن ان ڪري توکي ڏسڻ آيو آهيان. ڪر خبر ٽِيٽي ڪيئن آهي؟“
”ڪوالالمپور آهي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پيو.“ سي يو وراڻيو. ٽيٽي سندس وڏو پٽ هو جيڪو اسان جي هوندي ڄائو هو. دڪان تي وڃبو هو ته سندس سنگهه پيئي ڳڙندي هئي. گهر ۾ پاليل ڪتن ٻلن سان گڏ پيو هلندو هو. ۽ هاڻ اهو ٻڌي تعجب لڳو ته وقت ڪيڏو جهٽ گذري ويو. ڪالهه جو ٽن چئن سالن جو سنگهر ٽيٽي اڄ ڪمپيوٽر سائنس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ سورهن سترهن سالن جو ٿي ويو آهي. سي يو ٻڌايو ته سندس ڀيڻ نيليءَ جي اٺ سال اڳ شادي ٿي وئي ۽ اپوح شهر ۾ رهي ٿي جتي هن اعليٰ قسم جو هيئر ڊريسنگ سئلون کوليو آهي ۽ ٽي ٻار اٿس.
”سي يو تنهنجي ماءُ جنهن کان اسان پپيا ۽ انناس وٺندا هئاسين اڃان جيئري آهي يا....“ مون ڪجهه گهٻرائي پڇيو متان سي يو دل ۾ ڪري پر هن پنهنجي خوش مزاجي قائم رکندي چيو ”ادا لاگي“ يعني اڃان جيئري آهي. ملئي زبان ۾ Ada معنيٰ آهي ۽ Lagi معنيٰ اڃان تائين. يعني Belum Mati (اڃان مئي نه آهي) اهو چئي سي يو کان به ٽهڪ نڪري ويو ته اسان غير چيني ماڻهو صحيح ٿا چئون ته چينين جي عمر وڏي ٿي ٿئي. اڄ کان ٻارهن سال اڳ جڏهن ”سي يو“ جي ماءُ فٽ پاٿ يا سبزي مارڪيٽ ۾ ويهي فروٽ وڪڻندي هئي ته سندس عمر ستر سال کن هئي. چڱي پوڙهي هئي. پپيا تورڻ لاءِ ساهميءَ کي جهليندي هئي ته هٿ پيو ڏڪندو هوس.
”ڪٿي آهي ڀلا ته ان سان به ملندو وڃان.“ مون چيو.
”پپيا وڪڻڻ وئي آهي.“ سي يوءَ چيو. جيتوڻيڪ ٻڌائڻ وقت پاڻ به شڪي ٿي رهي هئي ۽ هاڻ کيس شرمائيندو ڏسي مون به رڙ ڪئي.
”سي يو ڪجهه ته خيال ڪريو. اڃان ڪيترو پئسو ڪمائڻ ٿا چاهيو؟ هن پوڙهيءَ کي اڃان گهر ۾ ويهڻ نٿا ڏيو.“
”هينئر هتي هجي ها ته کانئس پڇينس ها ته پڪ ٿيئي ها. هوءَ پاڻ ئي ويهڻ نٿي چاهي. چار پئسا ڪمائڻ سان گڏ هن جي هر روز چئن ماڻهن سان ڪچهري به ٿيو وڃي.“ سي يوءَ ٻڌايو. سي يوءَ جو فوٽو ڪڍي اسان اڳتي وڌڻ لاءِ کانئس موڪلايو.
مسجد تاناح پهچي ملئي درزياڻي صفيه جو ڪجهه درزين جي دڪان تان معلوم ڪيوسين. هڪ کان خبر پيئي ته صفيه مين روڊ تي بوتيڪ جو دڪان کوليو آهي. ان دڪان تي پهتاسين ته دڪان ۾ موجود سيلز گرلز ٻڌايو ته اهو دڪان واقعي صفيه جو آهي جيڪا هن وقت ڪنهن ڪم سان بئنڪ ڏي وئي آهي. هن صفيه جو موبائيل فون ملائي ڏنو. هن ملئي ۽ انگريزيءَ ۾ کيڪار ڪري چيو ته پنجن منٽن ۾ اچان ٿي. ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته صفيه جو آواز ته نه پئي لڳو. ٿي سگهي ٿو 12 سالن ۾ تبديلي اچي وئي هجيس. ۽ پوءِ پنجن منٽن بعد جڏهن هوءَ پهتي ته هن جو نالو صفيه ضرور هو پر هيءَ ڪا ٻي صفيه هئي جنهن ٻه سال اڳ باتو پهات شهر کان هتي اچي درزڪو دڪان کوليو هو. جنهن صفيه جي اسان ٿي ڳالهه ڪئي ان کي نه هن ٿي سڃاتو ۽ نه وري ٻين جن کان پڇا ڪئيسين. آخر ٿڪجي واپس موٽڻ کان اڳ هڪ ملئي هوٽل تي اچي ماني کاڌيسين.
هوٽل جي مالڪياڻي ملئي عورت هئي. مانيءَ جو بل ڏيڻ وقت پڇيومانس “Darimana awak dating” (تون ڪٿان جي آهين؟)
Saya tinggal Sini (آئون اصل کان هتي جي آهيان) جواب ڏيڻ تي مون هن کان به پڇيو ته صفيه ٽيلر جي دڪان جي خبر اٿئي.
هن ٻڌايو ته صفيه کي درزڪو ڪم ڇڏي سال ٿي ويا آهن ۽ کيس اها خبر ناهي ته صفيه ڪٿي ٿي رهي. البته هن ئي روڊ تي ڪجهه اڳيان صفيه جي ڀاءُ جي ڪلنڪ آهي ان کان معلوم ڪريو.
رزاليءَ کي چيم ته منهنجي سمجهه ۾ ته نٿو اچي ته صفيه هلندڙ بزنيس ڇڏي ڏئي ۽ صفيه جو ڀاءُ ڊاڪٽر هجي. ڪلنڪ جي ٻاهران ڊاڪٽر آدم نالو پڙهي ڪجهه اميد ٿي- صفيه جي هڪ ڀاءُ جو نالو آدم ضرور هو ۽ ٻارهن سال کن اڳ ملائيشيا ڇڏڻ وقت هو STPM (انٽر سائنس برابر) جو امتحان ڏئي رهيو هو. ان بعد هن ضرور ڊاڪٽري پڙهي هوندي ۽ ڊاڪٽر ٿئي به ڇهه سال کن ٿي ويا هوندا.
ڊاڪٽر آدم ان وقت مريض ڏسي رهيو هو. ڀتين تي لڳل تصويرن ۽ انتظار ۾ ويٺل پيٽ سان عورتن کي ڏسي سمجهي ويس ته ڊاڪٽر آدم گائنا ڪالاجسٽ آهي. سندس ڪمري مان جيئن ئي مريض نڪتو ته يڪدم آئون گهڙي پيس. واري واري مريض عورت چپن ۾ ٿوري ڀٽ ڀٽ ڪئي پر منهنجي ”معاف ڪن سايا. سيڪاجپ سهاجا“ (مونکي معاف ڪجان. فقط ڪجهه ساعت لاءِ ٿو وڃان) چوڻ تي هن جي چهري تي ڪاوڙ بدران مرڪ اچي وئي.
ڊاڪٽر آدم وڏي حب سان مليو. دل ۾ چيم چڱو جو هينئر منهنجي زال موجود نه آهي جنهن جي ننڍڙي آدم تي، جڏهن هو SPM (مئٽرڪ) ڪلاس يا ان کان به هيٺين ڪلاسن ۾ هوندو هو ته رڙ پئي پوندي هئي: ”آدم سامان ڪار ۾ رک. آدم ڊوڙ پائي ڀاڄي وٺي اچ. آدم شريفان اعني ۽ سڌير من جي گانن جو ملئي ڪئسٽ وٺي اچ.“ اڄ اهو آدم ڏاڙهي ۽ ٽوپيءَ سان اڳيان بيٺو هو.
”آدم مبارڪ هجئي. ڊاڪٽر ٿي وئين. MBBS ڪٿان ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”انڊيا مان.“ هن وراڻيو.
”ڏس اهي ئي ته تنهنجا غلط ڪم آهن. صفيه کي اسين ڪيڏو چوندا هئاسين ته توهان ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي انڊيا بدران پاڪستان ڇو نٿا موڪليو.“ مون چيو.
”پاڪستان ۾ تعليم وٺڻ جو ارادو هوم پر اسان جي ملڪ ۾ توهانجو نه ڊو ميڊيڪل ڪاليج Reconginzed آهي نه سنڌ ميڊيڪل ڪاليج يا خيبر ميڊيڪل ڪاليج. سو توهان جي انهن ڪاليجن مان MBBS ڪرڻ تي هتي يا سنگاپور ۾ ان ڊگري کي ڪو قبول نه ڪري ها. فقط آغا خان ڪاليج کي وقعت ڏني وڃي ٿي پر ان جون فيون انڊيا جي مهنگي کان مهنگي ميڊيڪل ڪاليج کان به ٻيڻيون ٽيڻيون آهن. ان کان علاوه انچڪ (مسٽر) الطاف! پاڪستان ۾ امن امان جي ليول تمام Low آهي.“
پنهنجي وڏي ڀيڻ صفيه لاءِ ٻڌايائين ته هوءَ فلاڻي گهٽي ۾ فلاڻي گهر ۾ رهي ٿي. اسان کانئس موڪلائي صفيه جي گهر روانا ٿياسين- ڪئپٽن رزاليءَ کي سندس گهٽي ۽ گهر ڳولڻ ۾ ڪا دير نه لڳي. ويتر ڊاڪٽر آدم به صفيه کي فون ڪري ڇڏيو هو- هوءَ گهر جي ئي ٻاهران بيهي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. پنهنجي روايتي انداز ۾ وڏي آواز سان کيڪاري شڪوه شڪايتون ڪرڻ لڳي ته 12 سالن ۾ نه خط لکيو اٿانوَ. نه خبر چار لڌي اٿانوَ.
صفيه دڪان ڇو بند ڪري ڇڏئي؟“ مون پڇيومانس.
”پيءُ گذاري وڃڻ بعد امان نفسياتي طرح بيمار ٿي پئي. رکي رکي رات جو به دانهون ٿي ڪري. اسين سڀ ڀائر ڀينرون نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين وارا ماءُ وٽ سڄو ڏينهن ڪير ويهي؟ آخر سڀني فيصلو ڪيو ته آئون وڏي آهيان- آئون ويهان. مون چيومان جيڪي آئون مهيني ۾ ڪمايان ٿي اهو مونکي ڦوڙي ڪري ڏيو ته آئون دڪان بند ڪري ويهان ٿي. سڀني مڃيو ۽ دڪان بند ڪري ڇڏيم. گهر به پراڻو وڪڻي هتي هي وڏو شاهي ورتو اٿم. ڀر وارو گهر ان ڊاڪٽر ڀاءَ جو آهي.....“ صفيه انهن ماڻهن مان آهي جيڪا ٻڌندي گهٽ آهي رڳو ڳالهائيندي آهي. مون کي ڪئپٽن رزاليءَ جو خيال ٿي رهيو هو ته هو منهنجي ڪري سيڙجي پيو هلي ۽ سچ ته اهو هو ته صبح کان نڪرڻ ڪري آئون به ٿڪجي پيو هوس.
”صفيه بس جلدي ۾ آهيان. ٻئي سال فئملي سان ايندس ته پوءِ خوب ڪچهريون ڪنداسين. هينئر اتي ڪٻٽ وٽ ٿي بيهه ته تصوير ڪڍي روانا ٿيون.“ مون چيومانس.
”نه نه مسٽر الطاف ماني کائڻ بنا توکي نه ڇڏيندس.“ ۽ پوءِ ڪئپٽن رزالي کي ترسڻ لاءِ راضي ڪرڻ لڳي. تنهن ٻڌايس ته آئون هن وٽ رهيل آهيان ۽ سندن گهر هتان ويجهو ٻن ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي. وڏي ڳالهه ته ماني هوٽل تان کائي سڌو پيا اچون.
”چڱو ڀلا رمبوتان ۽ دورين کڻي وڃو. هلو ته هلي وڻن مان پٽيون.“
ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته صفيه جي اڳهين گهر ۾ به ميوي جا ڏاڍا وڻ هئا ۽ اسان هميشه گاڏيءَ جي ڊڪي ڀري ويندا هئاسين.
رمبوتان ليچي جهڙو ميوو ٿئي ٿو. ٻاهران ڳاڙهي ۽ سائي کل ٿيئس جنهن مٿان وارن جهڙا ڳاڙها کوندا ٿين. انهن وارن ڪري هن ميوي جو نالو رمبوتان پيو آهي. رمبوت معنيٰ وار ۽ رمبوتان معنيٰ وارن وارو. ساڳي طرح دُورين ميوي جو نالو ميوي جي مٿان ٿلهن ڪنڊن تان پيو آهي. دُري معنيٰ ڪنڊو ۽ دورين معنيٰ ڪڊن وارو. دورين ۾ هنڱ جهڙي بدبوءِ هجڻ ڪري اسان جهڙن لاءِ (جن ننڍي هوندي کان هي ميوو نه کاڌو آهي) هن ميوي ڀرسان بيهڻ جي سخت مشڪل ڪم آهي پر ڪئپٽن رزاليءَ همت ڪري هي ڇانهين جيڏا ڏه ٻارهن دورين کنيا ۽ مون رمبوتان سان شاپر ڀريو. صفيه جي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهارو کن رمبوتان جا وڻ هئا ۽ ڏهه کن دورين جا. ڪمپائونڊ وال اندر سڄي ايراضي ٽي يا چار هزار وال کن ٿيندي. ڪئپٽن رزاليءَ مون کي چيو ”صفيه ڏاڍي سياڻي آهي. آئون به هن جهڙو گهر وٺان ها. اسان واري بند بند گهر کان هي ٻهراڙي ٽائيپ گهر سٺا آهن.“
صفيه ڪافي دير منهنجي ٻارن جو پڇندي رهي. ڪا ڳالهه ياد اچڻ تي کلي ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو: ”الطاف جي ڌيءَ مريم بعد ۾ سلائيءَ ۾ ايڪسپرٽ ٿي وئي پر شروع ۾ ڏاڍي سست هئي پر آئون به ڇڏيندي نه هيس. ٿورو ئي بخو خراب ڪندي هئي ته سڄي ڊريس اڊوڙي وري سبڻ لاءِ چوندي هئيسانس. پوءِ شڪل پئي ٺاهيندي. خارون پئي کائيندي هئي پر ڪڇندي نه هئي. يا ڪپڙي جي ڪٽنگ ڪندي ڀلبي هئي ته فٽ اسڪيل کي زور سان ٽيبل تي هڻندي هيس ته جهٽ عقل اچي ويندو هوس.“
”هاڻ ڇهن سالن کان جپان جهڙي ملڪ ۾ ويٺي آهي.“ رزاليءَ صفيه کي ٻڌايو، ”جتي هر شيءَ کان مهنگي سلائي آهي. چڱو جو ننڍي هوندي سلائي سکي ڇڏيائين ۽ هاڻ مهرباني ڪري منهنجي ڌيءَ کي به سيکارجانءِ. ان جو نالو به مريم آهي.“
”انشاالله حياتي رهي ته،“ صفيه چيو، ”آئون تنهنجي زال عائشه جا به ڪپڙا سبي چڪي آهيان، هاڻ مونکي ياد پيو اچي ته هوءَ مستوران سان ايندي هئي.“
صفيه ڳالهيون ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هئي. اسان ڪار جي بوٽ ۾ رمبوتان ۽ دورين وڌا ۽ جلدي جلدي ملئي نموني جو ڳاڙهي رنگ جو روح افزا ٽائيپ شربت پي صفيه جو يادگار خاطر تازو فوٽو ڪڍيو ۽ موڪلايو.
واپسي تي ڪئپٽن رزالي جي گهر ڏي موٽڻ مهل رستي تي رزالي کي ٻڌايم ته آئون جڏهن هتي رهندو هوس ته رمبوتان ۽ مينگواسٽين ميوو ڏاڍو آڻيندو هوس.
”مونکي به هاڻ ياد پيو اچي ته تون اسان پاڙي وارن کي به ڏيندو هئين،“ رزاليءَ چيو، ”صفيه جي گهران آڻيندو هئين؟“
”نه نه.“ مون وراڻيومانس، ”صفيه اسانکي ڏئي ڏئي ڪيترو فروٽ ڏيندي. وڌ ۾ وڌ هڪ دفعو. ڇا ٿيو جو پهرين سال ئي تجنگ بدارا ڳوٺ ڏي پڪنڪ تي وڃڻ دوران مونکي خبر پيئي ته هن ڳوٺ جا ماڻهو گهر ۾ لڳل وڻن جو ميوو ملاڪا جي سبزي منڊيءَ ۾ وڪڻڻ بدران گهرن ۾ ئي وڪڻن ٿا ۽ ڪلو يا ڪيٽي (ٽي ڪلو) جي حساب بدران سڄو سڄو وڻ وڪڻن ٿا. اها ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي ۽ پوءِ باقي جيڪي ست اٺ سال رهيس هر سال ڪنهن گهر ۾ ٻه ڪنهن ۾ ٽي وڻ اٽڪل ڏهاڪو کن وڻن جي مقاطعي جا اڳواٽ پئسا ڏئي ڇڏيندو هوس. پوءِ فروٽ پچڻ تي هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن گهر مان پٽي ايندو هوس.“
ڪئپٽن رزالي منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو کليو ”يار واهه جي Idea ڏني اٿئي. اسان لوڪل ماڻهن کي به اها ڄاڻ نه هئي. اڄ شام جو ئي تجنگ بدارا هل ته انهن مان ڪو سڃاڻو هجي ته اسان سان به تعارف ڪرائين ته اسان به ٺيڪي تي وڻ وٺون. ٿي سگهي ٿو توکي ڌاريو سمجهي مقاطعي تي وڻ ڏنا هجن پر اسان کي ڏيندي شرمائين.“
ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ گهر ٽن چئن هزار والن تي ٿين ٿا. چوري چڪاري نه برابر آهي. گهر جي چوڌاري لوهي تارن جو لوڙهو ٻاهران ايندڙ ڀولڙن جهڙن جانورن کان بچاءَ لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان بائونڊري جي وچ ۾ ڪاٺين ۽ ڪامُن تي ٻن يا ٽن ڪمرن جو گهر ٿئي. ان ڪاٺائين گهر جي چوڌاري مختلف ميون جا وڻ پوکين. هتي جي زمين ڀلي آهي هر وقت مينهن پوندو رهي ٿو. بس رڳو ڪنهن به ميوي جي چڪي وٺي هڻڻي پوي ٿي. ڪڏهن ته فقط وڻ جي ٽاري قلم طور پٽي هڻڻ سان به وڻ ٿيو وڃي. اسان وٽ سنڌ ۾ خبر ناهي اهو ممڪن آهي يا نه پر ملائيشيا ۾ مون انب جي وڻ جون ٽاريون پٽي قلم طور پٽ ۾ هنيون ته انهن ۾ به ڦوٽاڙو اچي ويو ۽ وڻ ٿي ويا. سو هتي هر گهر جي اڱڻ ۾ ميون جا ڪيترائي وڻ ٿين جيڪي گهر جي مختلف ڀاتين نالي ٿين. پوءِ سال لاءِ مقاطعي تي وڻ جو سودو ڪرڻ مهل ان جي مالڪ کي سڏيو ويندو. اهو ته اهو اچي قيمت ٻڌائي ۽ پئسا وٺي.
ٻي ڳالهه جيڪا اسان جهڙن سنڌ جي رهواسين لاءِ حيرت جهڙي آهي ته هتي ملائيشيا ۾ (شايد ٻارهوئي هڪجهڙي مينهوڳي واري موسم هجڻ ڪري) ڪيترا ميوا جهڙوڪ چڪون، شريفو، ڪٺهل، پپيو ۽ انناس وغيره ٻارهوئي پيو هلي. اسان وانگر نه آهي ته گرمي ٿيندي ته ڇانهين، گدرو، انب نظر ايندو، سيارو ايندو ته انگور، صوف ۽ ڪينا وغيره ٿيندا. ملائيشيا ۾ سيارو يا اونهارو ته ٿئي ئي ڪونه. سڄو سال هڪ جهڙي موسم آهي سو هتي جا ڪيترائي ميوا سڄو سال وڻن ۾ نظر اچن ٿا جيئن اسان وٽ ڪيلو آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ سڄو سال پئدا ٿئي ٿو. رمبوتان جهڙا ميوا سڄو سال نٿا ٿين پر چڱو خاصو عرصو وڻ ۾ رهن ٿا ۽ اسين مسواڙ تي ورتل انهن وڻن مان ٽي چار مهينا رمبوتان پٽيندا رهندا هئاسين.
ملائيشيا ۾ ڪجهه ميوا اهڙا آهن جيڪي سال ۾ ٻه دفعا ٿين ٿا. انهن مان انب به هڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جو انب اسانجي انب وانگر سوادي نٿو ٿئي جيتوڻيڪ انب جو اصل ملڪ ملائيشيا آهي پر ملائيشيا وارن انب تي ايترو ڌيان نه ڏنو جيترو انڊيا ۽ پاڪستان. انبن ۽ پپيئن جا وڻ هتي مفت جا وڻ سڏبا آهن. ڪنهن به گهر واري کان انب يا پپيئا گهربا ته ان جو ملهه وٺندي هن کي عار ٿيندو.
***